لطيف سائينءَ جي شاعريءَ ۾ جمالياتي تصور
نهائينءَ کان نينهن، سک منهنجا سپرين،
سڙي سارو ڏينهن، ٻاهر ٻاڦ نه نـــــڪري.
( رپ ؛ 2 ـ 17)
نينهن جو اظهار هڪ اهڙي ڪيميا گري آهي، جو ان ڪيميا گر جو جنهن کي ڇهاءَ حاصل ٿئي ٿو ته اهو سون بڻجيو ٿو پوي،
تون سپڙ، آئـون سيــڪڙو، تون ڏاتار آئــون ڏوه،
تون پارس، آئون لوهه، جي سڃي ته سون ٿيان.
(پرڀاتي ؛ 1 ـ 25)
برهه جي باه جي ڳالهه ٻولهه سڀني صوفي درويشن ڪئي آهي، لطيف چواڻي اها پريم جي سُتي ۽ نينهن جو نشو پچائڻ هر ڪنهن جو ڪم نه آهي. پر هي هڪ اهڙو مارڳ آهي، جنهن جي پالنا اندر جي
پيالي ۾ ڪرڻي آهي، ٻڙڪ ٻاهر ناهي ڪڍڻي.انسان ۾ سڪ جي پردي پوشي جي ساڃهه جو هجڻ عشق جو بنيادي اصول آهي. شاهه سائين جو سڄو رسالو انهن عشقي
اصولن جي اپٽارآهي،جنهن ذريعي انسان پنهنجي هستي جي هوڏ ڇڏي، ڪنهن هڪ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي، ان جي روح ۾ رلجي ۽ سرير ۾ سمائجي
Salvation
پائي ٿو.
شاهه جي پيغام جو اڀياس ڪيترن ئي وڏن عالمن ڪيو آهي، جن پنهنجي پوري زندگي سندس ڪلام جي مطالعي ۾ گذاري ڇڏي. انهن هستين جي خيالن جا انبار، اڄ اسان کي لطيف سائين ءَ جي فلسفه
جماليات کي سمجهڻ ۾ سهڪار ڪن ٿا.
صوفين جي ساڌنا جو بنياد عشق آهي. اهوئي تسلسل کين منزل مقصود تي پهچائڻ ۾ ڪارآمد ٿئي ٿو. صوفين جي انهيءَ تسلسل جو پهريون ڏاڪو عشق مجازي آهي،جنهن جي ذريعي اهي عشق حقيقي کي
حاصل ڪن ٿا. انهي ءَ راهه ۾ صرف فڪر سان فنا ناهي ٿيڻو، پر پنهنجي وجود کي، ان جي ظاهري روپن کي، ڪنهن اهڙي ظاهري ( مجازي) هستي جي روپن ۾
رلڻو آهي جنهن جي آتما جي آسيس ۽ سرير جي سڳنڌ کيس اصل انسان بڻجڻ ۾ سهڪار ڪري. اهڙي ريت ئي فرد ۾ پنهنجي پريتم سان ڪيل قول کي پاڙڻ ۾
سولائي ٿئي ٿي، سندس پاڪائي ۽ پوترتائي به قائم رهي ٿي ۽ حسن وجمال ۽ سونهن سوڀيا جي به ڄاڻ حاصل ٿئي ٿي. مرزا غالب جو خيال آهي ته شوق جي
ڪائي منزل نه آهي جيڪا منزل اچي ٿي اها عارضي آهي، ان سان اڳتي جي منزل جي نشاندهي ٿئي ٿي.( 1) صوفي انهي ءَ منزل جي ڳولا لاءِ سنسار ۾
هلندا رهن ٿا ۽ اهو انهن جو عقيدو آهي ته سنسار ۾ ’’ عشق‘‘ ئي هڪ اهڙو قدر (Value)
آهي جنهن سان من کي سڪون يا شانتي حاصل ٿئي ٿي.عشق جي اهميت کي وڌيڪ چٽو ڪرڻ لاءِ صوفي شاعرن پنهنجي دور جي عشقيه ڪهاڻين تي آڌاريو آهي
.اسان جي شاعر به دنيا جي ٻين شاعرن جيان جمالياتي ذوق جي اظهار لاءِ ڏيهي قصن ۽ ڪهاڻين مان ڪردار چونڊيا آهن.
عشق ۽ حسن ٻئي هڪ ٻئي کان ڌار نه آهن. حسن جيئن ته ڪائنات جو فطري جوهر آهي، ان ڪري حسن جي ابدي حيثيت کان ڪنهن به صورت ۾ انڪار ڪري نٿو سگهجي. پر حسن جو معيار مقرر ڪرڻ ۾
انساني خواهشن ۽ خيالن جو عمل دخل به آهي ‘‘ ظاهري طور تي حسن کي ڪنهن به شيءِ ۾ ڏسڻ سان ان شيءِ ۾ وڌيڪ جاذبيت ۽ ڪشش پيدا ٿئي ٿي. نصير
احمد ناصر ’’ تاريخ جماليات ‘‘ ۾ لکي ٿو ؛ ’’ حسن به اسان جي تصور ۽ تخيل ۽ جذبي توڙي خواهش جي تخليق آهي ۽ هي به ڪائنات جيان موجود في
الذات ناهي، پر موجود في الذهن شيءِ آهي. ‘‘
سگمنڊ فرائڊ ’ حسن جي ڪرشمي ‘ کي جنسي جبلت ‘ سان تعبير ڪيو آهي، (3) ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو لکي ٿو ته ’’ عشقيه شاعري محض حسن جي تعريف تائين محدود نه آهي، ان ڪري شاعرن به
محبوب جي رنگ روپ، جوڙ جنس شڪل شباهت قد قامت، هاٺي، ڪاٺي، رفتار گفتار وغيره کي ڏسي، پنهنجن بيتن ۾ اهيئي تشبيهون ڏنيون. ‘‘ (4)
مولوي پنڊت حبيب الرحمان چوي تو ته ’’ سنسڪرت نظريي موجب ’’ شرنگ ‘‘ محبت جي ديوتا ’’ ڪامديو ‘‘ جي اڀرڻ کي چئجي ٿو. هن جي اڀرڻ جي سبب ۽ اعليٰ ترين هيرو (Hero)جي
رس کي عشق جو رس چئجي ٿو. ‘‘ ( ڪتاب ؛ رس يعني فلسفه انبساط ‘‘ ( ص ـ 137).
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ’’ رس ‘‘ ( يعني لذت، خوشي يا مسرت) بابت ٽي اصولي نظريا ڏنا آهن. پهرين نظريي مطابق سنسڪرت جي جمالياتي فڪر موجب رس جي معنائن کي چٽو ڪيو ويو آهي، جنهن
مطابق ’’ رس رهاڻيون ڪرڻ ‘‘، ”راڳ جو رس“ ۽ رس راوڻا جا اصطلاح رس جي معنيٰ لاءِ سنڌي ءَ ۾ مروج آهن. ٻئي فڪر مطابق رس جي سمجهاڻي نفسياتي
طور تي ڏني وئي آهي ۽ جنهن جي آڌار تي رس کي جدا جدا نالن سان سڏيو ويو آهي، جيڪو ڪنهن ڪيفيت يا جذبي تحت ظاهر ٿئي ٿو. ٽئين فڪر جو واسطو
اسلامي تصوف يا ويدانتي فلسفي سان آهي، ان جو تعلق ’’ ذات الاهي” سان آهي، ڇو ته ذات الاهي ئي لامحدود مسرت ۽ وجداني تجلي جو واحد سر چشمو
آهي. والله نور السّموات والارض. (5)
حسن جي تعريف جي سلسلي ۾ سورنهن سينگار مشهور آهن، جن لاءِ مختلف ڳهڻا ۽ ٻيا هار سينگار اصطلاح طور استعمال ٿيندا آيا آهن، پر هندي جي مشهور شاعر ملڪ محمد جائسي ( وفات 1049 هه
/1639 ع) عورت جي مختلف عضون جي بيهڪ مطابق سورنهن سينگار جو اصطلاح ڏنو آهي. جنهن مطابق مٿي جا وار،آڱريون، اکيون،
ڳچي جو ڊگهو هجڻ، ڏند، پستان. پيشاني، دن جو ننڍو هجڻ، نڪ، چيلهه، پيٽ، چپن جو سنهو هجڻ، ڳل، ٻنڊڻ، ڪرايون ۽ رانون ڀريل ۽ نرم هجڻ شامل
آهن. اهڙن نظرين ۽ تصورن کي بنياد بڻائي، زندگي جي هر گوشي ۽ علم جي هر زاويي ۾ جماليات جي تشريح جدا جدا نموني ٿيڻ لڳي.
اسان جي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سڄو تاڃي پيٽو ”عشق“ تي ٻڌل آهي. هن پنهنجي اظهار لاءِ رومانوي داستانن کي وسيلو بڻايو. ڊاڪٽر پرسو جيسارام گدواڻي فارسي ۽ هندي وغيره
جي صوفي ساهت ۾ سورمن ۽ سورمين جي من ۾ چئن نمونن سان هڪٻئي لاءِ پريت جو سلو اڀرندو ڏيکاريو آهي ؛ پهريون ساکيات درشن، ٻيو چتر درشن، ٽيون
گڻ ڪٿن ۽ چوٿون سڀني ۾ درشن. شاهه صاحب گهڻو ڪري ساکيات درشن وسيلي ئي عشق جي شروعات ڏيکاري آهي. انهي ءَ طريقي سان شاعر پنهنجي معشوقه جي
حسن ۾ خدا جو نور پسندا آهن (6). ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي به لطيف سائين جي محبوب کي نشانبر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، لکي ٿو ؛”رسالي تي نظر
وجهڻ سان ڪيترائي اهڙا بيت ملندا، جن ۾ محبوب مجازي ٿو لڳي. ان کي سراپا نويسيءَ جي بنياد تي متعين نٿو ڪري سگهجي. ممڪن آهي ته رسول ڪريم
صلعم جن جي اوصاف حميد ه ۽ پاڪ صورت بابت شاهه لطيف صاحب ائين چيو هجي (7). مٿين بيان مان اهو نڪتو نروار ٿئي ٿو ته لطيف سائين ءَ جو محبوب
خدائي نور جو انساني روپ آهي. بلهاشاهه جو قول آهي ته ؛
تـسين آپ هي آپ ساري هو،
ڪيون ڪهيئي ؛ تسين نياري هو،
آئي آپ اپني نظاري هو،
وچ برزخ رکيا خاڪي دا،
يه پردا ڪِس تون راکيدا.
(8)
محترم نصير احمد لکي ٿو ته تصوريت جي اثر و رسوخ آهستي آهستي فلسفي ۽ جماليات ٻنهي تي پنهنجو قبضو ڪري ورتو آهي، هينئر جيڪڏهن فلسفي ۽ جماليات کي تصوريت جي ان ناجائز قبضي کان
نجات حاصل ڪرڻي آهي ته قرآن حڪيم جي اصول وحدت جمال جي ذريعي ئي ملي سگهي ٿي ۽ صرف اهوئي اصو ل فڪر انسانکي علم جي انهن ٻنهي گوشن ۾ صحيح
راهه ۽ منزل تي لڳائي سگهي ٿو ( 9) مولانا رومي فرمائي ٿو ؛
ملت عشق ازهم دينها جدا ست،
عاشقان را مذهب و ملت خدا ست،
(يعني ؛ عشق جو دين مڙني دينن کان نيارو آهي، عاشقن جو مذهب ۽ دين خدائي آهي.) عاشق جو ڪنهن دوزخ يا جنت سان ڪم ڪونهي. اهو اندر جي برائيءَ کي هٽائڻ ۽ روح جي پاڪائي ءَ تي ڌيان
ڏئي ٿو، جنهن ۾ نه ڪو جهڳڙو آهي ۽ نه کٽراڳ. صرف دل کي ڌيان سان پوتر ڪرڻو آهي، جيڪا محبت جي سمائجڻ جي جاءِ آهي، بلها شاهه چوي ٿو ؛
پڙهه نقطا، ڇوڙ حسابان نون،
ڇڏ دوزخ، گور عذابان نون،
ڪر بند ڪفر ديان بابان نون،
ڪر صاف دل ديان خوابان نون،
گل ايسـي گهر وڄ ڍُڪدي اي،
اڪ نقـطي وچ گَل مُـڪدي اي،
(’’ بلهاشاهه ‘‘، ص 156)
ڊاڪٽر گربخشاڻي لکي ٿو ته ’’ مسجد ۽ مندر، دئارو ۽ ديول، صوفي ءَ جي نظر ۾ هڪ آهن. صوفي لاڪوفي آهي. جيتوڻيڪ شاهه ظاهري طرح شريعت جي آخر تائين به پيروي ڪندو آيو. تڏهن به سندس
سچومذهب صوفياڻو هو (10) عشق، حسن ۽ نينهن ڪنهن به سماج يا مذهب جا پابند ناهن، مذهب ڪهڙو به هجي مسلڪ ڪهڙي تي به ڪار بند هجي، هر هنڌ
حسن ۽ سونهن جو تصور ايڪائي جي صورت ۾ موجود آهي، ان ڪري ڪنهن مخصوص سماج سان حسن و جمال کي پابند ڪرڻ ڏاهپ جي خلاف آهي. ها ائين ضرور ٿئي
ٿو ته جڏهن به ۽ جتي به جمالياتي ذوق ۽ جمالياتي حسن پنهنجي افاديت وڃائي، نا اميد ٿي وڃي ٿو. تڏهن جماليات جي سچي تشريح بجاءِ غلطيون وارد
ٿين ٿيون. جماليات جي افاديت ۽ چٽي تشريح کي هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته جنهن شيءِ يا جنهن ماه لقا جي ظاهري صورت زبانِ خاموشي ءَ سان
اهڙو اظهار ڪري، جو نتيجي ۾ خوشي، مسرت ۽ لذت محسوس ٿئي ته اها افاديت سان ڀرپور جماليات ڳڻي سگهجي ٿي. انهي ءَ صورت ۾ انساني ادائون،
ريکائون، روپ رنگ، فطرت جا سڀ مناظر ۽ راڳ رنگ ناچ ۽ گانا، شاعري ۽ ناٽڪ جماليات کان ٻاهر نه آهن.
عاشق هميشه پنهنجي عشق جي شروعات مجازي محبت سان ڪندو آهي، ان لاءِ معشوق جي حسن، ادائن ۽ جواني کي، هو پنهنجي اکين ۽ دل ۾ ائين ٿو جاءِ ڏئي جو اُهي سندس روح (آتما) تائين
پهچائڻ ۾ مددگار ٿين ٿيون. لطيف سائينءَ وهانءَ جي واردات هو بهو ته پيش ڪونه ڪئي آهي، پر پنهنجي محبوب جي تعريف ضرور ڪئي اٿس ۽ کانئس
پيار جي پوتر تقاضا به ڪئي اٿس. اهڙي قسم جا ٻه بيت هيٺ ڏجن ٿا.
گُنيرگت سکن، چلڻ جي چاهه پئي،
هـنـڊوا حيــــرت ۾ پــيـا، لالي کــــي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن، وڄڙيون وهسن،
***
لوچن ٿا لطيف چئي، پسڻ لاءِ پرين،
ڪيسر قريبن سنڀاهي ساڻ کنيا.
(آڏواڻي ( سر سارنگ ؛ 3 ـ 1)
معنيٰ ؛ هاٿي جيڪر شوق ۽ هيج سان هلڻ کانئس سکن. مينهن وساڙا به عجب ۾ پيا، سندس چپن جي سرخي ( لالي) ڏسي، شاهه کي وڄ جي چمڪاٽ ۾ پرين جي لبن جي لالي نظر اچي ٿي. کنوڻيون چوڏهين
جي چنڊ جيان چو طرف پيون کنون. محبوب جي پسڻ لاءِ اهي سڀ متلاشي آهن. محبوب پاڻ سان ڪيسر کڻي هليا آهن. ٻئي بيت ۾ وري محبوب سان وصل جي
خواهش، حِظ حاصل ڪرڻ جي آرزو ۽ ڳلي لڳڻ جي پوتر خواهش جو اظهار آهي. اهو ڪو برو عمل نه آهي ۽ نه وري انساني ضروريات مطابق اهڙي الجهن آهي،
جنهن جي جنسي آسودگي ئي ازالو آهي، شاهه چوي ٿو ؛
توڻـــي توائــــي، تـوءِ تـــــنهنجو آسـرو،
سڄڻ ڳَر لائي کيرون ڏينديس جيڏ يــين.
( سرير اڳ ؛ 6 ـ 13)
’’ هيلڊي بڪ ‘‘ پنهنجي تصنيف ’’ انڊين لو پينٽنگس ‘‘ ۾ لڳ ڀڳ ساڳي ڳالهه ڪئي آهي.
“Beauty has its source in sex, and from sex it derives its
charm and power “(12)
هيلڊي بڪ جي بيان مان اهو نڪتو ملي ٿو ته ٻار جيڪو اسان جي زندگي آهي، زندگي جڏهن عشق جو روپ وٺي ٿي تڏهن هڪ ٻي زندگي جو ظهور ٿئي ٿو. ۽ انهي ساري جذباتي ڪيفيت، عمل ۽ قوت جو
واسطو به عشق سان آهي.
شاهه سائين بنيادي طور صوفي مت شاعر آهي. هن پنهنجي پيار ۽ محبت واري ڳالهه ٻولهه به ڏاڍي باوقار، سليقي ۽ احترام واري طريقي سان ڪئي آهي. اهو به درست آهي ته سندس سڄي رسالي ۾
ڪٿي به اهڙو اعتراض جوڳو بيان ڪونه ٿو ملي جنهن سان سندس شخصيت داغدار ٿئي، پر جمالياتي سوچ ۽ عشق جي نڪتي يعني حسن کي بيان ڪرڻ ۾ به ڪمال
ڪري ڇڏيو اٿس. چوي ٿو.
تارا، تِر، تِروڪڻيون، مـٿن ڦلڙيون،
کوءِ سي راتڙيون، جي مون پرين پڄاڻان پيئيون.
(کنڀات 1 ـ 25)
شاهه جو محبوب تمام خوبصورت، سندر ۽ سوڀياوان آهي. اهڙي مڃتا ڪندي چوي ٿو ؛
ڏٺي جن هيڪار، صورت ســـاهڙ ڄام جـي،
سک ٿي سُتيون ڪين ڪي، ڀر ين ساڻ ڀتار،
گهڙيون گهڙئان ڌار، ڪــــــاهي پيــون ڪُنن ۾ .
(سهڻي ؛ 1 ـ 5)
هن بيت مان ظاهرٿئي ٿو ته لطيف سائين مجازي محبوب جي عشق جي ڏاڪي کان چڙهي، پهنجي آخرين روحاني منزل يعني عشق حقيقي تائين رسائي حاصل ڪئي. ڇو ته ڏسجي ٿو ته سهڻي جو پتي هڪ آهي ۽
پريمي ٻيو. جڏهن پريمي جي سڪ ۽ سونهن کيس مدهو ش ڪيو ته هو بي چين ٿيو ڪنن ۾ ڪاهيو پوي ٿي ۽ پنهنجي ڀوتار ( دنيوي ڪانڌ) کي ننڍ ۾ ڇڏي هليو
ٿي وڃي. پر شاهه ته ان کان به هڪ قدم اڳتي وڌي وڃي ٿو. اخلاقي طور تي سهڻي جو ميهار سان ملڻ اپوتر آهي پر شاهه
جي خيال مطابق، سهڻي جيسين ميهار جي ناهي ٿي، تيسين اپوتر آهي.
ســــاهـــڙ ڌاران سـهــــڻي، نســـوري ناپاڪ،
نــــجاست ناهه ڪري، انـين جي اوطـاق،
هوءَ جي کير پياڪ، پاسي تنين پاڪ ٿــئي.
( سهڻي ابيات متفرفه ـ 2)
انهي سلسلي ۾ سائين تنوير عباسي لکي ٿو ته شاهه لطيف جي نظر ۾ محبت ئي هڪ اهڙو جذبو آهي، جيڪو انسان کي پاڪ ڪري ٿو. سماج جي دٻاءُ هيٺ زبردستي سان قبول ڪيل ميلاپ ناپاڪ آهي. ان
ناپاڪ ميلاپ کان موت بهتر آهي. (13) لطيف سائين چوي ٿو.
مرج وٽ ميــهار، متان موٽـين سهـڻي،
ساهڙ جا سينگار، متان ڏم ڏيکاريين.
( سهڻي 9 ـ 4)
صوفين جي متي مطابق اهو اصول مڃيل آهي ته جنهن به سالڪ ( چاهيندڙ) هڪ دفعو حقيقي حسن جو جلو و پسيو آهي، اهو ان جي پسڻ لاءِ هميشه بي چين رهي ٿو ۽ سدائين اتي پهچڻ لاءِ تانگهي
ٿو. سندس هار سينگار به صرف ساهڙ ( محبوب) لاءِ ئي هوندا آهن ۽ نه اُهي ڪنهن ڏم ( کر) وغيره لاءِ هوندا آهن.
لطيف سائين جي جمالياتي شاعري جو اهم نڪتو ’’ ذات الاهي‘‘ آهي، جنهن جو پرتوو انسان آهي، خدمت انسان ئي اصل ۾ دائمي حسن ۽ عشق ۾ سمائجي وڃڻ جو تصور ۽ نجات جو ذريعو آهي. صوفين
انفرادي توڙي اجتماعي سطح تي سور کي گهٽائڻ ۽ سک کي عام ڪرڻ لاءِ هر دور ۾ پتوڙيو آهي، ’ نظريه جماليات ‘ جي خيال کان سکن کي عام ڪرڻ ئي
اصل ۾ اهڙو عمل آهي جنهن سان سماج ۾ حسن، صداقت، انصاف ۽ امن برپا ٿئي ٿو. انهيءَ ڪري ئي هر صوفي دانشور پنهنجي پنهنجي دور ۾ سر جي بازي
لڳائي به اهڙي سونهن ۽ سرهاڻ ۽ مسرت کي عام ڪرڻ لاءِ پتوڙيو.
عاشق زهر پياڪ، وه ڏسي وهسن گـهڻو،
ڪ ڙي ۽ قاتل جــا هميشــه هيـــراڪ،
لـڳين لنــو لطيف چـئـي، فنا ڪيا فراق،
توڙي چڪن چاڪ، ته به آه نه سلن عام سـين.
(ڪلياڻ ؛ 2 ـ 23)
حوالا
يوسف حسين خان ؛ ’’ غالب اور اقبال ڪي متحرڪ جماليات ‘‘ نگار شات لاهور. 1986 ع. ص ـ 79.
ناصر احمد، ’’ تاريخ جماليات ‘‘ (حصه اول) مجلس ترقي ادب لاهور، 1962 ع. ص ـ 13.
ايضآ ص 27.
سنديلو عبدالڪريم (ڊاڪٽر) ؛’’ لوڪ ادب جو تحقيقي جائزو ‘‘ سنڌالاجي ڄامشورو 1986 ع ص ـ 135.
بلوچ نبي بخش (ڊاڪٽر) ’’ سنڌي سينگار شاعري ‘‘ سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 1986 ع ص ـ 7.
گدواڻي پرسو جيسارام (ڊاڪٽر) ’’ شاهه جو شعر ‘‘ سنڌي ٽائمس پبليڪيشن الهاس نگر. 1973 ع ص ـ 30.
جوڻيجو عبدالجبار (ڊاڪٽر) ’’ سنڌي ادب جي مختصر تاريخ ‘‘ سره ڪتاب حيدرآباد. 1973 ع ص ـ ص 48 ـ 49.
سي ايس اسبورن لاجونتي، لوٿر ؛ ’’ بلهاشاهه”شيخ مبارڪ علي لاهور. 1982 ع ص ـ 134.
ناصر نصير احمد، ’’ تاريخ جماليات ‘‘ ص ـ 27.
گربخشاڻي هوتچند مولچند ( ڊاڪٽر) ’’ مقدمه لطيفي ‘‘ ورسٽي پبليڪيشن ڪراچي. 1977 ع. ص ـ 80.
گدواڻي پرسو جيسارام (ڊاڪٽر)،، شاهه جوشعر ‘‘ ص ـ 35.
هيلڊي بڪ ’’ انڊين لو پينٽنگس ‘‘ ڪريسينٽ بڪس نيورياڪ، 1985 ع ص ـ29.
عباسي تنوير ؛ ’’ شاهه لطيف جي شاعري ‘‘ (جلد ٻيو) نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد 1985 ع ص ـ 90. |