هندستان جون ڪي ٻيون قابل
۽ شاعرائون
(1)
اقبال بيگم: تخلص” پرده نشين“ حيدرآباد دکن جي
رهاڪو، اصل ترڪ ڏاڍي قابل زال، اڃا حيات آهي.
(2)
آمنہ
بيگم: برهان نظام شاهه جي بيگم، ڏاڍي قابل ۽
هوشيار زال، ”آمنہ
پور“ جو شهر، سن 929هه ۾ انهيءَ ٻڌايو، حسين نظام
شاهه ۽ عبدالقادر شهزادا سندس پٽ هئا.
(3)
”ادا“: امير بيگم جو تخلص، 1200هجريءَ ۾ رهندي
هئي، مرزا عباس جي شاگرد، شاعره هئي.
(4)
”اچپل“: هينگن جان جو تخلص، طوائف هئي، چڱو شعر
چيو اٿس.
(5)
”امير“: امير صاحبہ
طوائف يا ڪڃري، لکنوءَ جي ويٺل، چڱو شعر چيو اٿس.
(6)
”امير“: امير بيگم جو تخلص، دهليءَ جي هئي، ريخته
۽ ٻيو شعر چڱو اٿس، فخر الدين احمد دهلويءَ جي
شاگرد هئي.
(7)
”اشڪ“: دهليءَ جي شهزادين مان هئي، غزل چڱا چيا
اٿس، سن 1292هه تائين حيات هئي.
(8)
اماني: زيب النساء بيگم جي ٻانهي هئي، انهيءَ سان
شعر آزمائي به ڪندي هئي.
(9)
”انار ڪلي“: لاهور ۾ اڪبر بادشاهه جي محل وارين جي
نوڪرياڻي هئي، ڏاڍي خوبصورت هئي، جهانگير جي ساڻس
خاطر ٿي، تنهن ڪري اڪبر انهيءَ کي جيئري پورائي
ڇڏيو، جڏهن جهانگير بادشاهه ٿيو، تڏهن مٿس عمدي
قبر ٺهرايائين. لاهور جي مشهور ”انار ڪلي بازار“
انهيءَ جي نالي پٺيان ٿي سڏجي.
(10)
انور خاتون: برار جي حاڪم صلابت خان جي بيبي، شهر
ايلچپور ۾ هڪ محلو ”انور پوره“ انهيءَ جي پٺيان ٿو
سڏجي.
(11)
”بيگم“ دهليءَ جي شاعره، جا فارسي شعر چڱو چوندي
هئي.
(12)
ٻي: انهيءَ تخلص سان لکنوءَ جي رهاڪو، مشهور شاعره
مير تقيءَ جي نياڻي ۽ سندس شاگرد.
(13)
ٽي: انهيءَ تخلص سان، تارا بيگم نالي، اردو شعر
چڱو چوندي هئي.
(14)
چوٿين: انهيءَ تخلص سان، ”رشڪ محل“ نالي، پنجاب
جي رهاڪو، واجد علي شاهه لکنوءَ جي بادشاهه وٽ
ڪلڪتي ۾ سندس قيد جي زماني ۾ رهندي هئي،ڳائڻ ۾ ۽
اردو شعرچوڻ ۾ قابل.
(15)
”بهوُ“: نواب يوسف علي خان بهادر، رامپور جي رئيس
جي خاص بيبي، نالو بهوُ بيگم هوس، اردو شعر ۾ ڏاڍي
نازڪ دماغ هئي.
(16)
بزرگي: ڪشمير جي هڪڙي شاعره زال، جهانگير جي عهدي
۾، فارسي شعر چڱو چوندي هئي، پهري طوائف هئي، پوءِ
توبهه ڪري پرده نشين ٿي، شاعرن سان طبع آزمائي
ڪندي هئي.
(17)
بستي خانم: طالب آمليءَ جي ڀيڻ، طب ۽ قرﺃت
۾ قابل، اڪثر شهزاديون سندس شاگرد هيون _ خاص جهان
آرا بيگم، جنهن پنهنجي مُهر به کيس رکڻ لاءِ ڏني،
وفات جو سن 1056ع.
(18)
بسم الله: دهليءَ جي رهڻ واري هڪڙي پرده نشين
شاعره، منشي انعام الله جي شاگرد هئي، اردو شعر
چڱو چوندي هئي، هندستان جي فساد کانپوءِ به جيئري
هئي.
(19)
بني خانم: دهليءَ جي بادشاهه محمد علي شاهه جي
هڪڙي امير، نواب نجم الدوله جي بيبي، پوءِ فيض
آباد ۾ اچي رهي. شجاع الدوله هن کي آبرو ڏيندو هو،
۽ پنج هزار رپيا ماهوار ڏيندو هوس. ڏاڍي پرهيز
گار، نيڪ ۽ فياض زال هئي. يتيم ڇوڪرين جي ڏاڍي
سنڀال ڪيائين، ڏاڍي قابل ۽ لائق زال.
(20)
بنو: دهليءَ جي هڪڙي خانگي زال، جنهن جي عشق ۾
گلاب سنگهه ”آشفته“ پاڻ کي ڪُٺو، ۽ انهيءَ جي ڏک ۾
هوءَ پاڻ به مري ويئي، اردو شعر تمام چڱو چيو اٿس.
(21)
”جان“ صاحب جان طوائف، ويٺل فرخ آباد جي، اُردو
شعر چڱو اٿس.
(22)
جينا بيگم: مرزا بابر جي ڌيءُ ۽ مرزا جهاندار شاهه
ولي عهد شاهه عالم بادشاهه جي بيبي، اردو شعر چڱو
چوندي هئي.
(23)
”چندا“: مهه لقا طوائف جو تخلص، حيدرآباد دکن جي
رهاڪو، شير محمد خان”ايمان“ جي شاگرد، اسپ تازي،
نيزي بازي، تيراندازي ۽ شعر گوئيءَ ۾ هوشيار، چار_
پنج سؤ سپاهي ۽ شاگرد هوندا هئس.
(24)
”حجاب“ بني جان طوائف جو تخلص، بنارس جي ويٺل،
اردو شاعره.
(25)
”حور“: مناجان طوائف جو تخلص، لکنوءَ جي ويٺل،
محمد رضا ”طور“ جي شاگرد، اردو شاعره.
(26)
”دلبر“: ڇوٽي بيگم، ويٺل حيدرآباد دکن جو تخلص،
اردو شاعره.
(27)
”دلهن“ بيگم: نواب بهو، جا انتظام الدوله خان
خانان بهادر جي ڌيءُ، ۽ آصف الدوله جي بيبي هئي،
اردو شاعره.
(28)
”زهره“ مني طوائف، ويٺل ڪشمير جو تخلص رهندڙ ڪلڪتي
جي، نهايت قابل چڱي شاعره.
(29)
انهيءَ تخلص سان، اُمراؤ جان طوائف، لکنوءَ جي،
مشهور شاعره هئي.
(30)
زينت: دهلي جي هڪڙي طوائف، مرزا ابراهيم بيگ سان
لکنوءَ ۾ رهندي هئي، اردو شاعره.
(31)
سلطان: نواب معتمدالدوله بهادر جي ڌيءُ، چڱو اڙدو
شعر چيو اٿس.
(32)
”شرم“: تخلص شمس النساء بيگم جو، جا حڪيم قمر
الدين خان”بنارس“ ويٺل لکنوءَ جي ڌيءُ هئي، ۽ شاعر
”وزير“ جي شاگرد هئي، هن جو سڄو اردو ديوان آهي.
(33)
انهيءَ ساڳئي تخلص سان، لکنوءَ جي طوائف ڇوٽي صاحب
به هئي، جا ڪلڪتي ۾ به هئي، اردو شاعره.
(34)
”شيرين“: بيگا طوائف جو تخلص،لکنوءَ جي ويٺل، مير
مهدي ”سپهر“ ۽ امداد علي”بحر“ جي شاگرد، اردو شعر
جو سڄو ديوان اٿس.
(35)
”صاحب“: تخلص امة الفاطمہ
بيگم جو، جنهن کي ”صاحب“ به سڏيندا هئا، لکنوءَ جي
ويٺل، دهليءَ ۾ به آئي. مومن خان دهلويءَ پنهنجي
مثنويءَ ۾ هن جي گهڻي تعريف ڪئي آهي. چڱي شاعره
هئي.
(36)
طاهره عرف قمر الدين بيگم: لکنوءَ جي هڪڙي شريف
زادي، اصل غريب هئي، ڏاڍي قابل ۽ هوشيار ٿي.
(37)
”ظرافت“: دهليءَ جي هڪڙيءَ خانگي زال جو تخلص،
اردو شاعره.
(38)
عالم: لکنوءَ جي بادشاهه واجد علي شاهه جي بيبي،
چڱو شعر چوندي هئي، ۽ ستار چڱي وڄائيندي هئي، سڄو
اُردو ديوان اٿس.
(39)
عزيز؛ دهليءَ جي هڪڙي طوائف، سعادت يار خان”رنگين“
جي شاگرد، اُڙدو شاعره.
(40)
”عِفت، نجم النساء بيگم: رهندڙ لکنوءَ جي تخلص،
مقصود عالم جي شاگرد.
(41)
فرخ: فرخ بخش طوائف، ويٺل ڪانٺ، اُردو شاعره.
(42)
”قمر“: حيدري بيگم عرف ماه طلعت بيگم جو تخلص، جا
مرزا همايون بخت جي ڌيءُ هئي، مرزا محبوب علي
”قوس“ جي ڀيڻ، ۽ واجد علي شاهه لکنوءَ جي بادشاهه
جي بيبي، ڏاڍي ذهين ۽ قابل زال، علم موسيقيءَ ۾ به
هوشيار هئي، فارسي ۽ اردو شعر گهڻو چيو اٿس. سن
1281هه ۾ وفات ڪيائين.
(43)
”ماه“: منجلي بيگم جو تخلص، ويٺل لکنوءَ جي، اردو
شاعره.
(44)
ڪامله بيگم: دهليءَ جي ويس، اڪبر بادشاهه جي زماني
۾ هئي، فارسي شعر چڱو چوندي هئي.
(45)
گنا بيگم: لکنوءَ جي هڪڙي شيرين ڪلام زال، اردو
شاعره.
(46)
ماه لقا: اصل نالو چندا پري، حيدرآباد دکن جي
طوائف، فارسي شعر چڱو چيو اٿس. نواب نظام علي خان،
خلف نواب نظام الملڪ آصف جاهه جي زماني ۾ اميرن
وانگي هوندي هئي، تمام دولتمند هئي، شاعرن ۽ فقيرن
سان صحبت هوندي هيس. مرداڻو ويس ڪندي هئي، ۽ هٿيار
کڻي گهوڙي تي گهمندي هئي. هڪڙي چڱي مسجد
جوڙايائين، هڪڙي شاعر انهيءَ مسجد جي تاريخ جو
هيءُ بيت چيو، جنهن ۾ ٻيءَ معنيٰ سان سندس ڌنڌي جو
اشارو به آهي، اهو اهڙو پسند آيس، جو هزار رپيا
انعام ڏنائينس:
(47)
چو محرابش سُجودِ خاص و عام است،
(48)
فلڪ گفتا ڪہ
”اين بيت الحرام است“.
(49)
”محبوب“: واجد علي شاهه جي سُريت، ”محبوب محل“ جو
تخلص، اردو شاعره.
(50)
محمدي جان: اصل نالو عباسي بيگم، سيد النساء جي
والده( جنهن جو بيان اسان ڏنو آهي)، پاڻ چڱي ۽
قابل زال ۽ شاعره هئي، سن 1266هه ۾ ڄائي.
(51)
”مستور“: مستور بيگم ويٺل لکنوءَ جي، اردو شاعره.
(52)
”مشتري“: قمر جان طوائف جو تخلص، ويٺل لکنوءَ جي،
آغا علي شمس جي شاگرد، خوشنويس ۽ خوشگو، تمام چڱو
۽ گهڻو اردو شعر اٿس.
(53)
”منتظر“ تخلص گنا بيگم جو ، جا علي قلي خان جي
ڌيءُ هئي، نواب عماد الملڪ غازي الدين جي بيبي
هئي، جو عالمگير ثانيءَ جو وزير هو، قمر الدين جي
شاگرد هئي. اردو شعر چڱو اٿس.
(54)
”مهتاب“: بريليءَ جي هڪڙي طوائف، اردو شاعره.
(55)
”ناز“: تخلص هو بيجان طوائف، فرخ آباد جيءَ جو،
اردو شاعره هئي.
(56)
”نزاڪت“: رمجو طوائف جو تخلص، جا دهليءَ جي رهاڪو
هئي، شعر چڱو ۽ گهڻو چيو اٿس.
(57)
نُوران: هيءَ فرخ آباد جي ميراسڻ هئي، اردو شعر
چڱو چيو اٿس |