ماڪلر اڳتي لکي ٿو:
”بلوچيءَ ۾ ڪيترا اهڙا لفظ ملن ٿا، جيڪي اصل ۾ هندستاني بڻ
بنياد آهن. اهي مڪران جا اصل نٿا ٿي سگهن. نه فقط
ايترو پر بلوچي ويا ڪرڻي سٽاء تي به هندستاني
ٻوليءَ جو اثر معلوم ٿئي ٿو“(4).
انهيءَ راءِ جي روشني ۾ بلوچيءَ (مغربي) ۾ جيڪي سنڌي بڻ – بنياد
جا لفظ هٿ اچي سگهيا آهن، تن مان ڪي نموني طور هيٺ
ڏجن ٿا:
بلوچي لفظ |
سنڌي لفظ |
لدڱ(1) |
لڏڻ |
لگگ(2) |
لڳڻ، لڳائڻ، هڻڻ |
چارگَ |
جاچڻ (چاري)، ڏسڻ |
مَنگَ |
مَڃڻ |
مَنَ |
مڃ |
ليٽگَ |
ليٽڻ، هڪ پاسي ڦرڻ |
ليٽَ |
ليٽ |
بُڊگ |
ٻڏڻ |
بُڊ |
ٻڏ |
چَنڊگ |
ڇنڊڻ |
چَنڊ |
ڇنڊ |
ديته(3) |
ڏٺو |
ظرف (3)
چئوڦير |
چئوڦير |
هني |
هاڻي |
ادِ |
هيڏانهن هوڏانهن |
ڪدِين/ڪَدي |
ڪڏهن |
ميانجيا(between)
|
منجهه |
بُنا
(at the foot of) |
بُڻ |
اُو/ هو |
ها، هئو |
ضمير:
بلوچي لفظ |
سنڌي لفظ |
جِند(1)
Self, |
جند، پاڻ |
ڪي
(Kei) |
ڪير |
کبيبگان |
ڪنهن کان |
چيا |
ڇا؟ |
صفت:
اسم:
لوگ |
لوڪ
=
ماڻهو |
اڊا |
ادا |
ڇورو |
ڇورو |
ڊگو |
ڍڳو |
نانا |
نانا |
گهر جي ٿانون ۽ روزانه استعمال جي شين جا نالا(1)
سُنڊ (ڦڙن يا سنهين ڪاٺين مان ٺهيل ٽوڪري يا ٽوڪرو)
|
سونڊو |
کٽ/ کٽر |
کٽ |
مَشڪ |
مَشڪ |
پولو |
پورو |
ديوو |
ڏيئو |
منجو |
منجو (کٽ) |
ڪنجي |
ڪنجي |
ٿَگِرد |
تڏو |
جهل (اُٺ جي) |
جهل |
دلو |
دلو |
ڊوئي |
ڏوئي |
ڍڪڻ |
ڍڪڻ |
ڪُڙتَ |
ڪڙتو |
ويس |
ويس |
ڦُلوه (نڪ جو زيور) |
ڦلو |
ڇلو |
ڇلو |
وينڊو |
وينڊو |
جنس ٺاهڻ جا قانون:
(i)
بلوچي ٻوليءَ ۽ سنڌي ٻوليءَ ۾ جنس مذڪر مان جنس
مونث ٺاهڻ لاءِ ڪي قانون هڪجهڙا آهن، جيڪي سنڌي
ٻوليءَ جو اثر نمايان ڪن ٿا(1)
بلوچي اسم مذڪر |
بلوچي اسم مونث |
سنڌي اسم مذڪر |
سنڌي اسم مونث |
اَڊا |
اَڊي |
ادا |
ادي |
ڇورؤ |
ڇوري |
ڇورو |
ڇوري |
ڦِٿ (پيءُ) |
مَٿ (ماءُ) |
پت (پيءُ) |
مات (ماءُ) |
ڦڙڪ (ڏاڏو) |
ڊاڊي |
ڏاڏو |
ڏاڏي |
ڊگو |
گڪ |
ڍڳو |
ڳئون |
ليڙو |
ڊاچي |
ليڙو |
ڏاچي |
گٽور |
ڦلاٽ |
گهيٽو |
رڍ |
نانا |
ناني |
نانو |
ناني |
(ii)
سنڌيءَ وانگر بلوچيءَ ۾ به ڪن مذڪر اسمن مان مونث
اسم ٺاهڻ لاءِ، اسم جي پويان ’ني‘ پڇاڙي ملائي
ويندي آهي(2)
بلوچي اسم مذڪر |
بلوچي اسم مونث |
سنڌي اسم مذڪر |
سنڌي اسم مونث |
جت |
جتني |
جت |
جتڻي، جتڻ |
گووال (دراڙ) |
گووالني |
گووال |
گوالڻي، گووالڻ |
فعل مان اسم ٺاهڻ: سنڌيءَ وانگر فعل جي ڌاتوءَ مان ڪن اسمن جي
ٺاهڻ لاءِ ڌاتوءَ جي پڇاڙيءَ ۾، - آئي پڇاڙي ملائي
ويندي آهي.
بلوچي فعل |
پڇاڙي |
ٺهيل اسم |
نَندگ
(To sit) |
- آئي |
نندگائي
(Sitting) |
اوشتگ
(To Stand) |
-
آئي |
اوشتگائي Standing |
وَپسنگ
(To lie Down) |
- آئي |
وپسگائي Lying down |
سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد ۽ سندن لهجا
بلوچستان جي مختلف خطن تي سنڌ جو سياسي، سماجي، تاريخي، تمدني ۽
تجارتي اثر ثابت ڪيو ويو آهي. اهو اثر سوين نه بلڪ
هزارين سالن تائين قائم رهيو آهي. اهو ثابت ڪيو
ويو آهي ته انهن اثرن سبب بلوچستان صوبي جي سبي،
ڪڇي، قلات، لس ٻيلي، مڪران، خاران، جهالاوان، ۽
ساراوان خطن تي سنڌي تهذيب، تمدن ۽ سنڌي زبان،
روزانه عام استعمال جي زبان، وڻج واپار ۽ تجارت
واري زبان، محفلن، معرڪن ۽ ڪچهرين جي زبان، ۽
شاهوڪار توڙي وسيع زبان جي حيثيت ۾ انهن خطن ۾ وڌڻ
۽ ويجهڻ جو وڏو وجهه مليو. انهيءَ گهري ۽ ڊگهي
عرصي واري اثر ڪري سنڌي زبان کي اڄ به بلوچستان ۾
بلوچي ۽ پشتو زبانن کان پوءِ ٽيون نمبر حيثيت حاصل
آهي. جيڪا جاگرافيائي حالتن ۽ ٻين سبب جي ڪري ڌار
ڌار لهجن ۾ ورهائجي ويئي آهي.
هاڻ ڏسڻو هي آهي ته بلوچستان ۾ سنڌي زبان جي مختلف لهجن جي
ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد ڪيترو آهي، ۽ صوبي جي
سموري آباديءَ جو ڪيترو في سيڪڙو آبادي سنڌي ٻولي
ڳالهائي ٿي. هن ڏس ۾ صحيح تعداد هٿ ڪرڻ ۽ سنڌي
ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جو صحيح تعداد معلوم ڪرڻ
لاءِ آدمشماريءَ جي ڌار ڌار رپورٽن تان مدد وٺڻي
پوندي. جيتپوڻيڪ مذڪور رپورٽن ۾ به آدمشماريءَ جي
سلسلي ۾ صحيح انگن اکرن جي داخلا جي دعويٰ ڪري نٿي
سگهجي، جنهن لاءِ ڪيترائي ڪارڻ آهن، في الحال
ايتري خبر پئجي سگهي ٿي ته بلوچستان ۾ سنڌي زبان
ڳالهائيندڙن جو ڪل تعداد ڪيترو آهي.
آدمشماريءَ جي رپورٽن ۾ انگن اکرن جي صحيح داخلا نه ٿيڻ جو
پهريون ڪارڻ انهن ايراضين جا رهاڪو پاڻ ئي آهن.
سنڌي ماڻهو، اهي ڪهڙي به خطي ۾ رهندا هجن. پر
پراڻن رواجن جي ڪري ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ کي پنهنجي
گهر جي ڀاتين جو صحيح تعداد ذاتي معلومات ڪونه
ڏيندا آهن. انهيءَ ڪري آدمشماريءَ واري عملي کي
سنڌي ڳالهائيندڙن جو تفصيل هرگز ملي نه سگهندو
آهي، تنهن ڪري ڪن حالتن ۾ عملدار پنهنجي فرض پوري
ڪرڻ لاءِ، اندازي موجب ڳالهائيندڙن جو تعداد لکي
ڇڏيندا هئا، ۽ يا ته انهيءَ خطي کي بلڪل ڇڏي ڏيندا
هئا.
ٻيو سبب هيءُ آهي ته آدمشماري کاتي جا عملدار ۽ ڪارڪن سهل
پسنديءَ کان ڪم وٺندا آهن. اُهي اڻانگا پنڌ ۽
پيچرا، جتي اچ وڃ لاءِ سهوليت ڪانه هوندي آهي، اتي
آدمشماريءَ وارو عملو وڃڻ کان ڪيٻائيندو آهي، ۽ سر
زمين تي پهچڻ کان سواءِ ئي پنهنجي آفيس ۾ ويهي
خانه پري ڪري ڇڏيندو آهي.
1951ع کان پوءِ 1961ع ۾ جيڪا آدمشماري ٿي هئي، تنهن لاءِ مقرر
ٿيل عملي پنهنجي فرض جي ادائگيءَ ۾ انصاف کان ڪم
نه ورتو. گهڻو ڪري بلوچستان جي ڊسٽرڪٽ گزيٽيئر ۽
1951ع واري رپورٽ کي سامهون رکي انهن ڪتابن تان ئي
مواد اتاريو اٿن. اهو ئي سبب آهي جو 1961ع واري
آدمشماريءَ جي رپورٽ ۾ بلوچستان صوبي جي مختلف
ضلعن ۾ سنڌي ڳالهائيندڙن جي ڏنل انگن اکرن تي
ڀروسو نٿو ڪري سگهجي، ۽ آدمشماريءَ جو ڏنل في
سيڪڙو ۽ ڪل تعداد مشڪوڪ آهي. مثال طور 1961ع واري
رپورٽ ۾ سبي ضلعي جي آباديءَ جا انگ اکر ڏيندي
بيان ڪيو ويو آهي ته:
”هن ضلعي جي مکيه ٻولي بلوچي آهي. ٻيون اهم ٻوليون جيڪي هن ضلعي
۾ ڳالهايون وڃن ٿيون، اُهي هي آهن:
پشتو، اردو، سنڌي، پنجابي ۽ بروهي.“
مذڪوره پورٽ ۾ انهن ٻولين جي ڳالهائيندڙن جو تعداد في سيڪڙو جي
حساب سان هن ريت ڏنل آهي(1)
بلوچي |
44.59 |
في سيڪڙو |
پشتو |
24.21 |
في سيڪڙو |
اردو |
10.01 |
في سيڪڙو |
سنڌي |
5.88 |
في سيڪڙو |
پنجابي(2) |
5.85 |
في سيڪڙو |
بروهي |
4.57 |
في سيڪڙو |
هن في سيڪڙو تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿو ٿئي ته داخلا ڪندڙ آفيسر
پنهنجن فرضن جي ادا ڪرڻ وقت انصاف کان ڪم نه ورتو
آهي. حقيقت هيءَ آهي ته سبيءَ وارن علائقن ۾ سنڌي
ڳالهائيندڙن جو تعداد ٻين ٻولين ڳالهائيندڙن جي
تعداد کان وڌيڪ آهي. ان کان سواءِ جتڪي به سنڌي
ٻوليءَ جو هڪ لهجو آهي. هن سلسلي ۾ هاروڊ
يونيورسٽي جو ڊاڪٽر هينري فيلڊ لکي ٿو ته:
”بلوچستان ۾ سنڌي زبان سان ملندڙ جلندڙ هڪ ٻي زبان
آهي، جنهن کي جتڪي چون ٿا.“ هن ڏس ۾ هڪ ٻيو مشهور
آمريڪي ماهر مسٽر رچرڊ ۽ سندس ساٿي لکن ٿا:
”بلوچستان ۾ ٻيا گروهه جتن، لاسين ۽ مڪران واري
خطي ۾ رهندڙ ڪن قبيلن جا آهن. جت آبادگار آهن جيڪي
اُتر – اولهه ۽ وچ بلوچستان ۾ رهن ٿا. انهن کي
پنهنجي ٻولي آهي، جنهن کي جتڪي چون ٿا، جيڪا سنڌي
زبان جو هڪ نمونو آهي(1)“.
هيءَ زبان قلات ۽ سبيءَ ۾ ٻيو نمبر وڏي زبان آهي.
اهريءَ طرح ڍاڍر جو ميداني حصو، جو هاڻ ڪڇيءَ جي
نالي سان سڏجي ٿو، ۽ ضلعي سبيءَ جي نصيرآباد سب
ڊويزن، جهل مگسي ۽ روجهاڻ ۾ مگسي، جمالي، خاڪواڻي،
رئيساڻي ۽ ٻيا قبيلا سنڌي زبان ڳالهائيندا آهن(2).
ان کان سواءِ مٿي سبي ۽ ڪڇيءَ واري حصي ۾ فراڪي
لهجي جو ذڪر ڪندي ٻڌايو ويو آهي ته سبيءَ جي
آباديءَ جو وڏو حصو سنڌي ٻولي ڳالهائي ٿو(3).
هتي هي به بحث ڪرڻو نه آهي ته قيام پاڪستان کان پوءِ ڪن خطن ۾
ڪارخانن جي قائم ٿيڻ ڪري پنجابي، پشتو ۽ اردو
ڳالهائيندڙن جو تعداد سڄي ملڪ جي هر خطي ۾ اڳي کان
وڌيڪ آباد ٿيو آهي. مثال طور سئي گئس جي ملڻ کان
پوءِ، سئيءَ واري خطي ۾ مذڪوره گئس جي مرڪز ٺهڻ
بعد، ڪيترائي اردو ۽ پنجابي ڳالهائيندڙ ماڻهو هن
خطي ۾ عارضي طور اچي آباد ٿيا آهن. ساڳيءَ طرح
لوپرالائيءَ واري ايراضيءَ ۾ ڪارخانن جي قائم ٿيڻ
ڪري. اتي اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڳالهائيندڙن جو
تعداد گهڻو وڌي ويو آهي. انهيءَ ساڳئي بنياد تي لس
ٻيلي ۽ مڪران وارن خطن ۾ به اقتصادي ۽ انتظامي
سببن جي ڪري اردو ۽ پنجابي ٻوليون ڳالهائيندڙن جي
تعداد ۾ گهڻو اضافو ٿيو آهي، پر اهو تعداد 1951ع
واريءَ رپورٽ م سنڌي، بلوچي يا بروهي ٻوليون
ڳالهائيندڙن جي في سيڪڙي کي گهتائي سگهي ٿو پر ڪل
تعداد کي ته هرگز گهٽائي نٿو سگهي، البت اردو ۽
پنجابي ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد، بلوچستان ۾ مروج
هر هڪ ٻوليءَ جي ڳالهائيندڙن جي في سيڪڙو تي اثر
ٿي سگهي ٿو. هيءُ نڪتو به هن باب جي موضوع کان
ٻاهر آهي.
هت فقط سنڌي ٻوليءَ جي لسانياتي جاگرافيءَ جي لحاظ کان معلوم
ڪرڻو آهي ته هن وقت بلوچستان جي ڪهڙن ڪهڙن خطن ۾
سنڌي ٻولي، مادري زبان يا ثانوي زبان طور ڳالهائي
ويندي آهي، ۽ انهيءَ تعداد جو جملي في سيڪڙو ڪيترو
آهي، ۽ سڄي صوبي ۾ سنڌي زبان ڳالهائيندڙن جو ڪل
تعداد ۽ في سيڪڙو ڪيترو آهي؟
هن ڏس ۾ 1951ع ۽ 1961ع جي رپورٽن ۾ بلوچستان جي ڌار ڌار حصن ۾
مادري زبان طور سنڌي ڳالهائيندڙن جو تعداد، ۽ ان
حصي جي جملي آباديءَ جي ڳالهائيندڙن مان سنڌيءَ جو
في سيڪڙو پڙهندڙن جي اطلاع لاءِ ڏنو وڃي ٿو.
مٿي اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته قديم زماني کان وٺي سبي، ڪڇي،
لس ٻيلي، مڪران ۽ قلات جي علائقن ۾ سنڌي زبان جو
تسلط رهيو آهي، ۽ انهن خطن جي ماڻهن سنڌي زبان کي
وڻج واپار، تجارت، روزانه استعمال، حاڪمن جي زبان،
تهذيب ۽ تمدن جي زبان، محفلن، معرڪن ۽ ڪچهرين جي
زبان طور استعمال پئي ڪيو آهي. هنن مان ڪن ايراضين
۾ ان کي مادري زبان جي حيثيت حاصل آهي، ته ڪن ۾ ان
کي ثانوي زبان طور ڪم آندو ويندو آهي.
هن کان اڳ اهو به بيان ڪيو ويو آهي ته قديم زماني کان لس ٻيلي
جي مقامي زبان سنڌي رهي آهي. 1951ع واري
آدمشماريءَ جي رپورٽ موجب لس ٻيلي رياست ۾ 80 في
سيڪڙو ماڻهن جي مادري زبان سنڌي ڄاڻايل آهي، ۽
جملي 48000 ماڻهو سنڌي ڳالهائيندا هئا(1).
اهڙيءَ طرح قلات رياست ۾ 29 سيڪڙو آبادي سنڌي
ڳالهائيندڙن جي هئي، ۽ جملي 80،000 هزار ماڻهو
سنڌي زبان ڳالهائيندا هئا(2).
ساڳيءَ طرح 1951ع واري رپورٽ موجب، سبي، ڪڇي ۽
مڪران ۾ ماڻهن جو وڏو تعداد سنڌي زبان يا ته مادري
زبان طور استعمال ڪندو هو يا ثانوي زبان طور
ڳالهائيندو هو. هاڻ اهو مختلف خطن جي ماڻهن کي
معلوم ڪرڻو آهي ته 1961ع واري آدمشماريءَ جي رپورٽ
۾ سندن خطي جي باري ۾ سنڌي ڳالهائڻ جا انگ اکر
صحيح آهن يا نه؟
مٿي پيش ڪيل انگن اکرن جي جاچ کان پوءِ معلوم ٿو ٿئي ته
بلوچستان صوبي جي 9 ضلعن مان ڪوئيٽا، زهوب ۽ چاغي
ضلعن کان سواءِ، باقي 6 ضلعن ۾ قديم زماني کان
سنڌي ڳالهائيندڙ گهڻي تعداد ۾ رهندا ٿا اچن. اهي
ماڻهو هاڻي پاڻ کي بلوچ سمجهن ٿا، ۽ بلوچستان جي
آباديءَ جو حصو آهن، پر جڏهن 1951ع ۽ 1961ع واري
آباديءَ جو تعداد وڌڻ جي بدران پاڻ گهٽيو آهي،
جڏهن ته جملي آباديءَ ۾ اڍائي في سيڪڙو واڌ ٿي
آهي. انهيءَ حساب سان سنڌي ڳالهائيندڙن جي تعداد ۾
پڻ اڍائي في سيڪڙو واڌ اچڻ گهرجي، ۽ نه ڪه کوٽ.
انهيءَ مان اهو ثابت ٿو ٿئي ته مادري زبان جي
داخلا جي لحاظ کان 1961ع واري آدمشماري جي رپورٽ
معتبر نه آهي.
ببليوگرافي
سنڌي، اردو، فارسي ۽ سرائڪي ڪتاب
سنڌي ڪتاب
ڀيرو مل آڏواڻي: سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ، 1956ع.
تاج محمد عباسي: مقالو، ”سنڌي ٻوليءَ جي لاسي اُپڀاشا“، نئين
زندگي، جولاءِ- آگسٽ، ڪراچي، پاڪستان پبليڪيشن،
1976ع.
داد محمد بروهي: مقالو ”سبي علائقي ۾ سنڌي“، روزانه هلال
پاڪستان، ڪراچي، مارچ 1978ع.
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: ٻيلاين جا ٻول، ڇاپو ٻيو، حيدرآباد،
زيب ادبي مرڪز، 1970ع.
نبي بخش خان بلوچ ڊاڪٽر: سنڌي موسيقيءَ جي مختصر تاريخ،
حيدرآباد ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز، 1978ع
رامچند، ايس- کتري: شري هنگلاج جي ياترا، ڪراچي، اڇي قبر،
رامپارٽ روڊ، 74-1973ع.
طالب الموليٰ: يادرفتگان، هالا، 1953ع.
علي ڪوفي: چچنامو، ڪراچي سنڌي ادبي بورڊ، 1954ع.
مرزا قليچ بيگ: تاريخ خيرپور، 1922ع.
مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1953ع
مولائي شيدائي: تاريخ بلوچستان، بلوچ سيريز نمبر 1، 1941ع.
مولائي شيدائي: جنت السنڌ، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ، 1958ع.
مولائي شيدائي: تاريخ تمدن سنڌ، حيدرآباد، سنڌ يونيورسٽي،
1959ع.
اردو ڪتاب
اعجازالحق قدوسي: تاريخ سنڌ، جلد اول، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ
1971ع.
اعجاز الحق قدوسي: تاريخ سنڌ، جلد دوم، لاهور، مرڪزي اردو بورڊ،
1974ع.
غلام رسول مهر: تاريخ ڪلهوڙا، جلد اول، حيدرآباد، سنڌي ادبي
بورڊ.
گل خان نصير: تاريخ بلوچستان، جلد اول، ڪوئيٽا، اقبال اسٽيشنري
مارٽ 1952ع
ملڪ محمد سعيد بلوچ: بلوچستان ما قبل تاريخ، ڪوئيٽا، بلوچ
اڪيڊمي، 1971ع.
فارسي ڪتاب
خداد خان: لب تاريخ سنڌ، ڪراچي، سنڌي ادبي بورڊ، 1959ع.
سيد مير محمد بن سيد جلال تتوي: ترخان نامه، بتصحيح و حواشي سيد
حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1965ع.
ميان نور محمد: منشور الوصيت و دستور الحکومت، سعي و اهتمام سيد
حسام الدين راشدي، حيدرآباد سنڌي ادبي بورڊ،
1964ع.
مير معصوم بکري: تاريخ معصومي، ڪراچي، سنڌي ادبي
بورڊ، 1953ع.
يوسف ميرک ابوالقاسم بکري: تاريخ مظهر شاهجهاني، بتصحيح و حواشي
سيد حسام الدين راشدي، حيدرآباد، سنڌي ادبي بورڊ،
1962ع.
سرائڪي ڪتاب
24- سيد نور علي ضامن: معارف سرائکي، احمد پور شرقيه، مصطفيٰ
شاهه اڪيڊمي، 1972ع.
انگريزي ڪتاب
Ahmed Yar Khan Baloch, Mir, Inside Baluchistan,
an Autobiography, Karachi, Royal Book Agency,
1975.
Census Report of Pakistan, Vol: VI-16, Table 12,
1961.
District Census Report of Sibi District, 1961.
District Census Report of Makran District, 1961.
Elliot, H., History of India, Vol: 1.
Gankovsky, Yu, V., The People of Pakistan, an
Ethnic History, Lahore, Peoples publishing
House. 1972.
George Morgenstierne, Report on a Linguistic
Mission
to North Western India.
George Waters Gilberston, Major, The Baluchi
Language,
Herford,
1923.
Grierson, H.E., Linguistic Survey of
India, Vol: VIII, 1919.
Holdich, Th., The Gates of India, A Historical
Narrative, London 1910.
Khan, F.A., The Indus Valley & Early Iran,
Karachi, Department of Archaeology & Museums,
1964.
Mockler, E.A., Grammar of the Baluchee Language,
London, Henry S. Kings & Co:, 1877.
Richard, F. Nyrop and others, Area Hand Book of
Pakistan, Washington, D.C., D.A., FAM Government
Printing Office 1970.
Sigrid Westphal-Hellbusch, Dr. & Heinz Westphal,
Rhe Jats of Pakistan, Berlin, Duncker and
Humbolt. 1964.
Sorley, H.T., Shah Abdul latif of Bhit, Humphrey
Milford London 1940.
Gazetteers
Baluchistan District Gazetteer, Series, Makran &
Kharan, Vol: VII, Bombay, The Times Press, 1907.
Extract from the District and States Gazetteer
of the
Punjab, Vol: II, Lahore,
Research Society of Pakistan, University of
Punjab 1077.
|