سيڪشن؛  شخصيات

ڪتاب:  مخدوم محمد هاشم ٺٽوي

باب-

صفحو : 31

 

 

ضميمو (1)

ماڳ ۽ مڪان

مخدوم محمد هاشم ٺٽوي ۽ سندس خاندان جو سنڌ جي تاريخي ماڳن، جهڙوڪ: سيوهڻ، بٺوري، بهرام پور، ٺٽي ۽ مڪليءَ سان واسطو پئي رهيو آهي. اسان هتي انهن ماڳن مڪانن ۽ يادگار آثارن جو مختصر احوال ڏيون ٿا:

سيوهڻ:

سيوهڻ سنڌ جو قديمي تاريخي شهر آهي. تاريخ ۾ سيوهڻ کي مختلف نالن سان سڏيو ويو آهي. مشهور مؤرخ البلاذري (وفات 279هه) ”فتوح البلدان“ ۾ سيوهڻ جو ”سهبان“ جي نالي ذڪر ڪيو آهي.(1)

سنڌ جي آڳاٽي تاريخي ڪتاب ”چچ نامي“ ۾ سيوهڻ جو ذڪر ”سيوستان“ جي نالي سان هن ريت ملي ٿ و:

 ”راءِ سهيرس بن ساهسي راءِ جي ڏينهن ۾ سنڌ ملڪ جون حدون وسيع هيون. هن پنهنجي ملڪ تي چار حاڪم مقرر ڪيا هئا. انهن مان هڪ قصبه سيوستان تي به حاڪم هو. جنهن جي هٿ ۾ سيوستان مرڪز کان سواءِ ٻڌيه، جنگان، رونجهان، ڪوه پايه ويندي مڪران جي حد سندس حوالي هئي.“ (2)

ان سلسلي ۾ ڀيرو مل آڏواڻيءَ جو قول آهي:

 ”انو باشري، آرين، ايران سان گڏ سنڌ کي ’شو آستان‘ سڏي، راڄڌاني ڪئي، شو آستان اچار بگڙي سيوستان ۽ سهوان ٿيو. هاڻ عام طرح چئون سيوهڻ. جنهن ڪري چئبو ته سڄي سنڌ ۾ ’سيوهڻ ‘ جهڙو قديم نالو ٻئي ڪنهن به شهر تي پيل ڪونهي.“ (1)

ڀيرومل آڏواڻيءَ جي برعڪس، هڪ ٻيو هندو ليکڪ دوارڪا پرساد شرما لکي ٿو:

 ”سيوهڻ جو شهر مهاڀارت جي زماني کان پوءِ جو ٺهيل آهي... سڪندر کان پوءِ اتر هندستان جون کيتري ذاتيون هجرت ڪري ڏکڻ هندستان ڏانهن آيون... انهن مان سبيءَ جي کيترن سيوهڻ اچي وسايو... سيوهڻ جو شهر اٽڪل ٻن اڍائي هزارن سالن جو جهونو آهي.“ (2)

مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي سيوهڻ بابت رقمطراز آهي:

 ”هن کي سيوهڻ ۽ سهوڻ به سڏيندا آهن... پنجين ولايت ۾ آهي... هڪ قديمي شهر آهي.سنڌ جي اولاد سهوران جي پٺيان سڏجي ٿو. سندس قلعو (راءِ سهاسي ٻئي جي ٺهرايل) قلعن مان آهي. قديم الايام کان خلاصو تختگاه هو. پوءِ وري اروڙ جي راجائن ۽ تنهن کان پوءِ ٺٽي جي بادشاهن جي حڪم هيٺ رهيو.“ (3)

سيوهڻ آرين جي دور جو يادگار آهي، يا سڪندر جي زماني جو قديم آثار؟ وقت بوقت حملي آورن، مقامي راجائن ۽ مسلمان حاڪمن هن قديم تاريخي شهر کي پئي ڊاهيو ۽ ٺاهيو آهي. مغل دور ۾ هيءُ شهر علمي لحاظ کان مشهور هو. سيوهڻ ۾ مشهور بزرگ، مخدوم عثمان قلندر لال شهباز (673هه - 1274ع) جو مقبرو آهي. سيوهڻ ۾ بزرگ جمن جتي، بودلو بهار، ڇٽو امراڻي به مدفون آهن. مشهور سياح ابن بطوطه به سيوهڻ ۾ آيو هو. هن وقت سيوهڻ ۾ مخدوم صاحب ۽ سندس بزرگن ڏانهن منسوب ڪو به آثار محفوظ نه آهي. سيوهڻ جو شهر، ايران، افغانستان ۽ هند سنڌ ۾ قلندر شهباز جي زيارتگاهه جي ڪري مشهور آهي.

ميرپور بٺورو:

سنڌ جي تاريخ ۾ ”بٺورو“ هڪ پرڳڻو پئي رهيو آهي. شاهجهان جي ڏينهن ۾، مير ابوالبقا امير خان جڏهن ٺٽي جو نواب مقرر ٿي آيو، ته هن بٺوري پرڳڻي ۾ پنهنجي نالي هڪ يادگار شهر اڏايو. اهو شهر ”اميرپور“ جي نالي سان سڏجڻ لڳو. هيءُ شهر بٺوري، بهرام پور، درڪ ۽ پليجا پرڳڻن جو مرڪز هو. جيئن بٺوري کان سواءِ ٻيا پرڳڻا تاريخ ۾ محفوظ نه رهيا، ان ڪري ”اميرپور“ بٺوري سان گڏجي ”ميرپور بٺورو“ سڏجڻ لڳو ۽ مشهور ٿي ويو.(1)

مخدوم صاحب پاڻ اتي ڄائو نپنو ۽ ابتدائي علم پرايو. سندس والد عبدالغفور به ميرپور بٺوري جي قديمي قبرستان ۾ مدفون آهي. باوجود گهڻي تلاش جي ۽ گهڻي وقت گذرڻ ڪري، ان قديم قبرستان ۾ حضرت عبدالغفور جي قبر جو ڏس پتو ملي نه سگهيو. بٺوري جي اديب ۽ استاد، غلام محمد ”جوهر“ تصديق سان روايت بيان ڪئي ته اسان وڏن کان متواتر ٻڌندا اچون ٿا، ته مخدوم صاحب جو والد ميرپور بٺوري جي هن قديم قبرستان ۾ دفن ٿيل آهي، پر مزار جي نشاندهي نه ٿي سگهي.

بهرام پور:

تاريخ ۾ بهرام پور کي به پرڳڻي جي نالي سان ياد ڪيو ويو آهي. مخدوم صاحب ٺٽي مان تعليم مڪمل ڪري، ميرپور بٺوري کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ ديني تعليم ۽ وعظ و تبليغ جو سلسلو بهرام پور ۾ شروع ڪيو. اڳتي هلي ناسازگار حالتن ڪري مخدوم صاحب وڃي ٺٽو وسايو. هن وقت نه بهرام پور پرڳڻي جو وجود سلامت رهيو آهي ۽ نه وري ڳوٺ ئي آباد آهي. البت، هن موجوده وقت ۾ جهوڪ شريف ۽ بلڙيءَ جي وچ تي مخدوم صاحب جي مدرسي ۽ مسجد جا ڊٺل آثار ڳاڙهين پڪين سرن ڪلر کاڌل ۽ مٽيءَ جي ڍير جي صورت ۾ موجود آهن. مخدوم صاحب جي انهيءَ تاريخي مدرسي ۽ مسجد جا آثار ديهه بهرام پور جي سروي نمبر 383 ۾ موجود آهن. ديهه بهرام پور تعلقي ٽنڊي محمد خان ضلعي حيدرآباد ۾ واقع آهي. هيءَ زمين هن وقت زور دست پٺاڻ جي ملڪيت ۾ آهي. سروي نمبر 383 ۽ ديهه بهرام پور جو نقشو محترم محمد ابراهيم سنڌي، شاهه ڪريم واري کان مليو. مخدوم صاحب جي هن شهيد ٿيل مدرسي ۽ مسجد بهرام پور جو فوٽو تاريخ 25 نومبر 1995ع تي مولوي اقبال احمد پيش امام، درگاه شاهه ڪريم بلڙي سان گڏ ڪڍيو ويو.

ٺٽو:

ننگر ٺٽو، سنڌ جو تختگاهه شهر پئي رهيو آهي. ظاهر ۾ سمن جي دور ۾ ٺٽي اوج ۽ عروج ماڻيو، پر ديبل کان پوءِ سومرن جي دور ۾ ٺٽي جو نالو تاريخ ۾ ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٺٽي جو مشهور مؤرخ ۽ مڪين، مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي هن شهر جي تاريخ ۽ جاگرافيءَ بابت لکي ٿو:

 ”هيءَ سر زمين جيئن تاريخن مان معلوم ٿئي ٿو، پراڻي زماني ۾ به ٺٽي جي نالي سان سڏبي هئي. جيئن ته سنڌ جي مٿئين طرف کي عام ماڻهو سرو چوندا آهن ۽ هن هيٺين طرف کي لاڙ سڏيو ويندو آهي. اهو ٺٽي جي وجه تسميه جو کليو ثبوت آهي. جڏهن زماني جي گذرڻ ۽ وقت جي انقلابي حادثن کان ڀنڀور، ديول، بڪار ۽ ٿرڙي جهڙا عمدا عمدا شهر ويران ٿيڻ لڳا، تڏهن اتي جا اڪثر باشندا هن شهر ڏانهن لڏي آيا. تڏهن گويا ڪه ’ته ته ‘ جي مصداق موجب هاڻوڪي آبادي انهن مٿين آبادين جو مجموعو آهي.“

مير ”قانع“ وڌيڪ وضاحت ڪندي لکي ٿو:

آڳاٽي سمي انهي هنڌ سمنڊ جو پاڻي هو. پوءِ پاڻي سڪي پٽ ٿيو. جڏهن اروڙ ڦٽو، درياء سيوهڻ ڏانهن رخ موڙيو، جڏهن محمد طور جو شهر سومرن سردارن سميت ويران ٿيو، وقت جي حڪومت سمن ڄامن جي هٿ ۾ آئي، تڏهن مڪلي جي دامن ۾ ساموئي جو شهر ٻڌائون. اڳتي هلي ڄام نظام الدين عرف ڄام ننده سن 900 هجري جي پڇاڙيءَ ۾ نجومين جي صلاح سان نئين شهر آباد ڪرڻ لاءِ اهڙي زمين چونڊي، جتي جا ماڻهو آرام پسند هجن، سير ۽ تفريح جي زندگي گذارين، سندن فطرت ۾ ڪماليت هجي. اهڙين وصفن واري ٺٽي واري زمين چونڊي وئي. هن وقت ٺٽو ٻن معنائن سان آباد آهي. ڪي چون ٿا ته، ٺٽه معنيٰ آهي ’ته ته‘ يعني هيٺاهين زمين. ڪن جو چوڻ آهي، ٺٽه يعني ٺٽ، جا سنڌين جي اصطلاح ۾ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ جو هنڌ جي معنيٰ رکي ٿي.“ (1)

هينري ڪزنس لفظ ”ٺٽي“ بابت مختلف حوالن سان لکي ٿو:

 ”هن نالي جي گهڻن نمونن سان هجي ڪئي وئي آهي. ريورٽي چوي ٿو ته پارسي تاريخن ۾ ان کي تهته ڪري لکيو ويو آهي... سنڌ گزيٽيئر ان کي Thattah ٺٽه ڪري لکيو آهي. ڪئپٽن وُڊ ان کي ٺاٽهه جي هجي ۾ لکيو آهي. ڪننگهام ان نالي جي اصليت ٻڌائيندي لکيو آهي ته، ٺٽي جي معنيٰ آهي ڪنارو، ريورٽي چوي ٿو ته ان ٺٽه مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي ميڙ، انبوه ۽ ڳاهٽ“ (2)

موجوده دور جو محقق، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ٺٽي شهر جي بنيادي وجود ته بحث ڪندي لکي ٿو:

 ”ٺٽي جي ابتدائي آبادي وارو دور اهو ساڳيو آهي، جڏهن سنڌو نديءَ جي وچ وارو وهڪرو تبديل ٿيو. ستين صدي هجري ۽ تيرهين صدي عيسوي... ٺٽو، سنڌو نديءَ جي پيدا ڪيل بستي هئي ۽ هن سنڌو جي ڪـُـک مان ان وقت ۽ ان حالت ۾ جنم ورتو، جڏهن ندي پنهنجو وچون پراڻ سلسلي وارو وهڪرو مـَـٽي، گهڻو اولهه طرف ٺٽي وارو رخ اختيار ڪيو. سنڌ جي ماڳن مڪانن جي نالن واري پس منظر جي روشني ۾ خود لفظ ’ٺٽه ‘ جي معنيٰ مان انهي حقيقت جي ڪافي حد تائين تصديق ۽ تائيد ٿئي ٿي.“ ( 1)

ٺٽو - سمن، ارغونن، ترخانن ۽ مغل نوابن جي دور ۾ سنڌ جو تختگاه رهيو. ان دوران ٺٽي تي ڪيئي نشيب و فراز آيا ۽ گذري ويا. البت، ڪلهوڙن خدا آباد کي پنهنجو تخت گاه بنايو هو. دراصل، ٺٽي جو اوج ۽ عروج ڄام نظام الدين سمي جي ڏينهن ۾ رهيو. ٺٽو ان دور م نئين سر اُسريو، نسريو ۽ وڌي وڻ ٿيو. سندس ڇانوَ ۾ سوين مڪتب، مدرسا، عالم فاضل، صوفي صالح، اديب شاعر ۽ امير ڪبير رهندا هئا. ٺٽي م گهڻيون ئي پراڻيون تاريخي جايون شاهجهاني مسجد، مسجد امير خان، جامع خسرو ۽ ڪيترن ڀلارن جون مزارون زيارتگاه آهن.

هن وقت مخدوم صاحب سان منسوب مدرسو، مسجد ۽ جامع خسرو جا آثار زبون حالت ۾ موجود آهن. انهن ماڳن جا اڻ لکا عڪس هن مقالي م شامل آهن، جيڪي تاريخ 30 ڊسمبر 1992ع تي مولوي انور حسين ميمڻ پيش امام ”جديد هاشمي مسجدً“ ٺٽي جي نشاندهيءَ ۽ رفاقت ۾ ڪڍيا ويا.

مڪلي:

ٺٽي جي اهلِ قلم مير علي شير ”قانع“ مڪلي ٽڪريءَ بابت فارسي نثر ۽ نظم ۾ هڪ خوبصورت دلچسپ رسالو ”مڪلي نامه“ نالي لکيو، جنهن ۾ مڪلي بابت ۽ اتي مدفون بزرگن، اميرن ڪبيرن ۽ تفريحي تاريخي جاين جو اکين ڏٺو مختصر احوال آندو آهي. هو لکي ٿو:

 ”مڪلي پـُـر فضا ۽ فرحت و سـُـرور جي عبرت آميز ٽڪري آهي. ڪنهن وقت ڪو الله وارو بزرگ حرمين شريفين جي زيارت لاءِ ويندي، اتان اچي لنگهيو. هن ٽڪريءَ تي اهڙي حالت پيدا ٿيس جو وجد ۾ اچي ويو، وجد ۽ حال جي جوش ۾ چوڻ لڳو ’هذه مڪته لي“ مطلب ته هي ٽڪريءَ منهنجي لاءِ مڪه آهي. هي لفظ بار بار پي دهرايائين. وجد جي جوش ڪري سندس زبان ۾ تاثر هو. ان ڪري ماڻهن جي زبان تي هن ٽڪريءَ جو نالو ’مڪته لي‘ مان ڦري ’مڪلي  ‘ مشهور ٿي ويو.“ (1)

مڪلي بابت ٻيون به ڪي روايتون آهن. هن وقت به مڪلي ٽڪريءَ تي ڀلارن بزرگن مان شاهه مراد شيرازي، عيسيٰ لنگوٽي، شيخ جيئو، حماد جمالي، جامع مسجد مڪلي، عبدالله شاهه اصحابي، ميون ابوالحسن سنڌي، سيد يوسف بکري، ابوالقاسم نقشبندي، مخدوم آدم، مخدوم محمد معين جون مزارون ۽ مقبرا موجود آهن. خود مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جي مزار به مڪليءَ تي ٺٽي - ڪراچي روڊ جي ڏاکڻئين پاسي زيارتگاهه آهي.

اميرن ڪبيرن مان ڄام نظام الدين سمون، ترخانن جا مقبرا، مغلن جون رانڪون ۽ هندن جا عبادتگاه به مڪلي تي موجود آهن. هن وقت ٺٽي ضلعي جون اڪثر سرڪاري عمارتون ۽ تعليمي ادارا به مڪلي ٽڪريءَ تي جڙيل آهن.

 

 

------

 

ضميمو (2)

اسنادِ هاشمي، نبي تائين

مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ تي تحقيق جي سلسلي ۾ فارسي قلمي ڪتاب ”مناقب مخدومين معظمين“ (مصنف: امين بن هارون ڇتڙائي) جي تلاش واسطي ٽنڊي سائينداد، بدين، ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ جستجو ڪئي وئي. بهرحال، اهو مذڪوره ڪتاب مدرسه مجدديه عثمانيه، ٺٽي جي ڪتب خاني مان دستياب ٿيو. ان بياض ۾ مختلف 32 رسالا ٻيا به شامل هئا.

انهن رسالن ۾ خوش بختيءَ سان مخدوم صاحب جي پوٽي مخدوم ابراهيم (مڏئي مرقد) طرفان مرتب ٿيل طريقت جو سلسلو به عربيءَ م موجود آهي، جيڪو پڻ پنهنجي جاءِ تي هڪ وڏيءَ اهميت وارو دستياب دستاويز آهي. هن سلسلي ۾ مخدوم محمد هاشم ٺٽويءَ جي پوٽي ۽ پٽ کان وٺي طريقت ۽ تصوف جي سرچشمي ۽ سردار حضرت محمد رسول الله تائين، روحاني طريقت جو سلسلو ۽ اسناد محفوظ ۽ موجود آهي. هي اسناد سنڌ ۾ هاشميه خاندان، سندس شاگردن ۽ متعلقين لاءِ وڏي اهميت ۽ عظمت واري نشاني آهي، جنهن ۾ اسان جي سنڌ جي مايئه ناز عالم جي روحاني طريقت جي اسناد جو سلسلو قوي سند سان حضور جن سان وڃي ملي ٿو. هيٺ ناياب دستياب اسناد هاشمي حرف بحرف عربي عبارت ۾ تحرير ڪجي ٿي، ته جيئن نئين دريافت گوشئه گمنامي کان محفوظ رهجي وڃي:

 ”فاني اجزت بل البست الخرقته الفقريته ايضاً من يد ابي و شيخي الشيخ عبداللطيف وهو اجيز و البسها من ابيه المخدوم الشيخ محمد هاشم و هو البس مع الاجازة ايضا من يد الشيخ عبدالقادر بن ابي بکر الصديقي مفتي الحنفيته بمکته وهو لبسها من يد شيخه ابي البقا حسن بن علي العجيمي المکي الحنفي وهو لبسها من يد شيخه العارف بالله صفي الدين احمد بن محمد القشاشي المدني و هو لبسها من والده الشيخ محمد بن يونس بن احمد الدجاجي المقدسي اليمني و هو لبسها من شيخه العارف بالله الامين بن الصديق اليمني المزجاجي وهو لبسها عن شيخه العارف بالله عبدالقادر بن شجاع الدين عمر بن احمد بن جزيل وهو لبسها عن شيخه العارف بالله عبدالقادر بن الجنيد بن احمد وهو لبسها عن ابيه الجنيد بن احمد وهو لبسها عن ابيه الشيخ احمد بن موسيٰ المشرع وهو لبسها عن الشيخ اسماعيل بن الصديقي الجبرتي وهو لبسها عن الشيخ محمد الزجاجي وهو لبسها من قطب وقته و غوث زمانه شريف الدين ابي المعروف اسماعيل بن ابراهيم بن عبدالصمد الجبرتي القرشي الهاشمي العقيلي الصوفي اليمني الزبيدي وهو لبسها عن جمال الدين محمد بن ابي بکر الضجاعي وهو لبسها من الحافظ برهان الدين ابرهيم بن عمر بن علي العلوي الزبيدي وهو لبسها عن الامام جمال الدين عبدالحميد بن عبدالرحمان بن عبدالحميد بن کوهي الاتشکاهي وهو لبسها عن نجم الدين عبدالله بن محمد الاصفهاني وهو لبسها عن عز الدين احمد بن ابراهيم الفاروقي الواسطي وهو لبسها من الشيخ الاکبر محي الدين محمد بن علي بن العربي وهو لبسها عن يد الشيخ جمال الدين يونس بن يحييٰ بن ابي البرکات الهاشمي العباسي بمکته المعظمته تجاه الرکن اليماني بالمسجد الحرام سنته تسع و تسعين و خمس ماة وهو البسها عن يد القطب الرباني محي الدين عبدالقادر الجيلاني وهو لبسها من يد الشيخ ابي سعيد المبارک المخرمي وهو لبسها من يد الشيخ ابي الحسن علي الهکاوي وهو لبسها من يد الشيخ ابي الفرج الطرطوسي وهو لبسها من يد ابي الفضل عبدالواحد بن عبدالعزيز التميمي وهو لبسها من يد الاستاد ابي بکر محمد الشبلي وهو لبسها من يد سيد الطائفته ابي القاسم الجنيد البغدادي وهو لبسها من خاله الشيخ السري السقطي وهو لبسها من يد الشيخ معروف الکرخي وهو لبسها من يد الاستاد دائود الطائي وهو لبسها من يد الشيخ الحبيب العجمي وهو لبسها من يد الحسن البصري وهو لبسها من امير المؤمنين علي بن ابي طالب کرم الله وجهه وهو لبسها من سيد الاولين و الاخرين محمد النبي الکريم صلي الله تعاليٰ عليه وآله و صحبه وسلم وهو صلي الله عليه وآله وصحبه وسلم البس من رب العالمين بواسطته الروح الامين.“ (1)

 

------

ضميمو (3)

مخدوم صاحب جي موجود 82

ڪتابن جي فهرست

نمبر

ڪتاب جو نالو

ٻولي

فن

تصنيف جو سال

1.

زادالفقير

سنڌي

فقھ

رمضان 1125هه

2.

مظهر الانوار

عربي

فقھ

1125هه

3.

قوت العاشقين

سنڌي

سيرت

1127هه

4.

فاڪهة البستان

عربي

فقھ

7 شعبان 1128هه

5.

راحة المومنين

سنڌي

فقھ

1130هه

6.

شدالنطاق فيما يلحق من الطلاق

عربي

فقھ

6 جمادي الاخر 1133هه

7.

ذريعة الوصول اليٰ جناب الرسول

فارسي

سيرت

17 رجب 1133هه

8.

فتح الڪلام في ڪيفة اسقاط الصلواة والصيام

فارسي

فقھ

20 شوال 1133هه

9.

رشف الزلال في تحقيق فيءَ الزوال

فارسي

فقھ

24 شوال 1133هه

10.

حيات الصائمين

فارسي

فقھ

17 ذوالحج 1133هه

11.

فتح القوي في نسب النبي

فارسي

سيرت

1133هه

12.

زاد السفينة لسالکي المدينھ

فارسي

سيرت

1133هه

13.

جنة النعيم في فضائل القرآن الڪريم

عربي

تفسير

صفر 1134هه

14.

السيف الجلي عليٰ ساب النبي

عربي

فقھ

12شعبان 1134هه

15.

تحفة الاخوان في منع شرب الدخان

فارسي

فقھ

11 شوال 1134هه

16.

رد رساله قرة العين في البڪاء علي الحسين

عربي

فقھ

1134هه

17.

حيات القلوب في زيارة المحبوب

فارسي

سيرت

1135هه

18.

اتحاف الاڪابر بمرويات الشيخ عبدالقادر

عربي

تاريخ

26 شوال 1136هه

19.

فيض الغني في تقدير صاع النبي (ڪشف السرعن تقدير صدقة الفطر)

فارسي

فقھ

15 ربيع الاخر 1137هه

20.

درهم الصرة في وضع اليدين تحت السرة

عربي

فقھ

1137هه

21.

معيار النقاد في تمييز المغشوش عن الجياد

عربي

فقھ

جمادي الاول 1137هه

22.

ترصيع الدرة عليٰ درهم الصرة

عربي

فقھ

1137هه

23.

نورالعينين في اثبات الاشارة في التشهدين

عربي

فقھ

12 شوال 1139هه

24.

ڪشف الغطاء عمايحل ويحرم من النوح والبکاء

عربي

فقھ

1142هه

25.

بناء الاسلام

سنڌي

عقائد فقه

5 ذوالحج 1143هه

26.

مدح نامه سنڌ

فارسي

تاريخ

16 ربيع الاول 1146هه

27.

رفع الغطاء عن مسئلة جعل العمامته تحت الرداء

عربي

فقھ

1146هه

28.

الشفاء في مسئلة الراء

عربي

تجويد

2 شوال 1147هه

29.

الباقيات الصالحات في ذڪر الازواج الطاهرات

فارسي

سيرت

20 شوال 1147هه

30.

اللؤلؤ المڪنون في تحقيق مدالسڪون

عربي

تجويد

21 رمضان 1148هه

31.

جمع اليواقيت في تحقيق المواقيت

فارسي

فقھ

1148هه

32.

ڪشف الرين عن مسئلة رفع اليدين

عربي

فقھ

15 جمادي الاخر 1149هه

33.

تحفة القاري بجمع المقاري

عربي

تجويد

1150هه

34.

حصن المنوع عما اورد عليٰ من ادرج الحديث الموضوع

عربي

حديث

ربيع الاخر 1153هه

35.

تمام العانية في الفرق بين صريح الطلاق و الڪنايھ

عربي

فقھ

1156هه

36.

تحفة السالڪين اليٰ جناب الامين

فارسي

سيرت

شعبان 1158هه

37.

تحقيق المسلک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ للمسلم انامثلڪ

عربي

فقھ

23 شعبان 1159هه

-

الرد المختوم عليٰ من نفي کون المثل للعموم

 

 

 

-

السهم المسموم في ڪبد من نفي کون المثل للعموم

 

 

 

38.

تصحيح المدرک في ثبوت اسلام الذمي بقولھ انامثلڪ

عربي

فقھ

13 محرم 1160هه

39.

النور المبين في جمع اسماء البدريين

عربي

تاريخ

21 ذوالقعد 1161هه

40.

تفسير هاشمي

سنڌي

تفسير

17 شعبان 1162هه

41.

القول الانور في حڪم لبس الاحمر

عربي

فقھ

16 ذوالحج 1163هه

42.

رفع النصب لتڪثر التشهدات في الصلواة المغرب

عربي

فقھ

11 جمادي الاول 1164هه

43.

الحجة القوية في حقيقة القطع بالافضليھ

عربي

فقھ

17 شعبان 1164هه

44.

وسيلة الغريب اليٰ جناب الحبيب

فارسي

سيرت

29 شعبان 1164هه

45.

حياة القاري باطراف صحيح البخاري

عربي

حديث

7 صفر 1166هه

46.

بذل القوة في حوادث سني النبوة

عربي

سيرت

4 صفر 1168هه

47.

التحفة المرغوبة في افضلية الدعاء بعد المڪتوبھ

عربي

فقھ

1168هه

48.

تنقيح الڪلام في النهي عن قراء ت الفاتحة خلف الامام

عربي

فقھ

24 صفر

1169هه

49.

فتح العلي في حوادث سني نبوة النبي

عربي

سيرت

1170هه

50.

تحفة المسلمين في تقدير مهور امهات المومنين

فارسي

سيرت

6 رجب 1171هه

51.

حلاوة الفم بذڪر جوامع الڪلم

عربي

حديث

29 رجب 1171هه

52.

فرائض الاسلام

عربي

عقائد فقھ

1171هه

53.

الوصية الهاشميھ

عربي

تصوف

اندازاً 1174هه

54.

خطباة الهاشميھ

عربي

فقھ

-

55.

بياض هاشمي

ف-ع

فقھ

-

56.

اصلاح مقدمة الصلواة

فارسي

فقھ

-

57.

اصلاح مقدمة الصلواة

سنڌي

فقھ

-

58.

نتيجة الفڪر في تحقيق صدقة الفطر

فارسي

فقھ

-

59.

حديقة الصفاء في اسماء المصطفيٰ

فارسي

سيرت

-

60.

وسيلة الفقير في شرح اسماء الرسول البشير

فارسي

سيرت

-

61.

شرح صفة الروضھ

عربي

تصوف

-

62.

ثمانية قصائد صغار في مدح النبي

عربي

سيرت

-

63.

النفحات الباهرة في جواز القول بالخمسة الطاهرة

فارسي

سيرت

-

64.

سايه نامه

سنڌي

فقھ

-

65.

تحفة التائبين

سنڌي

تصوف

-

66.

ڪفاية القاري

عربي

تجويد

-

67.

ڪشف الرمزعن وجوه الوقف علي الهمز

عربي

تجويد

-

68.

حاشيھ درود حاضري

عربي

تصوف

-

69.

حاشيھ شاطبيه

عربي

تجويد

-

70.

حاشيھ مقدمة الجزري

عربي

تجويد

-

71.

الحجة القوية في الرد عليٰ من قدح في الحافظ ابن تيميه

عربي

فقھ

-

72.

رد الرسالة المعينية الناطقة بافضلية علي عليٰ الخلفاء الثلثھ

عربي

فقھ

-

73.

فضائل نماز و دعا عاشوره

فارسي

فقھ

-

74.

حاشية خلاصة الحساب

عربي

متفرقات

-

75.

حاشيھ شيخ الاسلام برسراجي

فارسي

متفرقات

-

76.

الطـِـراز المـُـذهب في ترجيح الصحيح من المذهب

عربي

متفرقات

-

77.

ارشاد الظريف اليٰ طور التصنيف

عربي

متفرقات

-

78.

موهبة العظيم في ارث حق مجاورة الشعر الڪريم

عربي

فقھ

-

79.

نظم الجواهر باتحاف الاڪابر

عربي

تاريخ

-

80.

نور البصائر تڪمله ذيل اتحاف الاڪابر

عربي

تاريخ

-

81.

الحجة الجلية في مسئلة سـُـور الاجنبيھ

عربي

فقھ

-

82.

تنبيھ نامون

سنڌي

فقھ

-

 

 

------


(1) البلاذري ابوالحسن: ”فتوح البلدان“ (عربي)، ص 425

(2) علي ڪوفي: ”فتح نامو عرف چچ نامو“ ، مترجم: مخدوم: امير احمد، ص 22

(1) ڀيرو مل مهر چند آڏواڻي: ”سنڌ جي هندن جي تاريخ“ جلد -1، ص 22

(2) دوارڪا پرساد روچيرام شرما: ”سنڌ جو پراچين اتهاس“ جلد -3، ص 61-162

(3) ”تحفة الڪرام“ (سنڌي)، ص 239

(1) ايضاً، تلخيص ص 236-237

(1) ” تحفة الڪرام“ (سنڌي)، ص 463، 464

(2) هينري ڪزنس: ”سنڌ جا قديم آثار“ ، مترجم: عطا محمد ڀنڀرو، حاشيو ص 193

( 1) ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ: ”ٺٽي جو بنيادي وجود يا اصل نسل“ (مقالو)، ٽماهي ”مهراڻ“ حيدرآباد سنڌ، نمبر 1-2، 1988ع، ص 25، 26

(1) مير علي شير ”قانع“ ٺٽوي: ”مڪلي نامه“ (فارسي) مرتب: حسام الدين راشدي، ص 15، 16

(1) مخدوم ابراهيم بن عبداللطيف ٺٽوي: ”بياض اسنادِ در مناقب مخدومين“ (قلمي)، ص 43-46

نئون صفحو -- ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org