| 
								            
								 
 
								
								
								شاھھ 
								جي شاعريءَ ۾ حيوانن، پکين، 
								
								وڻن، ٻوٽن ۽ گاھن بابت ڄاڻ 
								
								سوال:  شاھھ سائين سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن جانورن 
								جو ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  تقريبا تيرنھن جانورن جو. 
								
								سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ ڪتن لاءِ ڪھڙا 
								نالا ڪتب آندا آھن؟ 
								
								جواب:  جنبور، ڪارايي، ڪلاج، موتيئڙو، کينھو 
								وغيره. 
								
								سوال:  شاھھ سائين سر سھڻيءَ ۾ ڪجھھ مڇين جو بھ ذڪر ڪيو آھي. توھان ڪن بھ ٻن مڇين 
								جا نالا ٻڌايو؟ 
								
								جواب:  لوھڻي ۽ ٿيلھي. 
								
								سوال:  شاھھ سائينءَ منڍ ۾ عشق کي ڪھڙي جانور سان 
								تشبيھھ ڏني آھي؟ 
								
								جواب:  نانگ سان. 
								
								سوال:  نانگ بلائن جو ذڪر شاھھ سائينءَ جي ڪھڙي سر 
								۾ ملي ٿو؟ 
								
								جواب:  سر ڪارايل. 
								
								سوال:  شاھھ سائينءَ ٻھ يتيم ڪتا پاليا ھئا، سندن نالا ٻڌايو؟ 
								
								جواب:  موتي ۽ ليمون. 
								
								سوال:  شاھھ سائين پنھنجي ڪلام ۾ تاڙي پکيءَ جا 
								ڪھڙا نالا بيان ڪيا آھن؟ 
								
								جواب:  سارنگ، چاتڪ، ٻاٻيھو ۽ مينھڻ. 
								
								سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪھڙي پکي جو 
								ذڪر ڪيو آھي؟ جيڪو عقاب جھڙو ٿيندو آھي. 
								
								جواب:  ھماءُ پکي جو. 
								
								سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيل لفظ 
								’چيھو‘ ۽ ’چکي‘ ڇا جا نالا آھن؟ 
								
								جواب:  چيھو پکيءَ جو نالو (چيھو گاھھ) چکي ڍنڍ. 
								
								سوال:  سر رپ ۾ شاھھ سائينءَ ڪانگ کي ٻين ڪھڙن 
								نالن سان سڏيو آھي؟ 
								
								جواب:  ڪانءُ، کيناتو، ڪانگڙا، ڪانگا، ڪانگل ۽ 
								زاغ. 
								
								سوال:  شاھھ سائينءَ سر معذوريءَ ۾ ڪھڙن پکين جا 
								نالا بيان ڪيا آھن؟ 
								
								جواب:  ڪوئل، چتون، ڪونج ۽ باز. 
								
								سوال:  ٿري ماڻھو مانڌاڻي جا داڻا ڪھڙي فصل جي اٽي 
								سان ملائي استعمال ڪندا آھن؟ 
								
								جواب:  جوئر ۽ ٻاجھريءَ سان 
								
								سوال:  ڀٽ ڌڻيءَ سر مارئي ۾ ڪيترن وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  ڇھن وڻن جو. 
								
								سوال:  واريءَ جي دڙي تي مينھن جي موسم ۾ ڦٽندڙ کنڀيءَ کي لطيف سائينءَ جي دور ۾ ڇا 
								چيو ويندو ھو؟ 
								
								جواب:  ڦنگي. 
								
								سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر 
								ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون). 
								
								سوال:  ٿر ۾ ڪھڙي ٻوٽي جي ميوي جو ذائقو، کٽمٺڙي 
								جھڙو ٿيندو آھي؟ 
								
								جواب:  کاٽو نبو. 
								
								سوال:  ڍاٽڪيءَ ٻوليءَ ۾ پيرن کي ڇا چيو ويندو 
								آھي؟ 
								
								جواب:  ماچڪ. 
								
								سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ کھھ ھڪ قسم جو گاھھ آھي ان جو قد 
								ڪيترو ٿيندو آھي؟ 
								
								جواب:  فٽ کن. 
								
								سوال:  شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل لفظ 
								مانڌاڻو ھڪ قسم جو گاھھ آھي، ان جو قد ڪيترو ٿيندو 
								آھي؟ 
								
								جواب:  پنج انچ ڊگھو. 
								
								سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙي مشھور گل جو 
								ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  کٽڻھار گل جو. 
								
								سوال:  شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن ٻوٽن جو ذڪر 
								ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  اڪ، کٽڻھار، تور. 
								
								سوال:  شاھھ سائين سر کنڀات ۾ ڪھڙن وڻن جو ذڪر ڪيو 
								آھي؟ 
								
								جواب:  چندن، سرکنڊ (صندل)، کٿوري، اگر. 
								
								سوال:  گيدوڙي يا ليسوڙي لاءِ شاھھ سائين پنھنجي 
								شاعريءَ ۾ ڪھڙو لفظ استعمال ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  گوندا. 
								
								سوال:  شاھھ سائين سر مارئي ۾ ڪيترن گاھن جو ذڪر 
								ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  اٺن گاھن جو ذڪر (آراڙي، چيھو، ڊامڻ، 
								سائون، ڳنڍير، للر، لنب، مکئي) 
								
								سوال:  سر مارئي ۾  شاھھ عبداللطيف ڪھڙن ٻوٽن جو 
								ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  لاڻي، ڦوڳ، اڪ، کوٽوبنا، ڪانڊيرو، گلاب، 
								وغيره. 
								
								سوال:  سر کنڀات ۾ شاھھ سائين ڪھڙن گاھن جو ذڪر 
								ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  لاڻي ۽ ڪپور جو. 
								
								سوال:  حضرت شاھھ عبداللطيف ڀٽائي سر ڏھر ۾ ڪيترن 
								وڻن جو ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  ٻن وڻن جو. 
								
								سوال:  شاھھ سائين پنھنجي شاعريءَ ۾ ٿر جي ڪھڙي 
								گاھھ جو ذڪر ڪيو آھي، جنھن کي کائڻ سان ٿر جو مال 
								کير ۽ مکڻ وڌائيندو آھي؟ 
								
								جواب:  لنب گاھھ. 
								
								سوال:  شاھھ صاحب سسئي وارن سرن ۾ ڪيترن وڻن ۽ 
								ٻوٽن جو ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  ڏھن وڻن ۽ پنجن ٻوٽن جو. 
								
								سوال:  سر سارنگ ۾ شاھھ سائين ڪھڙين ڀاڄين جو ذڪر 
								ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  ميھا، چڀڙ، ڦنگيون (کنڀيون). 
 
								
								
								شاھھ جي شاعريءَ ۾ رنگن جو ذڪر 
								
								سوال:  شاھھ 
								سائين لاک جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  سر مومل راڻو، مارئي ۽ سر سارنگ ۾. 
								
								سوال:  شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائيءَ ۾ ڳاڙھي رنگ لاءِ 
								لفظ کنھنبو ڪتب آندو آھي؟ 
								
								جواب:  وائي: آئي مند ملار کنھنبا ڪنديس ڪپڙا 
								
								(سرسارنگ) 
								
								سوال:  شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو 
								لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  سياھي. 
								
								سوال:  ڪلھن 
								تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي آھي ان جو 
								ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي. 
								
								جواب:  سر مومل راڻو ۾. 
								
								سوال:  شاھھ سائين ڪھڙيءَ وائي ۾ ھندن جي ھوليءَ 
								جو ذڪر ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  وائي:   زاريءَ  ســا  زاري،  الــو!  
								ڪــوھــيــارل ســاڻ، 
								ھندوئن جيئن ھولي، ڪري مون ڌوڙ مٿي تان واري. 
								
								سوال:  حضرت شاھ عبداللطي ڀٽائي پنھنجي شاعريءَ ۾ 
								ڪاري رنگ جو ذڪر ڪيترا ڀيرا ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  اٽڪل ٻٽيھھ ڀيرا. 
								
								سوال:  شاھھ سائين ’لاک‘ جو ذڪر ڪھڙن سرن ۾ ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  سر مومل راڻو، سر مارئي ۽ سر سارنگ ۾. 
								
								سوال:  اھو ڪھڙو رنگ آھي، جيڪو شاھھ سائين جي شاعريءَ ۾ خوشحالي، آسودگي ۽ آباديءَ 
								جي اھڃاڻ طور استعمال ٿيل آھي؟ 
								
								جواب:  سائو رنگ. 
								
								سوال:  شاھھ سائين پنھنجي محبوب لاءِ ڪھڙو رنگ 
								پسند ڪيو ھو؟ 
								
								جواب:  ڳاڙھو رنگ (لالڻ) 
								
								سوال:  شاھھ سائين ڪاري رنگ لاءِ فارسيءَ جو ڪھڙو 
								لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي؟ 
								
								جواب:  سياھي. 
								
								سوال:  ڪلھن تي جيڪا ڪپڙي واري سائي شال رکي ويندي 
								آھي، ان جو ذڪر لطيف سرڪار ڪھڙي سر ۾ ڪيو آھي. 
								
								جواب:  سر مومل راڻو. 
								
								سوال:  ڪھڙي سٽ ۾ شاھھ صاحب ”اڇو“، ”اڇاھھ“ ۽ 
								اڇائي“ ٽي دفعا ڌار ڌار لفظ استعمال ڪري، اڇي رنگ 
								جي اعليٰ ھجڻ جو تاثر ڏنو آھي؟ 
								
								جواب:  سٽ: اڇو پيو اڇاھھ تھ اڇا ئي ابھو. 
								
								سوال:  شاھھ صاحب ڪھڙي رنگ کي پاڪيزگيءَ جو رنگ 
								ڪوٺيو آھي؟ 
								
								جواب:  اڇي رنگ کي. |