| 
                                 
                                
                                ٿلھھ: ھر ڪا صورت آھيان مان آھيان، پنھنجو ئي 
                                آھيان پاڻ مان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                  
                                
                                
                                ١- ”اِن الله على کل شيءِ قدير“ لکيم منجھھ قرآن 
                                مان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                  
                                
                                
                                ٢- مون ڏسي پسي سوئي سگھندو، جوئي ڪڍي غير گمان 
                                ميان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                  
                                
                                
                                ٣- صحيح ڄاڻ سڃاڻ تون مونکي، تو منجھھ منھنجو وٿاڻ 
                                ميان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- نظر ۾ تارا ڪتيون اچان ٿو، پر آھيان ھڪ آسمان 
                                مان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- ذلف فقير رڳن منجھھ ”ونحن اقرب“ سوچي سمجھھ، 
                                آھيان تنھنجي جسم ۽ جان مان، 
                                
                                
                                تون غير نھ ڪوئي ڄاڻ ميان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: ڏونگر ڇو پيو ڏورين وو يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- پرين سندو آ پيرو تو منجھھ، ڇو ٿو گھمي وٺي گس 
                                وو يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- ”ونحن اقرب“ رڳ رڳ ۾ ميان، تو منجھھ ٿاڪ اٿس وو 
                                يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- اور اٺئي پھر الک سين تون، ڪڍي قلب منجھان تون 
                                ڪس وو يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- ھاديءَ سندو حال حقيقت، معلوم ٿيندئي منجھس وو 
                                يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- ذلف فقير چئي اکيون اکين منجھھ، ڏيئي تون تان 
                                پوءِ ڏس وو يار، 
                                
                                
                                پرين تون پاڻ ۾ پس وو يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: درد لڳئي تھ ڪل پوئي، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ”موتو قبل انت موتو“ جيئري موت ۾ مرين ھا تون، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- مستن وانگي مجنونءَ وانگي، در در رلندو وتين ھا 
                                تون، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- آڳ مچائي اندر ۾، سورن منجھھ سڙين ھا تون، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- پرينءَ ڪارڻ راھن ۾، راتيان ڏينھان روئين ھا 
                                تون، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- زھر ھٿن سين ذلف فقير چئي، پنھنجو پاڻ پيئين ھا 
                                تون، 
                                
                                
                                ھيئن نھ جِندڙي جيئين ھا تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ:ھادي ٿي ھمراھھ، 
                                
                                
                                ڏاڍي ڏونگر ڏکوئي آھيان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- 
                                
                                 اوکو 
                                پنڌ پھاڙ جو آھي، ھمٿ ھلڻ جي مون ۾ ناھي، 
                                
                                
                                ڏسي ڏکن ۾ اچج ڪاھي، پرينءَ تائين پنڌ پھچاءِ، 
                                
                                
                                تنھنجي آڌار لڳي آھيان، ھادي ٿي ھمراھھ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                
                                 اھي بھ ڏينھن تھ ڏسبا ڪڏھن، 
                                منھنجو ڀاڳ ڀلارو ٿيندو تڏھن، 
                                
                                
                                ملائيندو مولى محمد صھ جڏھن، ذلف ڪبو شڪر الحمد 
                                الله، 
                                
                                
                                پئي تھ پرينءَ کي پڪاريان، ھادي ٿي ھمراھھ. 
                                
                                
                                 
  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: متان ٿيان گمراھھ، نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ 
                                کي، 
                                
                                
                                متان ٿيان گمراھھ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- مھڙو مون ڏانھن محبوب ڪريو، نرميءَ ساڻ نگاھھ، 
                                
                                
                                نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- دنيا ڏاڍي ڌوڪي واري، پردو رکج پناھھ، 
                                
                                
                                نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- متان لڙھي وڃان لھرن ۾، آھي دڌڪي وارو درياھھ، 
                                
                                
                                نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- سڃ جي سفر ۾ ذلف فقير جو، ھادي ٿي ھمراھھ، 
                                
                                
                                نصيحت ڪيو مون نماڻيءَ کي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: گوندر ۾ پيو گھاريان، گوندر ۾ پيو گھاريان، 
                                
                                
                                ايندو ڪڏھن، مون ڏي پرين الا ميان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- اٿي آڌيءَ رات جو، سپريان کي پيو ساريان. 
                                
                                
                                ٢- محبت جو مچ من منھنجي ۾، ٻارڻ پيو ٿو ٻاريان. 
                                
                                
                                ٣- پرينءَ ڪارڻ پاڻ کي، ڳڻتن منجھھ پيو ڳاريان. 
                                
                                
                                ٤- الا ذلف فقير چئي، قادر پيو ڪوڪاريان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: ڪڍ تون غير گمان، ھڪ ئي ھڪ ٿي پوندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ويٺو اٿئي وجود ۾، جھاتي پائي ڏسندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- ھرھنڌ ھادي اٿئي، ڪوبھ شڪ نھ ڪندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- الست آکيو الک، ”قالو بلى“ قول پاڙيندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- سر تي سور سھي، ڪنھن کي ڪين ڪھندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- چئي ذلف فقير، پيالو پِرتِ جو پيئندين، 
                                
                                
                                سپرين پوءِ تون پسندين. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: 
                                
                                  
                                
                                جي دل ۾ جھاتي پائي ويا، 
                                
                                
                                سي پنھنجو پاڻ سڃاڻي ويا. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- 
                                
                                  ھو 
                                ھڪ جو نالو وٺي ويٺا، ٻيو سڀڪجھھ ھو وساري ويٺا، 
                                
                                
                                ڪري ويساھھ ھڪ تي ھڪ ٿي ويٺا، سي پنھنجو پاڻ اجاري 
                                ويا. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                      مچائي 
                                مچ محبت جو پاڻ کي ساڙيائون، ڪري قول پرين سان اھو 
                                پاڙيائون، 
                                
                                
                                جيئري موت ڏيئي پاڻ کي ماريائون، سي پنھنجو نينھن 
                                نڀائي ويا. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- 
                                
                                  ھڪ 
                                پرينءَ سان لئون لاٿائون، ساري سنسار کي ڪوڙو 
                                سمجھيائون، 
                                
                                
                                راھھ رباني کي ڄاڻي ورتائون، سي ذلف فقير سڏائي 
                                ويا. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: من منھنجي ۾ ٿو مچ ٻري، 
                                
                                
                                تنھنجي ڪارڻ يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- جدائي جي لھرن منجھھ لڙھان پيو، 
                                
                                
                                ھٿ تنھنجي آ تارڻ يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- جلائي تو جانب سيکاريئي، 
                                
                                
                                جسم ڳارڻ يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- قابو ڪري قرب ۾ ميان، 
                                
                                
                                ڏيئي وئين ٻارڻ يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- مناسب ناھي توکي مٺڙا، 
                                
                                
                                ذلف فقير کي وسارڻ يار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: عشق اسان وٽِ اچ، ڀلي ڪري اچ، 
                                
                                
                                تنھنجي آھي تات طلب ميان. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ٻيو سڀ ڪوڙو، سنسار سمورو، 
                                
                                
                                ھڪ تون ئي تھ آھين سچ، 
                                
                                
                                ڀلي ڪري اچ 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- ڇيرون پھرائي، رڻن ۾ رلائي، 
                                
                                
                                چيئي شاھھ بُلى کي نچ، 
                                
                                
                                ڀلي ڪري اچ 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- 
                                
                                            باھھ 
                                بِرھھ جي تو ۾ آھي، ڇڏجانءِ ڪين فقير وسائي، 
                                
                                
                                ذلف پروانو ٿي پچ، 
                                
                                
                                ڀلي ڪري اچ 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                مولود شريف 
                                
                                
                                ٿلھھ: ڪوبھ نھ ايندو ڪم سواءِ اتِ رسول جي، 
                                
                                
                                سواءِ اتِ رسول جي محمد مير جي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- قيامت جو ڏينھن، آخر تھ ٿيندو، 
                                
                                
                                نفسا نفسي جِتڙي سڀڪوئي ڪندو، 
                                
                                
                                اتي ھوت حضور جي محمد مير جي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- انھيءَ ڏينھن امت جون بَديون بَخشائيندو، 
                                
                                
                                سٻاجھو نبي سائين اڙيا ڇڏرائيندو، 
                                
                                
                                ڪندو جنھن ڏينھن پڇاڻو ھادي حشر ويل جي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- وسراجا المنيرا، شان جنھن جو آھي، 
                                
                                
                                سندن مٽ ڪو ثاني سھڻي نبيءَ جو ناھي، 
                                
                                
                                اتي نيڻ پسندا نورن جي تھ نور کي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- احمد پاڻھئين اڳ ۾، انھن ڏانھن اِيندو، 
                                
                                
                                نبي سائين طھورا تن کي پِياريندو، 
                                
                                
                                جھين جي اندر ۾ آھي ھتِ اڪير جي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- ذلف فقير چئي، ڪين ڇڏيندو ڪنھنکي، 
                                
                                
                                محشر ۾ محمد، ساڻ گڏيندو مونکي، 
                                
                                
                                شفادار ٿِيندو سائين، اڳيان ربَ جليل جي. 
                                
                                
                                (٢) 
                                
                                
                                ٿلھھ: 
                                
                                 اڳيان 
                                سوڙھي قبر انڌاري ٿئي، اتي ڪلر مٽي ۽ واري ٿِئي، 
                                
                                
                                واري ٿئي وو الا توکي نيئي ڌريندئي ڌوڙ ۾. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- صبح کان پوءِ، ڄاڻ ٿِئي سانجھي، 
                                
                                
                                کڻندئي ميت، کي پوءِ ڪانڌي، 
                                
                                
                                سج لٿي پوءِ، اونداھي ٿئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- سامي سوڙھي سخت عذاب ٿئي، 
                                
                                
                                منڪر نڪير جو سوال جواب ٿئي، 
                                
                                
                                اتي توبھھ توبھھ زاري ٿئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- ھڪ ڏينھن ٿِيندئي ماڳ مٽيءَ ۾، 
                                
                                
                                ھوندئي جِسم ۽ جان مٽيءَ ۾، 
                                
                                
                                آخر دنيا فنا ئي ٿئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- ذلف فقير تون، ڪين ڪمايئي، 
                                
                                
                                سودو ثمر تون ڇو نھ وھايئي، 
                                
                                
                                عمر اجائي گذاري ٿئي. 
                                
                                
                                (٣) 
                                
                                
                                ٿلھھ:
                                
                                
                                 اٿي جاڳ بندا ڪجھھ تون، ھيءَ رات بھ کٽِڻي آ، 
                                
                                
                                ھي راتِ بھ کٽڻي آ، پِرڀاتِ بھ ڦٽڻي آ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١-     
                                
                                
                                ڏس نور حضور جو تون، ڏينھن راتِ وسي ٿو پيو، 
                                
                                
                                مٺڙي تھ محمد تي، صلوات بھ پڙھڻي آ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                 جي 
                                ڪالھھ ڪمائي ويا، اھي جيئرا اڄ جوڳي، 
                                
                                
                                تن ساميئڙن جي لئي، ڪا تاتِ بھ ڪرڻي آ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- 
                                
                                  جڏھن 
                                پڇندئي پڇڻ وارا، منجھھ ساميءَ ۾ توکئون، 
                                
                                
                                اڳيان تھ ملائڪن جي، ڪا باتِ بھ ڪرڻي آ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- جي اوري اِسم سان ويڙا، ويراڳي وجودن ۾، 
                                
                                
                                چوي ذلف فقير تن کي، اتِ ڏاتِ بھ ملڻي آ. 
                                
                                
                                (٤) 
                                
                                
                                ٿلھھ: 
                                
                                  ڪانگل 
                                ملڪ مديني تون اڏامي وڃِج، 
                                
                                
                                مٺڙي محمد کي ھي سلام چئج، 
                                
                                
                                سھڻي سيد کي... ... ... 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ڏينھان روز ھتي توکي ساريان سڄڻ، روئي اکڙين 
                                مان ڳوڙھا ڳاڙيان سڄڻ، 
                                
                                
                                تنھجي ھجر فراق ۾ گھاريان سڄڻ، ناھي منھنجي اندر ۾ 
                                آرام چئج. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- سڄي رات مونکي تنھنجي تانگھھ مٺا، منھنجي نيڻن 
                                کي آھي جاڳ مٺا، 
                                
                                
                                تون وچ عربُ اسان جو سنڌ ماڳ مٺا، توڏي نتِ پيو 
                                نھاريان صبح شام چئج. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- پِرين توکئون پري منھنجي ڪان سري، اندر برھھ 
                                سندي پئي ٿي باھھ ٻري، 
                                
                                
                                جڏھن توکي ڏسان تڏھن حيانءُ ٺري، آھيان عشق تنھنجي 
                                ۾ مست مدام چئج. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- پکي پيار منجھان، مديني ڏي ڪھي، مٺڙيون لاتِيون 
                                ڪري مٿان وڻن ويھي، 
                                
                                
                                چئي ذلف فقير ھيءُ نياپو ڏيئي، سگھو موٽي وري مون 
                                ڏانھن اچج. 
                                
                                
                                (٥) 
                                
                                
                                ٿلھھ: 
                                
                                 مٺو 
                                نام مولى جو اعلى اِھو ٿئي، الله الله الله چئو 
                                تون، 
                                
                                
                                صبح شام سانجھي سڄي رات ساري، الله الله الله چئون 
                                تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- 
                                
                                       اِھو 
                                ربَ جو نالو ڏاڍو مٺو ٿئي، مٺو ٿئي ڀلو ٿئي سڀن 
                                کان سٺو ٿئي، 
                                
                                
                                مصري ۽ ماکيءَ کان بھ مٺو ٿئي، الله الله الله 
                                چئون تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                         ڏسو 
                                شان احمد جو اعلى ڪيائين، زمين آسمان بھ نبيءَ لئي 
                                جوڙيائين، 
                                
                                
                                لئولاڪ لما چِٽو چيائين، الله الله الله چئون تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- 
                                
                                          نظر 
                                ھن جي ھرڪا شيءِ تي تھ آھي، ”ڪن فيکون“ چئي حڪم ٿو 
                                ھلائي، 
                                
                                
                                رزق روز سڀ کي پيو ٿو رسائي، الله الله الله چئون 
                                تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- 
                                
                                   ڪندو 
                                آھي ھردم بُرن تي ڀلائي، ڏاڍو سٻاجھو اٿئي ھو تھ 
                                سائين، 
                                
                                
                                ثنا حمد چئو تون ربَ جو سدائين، الله الله الله 
                                چئون تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- 
                                
                                      الست 
                                بِربَکم جڏھن مولى چيو ھو، ”قالو بَلى“ چئي انجام 
                                ڪيو تو، 
                                
                                
                                پاڙج واعدو قول ڪيئي جو، الله الله الله چئون تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٦- 
                                
                                      اِھو 
                                اِسم ذاتي ذلف فقير ٿئي، اِنھيءَ ۾ ئي دل ۽ روح کي 
                                راحت ٿئي، 
                                
                                
                                ”فذکروني اذکرکم“ فرمان ٿيو ٿئي، الله الله الله 
                                چئون تون. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ:  ميان منھنجي من ۾ آھين تون ائين، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ”ونحن اقربْ“ ويجھڙو تون ھردم آھين ھيئن، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- ڀلا وساري ويھي رھان، توکي آنءُ ڪيئن، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- الست جي آواز کي، مون اتي ٻڌم ٿي اِيئن، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- بَين المرءِ وقلبِه“[1] 
                                آيت ڏٺم ٿي اِئين، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- توکي سانڍي ساھھ ۾، مون عشق ڪيم ٿي اِيئن، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٦- ذاتي اِسم ذلف فقير پوءِ وساريان ڪيئن، 
                                
                                
                                ساھھ رڳن ۾ جيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: اڏر پکيئڙا صبح سويري، ولر ھنجن جي وڃي 
                                وساءِ، 
                                
                                
                                ولر ھنجن جي وڃي وساءِ تون، ولر ھنجن جي وڃي 
                                وساءِ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- 
                                
                                       ڪيھي 
                                ڪريان آنءُ باتِ ھنجن جي، لااله، واري لاتِ ھنجن 
                                جي، 
                                
                                
                                ”اِلاالله“ اِثبات ھنجن جي، ذڪر ڪمائن ھو الله. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                     صحبت 
                                ھنجن جي آھي، نرالي، مٺڙي مٺڙي ڪن ھو ٻولي، 
                                
                                
                                وڃي وسائج تن جي ٽولي، گھڻو نوازيو جن کي خداءِ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- 
                                
                                    ھيرا 
                                ھزارين لعل ھنجن وٽ، موتي ھزارين مال ھنجن وٽِ، 
                                
                                
                                وڃي پکيئڙا پِراءِ ھنجن وٽِ، ٻِي در ڪين تون وو 
                                واجھاءِ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- 
                                
                                   جِتي 
                                ھنجڙا ٻوليون ٻولن پِيا، ذلف فقير چئي موتِيون چڻن 
                                پيا، 
                                
                                
                                سو تون پکيئڙا ماڳ وسائج، جِتي ھنجن جي آھي جاءِ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: اھو تھ تو منجھھ آھي، 
                                
                                
                                جنھن کي جاچِين جوءِ ۾. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ”ونحن اقربُ“ قرآن ۾ ڏس تون ورق ورائي، 
                                
                                
                                اھو تھ تو منجھھ آھي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- جدا توکئون وو جانب ناھي، ڪر نھ تون ھاءِ ھاءِ، 
                                
                                
                                اھو تھ تو منجھھ آھي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- ووڙي ڏس وجود کي، اندر تھ تو منجھھ ڇاھي، 
                                
                                
                                اھو تھ تو منجھھ آھي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- سامھون سدائين سپريان تنھنجي، ڏس تون جھاتي 
                                پائي، 
                                
                                
                                اھو تھ تو منجھھ آھي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٥- ذلف فقير چئي اٿئي تو منجھھ، وڃ نھ تون ڪاڏھين 
                                ڪاھي، 
                                
                                
                                اھو تھ تو منجھھ آھي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: ديرا دلبر دل وچ لايا ھئي، 
                                
                                
                                ميڏي تن من وچ تھ سمايا ھئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- آڳ عشق دي اندر ميڏي، 
                                
                                
                                جيري جگر جلايا ھئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- 
                                
                                 ”ونحن 
                                اقربُ“ ھادي سانڪون، 
                                
                                
                                فرقان وچ فرمايا ھئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- ڪڪر مٿان قرب دي ميڏي، 
                                
                                
                                بِرھھ دي بُوند وسايا ھئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- آکي ذلف فقير الف دا، 
                                
                                
                                مرشد سبق پڙھايا ھئي. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٿلھھ: مون 
                                
                                 سان
                                
                                
                                 مٺا
                                
                                
                                 تون
                                
                                
                                 آھين، 
                                
                                
                                ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪيئن ڪڏھن ڪيئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ١- ڪڏھن باھھ ۾ تھ ڪڏھن پاڻيءَ ۾، ڪري لوھر لوھھ 
                                کي جيئن، 
                                
                                
                                ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٢- ڪڏھن نھ ڪڪر قربَ جا، ڪڏھن محبَت سندا مينھن، 
                                
                                
                                ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٣- ڪڏھن کلائين خوش ڪري، ڪڏھن روئائين راتو ڏينھن، 
                                
                                
                                ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ٤- فڪر ۾ ذلف فقير کي، وڌو آ تنھنجي نيھن، 
                                
                                
                                ڪڏھن ڪيئن تھ ڪڏھن ڪئن  
                                
                                 |