سيڪشن؛ ادب

ڪتاب: رتيءَ جي رهاڻ

 

صفحو : 6 

 ديسي ۽ پرديسي

دنيا جي هر زبان جي ڳجهارتن، پهاڪن ۽ لفظن کي پنهنجي مٿي هڪ تاريخي پس منظر هوندو آهي. اسان في الحال ٻين پهاڪن پرولين۽ ڳجهارتن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، صرف ”ديسي“ ۽ ”پرديسي“ جو ڪجهه هتي ذڪر ڪرڻ گهرون ٿا. ڀٽائيءَ رحه فرمايو آهي ته ”ديسي سيڻ ڪجن، پرديسي ڪهڙا پرين!“

ملڪ ۾ ڪڏهن اندروني طور تي وڳوڙ پيدا ٿي پوندو آهي، ته ڪڏهن وري پرديسي به پنهنجا پير پختا ڪري اچي ملڪ کي ماڪڙ جيان لڳندا آهن.

اهو تمام مشڪل مسئلو آهي، ته ڪيئن سڃائجي ته هاڻي گهر کي لوڙهو کائي رهيو آهي، يا ٻاهرين طاقت تباهه ڪرڻ لاءِ پئي سندرا ٻڌي. ان هوندي به اهڃاڻن جي آڌار تي، ڪجهه نه ڪجهه چئي سگهجي ٿو.

جڏهن ٽپالي به ڏوڪڙ وٺي خطن سان گڏ پمفليٽ تقسيم ڪري، جڏهن بجلي ۽ گئس جو ميٽر پڙهندڙ همراه، ميٽر پڙهڻ بدران، اهو چوي ته اڄ مظاهرو فلاڻي هنڌ تي ٿيندو ته ان ۾ ديسي عقل تي اعتبار ڪرڻ بيڪار ۽ بيسود ثابت ٿيندو.

اسپين ۾ ڪو وقت هو، جڏهن ديولن جا پادري ڏوڪڙ وٺي، منبر تي بيهي خاص قسم جا خطبا ڏيندا هئا چڱن چوکن ماڻهن جڏهن پادرين کي وٺ ڪيو، تڏهن خبر پئي ته هر پادريءَ کي نه فقط ڏوڪڙ ملندا هئا، پر خطبا به لکيل ملندا هئا، جيڪي هڪ ٻاهرئين ملڪ مان ڇپجي ايندا هئا، ۽ اول خير صبح ساڻ کير وارو کير جي بوتل ڏيڻ سان گڏ هوائي ٽپال ۾ آيل خطبو به پادرين کي پهچائي ويندو هو.

ڌاريو دشمن ڏاڍو چالاڪ ۽ سياڻو ٿيندو آهي ۽ هو ڪوشش ڪندو آهي ته نانگ دشمن هٿان مارائجي. جي نانگ مئو، ته به واه واه ۽ جي دشمن مئو ته به ٺيڪ. ملڪ جا ٻاهريان ويري، وطن جي وڳوڙي ماڻهن تي هٿ رکندا آهن، ۽ انهن کي استعمال ڪندا آهن. جيڪڏهن اهي ڌاريا پنهنجي چال ۾ ڪامياب ٿي وڃن ته به سندن ڀلو، جي منهن جي ڏسڻي پوين ته به سندن گهران ڇا ويو؟ کٽيءَ جي گهران وڃي ’شو‘!

پرديسان بهت، وهوندا به وهه کاڏئان!

 پرديسي ته اسان جي واهوندن کي به وهه گاڏئون ۽ زهريلو بنائي ڇڏيندا، اها ڳالهه فال وانگر سچي ثابت ٿي رهي آهي!

* * *

وقت ۽ حالتون

حالتن، موقعن ۽ مهلن جي مناسبت مطابق، جيڪو به ماڻهو ڏسي وائسي، سوچي سمجهي، ڪنهن به ڪم ڪار لاءِ قدم کڻندو رهندو ته هو ضرور ڪنهن نه ڪنهن وقت پنهنجي منزل ۽ مقصد ۾ ضرورڪامياب ٿيندو.

 سياسي ادب

انسان جي زندگيءَ ۾ ڪيئي اهڙا ذاتي تجربا ۽ شخصي آزمودا ٿيندا رهن ٿا، تن کي جيڪڏهن ايمانداري ۽ ديانتداري سان بنا ڪنهن وڌاءَ ۽ واکاڻ جي، صحيح معنيٰ ۾ قلمبند ڪري پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي، ته هوند ڪيترن پڙهندڙن جي محدود معلومات ۾ به اضافو ٿيندو رهندو، ۽ علم ادب ۾ ڪي قدرو واڌارو ۽ سڌارو ٿيندو رهندو. نثر ۽ نظم، صحافت ۽ سياست، صرف اها ڪامياب ٿيندي آهي، جنهن ۾ علم ۽ ادب، فهم ۽ فراست، فڪر ۽ فن جو وڌيڪ دخل رهندو آهي. انهن لکڻين کي ڪهڙي ادا سان ادا ڪجي، اهو لکڻ وارن تي ڇڏيل هوندو آهي، ته هو پڙهندڙن لاءِ ڇا ٿا پيش ڪن، ۽ پڙهندڙ انهن جي قلمبند ڪيل لکڻين، قصن، ڪهاڻين ۽ ڪالمن کي ڪيستائين ٿا قبول ڪن ۽ ان جو اثر سندن دل ۽ دماغ تي ڪيترو ٿيندو رهي ٿو. سنڌ جي علم ۽ ادب، سياست ۽ صحافت تي ڪيترن اديبن ۽ عالمن پنهنجي معلومات مطابق ڪئي مضمون، مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن، لکندا رهن ٿا. مگر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين اسان جي ڪنهن به لکندڙ، سنڌ جي سياسي تاريخ ڏانهن توجهه فرمائي قلم کڻڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي. هڪ اڌ سياستدانن جيڪي به سنڌ جي سياست متعلق لکيو آهي، ان ۾ صرف انهن پنهنجا ذاتي ۽ شخصي تجربا ۽ آزمودا، ڪوششون، ڪاوشون ۽ پنهنجي ڪمن ڪارين جوئي ذڪر ڪيو آهي. هن وقت ضرورت هن ڳالهه جي آهي، ته سنڌ جي سياسي تاريخ متعلق لکڻ گهرجي، جيئن اسان جو موجوده ۽ ايندڙ نسل، انهن حقيقتن ۽ حڪايتن کان واقف ٿيندو رهي،

جيستائين ماضي جي معاملن جي معلومات نه آهي، تيستائين حال حقيقت ۽ مستقبل جي معاملن جو صحيح اندازو لڳائڻ بلڪل ناممڪن ئي پوندو آهي.

سنڌ جي سياسي تاريخ تمام لمبي چوڙي آهي، جيڪڏهن ايمانداري ۽ ديانتداريءَ سان انهن تحريڪن ۽ ان جي رهنمائن ۽ رهبرن متعلق قلم کان ڪم وٺبو، ته ڪئي دفتر درڪار ٿي ويندا. انهي ڪٺن ڪم کي ائين ڇڏڻو ناهي. اسان جي عالمن، اديبن ۽ محققن کي هن طرف توجه ڏيڻ گهرجي، ڇو ته جيڪڏهن اڄ اسان پنهنجي هٿن سان ويهي تاريخ نه لکي، ته ايندڙ نسل پنهنجي مرضيءَ مطابق پيا معنيٰ ۽ مطلب ڪڍندا. نه صرف ايترو، پر اها اڻ پوري ۽ اڌوري تاريخ، جڏهن ڌارين جي ور چڙهي وئي، ته اهي اسان جي تهذيب، تمدن ۽ ثقافت جو صفائي ۽ سهنجائي سان صفايو ڪري ڇڏيندا.

* * *

  پئسو، پاور ۽ پيئڻ

* خلوص سان هر ڪنهن جي مدد ڪرڻ مان ئي، سچي خوشي حاصل ڪري سگهجي ٿي.

* پئسي، پاور ۽ پيئڻ کان پوءِ انسان پنهنجي ظرف ۽ ضمير سان ظاهر ٿي پوندو آهي، ته مان ڇا آهيان.

* پئسي سان پيار ۽ ملڪيتن سان محبت ڪرڻ ماڻهوءَ جي خسيس پڻي جي نشاني هوندي آهي.

* وقت وڏو قيمتي سرمايو آهي، ان جو قدر ڪرڻ تمام ضروري آهي.

 صلح ۽ سانت

صلح ۽ سانت، امن ۽ امان، مٺ ۽ محبت، ڀائيواري ۽ ڀائيچاري، برادري ۽ برابري، اهي اهڙيون سهڻيون، صاف، سٺيون، سچيون صفتون آهن، جن جي آڌار ۽ اميدن تي ملڪ ۽ قومون معراج جي منزل تي پهچنديون رهنديون آهن. جيڪي به ملڪ ۽ قومون انهن سهڻين صفتن کي سيني سان سانڊي، صداقت ۽ سچائي سان ڪنهن به مسئلي ۽ معاملي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديون رهنديون آهن، سي هميشه ئي پتڻ پار پونديون رهنديون آهن.

مگر جيڪي ملڪ ۽ اتان جا ماڻهو انهن مٿين وصفن کان وانجهيل ۽ وائڙا هوندا آهن، سي هميشه ئي پاڻ ۽ پنهنجي ملڪ لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندا رهندا آهن. هن وقت اسان جو پيارو وطن، جنهن نازڪ تاريخي درو مان گذري رهيو آهي، ان کان هر باشعور ماڻهو بخوبي باخبر آهي.

تاريخ ڪڏهين به افرا تفريح، فتني فساد، گوڙ ۽ گهسان کي معاف نه ڪندي آهي. هونئن به تاريخ جو نفسياتي پهلو، اخلاق جو ئي ٿورائتو ٿيندو رهندو آهي، ۽ تاريخ امن امان، ملڪي سڌاري ۽ واڌاري کي ئي پاڻ وٽ نمايان جاءِ ڏيندي رهندي آهي.

تاريخ جا طالب، پنهنجي لياقت ۽ طاقت آهر انهي ڪوشش ۾ هوندا آهن. ته ايندڙ مورخ جڏهن به پنهنجي تاريخ قلمبند ڪندو آهي، تڏهن هن اڳيان اخلاق، انسانيت ۽ نيڪي جا ئي سنهري ڪارناما سامهون هوندا آهن.

اجائي فتني ۽ فساد کي هر هڪ محب وطن حقارت جي، نظر سان ڏسندو رهندو آهن. هن ملڪ جي ماڻهن کي ملڪي ڀلائي ۽ بهبودي، سڌاري ۽ واڌاري لاءِ ئي رات ڏينهن، ڪوشش ڪرڻ گهرجي ڇو ته، ان ۾ ڪنهن به ذاتي ۽ شخصي معاملن ۽ مسئلن کي سامهون نه رکبو آهي. انهي عمل ۾ سمورن جو ڀلو ۽ ڀلائي آهي.

ملڪي ۽ قومي مسئلن کي تڙتڪڙ ۽ جذبات جي وهڪرن ۾ وهڻ نه ڏجي، انهن مسئلن کي نهايت ئي ٿڌي دل ۽ دماغ، دورانديشي ۽ دانشمنديءَ سان حل ڪرڻ مان سڀڪنهن کي فائدو رسندو رهندو آهي. ملڪن ۽ قومن ۾ وقتي فتنا ۽ فساد ٿيندا رهندا آهن، مگر ان جو اهو مطلب ۽ مقصد نه هوندو آهي، ته انهن عارضي ڳالهين کي ضد جي سانچي ۾ وجهي ويجهي، انسان کي الله تعاليٰ طرفان عقل ۽ علم جهڙيون آفاقي صفتون انهي ڪري ئي عطا ڪيون ويون آهن، جو هو هر منجهيل۽ مايوس مسئلن کي ملڪ ۽ قوم خاطر نهايت ئي صبر ۽ استقلال، اخلاق ۽ انسانيت جي قيمتي قدرن کي سامهون رکي، حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهي.

هن وقت جيڪي به ماڻهو عملي طرح ميدان ڪارزار ۾ هلندا رهن ٿا، انهن جو اولين فرض آهي ته هو پنهنجي شخصيت، عزت ۽ منزلت مطابق اهو عمل ڪرڻ شروع ڪن، جيڪو اجتماعي طرح سڄي ملڪ ۽ قوم لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو رهي. قدرت جو قاعدو اهي ته برائي جو بدلو هميشه ئي برو ٿيندو رهندو آهي، ۽ چڱائي هميشه ئي چڱائي ثابت ٿيندي رهندي آهي، ڇو ته انسان، جا شئي پوکيندو آهي، سائي لڻندو رهندو آهي.

 قومي جذبا

  اڪثر ڏٺو ويو آهي، ته هر محفل ۽ مجلس ۾ يا ڪنهن به بحث مباحثي ۾ جڏهن به پنهنجي وطن ۽ ان جي ماڻهن جي ڳالهه نڪري ٿي، ته هڪدم همراهه آمريڪا، يورپ ۽ دنيا جي ٻين ملڪن جا مثال پيش ڪرڻ ۾ ويرم ئي ڪانه ڪندا آهن. چوندا آهن ته آمريڪا ۽ يورپ ۾ هي ڳالهيون آهن، ۽ اسان وٽ ڪاريءَ وارا ڪک آهن. اسان جي همراهن کي اها سڌ ئي ڪانه آهي، ته انهن ملڪن کي ترقي ڪندي سوين ورهيه گذريا آهن، ۽ اسان جو ملڪ اوترا ئي سال غلاميءَ جي زنجيرن ۾ جڪڙيل رهيو آهي. آزاديءَ کان پوءِ ٽيهن سالن اندر ڇا وهيو ڇا واپريو، ڇا ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن انهن ڳالهين جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ته ڳالهه صاف ٿي پوندي.

دنيا جي ڪافي ملڪن ۽ شهرن جي سفر ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيو آهي، هر هڪ ملڪ جي معاشري جو ڪي قدر مشاهدو ڪيو ويو آهي. (منهنجو خيال آهي، ته سمورن علمن کان بهترين علم انسان لاءِ سيرو سياحت آهي، ڇو ته سياحت هڪ اهڙي شئي آهي جيڪا انسان کي صحيح معنيٰ ۾ پنهنجي وطن ۽ زندگيءَ کي ڀيٽڻ ۽ جاچڻ جو موقعو عطا ڪري ٿي.) آئون دعويٰ سان چوان ٿو ته سڄي دنيا ۾ جهڙو اسان جو وطن آهي، اهڙو ٻيو ڪو به ملڪ نه آهي. ڳالهه رڳو سڃاڻپ جي آهي. انسان کي ڪڏهن به عارضي طرح پيدا ٿيل حالتن جي ڪري نا اميد نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته اهي وقتي طوفان ايندا ويندا رهندا آهن ۽ قومون اهڙن طوفانن مان لنگهي وڃي پار پونديون آهن، آزاديءَ جي ٽيهن سالن ۾ اسان کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ جو موقعو ئي ڪهڙو مليو آهي؟ جڏهن به پاڻ ٺاهڻ بيٺاسون ته اهي، جن اسان کي غلام رکيو هو، پنهنجن ڇاڙتن جي ذريعي، اسان جي ٽنگ ڇڪي، ڊاهڻ تي آتا هوندا آهن. هنن کي اسان جي آزادي، ۽ آزاد ٿي رهڻ پسند ئي ڪونهي. ”هي ڪارا ڪوجها ماڻهو، جيڪي اسان جا غلام هئا، جن کي اسان پڙهڻ لکڻ سيکاريو، جن کي اسان تهذيب ۽ تمدن سيکاريو، سي اسان سان ٿا سينو ساهين!“ اهي آهن سامراج ۽ بيٺڪي راڄن جي رکوالن جا اعتراض. افسوس!

* * *

مان ۽ منهنجو

* پرائي پچار کان پاسو ڪرڻ ئي عقلمندي جي نشاني آهي.

* دنيا ۾ شخصيتون ڪابه حيثيت نه رکنديون آهن، مگر شخصيت جي شهرت جو سمورو دارو مدار سندن نيڪ عمل ۽ بلند اخلاقي تي هوندو آهي.

* دوست جي دعويٰ هر هڪ واقفڪار لاءِ ڪرڻ، دوستيءَ جي لفظ جي توهين آهي.

* تڪبر ۽ غرور، ”مان“ ۽ ”منهنجو“، اهي انسان لاءِ بي انتها بيوقوفيءَ جون نشانيون هونديون آهن.

 قيمتن جو مقرر ٿيڻ

هيءَ دلڪش ۽ دلفريب، رنگ به رنگي بي بقا دنيا، وڻج واپار جي وڏي منڊي ۽ مارڪيٽ آهي، جتي سوين قسمن جا سودا ٿيندا رهندا آهن، جن جي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ سان، انسان دنگ رهجي ويندو آهي. انهن مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ اگهه ۽ قيمت جي مقرر ٿيڻ جو به وقت ۽ واروورندو آهي. هن دنيا ۾ هر شئي جي ڪانه ڪا قيمت مقرر ٿيل هوندي آهي. اسان اڪثر ڏٺو آهي ته مارڪيٽن، منڊين ۽ بازارن ۾ دڪاندار مڏي ڇري لايون ويٺا هوندا آهن، مگر جڏهن ڪو خريدار ڪنهن شئي خريد ڪرڻ لاءِ ايندو آهي، ته هو عجيب، حرفتن ۽ حرڪتن چالاڪين ۽ چالبازين سان خريدار جو ائين استقبال ۽ آجيان ڪندا آهن، جو ڄڻ سندن ڪو ورهين جو واقفڪار آهي. ويڪائو شئي ۽ جنس جي خوبين ۽ خاصيتن جو ذڪر ڪندي، زمين ۽ آسمان هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ان سان گڏوگڏ پنهنجي ايمانداري،ديانتداري ۽ مختصر منافعي جا قسم کڻي خريدار کي اهڙي گرفت ۾ وٺي ڇڏيندا آهن، جو خريدار اها شئي خريد ڪرڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهي.

خريدار کي جڏهن شئي خريد ڪرڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو آهي، ته مون سان دغا ۽ دوکو ڪيو ويو آهي، ۽ صحيح جنس بدران نقلي وکر ڏنو ويو آهي، ته پوءِ هن جو ايمانداري ۽ ديانتداريءَ جهڙن اکرن تان ارواح ئي ٽهي ويندو آهي.

هن دنيا ۾ هر جنس جون مارڪيٽون ۽ منڊيون مقرر ٿيل هونديون آهن. انهن مارڪيٽن ۽ منڊين ۾ ڇا وهي واپري ٿو، اهو ڪاروبار هر ڪنهن جي سمجهه ۾ اچڻ جهڙو نه آهي. پر هڪ ڳالهه جي سڀ ڪنهن کي پروڙ آهي ته وقتن حالتن ۽ موسمن مطابق شين جون قيمتون گهٽ وڌ ٿينديون رهنديون آهن.

صرف هڪ جنس آهي، جنهن جي قيمت جي ڪل ڪڏهن به پئجي نه سگهندي آهي. اها جنس آهي انسان. انسان جي قيمت مقرر ٿيڻ جا ڪهڙا سبب آهن، ان جو اندازو قلم جي زبان سان ادا نٿو ڪري سگهجي. جڏهين انسان مارڪيٽ ۽ منڊين ۾ پنهنجي قيمت مقرر ڪرائڻ وڃي ٿو، يا سندس قيمت مقرر ڪئي وڃي ٿي، تڏهين خريد ڪندڙ به اڪثر اهڙا ئي انسان هوندا آهن، جيڪي ان کان اڳ پاڻ به وڪامي چڪا هوندا آهن. يعني خريدار به ڪنهن وقت ويڪائو مال ضرور هوندو.

پاڻ وڪندڙ اهو خريدار، انسانن جي قيمت به پنهنجي معيار مطابق لڳائيندو آهي. جي پاڻ سستو وڪيو هوندو ته ٻين کي به سستو خريد ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو، پر جيڪڏهن اگهه تي نه ٺهيا، ته پوءِ هڪ نئين شئي جنم وٺندي آهي، جنهن جو نالو آهي ”سياست“.

* * *

 هوڪو ڏيڻ

جنهن ڳالهه جي متعلق اوهان ڪنهن به قسم جي معلومات نه آهي، نه ان تي گفتگو ڪرڻ پنهنجي جاهلپڻي جو هوڪو ڏيڻو آهي.

سوچيو ويندو

گهڙي ساعت، ڏينهن، هفتا، مهينا ۽ سال ائين گذري وڃن ٿا، جيئن ڪالهوڪو ڏينهن. ماضيءَ کي سامهون رکي حال جي حقيقتن ۽ حڪايتن جو مشاهدو معلوم ڪري، پوءِ مستقبل جي منجهيل معاملن متعلق سوچيو ويندو آهي. وڃڻ واري شئي ڪڏهن به نه رهندي آهي ۽ ايندڙ جو هميشه سهڻي نموني سان آجيان ۽ استقبال ڪيو ويندو آهي.

 

علمي ۽ ادبي

 

ادب ۽ زندگي

ادب براءِ ادب به هڪ قسم جو ادب هوندو آهي. مگر صحيح معنيٰ ۾ اهوئي ادب پڙهندڙ پسند ڪندا آهن، جيڪو ادب براءِ زندگي هوندو آهي. ادب ۽ زندگي ٻئي پاڻ ۾ لازم ملزوم آهن. ادب کي نه زندگي کان جدا ڪري سگهجي ٿو ۽ نه وري زندگي کي ادب کان. دنيا جو سمورو ڪاروبار، وڻج ۽ واپار، گويا هن جي هر ادا صرف ادب ئي هوندو آهي. جنهن ڪري ادب براءِ ادب به ادب هوندو آهي، مگر ادب زندگي آهي، ۽ زندگي ادب آهي، جيڪو ادب برائي زندگي هوندو آهي، ان کي جيڪڏهن صحيح ادب چيو وڃي ته ان ۾ ڪوبه واڌاءُ نه ٿيندو. هونئن به زندگي جي ڪهڙي ب پاسي کي اٿلائي پٿلائي ڏسبو، ته صرف ادب ئي ادب نظر ايندو. اسان جي ادبي دنيا ۾، ان ادب جي عزت ۽ منزلت ٿي هئي، ٿي آهي ۽ ٿيندي رهندي، جو ادب ماحول، معاشري ۽ ماڻهن جي روزمره زندگي جي حقيقتن ۽ حڪايتن، شڪوه ۽ شڪايتن جي ترجماني ڪندي، پڙهندڙن لاءِ پيش ڪيو ويندو آهي. انهيءَ ادب جو هر دور ۾ مان ۽ شان اوچو ۽ اعليٰ هوندو آهي. انهيءَ اديب ۽ اهل قلم، جيستائين پنهنجي پڙهندڙن جي صحيح معنيٰ ۾ سچائي ۽ صداقت سان ترجماني نه ڪندو، تيستائين پڙهدنڙ ڪڏهن به ادب متعلق چڱو رايو نه رکندا.

هونئن به دنيا ۾ ڪيترا ايندا ويندا رهندا آهن، ۽ ايندا ويندا رهندا. مگر انهن انقلابن ۽ تڪڙين اٿلن پٿلن مان صحيح اندازي جو آسان ۽ سولو طريقو سمجهڻ لاءِ ادب ئي هوندو آهي.

جنهن جي مطالعي ۽ معلومات مان انقلابن ۽ معاشري جي منجهيل معاملن ۽ زندگي جي هر ادا جو اندازو آساني سان لڳايو ويندو آهي.

صاف ۽ سهڻو ادب، قومن ۽ ملڪن جو صحيح سرمايو هوندو آهي. جن قومن پنهنجي ادبي خزاني کي هر حالت ۾ بچاءُ ۽ بقا، حفاظت ۽ ان جي ترقي ۽ تعمير لاءِ جدوجهد ڪئي، ان قوم جو ئي ادب دنيا جي زنده قومن جي ادب سان ڪلهوڪلهي ۾ ملائي بيهڻ جي قابل ٿي پوندو آهي. ادب ئي آهي، جنهن مان هر هڪ قوم جي تاريخ ۽ تمدن، ترقي ۽ تنزل سماجي، سياسي، معاشرتي، اصطلاحي، تبليغي سان گڏوگڏ انهن قومن جو جوهر ۽ جمال جوش ۽ جذبا، ڪوتاهيون ۽ ڪمزورين جي پڙهندڙن کي پوري پروڙ پئجي ويندي آهي.

اديب جيڪي ڪنهن به طبقي سان تعلق رکندڙ آهن، اُهي هر حالت ۾ پنهنجي ادب جي بچاءُ ۽ بقا، پرورش پرگهور ڪرڻ لاءِ هر محاذ تي قلم جي ترار سان حفاظت ڪندا رهندا آهن، ۽ هر حملي جو مڙسا مڙسي مقابلو ڪرڻ، پنهنجي زندگي جو اولين فرض سمجهندا آهن. ادبي تاريخ پنهنجي صفحن ۾ انهن اديبن جي جدوجهد کي سونهري اکرن ۾ لکڻ کان سواءِ رهي نه سگهندي آهي. جيستائين ڪنهن به ادب جو، ادب نه ڪيو ويندو. تيستائين ادب پڻ انهن بي ادبن جو ادب نه ڪندو.

اديب جڏهن صداقت ۽ سچائي سان مصلحتن جي منجهيل معاملن کي پرڀرو ۽ پاسيرو رکي، هٿ ۽ قلم کڻي، ڪنهن به قصي ۽ ڪهاڻي، واقعي ۽ واردات کي قلمبند ڪرڻ وقت بلڪل آجو ۽ آزاد ٿي لکڻ تي ويهندو آهي، تڏهن هو سچين حقيقتن ۽ حڪايتن کي قلم جي زبان سان سونا ورق ورائڻ کان سواءِ رهي نه سگهندو آهي.

هونئن به جنهن ادب جي هڪ سٽ يا هڪ لفظ ۾ سمجهه ۽ سوچ، فڪر ۽ فهم، عقل ۽ ادراڪ، سچائي ۽ صداقت سمايل هوندي آهي، ته اهي لکڻيون پڙهندڙن جي دماغ ۽ دلين تي اثر ڪنديون ۽ وڌيڪ مطالعي جو شوق پيدا ڪنديون رهنديون آهن، ۽ مطالعو ڪندڙ جو اضافو، انهيءَ ماحول ۾ جنم وٺندو رهندو آهي. جنهن ادب ۾ پڙهندڙن جي صحيح معنيٰ ۾ ترجماني ڪئي ويندي آهي. ان مان ثابت آهي ته اديب براءِ زندگي هڪ اهڙو ادب آهي، جنهنجا پڙهندڙ هميشه ئي ادب جو ادب سان ئي استقبال ۽ آجيان ڪندا رهندا آهن.

* * *

 تڪڙ نه ڪجي

* وڏن جو وڙ نه آهي، جو ويهي ويهڻ ورائي ڏين،

* طاقت ۽ توانائي جي تيزيءَ سان ترهو ٻڌي ترڻ جي تڪڙ نه ڪجي.

* زماني جي تيز تبديلين، ۽ ايندڙ انقلابن لاءِ انسان کي هميشه ۽ هر حالت ۾ تيار رهڻ گهرجي.

وقت کي هٿن جي وٿين مان نه وڃائجي، ڇو ته وقت انسان جي وڏي ۾ وڏي وٿ آهي.

 خط

علمي ۽ ادبي، ذاتي ۽ شخصي، معلوماتي ۽ معنيٰ خيز خط به اسان جي ادب جو هڪ وڏو حصو آهن. ڪڏهن ڪڏهن خطن ۾ اُهي آهي حڪمت ڀريا نڪتا قلمبند ٿيل هوندا آهن، جيڪي مقالن ۽ مضمونن ۾ به ملي نه سگهندا آهن.

ٻولي ۽ پهاڪا

اسان جي سنڌي ٻولي ايتري ۽ ايڏي شاهوڪار آهي، جو ان کي دنيا جي ڪنهن به زبان سان ڀيٽي سگهجي ٿو. سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي تعداد ۾ محققانه مقالا ۽ مضمون، بلڪ ڪي ڪتاب به لسانيات جي ماهرن ۽ پارکن لکيا آهن، ۽ لکندا رهن ٿا. مگر افسوس جو اڄ ڏينهن تائين هن وطن جي زبان جي صحيح ۽ صاف، مفصل تاريخ تيار نه ڪئي ويئي آهي.

اسان کي اميد نه بلڪ يقين آهي، ته جيڪي به ادبي ادارن جا هلائيندڙ عالم ۽ فاضل، محقق ۽ ماهر مقرر ٿيل آهن، اهي صاحب ضرور ٻوليءَ جهڙي اهم ۽ نازڪ موضوع متعلق، ڪي تاريخي ڪتاب شايع ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا. جيئن اسان هر محفل ۽ مجلس ۽ پنهنجي ٻوليءَ جي تاريخ متعلق وڏي اعتماد ۽ فخر سان ڳالهائي سگهون.

جيستائين اسان جي ناقص عقل ۽ محدود معلومات جو مشاهدو ۽ مطالعو آهي، ته اسان هن چوڻ کان سواءِ رهي نٿا سگهون ته لسانيات جي لحاظ کان هر نازڪ ۽ نفيس معنيٰ ۽ مفهوم سان اسان جي ٻوليءَ جو دامن مالا مال آهي. هن جي فصاحت، بلاغت ۽ عام فهمي اکرن جي اڻ کٽ خزاني، سادگي ۽ سلوڻائي جو هتي ڪهڙو ويهي ذڪر ڪجي!

پڙهندڙن کي پنهنجي ٻوليءَ جي سون هزارن پهاڪن، پرولين، ڳجهارتن ۽ ڳڻن، نقلن نظيرن، مثالن ۽ معالن، اشارن ۽ علامتن، نمونن ۽ نڪتن مان صرف هڪڙو پهاڪو پيش ڪريون ٿا، ڇو ته هي پهاڪو اسان جي سوسائٽيءَ ۾ ائين ويهجي ويو آهي، جيئن منڊيءَ تي ٽڪ. انهن پهاڪن کي سمجهڻ به سياڻن ۽ سگهڙن جو ڪم آهي، ڇو ته اهو به اڻ کٽ فن آهي. انهي فن جا فنڪار به وڏي معلومات جا ماهر، پارکا ۽ نڪته شناس هوندا آهن. هر فن جي وابستگي ۽ واسطو، اتان جي سر زمين جي سونهن سوڀيا سان تعلق رکي ٿو. سڀڪنهن ملڪ جا پنهنجا پنهنجا طور طريقا هوندا آهن. توهان انهن کي تهذيب چئو، تمدن ڪوٺيو يا ثقافت جي سري سان سڏيو. ڳالهه مڙيئي هڪ آهي. ڳجهارت ۽ پهاڪن ۾ اهي نيڪ نصيحتون ۽ نڪتا سمايل هوندا آهن، جن جي سمجهڻ ۽ سوچڻ کان پوءِ، انسان جي حيرت جي حدئي نٿي رهي. انهي فن ۾ علم ادب سوچ ۽ سمجهه، هوش عقل ۽ فڪر جي گهرائيءَ جا ڪيئي بحو بيڪنار موجزن هوندا آهن. جن ۾ دانائي ۽ دانشمنديءَ جي موجن جي اوج جو عروج هوندو آهي.

پهاڪو پڙهندڙن لاءِ پيش ڪجي ٿو، ان جي معنيٰ مطلب ۽ شرح تي قلم کان ڪجهه ڪم وٺبو.

”سنتن سان به سنمک، ۽ پئنچن سان به پورو“

اسان جي روزمره جي زندگي جي هر ڪاروبار ۾ اهڙي قسم جا سوين سائينءَ جا سنواريل سٿيا پيا آهن، جڪي پنهنجي مقصد ۽ مطلب لاءِ جتي ڪٿي پورا پوندا رهندا آهن. مخالف هجي يا موافق دشمن هجي يا دوست، پرايو هجي يا پنهنجو، مگر هي سنت ۽ پئنچن وارا همراهه پنهنجي لنئون ۾ لڳاتار لڳل رهندا آهن. هنن جو حيا ۽ شرم سان ڪوبه وجهه واسطو ۽ لڳ لاڳاپو ڪونه هوندو آهي، ڇو ته جيڪو سامهون آيو ان جي ساراهه جون سرڪيون ڀريندا رهندا ۽ جيڪو ويو تنهنجي گلا ۽ غيبت. مطلب ته اهڙي قسم جا ڪاريگر پنهنجي ڪم جا اهڙا ته گرگ ۽ گهاگهه هوندا آهن،جو سندن فن کي به انهن جي اڳيان شرمسار ٿيڻو پوندو آهي.

* * *

اندر ۾ نهاريو

* علم، تعليم ۽ ترتيب، اهي وصفون پنهنجي مٿي سون کان به سرس آهن، مگر انهن ٽنهي هوندي جيڪڏهن انسان ۾ مردم شناسي نه آهي، ته پوءِ معاملو هميشه منجهيل رهندا آهي.

* ڄاڻ سڃاڻ، لڳ لاڳاپن، چڱي ڏيٺ ويٺ کان سواءِ حجت ڪرڻ نهايت ئي ناداني آهي.

* پهريائين پنهنجي اندر ۾ نهاريو، پوءِ ٻين جي عيبن متعلق گفتگو  ڪريو.

* پنهنجي حيثيت کان وڌيڪ ڪڏهن به غلط دعويٰ نه ڪجي.

بي بنياد بهتانن ۽ اجاين الزام تراشين کان انسان کي ڪڏه به گهٻرائڻ نه گهرجي، ۽ پنهنجي نيڪ ۽ مبارڪ مقصد ۾ لڳو رهي. ڇو ته دنيا جو هي دستور آهي، ته هر ترقي ڪندڙ متعلق دنيا ۽ دنيا وارا هوا ۾ لٺيون هڻندا رهندا آهن.

ٻوليون

دنيا ۾ جن قومن کي پنهنجي مادري زبان زندگيءَ کان وڌيڪ پياري هوندي آهي، اهي قومون هميشه ئي زبان جي هر حالت ۾ حفاظت ڪنديون آهن، ۽ انهي جي سڌاري، واڌاري ۽ ترقي لاءِ پنهنجي لياقت ۽ طاقت مطابق پاڻ پتوڙينديون رهنديون آهن. دنيا ۾ مذهب کان پوءِ ٻوليءَ جو ئي قدر ۽ قيمت، شان ۽ مان هوندو آهي. زماني جي انقلابن ۽ ڦيرين گهيرين ۽ خارجي اثر کان هر ٻوليءَ تي نون لاڙن، نون اکرن، نون اصطلاحن، ترڪيبن ۽ ترتيبن جا نهايت ئي گهرا اثر ٿيندا رهندا آهن. ٻوليءَ نهايت ئي پياري هوندي آهي، ان جو وڏي ۾ وڏو سبب اهو آهي. ته اها مادري زبان هوندي آهي، جيئن مادر مهربان جو عزت ۽ احترام ڪجي ٿو، تيئن مادري ٻوليءَ کي به شان ۽ شوڪت سان ڏسڻو پوي ٿو. دنيا جو زنده قومون، ۽ ترقي يافته ملڪ پنهنجي مادري زبان کي آسمان جي بلندين تائين پهچائيندا رهن ٿا. جن قومن وٽ پنهنجي مادري زبان جو قدر ۽ قيمت آهي، اتي اها ٻولي سڌاري ۽ واڌاري ڏانهن تڪڙي وک وڌائيندي رهندي آهي.

مادري زبان ۾ جتي هن کي پنهنجا بنيادي الفاظ ۽ اکر نه هوندا آهن، اتي اها ٻين ٻولين جا اهي اکر ۽ لفظ حاصل ڪري پنهنجي پاڻ ۾ اهڙي طرح جذب ڪري ڇڏيندي آهي، جيئن منڊيءَ تي ٽڪ. دنيا جي هر هڪ ٻوليءَ ۾ ٻين ڌارين ٻولين جا هزارين ڌاريا اکر ملندا، جن جي اصلي ڄاڻ سڃاڻ نه ٿي سگهندي آهي، پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ائين محسوس ڪندا آهن، ته اهي اکر ۽ الفاظ گويا هنن جي پنهنجي ٻوليءَ جا آهن. وقت ۽ حالتن مطابق پنهنجي مادري زبان ۾، ٻين ٻولين جا نوان اکر آڻڻ ۽ استعمال ڪرڻ، ڪابه غلطي محسوس نه ڪرڻ کپي. هونئن ته هر هڪ ٻولي پنهنجي اندر ۾ اکرن ۽ الفاظن جا اڻ کٽ خزانا رکي ٿي، پر تنهن هوندي به هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ هر هڪ ٻوليءَ ۾ نون اکرن ۽ الفاظن جو اچڻ لازمي ٿي پوندو آهي. پوءِ سنڌي هجي، سرائڪي هجي، اردو هجي، پنجابي هجي، پارسي هجي، بلوچي هجي. گويا انهن سمورين زبانن جو پاڻ ۾ اکرن جي ڏي وٺ ۽ مٽي مائٽي جو رواج هميشه ئي هلندو آيو آهي، ۽ هلندو رهندو. هونئن به هر هڪ زبان ۽ ٻوليءَ جي صحيح معنيٰ ۾ اهائي فلاسافي هوندي آهي، ته هر هڪ ٻولي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اهائي اچي ٿي، جيڪا نهايت ئي صاف ۽ پاڪ، سادي، سودي ۽ عام فهم هجي، جيئن هر پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ ان جي صحيح مطلب ۽ معنيٰ کي ڄاڻي، سڃاڻي ۽ هن جو پورو پورو لطف حاصل ڪري سگهي. مگر هن انقلابي دور ۾ ٻولين جو به اهڙو حال ٿيو آهي، جهڙو ٻين شين جو. اسان جي ابتدائي تعليم ۾ جيڪي به نصابي ڪتاب پڙهيا وڃن ٿا، انهن جي ٻولي ڪي قدر ڦريل گهريل آهي. ڳالهائڻ، ٻولهائڻ ۾ به ڪجهه تفاوت رکيل آهي. ان کان سواءِ اخبارن ۾ به ڪافي اکرن جي وڏي پئماني تي تبديليون ٿينديون رهن ٿيون.

بهر صورت صحيح معنيٰ ۾ مادري زبان اها آهي، جيڪا پڙهندڙ ۽ ٻڌندڙ چڱي طرح سمجهي سگهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org