سيڪشن؛لسانيات

ڪتاب: سنڌي صورتخطي

باب: --

صفحو :3

’هَلۡڪو‘، ’ڌَرتي‘ ۽ ’چَمۡڪو‘ ٻن پدن وارا لفظ آهن، جن ۾ ]ل[، ]ر [ ۽ ]م [ ساڪن آواز آهن. سنڌ جا ماڻهو پنهنجن اُچارن ۾ مٿيان آواز ساڪن ڪندا آهن، پر ’صوتيات‘ ۽ ’هجي‘ جي اصولن کان بيخبر هئڻ سبب، سنڌ جا اُستاد مٿين لفظن جي هجي هيئن ڪندا آهن:

هَلۡڪو: هي زبر ههَ، لام زير لِ، ڪاف وا ڪو.... هَلِڪو

ڌرتي: ڌال زبر ڌَ، ري زير رِ، تي يي زير تِي.... ڌَرِتِي

چَمۡڪو: چي زبر چَ، مِيم زير مِ، ڪاف وا ڪو.... چَمِڪو

دراصل انهن جي هجي هيئن ٿيڻ کپي(1):

 

هَلۡڪو: هي لام زبر هَل، ڪاف وا ڪو..... هَلڪو

ڌَرۡتِي: ڌال ري زبر ڌَر، تي يي زير تِي.... ڌَرتِي

اهڙيون اوڻايون سرڪاري درسي ڪتابن ۾ گهڻيون نظر اچن ٿيون. سنڌي پرائيمر ۽ پهرئين ڪتاب ۾ گڏيل آوازن کي يا ته سُرَ ذريعي ڌار ڪيو ويو آهي، يا ڪن هنڌن تي انهن ساڳين گڏيل آوازن ۾ ساڪن وينجن مٿان جزم ڏني ويئي آهي. انهيءَ مان اهو ٿو ظاهر ٿئي ته اهڙن لفظن جي تحريري صورت وقت، صوتياتي اصولن ۽ آوازن جي جوڙن(components) جي پابندي نه ڪئي ويئي آهي، مثلاً:

سنڌي پرائيمر

سنڌي پهريون ڪتاب

ڪِچِرو(1)

ڪِچۡرو(2)

 

ڪَتِري(3)

ڪَتۡري (4)

 

سُهِڻا (5)

سُهۡڻا (6)

 

مٿين لفظن ۾ ]چۡر [،]تۡر [، ]هۡڻ[ سنڌي صوتياتي نظام موجب گڏيل آواز آهن، انهن جي سنڌي پهرئين ڪتاب واري صورتخطي درست آهي.

مُنڍ وارا گڏيل آواز ۽ جزم

لفظن جي وچ وارن گڏيل آوازن کان سواءِ ڪن لفظن جي منڍ ۾ به گڏيل آواز، سنڌي صوتيات جي اصولن موجب ممڪن آهن. هيل تائين سنڌي ڪتابن ۾ منڍ وارن گڏيل آوازن کي بلڪل ترڪ ڪيو ويو آهي. انهن جي برابر خبر تڏهن پوندي، جڏهن لکيل صورت کي نظرانداز ڪري، اُچاريل آوازن کي ٻڌبو ۽ انهن تي سوچبو. سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪيترن ئي لفظن ۾ ڪي هيٺيان گڏيل آواز لفظن جي منڍ ۾ ڪم اچن ٿا. مثلاً:

منڍ وارو گڏيل آواز

لفظ جو اُچار

/پۡر/

پۡريمُ

/بۡر/

بۡرَهَمَنُ

/ڏۡي/

ڏۡيارِي

/ڌۡي/

ڌۡيانُ

/پۡي/

پۡيارُ

/گۡي/

گۡيانُ

/ڪۡي/

ڪۡياڙِي

سنڌي ڪتابن ۾ ’ڌيانُ‘، ’پيارَ‘ ۽ ’ڪياڙي‘ لفظن ۾ ]ڌ [،]پ [ ۽ (ڪ) کي ساڪن نه سمجهي، انهن کي متحرڪ بنائڻ لاءِ هيٺ ]اِ [ سُر ڏنو ويو آهي ، حالانڪ ]ڌۡيَ [،]پيَ [ ۽ ]ڪۡيَ [ وغيره اڌارن ورتل لفظن جو حصو آهي، پر ديسي صوتياتي نظام موجب گڏيل آواز آهن، جي سنڌي لفظن ۾ ديسي صوتياتي خصوصيتن جا حامل آهن انهن گڏيل آوازن ۾ پهريان ’جوڙ‘ ساڪن آهن، انهيءَ ڪري سنڌي ڪتابن ۾ درستيون آڻڻ جي گهڻي ضرورت آهي. مثلاً:(2)   (1)

منڍ وارو گڏيل آواز

سنڌي ڪتابن ۾ ڪم ايندڙ صورتون

درست صورت

/پۡر

/ڌي/

پِريم

ڌِيانُ

پۡرِيمُ

ڌۡيانُ

/ڏي/

ڏِيارِي

ڏۡيارِي

/پي/

پِيَارُ

پۡيارُ

/گي/

گِيانُ

گۡيانُ

/پۡريم/، ڌۡيان/ ۽ ٻۡيائي/ لفظن ۾ پهريان ساڪن آواز، ٻئي جوڙ سان گڏ، گڏيل آواز کان پوءِ ڪم ايندڙ سُرَ سان متحرڪ ٿين ٿا (1)

 

20- صاف سر ۽ جزم

سنڌي ڪتابن ۾ صاف سُرَن جي تحريري صورت ۾ به ’جزم‘ جو استعمال درست نه آهي. مٿي بيان ڪيو ويو آهي ته ’جزم‘، جنهن کي ’سڪون‘ به چئبو آهي، ان جو ڪم آهي ’ڪن ساڪن وينجن آوازن کي تحريري صورت ۾ ڏيکارڻ‘. ڀلا اهو ڪيئن ٿو ممڪن ٿي سگهي ته سُرَ به خاموش يعني غير متحرڪ هجن؟ جيڪڏهن اهي غير متحرڪ نٿا ٿي سگهن ته پوءِ سرن جي لکيل صورتن مٿان جزم لکڻ يا جزم جي نشان ڏيڻ جي ضرورت ئي ڪانه آهي. اها اوڻائي ’جامع سنڌي لغات‘ ۾ به جابجا نظر اچي ٿي. سنڌي درسي ڪتابن ۾ لکت هن ريت آهي:

گِيۡتَ(1)، گڏِجِيۡ، (2) وَسائيۡ(3)، ساراهِيُوۡن(4) .

 

مٿين لفظن ۾ ]اِي [،]اي [ ۽ ]اوُن [ ڊگها سر آهن ۽ انهن جي مٿان جزم ڏيڻ درست نه آهي، مثلاً گِيتَ، لفظ ۾ ]گ [ وينجن آواز پٺيان ]اِي [ سُرَ آواز اُچارڻ سان ]گي [ پد ٿئي ٿو. سر ته وينجنن کي تحرڪ ۾ آڻين ٿا، ۽ اُهي خود هميشہ متحرڪ هوندا آهن. انهن جو غير متحرڪ هئڻ ممڪن نه آهي. انهيءَ ڪري اهڙن زائد ’جزمن‘ وارن لفظن جي درست صورت هيٺ ڏجي ٿي:

سنڌي ڪتابن ۾ عام صورت

درست صورت جي سفارش

آهيۡ(5)

آهي

 

هِيۡءَ (6)

هيءَ

 

تيۡليۡ(8)

تِيلِي

 

مُوۡرِيۡ (9)

مُورِي

 

تُوۡرِيۡ (10)

تُورِي

 

ٻيۡرَ (11)

ٻير

 

حاصل مطلب ته سرن جي لکيل صورتن مٿان، جزم جو استعمال غير ضروري آهي. اهڙيءَ طرح ]اوُ [ سر جي لکيل صورت ’اوُ‘ ۾ ’پيش‘، ’و‘ جي مٿان اچڻ کپي، ۽ هت به جزم ڏيڻ جي ضرورت ڪانهي، جيئن: ’مُوۡرُي‘، ۽ نه ڪه ’مُوريۡ‘، جيئن سنڌي پرائيمر ۾ ڏنل آهي. هن ڏس ۾ گهُڻن سرن جي بيان وقت پروفيسر ملڪاڻي به صاف نظر نٿو اچي. هو لکي ٿو ته پيش، ’ن‘ مٿان ڏيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ’چَتُون‘ لفظ جي هجي ڪرڻ مهل ٻار چوندا آهن: ”چي زبر چَ، تي وا نون پيش تون“ انهيءَ ڪري ’نون‘ کان پوءِ ’پيش‘ چوڻ سان، ’پيش‘ ’نون‘ مٿان ڏيڻ کپي دراصل ’چَتوُن‘ ۽ اهڙن ٻين لفظن ۾ ’ن‘ صورت، گهڻي وينجن طور ڪم آندل نه آهي، پر اهڙن لفظن ۾ ’ن‘، صرف گهڻي سر جي نشانيءَ طور ڪم آندل آهي، جيئن اڳ ۾ چيل آهي، مثلاً:(1).

 

صاف ڊگهو سر

گهڻو ڊگهو سر

سائِي

سائين

اَسِي

اَسِين

روا

رَوان

چَروُ

چَروُن

مٿين لفظن ۾ ]اِي [،]ا [ ۽ ]اوُ [ ’صاف ڊگها سُرَ‘ آهن، ۽ ]اَن ۽ اوُن [ گهڻا ڊگها سُرَ آهن، انهيءَ ڪري ’زبر‘ يا ’پيش‘ سرن جي لکيل صورتن جي هيٺان يا انهن جي مٿان ڏيڻ کپي. جيتريقدر ملڪاڻي صاحب جي بيان ڪيل ’هجي‘ جو سوال آهي، ان ۾ تبديليءَ جي ضرورت آهي. جيئن:

 

لفظ

عام (ديوان ملڪاڻيءَ جي اصول واري) هِجي

درست هِجي جي سفارش

آهِي

 

آهين

الف مد آ، هي يي زير، هِي الف مد آ، هي ي نون زير هِين.

--- ساڳي----

الف مد آ، هي يي زير نون، ’هِين‘

روَا

ري زبر رَ، وا الف وا

--- ساڳي---

رَوان

ري زبر رَ، وا  پيش، روُ

--- ساڳي---

چَروُ

چي زبر چَ، ر وا پيش، روُ

--- ساڳي---

چَروُن

چي زبر چَ، ري وا نوُن پيش ”روُن“

چي زبر چَ، ري وا پيش نون، روُن (1)

 

اهڙيءَ طرح سنڌي يڪ- پدا ٻٽا سر ]ايَ [۽]اوَ [ به درست نٿا ليکيا وڃن. مثلاً:

خيَرُ جي بدران لکن خَيۡرُ

بَيتُ جي بدران لکن بَيۡتُ

قوَمَ جي بدران لکن قَوۡم

فوَجَ جي بدران لکن فَوۡجَ

انهن سڀني ۾ ’جزم‘ جي استعمال مونجهارو پئدا ڪيو آهي. هڪ غير سنڌي جڏهن سنڌي پڙهڻ ويهندو، تڏهن ’و‘ صورت کي وينجن سمجهندو، ۽ نه ڪه سُرَ، ڇاڪاڻ ته سرن مٿان جزم ڪانه ڏني ويندي آهي.

گهڻا سر ۽ جزم

(الف) پراڻن سنڌي ڪتابن ۾ گهڻي سُرَ واري ’ن‘ مٿان به جزم ڏني ويئي آهي. مثلاً: آهِين، آسِين.

’آهِيۡن‘ ۾ ’ن‘ مٿان جزم جو استعمال ڏيکاري ٿو ته ’ن‘ ساڪن آهي، نه ڪه نون غنو حالانڪ ساڪن وينجن ]ن [ ۽ گهڻي سُرَ واري ’ن‘ ۾ وڏو فرق آهي، مثال طور:

ساڪن وينجن ]ن [

گهڻي سر (حرف علت) وارو ”ن“

سَنۡتُ

آهِين

هَنۡس

تنهِن

گِهنۡٽِي

تَڏهن

21- وسرگ آواز

انگريزن جي ابتدائي زماني ۾ ڇپيل ڪتابن مان معلوم ٿو ٿئي ته ان دور جي سنڌي ڪتابن ۾ وسرگ آوازن جي صورتخطيءَ ۾ يڪسانيت جو خيال نه رکيو ويو هو، يعني ته ان دور جي ڪتابن ۾ صورتخطيءَ ۾ ڦير گهير نظر اچي ٿي.

سنڌيءَ جا ]ل [،]ڙ [،]م [،]ن [ ۽ ]ڻ [ آواز هيٺين لفظن ۾ وسرگ آهن. ’ڪالهه‘، ’ڳاڙهو‘، ’ٻانهوُن‘، سامهوُن‘ ۽ ’ماڻهوُ‘ پر لفظن جي پدن ۾ ڪيترن ئي مصنفن، ]لهه [، ]ڙهه [، ]نهه [، ]مهه [ ۽ ]ڻهه [ کي وسرگ آواز نه سمجهي، ]لهه ۽ هه [،]ن ۽ هه [،]م ۽ هه [۽ ]ڻ ۽ هه [ کي ڌار ڌار آواز ظاهر ڪيو آهي، ۽ انهن وسرگ آوازن کي سنڌي صورتخطيءَ ۾ سر جي ذريعي ڌار ڪري ڇڏيو، گويا اهي آواز وسرگ نه آهن، مثلاً:

 

ديوان اُڌارام واري صورت (1)

درست صورت

 

پَڙهِيوۡ

پَڙهِيو

ڳاَلهۡيوُن

ڳالهيوُن

سُمۡهِي

سُمهِي

بلڪل ساڳيءَ طرح ]ل [، ]ڙ [، ]م [۽ ]ڻ [جي وسرگ آوازن ]لهه [، ]ڙهه [، ]مهه [ ۽ ]ڻهه [ کان بيخبر هئڻ سبب سنڌي جا ڪيترائي استاد وسرگ آوازن کي حرف علت ذريعي ڌار ڪندا آهن، ۽ ”هجي“ ڪندا آهن:

(1) پَڙهيو:        پي زبر پَ، ڙِي زير ڙِ، هي زير ههِ، ي وا يو= پڙهِيو

(2) سُمهِي:      سين پيش سُ، ميم زير مِ، هي ي زير هِي= سُمِهِي

پر انهن لفظن جي درست هجي ٿيندي:

(1) پَڙهيو:     پي زبر پَ، ’ڙههِ‘ زير ڙههِ، ي وايو= پڙِهيو

(2) سُمهي:   سين پيش سُ، ’مهه‘ ي زير، مهِي= سُمِهي

جويو صاحب جيتوڻيڪ مٿين آوازن جي وسرگ جوڙ کان واقف آهي، پر هن به ڪيترن ئي لفظن جي صورتخطيءَ ۾ فرق ڏيکاريو آهي ، مثلاً:

آواز

جويي صاحب جو استعمال

جويي صاحب واري مقرر ڪيل صورتخطي

فرق

ڙهه

ڙهه (4)

 

ڳاڙهو

 

ڙَهه

ڙَهه

ڳاڙَها

زبر ]آسر [ ڪم آڻي، ]ڙهه [ کي

  ]ڙ [۽ ]هه [ ۾ ڌار ڪيو اٿس.

ڙهه

ڙُهه

ڏاڙُهوُن

پيش ]اُسر [ ڪم آڻي، ]ڙهه [ کي  ]ڙ[ ۽ ] هه[ ۾ ڌار ڪيو اٿس

ڙهه

ڙِهه

ڳوڙِهِي

زير ]اِسر [ ڪم آڻي، ]ڙهه [ کي  ]ڙ[ ۽ ] هه[ ۾ ڌار ڪيو اٿس.

 

 

 

 

 

دراصل سندس سنڌ پرائيمر ۾ هيٺيون ڏسيل درستيون ٿيڻ کپن:

جويي صاحب واري صورت

درست صورت لاءِ سفارش

ڳاڙَها

ڳاڙها

ڏاڙُهوُن

ڏاڙهوُن

ڳوُڙِهِي

ڳُوڙهِي

سَنِهي

سَنهِي

مَلُهوُن

مَلهوُن

22- شد

درسي ڪتابن ۾ ’شدّ‘ جي استعمال ۾ به يڪسانيت نه آهي. مثلاً: پهرئين ڪتاب ۾ ’اَنَ‘ ۽ ’ڪَنَ‘ لفظن تي ’شد‘ جو نشان(mark of gemination) نه ڏنو ويو آهي پر اڳتي هلي ’پَنَ‘ لفظ ۾ ’ن‘ تي ’شدّ‘ ڏيئي ’پَنَّ‘ لکيو ويو آهي عام طور سنڌي صورتخطيءَ ۾ ’شد‘ جي نشاني ڪم نه آندي ويندي آهي، حالانڪه اچار ۾ ڪي آواز، ڪن اصولن هيٺ (جن جو هت ذڪر نٿو ڪيو وڃي) مشدد (geminated) ٿين ٿا. اهو هڪ جدا بحث آهي، جنهن جي هن ڪتاب ۾ گنجائش ڪانهي.(3) (2). (1)،

نتيجي طور چئي سگهجي ٿو ته سنڌي صوتخطيءَ ۾ فني لحاظ کان گهڻين ئي درستين جي ضرورت آهي.


(1) سنڌي صورتخطيءَ جي ٻئي ڇاپي ۾ صفحي 50 تي، حاشئي ۾ ڄاڻايو ويو هو ته /هلۡڪو/ لفظ جا پد ٿيندا/ ههَ+لڪو/، ۽ /چَمۡڪو/ جا پد ٿيندا/ چَـ+مڪو/، پر وڌيڪ تحقيق ۽ ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، ڊاڪٽر روهڙا ۽ پروفيسر علي نواز جتوئي صاحب جن جي راين، ۽ ساڻن ڪيل بحث کان پوءِ آءٌ انهيءَ نتيجي تي پهتو آهيان ته پهرئين ڇاپي ۾ ڄاڻايل پدن جي تقسيم درست هئي، يعني:

لفظ                    درست تقسيم         غلط تقسيم

هَلۡڪو                    هَل+ڪو              هـ+لڪو

چَمۡڪو                   چَم+ڪو             چَـ+مڪو

(1) ابراهيم جويو: ”سنڌي پرائيمر“، ص: 38

(2) ايضاً، ”سنڌي پهريون ڪتاب“، ص: 15

(3) ايضاً، ”سنڌي پرائيمر“، ص 32

(4) ايضاً، سنڌي پهريون ڪتاب“، ص: 15.

(5) ايضاً، ”سنڌي پرائيمر“، ص: 25.

(6) ايضاً، ”سنڌي پهريون ڪتاب“، ص: 20.

(1)  ابراهيم جويو: ”سنڌي پهريون ڪتاب“، ص ص 13، 14 ۽ 16.

(2) Lachman Khubchandani, “The Phonology and Morphophonemics of Sindhi”, M.A. Thesis; Pensylvania University, 1961, P. 18

(1) هيءَ هڪ نئون ۽ فني بحٿ آهي، جنهن لاءِ لکيل صورتن تي نه، پر اُچاريل آوازن کي ٻڌڻ ۽ انهن تي سوچڻ جي ضرورت آهي.

(2) ’صاف‘ مان هت مراد اهي سُر آهن، جيڪي گهُڻا نه هجن، يعني non-nasalised۔

(3) نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر: ”جامعي سنڌي لغات“، جلد اول، سنڌي ادبي بورڊ، حيدرآباد 1960ع.

(1) ابراهيم جويو: ”سنڌي پهريون ڪتاب“، ص 5.

(2) ايضاً.

(3) ايضاً.

(4) ايضاً ۽ پڻ ڏسو: ”جامع سنڌي لغات“ ۾ حرف علتن مٿان جزم جو استعمال.

(5) ابراهيم جويو: ”سنڌي پرائيمر،“ ص: 7.

(6) ايضاً، ص:7

(8) ايضاً، ص:26.

(9) ايضاً، ص: 27

(10) ايضاً.

(11) ايضاً، ص: 28

(1) منگهارام ملڪاڻي: ماهوار سنڌو، ڊسمبر 1945ع، ص 11 ۽ پڻ ڏسو: مارچ 1946ع، ص ص 18، 19 ۽ 20.

(1)  هجي ۾ تفاوت فقط ’ايِن‘ ۽ ’اوُن‘ گهڻن ڊگهن سُرَن جي صورت ۾ ڪيو وڃي ٿو. جنهن صورت ۾ ’ان‘ جي هجي ڪرڻ مهل سُرَ کان پوءِ ’ن‘ چيو وڃي ٿو (جيئن: اَن) تنهن صورت ۾ ’اين‘ ۽ ’اوُن‘ جي هجي ڪرڻ وقت به ائين ڪرڻ گهرجي.

(1) منشي اُڌارام: ”سنڌي پهريون ڪتاب“، ص ص 9، 13 ۽ 27.

ڪن صاحبن ’پڙهيو‘ لفظ ۾ ’هه‘ مٿان جزم ڏني آهي، جزم جو اهڙو استعمال درست نه آهي ڇاڪاڻ ته جزم مان ائين سمجهيو ته ]هه [ ڌار ساڪن وينجن آهي. انهيءَ لحاظ سان ]ڙهه [ ’ڙ‘ ۽ ’هه‘ جو گڏيل آواز سمجهيو، جو سنڌيءَ ۾ ممڪن نه آهي.

(2)  ابراهيم جويو: سنڌي پرائيمر، ص ص 36 ۽ 37.

(3) ايضاً.       

(4) ايضاً.

(1) ابراهيم جويو: سنڌي پهريون ڪتاب، ص ص 5 ۽ 6.

(2) ايضاً ص 7

(3) هن نڪتي تي هڪ ڌار مقالي لکڻ جي ضرورت آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com