رائج تحريري محاوري جا اهڙا ڪيترائي مصدر آهن، جي
يا ته ماٿيلي- اٻاوڙي جي ٻوليءَ ۾ رائج ئي نه
آهن، ۽ سندن جاءِ تي ٻيا هم معنيٰ مصدر ڪم اچن ٿا،
يا وري سندن صورت ڪافي بگڙيل آهي. هتي نموني طور
ٻنهي محاورن جي مصدرن جي ڀيٽ ڪجي ٿي:
رائج تحريري محاورو
ماٿيلي-اٻاوڙي علائقي جو محاورو
آزارڻ
آزارڻ
آلاپڻ
اَلاپڻ
اَگهارڻ(مٿو) = ڌوئڻ
اگهارڻ
آڻڻ
آنڻ
آتارڻ
آٺرائڻ
اُڏامڻ
اُڏرڻ
اُڇلڻ
سـَـٽڻ
اُٿڻ
اُٺڻ
اُٿارڻ
اُٿائـِـڻ
اُڀامڻ
اُڀرڻ
اُڳاڙڻ
اڳوڙڻ
اُجڙڻ
اُڄڙڻ
اُجاڙڻ
اُڄاڙڻ
اوڳارڻ
آڳارڻ
اورانگهڻ
اُلانگهڻ
بيهڻ
کـڙَڻ
بيهارڻ
بهائـِـڻ
بـِـگاڙڻ
وڳاڙڻ
باسڻ
مڃڻ
بدلو ڏيڻ
عيوض ڏيڻ
ٻاڪارڻ
ٻاڪڻ
ٻـُـڌائڻ
ٻـُـڌاوڻ
ڀانئڻ
سمجهڻ
ڀـِـڄـڻ= آلو ٿيڻ
پـُـسائڻ
تـَـرسڻ
بيهڻ، ٽـِـڪڻ
ٿڦڻ
ٿپڻ
ٽنگون سڌيون ڪرڻ= آرام ڪرڻ
ڄنگهون ڊگهارڻ
ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ
ٽوٽا ٽوٽا ڪرڻ
ٺهرائڻ
ٺـَـهوائـِـڻ
پائڻ
پاوڻ
پهرڻ
پاوڻ
پهچائڻ
پڄائڻ
پـُـهچڻ
پـُـڄـَـڻ
پوکڻ
راهڻ
پروڙڻ
سمجهڻ
پتوڙڻ
ڪوشش ڪرڻ
پيارڻ
پيائڻ
پرچائڻ
پرچاوڻ
پکيڙڻ
کنڊيرڻ، کنڊائڻ
پـِـيسائڻ
پهائڻ
جيارڻ
جوائڻ
جيئرو ڪرڻ
جـِـيندو ڪرڻ
جيئڻ
جيوڻ
جوڙڻ
ٺاهڻ
جـُـڳائڻ
ٺـَـهڻ
جاڳائڻ
جڳائڻ
ڄاڻڻ
سمجهڻ
ڄمڻ
ڄاوڻ
ڄاڻائڻ
ڄـَـڻائـِـڻ
جهونگارڻ
جهـُـنگارڻ
چـُـهٽڻ
چنبڙڻ
چيرائڻ
چڙائڻ
چتائڻ
چتاوڻ
ڇنڻ
ٽوڙڻ
ڇانٽڻ
ڇانڊڻ
ڇـُـهڻ
هٿ لائڻ
دٻائڻ
دٻاوَڻ
ڌائڻ
ڌاوڻ
ڌارائڻ(بـُـبو)
ڌنوائڻ
ڌوئڻ
ڌووَڻ
ڌِڪارڻ
نفرت ڪرڻ
ڏيڻ
ڏيوڻ
ڏيارڻ
ڏوائڻ
ڏُکائڻ
ڏکاوَڻ
ڏيکارڻ
ڏِکائڻ
ڊوڙڻ
ڊُڪـَـڻ
ڊيڄارڻ
ڊڄارڻ
ڍوئڻ
ڊوهـَـڻ
روئڻ
رووَڻ
روڪڻ
جهَـلڻ
سينگارڻ
سـِـنگارڻ
سنوارڻ
سڌارڻ
سـَـلڻ
ٻـُـڌائڻ
سانڍڻ
سانڀڻ
سمائجڻ
مائجڻ
ستائڻ
ستاوڻ
سيبائڻ
سبائڻ
سيکارڻ
سيکائڻ
سامائجڻ(وياءُ جو جوان ٿيڻ)
سمائجڻ
سونپڻ
حوالي ڪرڻ
ڦاٽڻ
ڦاڙجڻ
ڦهلائڻ
کنڊيرڻ، کنڊائڻ
ڦيرائڻ
ڦرائڻ
ڪٽڻ
ڪپڻ
ڪـُـسڻ
ڪـُـنهجڻ
ڪوٺڻ
سڏڻ
ڪوٺائڻ
سڏائڻ
ڪـُـومائجڻ
ڪـُـماڻجڻ
کائڻ
کاوڻ
کاڄڻ
کائجڻ
کڻڻ
چائڻ
کاکوڙڻ ککولَـڻ
کڙ کَڻُ = ٻـُـڙو جهڳڻ
کرڪَڻ
کارائڻ کوائڻ
ڳائڻ ڳاوڻ
ڳنهڻ گهنَڻ
گهـُـورڻ ڏسڻ
گهـُـرڻ مَنگڻ
گهورِڻُ صدقو ڪرڻ
گهـُـمائـِـڻُ(ترار)
ڀَنوائـِـڻ
گهرائڻ منگائڻ
لـَـٽڪڻ
لـِـڙڪَـڻ
لٽڪائڻ لـِـڙڪائـِـڻ
لڳائڻ لائڻ
ليٽائڻ
لـِـٽائــِـڻ
ليلائڻ للهائڻ
لـِـڪائڻ لُڪائڻ
لـُـڇڻ
ڦٿڪڻ
لڱ ڪانڊارجڻ
لڱ ڪنڊارَجڻ
موٽڻ وَرَڻ
موٽائڻ
مـُـٽائـِـڻ
ماپجڻ
مَئجڻ
ميڙڻ گڏ ڪرڻ
موڪلڻ مـُـنجڻ
مڃڻ مَنَڻ
مڱڻ منگڻ
موڪلڻ مَـنجڻ
ميسارڻ مسارڻ
مارائڻ
مَـرائڻ
مڙڻ ملڻ
مڃائڻ
منائڻ
موڪلائڻ
مُـڪلائڻ
مٺيان لڳڻ
ڪاوڙ
لڳڻ
ماٺ ڪرائڻ
چپ ڪرائڻ
ماپڻ
مائڻ
نباهڻ
نڀائڻ
نبيرڻ
نبيڙڻ
نـِـئڙڻ
نـِـوڙَڻ
نـِـيـُـڻُ
نيوَڻ
نهارڻ
ڏسڻ
ويچارڻ
وِچارڻ
وائڙو ڪرڻ
وئڙو ڪرڻ
ولوڙڻ
جهُڳڻ
وڍڻ
ڪپڻ
وڪامڻ
وڪجڻ،وڪائوجڻ
وڇائڻ
وڇاوڻ
وهنجڻ
ڌائڻ
وهنجارڻ
ڌوائڻ
ووڙڻ
وَئڙَڻ
والارڻ
وَلارڻ
وڌڻ ويجهڻ
وڌڻ
ويهارڻ
وِهائڻ
واٽ ڏسڻ دڳ
لائڻ
وِسائڻ
وساڻڻ
ورائي وٺڻ
مـُـٽائي وٺڻ
هـلَـڻ
ڄـُـلڻ
هڻڻ
مارڻ
هيرائڻ
هرائڻ
هُونــڪَڻُ = سَهڪڻ
هَونڪَڻ
هئڻ
هووَ
سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جي آخري حرف تي حرڪت وارو اصول
سنڌي ٻوليءَ جي اتراڌي محاوري (خصوصن ماٿيلي- اٻاوڙي واري
علائقي جي ٻولي) ۽ سڀني محاورن ۾ هيءُ نمايان فرق
آهي ته سنڌي زبان جي "متحرڪ الاخر" واري مسلمه
قاعدي جي برخلاف، اتراڌي محاوري ۾ لفظن جو آخري
اکر سدائين ساڪن هوندو آهي. هن اختلاف جي نشاندهي
کان اڳ مذڪور قاعدي جي وضاحت ضروري آهي.
لسانيات جا ماهر، لفظن جي ٿوري مٽ سٽ سان، عام طور
تي هن راءِ جا آهن ته سنڌي ٻوليءَ جي لفظن جا
پويان "حرف صحيح" متحرڪ ٿين ٿا، البته ڪن هنڌن تي
سندن حرڪت جي پٺيان "نون غنو" به شامل هوندو آهي.
اها خصوصيت ايتري اهم آهي، جو سنڌي لسانيات جي
تقريبن سڀني ماهرن ان جو ذڪر ڪيو آهي.
جارج شرٽ سنڌي ٻوليءَ جي بنياد کي ڪنهن دراوڙي
ٻوليءَ مان ثابت ڪرڻ لاءِ جيڪي ڇهه مکيه دليل ڏنا
آهن، تن مان پهريون دليل هن طرح آهي:
"لفظن جي آخري حرف تي حرڪت وارو اصول سنڌي توڙي
دراوڙي زبان ۾ ساڳيو آهي."
جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ هن دليل جي وضاحت هن
طرح ڪن ٿا ته: "شرٽ جي هن دليل جو خلاصو هن طرح
آهي ته "هر سنڌي لفظ جي پڇاڙي حرڪت يا نون غني سان
آهي."
ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌي ٻوليءَ جي مزاج متعلق قطعيت سان چوي
ٿو ته "سنڌي زبان جي هر لفظ جي آخر ۾ ڪو نه ڪو
سـُـر
(Vowel)
ضرور ايندو آهي، يعني سنڌي زبان جي هر مفرد لفظ جي
آخر ۾ ساڪن وينجن
(Consonant)
نه ايندو آهي، پوءِ چاهي اهو وينجن مفرد هجي يا
مرڪب.
ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جو چوڻ آهي ته "سنڌي
ٻوليءَ جي پهرين ۽ مکيه خاصيت يا خاص ڳالهه هيءَ
آهي ته: سنڌي جي ڪهڙي به لفظ جو پهريون توڙي پويون
اکر ساڪن ڪونهي." سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي پڇاڙيءَ
۾ يا ته ڪو حرف علت، يا ته ڪا اعراب، آهي، ئي آهي.
اهو نمونو ڪشميري ۽ اُڙيا يعني اوڙيسا جي ٻولين
کانسواءِ، ٻي ڪنهن به ڏيهي ٻوليءَ ۾ ته ڪونهي، پر
خود سنسڪرت ۾ به ڪونهي!
ڀيرو مل، ڊاڪٽر ٽرمپ جي ڪتاب سنڌي گرامر (ص. 31)
جو حوالو به ڏنو آهي، جڪو هت درج ڪجي ٿو:
By this vocalic termination the Sindhi has
preserved a flexibility and the same time
sonorousness of which the other modern
vernaculars are completely destitute.
شرف الدين اصلاحي لکي ٿو ته
سندهي مين
کوئي مصمته آخري حالت مين نهين آتا، کيون که الفاظ
هميشه کسي نه کسي حرکت يا حرفِ علت پر ختم هوتي
هين. ٽرمپ لکهتي هين:
In confirmity with the Sindhi laws of sound no word concend
is a silent consonant"(3)
اس کلئيه سي بعض وه الفاظ مستثنيٰ هين جو عربي فارسي سي سندهي
مين داخل هوئي- ايسي الفاظ اردو کي طرح سندهي مين
بهي ساکن الاخر هوتي هين- اس که علاوه جب کوئي لفظ
کسي مرکب کلمه کا جز هوتا هي تو بهي اس لفظ سي
حرڪت اڙا دي جاتي هي- مثلاً: حالت مفرد مين دل کي
لام مکسور هوتي هي- ليکن دلجمعي مين بصورتِ ترکيب
مجزوم هوتي هي- اس کو الفاظ کي تصريفي اشکال کهتي
هين-
سندهي متحرڪ الاخر هوني کي معامله مين دوسري هند
آريائي زبانون سي بالخصوص اردو سي بالکل مختلف هي-
اردو کي تمام الفاظ سنسي کي برعڪس ساکن هوتي هين.
اردو سندهي کا يه اختلاف بنيادي هي.
تقريباً سمورا برک محقق، جن لسانيات جو گهري طرح
مطالعو ڪيو آهي، سي مٿي ڄاڻايل اصول جي پٺڀرائي ڪن
ٿا، بلڪه سنڌي ٻوليءَ جي انفراديت ئي انهيءَ ۾ ٿا
سمجهن ته ان جي لفظن جا آخري حرف ساڪن نه آهن. پر
ان جي برعڪس جڏهن اتراڌي محاوري، خصوصا "ماٿيلي-
اٻاوڙي علائقي" جي ٻوليءَ جو جائزو وٺجي ٿو، تڏهن
ائين معلوم ٿئي ٿو ته اهو قاعدو گهٽ ۾ گهٽ انهيءَ
علائقي جي سنڌي ٻوليءَ سان لاڳو ڪونهي. هن علائقي
جي ٻوليءَ ۾ مستثنيات کانسواءِ سڀني لفظن جا آخري
حرف يا آخر ۾ آيل نون غني کان اڳ وارا حرف ساڪن
هوندا آهن. اها ٻولي هڪ وسيع علائقي جي زبان آهي،
جنهن جي مطالعي کانسواءِ، سنڌي ٻوليءَ لاءِ ائين
چئي ڇڏڻ ته اها متحرڪ الاخر زبان آهي، ڪنهن به طرح
درست نه آهي. تعجب آهي ته هن علائقي جي ٻوليءَ جي
امتيازي خصوصيت جو ذڪر ڪنهن به لساني ماهر نه ڪيو
آهي. ڀيرومل ته هن ڳالهه کي پاڻ وڌيڪ منجهائي وڌو
آهي. هو چوي ٿو ته: "سنڌيءَ ۾ سڀ ڪنهن لفظ جي
پڇاڙيءَ ۾ ڪا نه ڪا اعراب آهي، جنهن جو اچار
سرحد(ماٿيلي- اٻاوڙي وارو علائقو) ڏي چٽيءَ ريت ڪن
ٿا ۽ شڪارپوري اهو سـُـر سان اچارين ٿا. وچولي طرف
ان جو اچار اهڙو اڻ لکيءَ طرح ڪندا آهن، جو ڌاريو
ماڻهو سندن ڳالهائڻ مان جيڪر سمجهي ڪين سگهي، ته
هر هڪ لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ ڪا اعراب آهي. لاڙ جا
ماڻهو خاص ڪري هندو، اهو اچار اڪثر ڪو نه ڪن."
|