سيڪشن؛  سياسيات

ڪتاب: قائدِاعظم جون تقريرون

باب: --

صفحو : 7

تحريڪ پاڪستان

 اڄ سڀ کان وڌيڪ اهم سوال اهو آهي ته هندستان آزاديءَ جي لائق آهي؟ جيڪڏهن ان جو جواب ها ۾ آهي ته ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي حد تائين؟ خيال رکڻ گهرجي ته هاڻي هند جي آزاديءَ جي سوال کي وڌيڪ ڪنهن کانجاڻي ۽ ڇڪتاڻ ۾ نه وجهڻ گهرجي. اصل اڄ هڪ طرفو فيصلو ڪرڻ گهرجي. پر اڄ جو هندستان آزاديءَ ماڻڻ جي قابل ناهي ته پوءِ ان صورت ۾ کيس خود اختياري حڪومت هلائڻ جي قابل بنائڻو پوندو. ڇا هندستان آزاديءَ جي قابل آهي؟ اسان چڱيءَ طرح ڄاڻون ٿا ته هڪ هندستاني نقطه نگاهه سان ان جو صرف هڪ ئي جواب آهي.

جيڪڏهن اسان تاريخ کي ڏسون ته پوءِ معلوم ٿئي ٿو ته اهي ئي قومون آزاديءَ جي قابل تصور ڪيون ويون آهن، جن همت ۽ حوصله، بلند ارادي ۽ ڪامياب جدوجهد سان آزاديءَ جي جنگ وڙهي آهي. پر اڄ اسان هڪ نئين دور ۾ زندگي گهاري رهيا آهيون. اڄ امن جي فتح ٿئي ٿي. پر امن جهاد سڀني وصفن ۾ ممتاز آهي ۽ اڳتي به ثابت رهندو. اسان ان مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ عهد ڪري چڪا آهيون ته برطانيه تي اهو ثابت ڪنداسون ته اسان برطانوي سلطنت ۾ هڪ مساوي شريڪ جي حيثيت رکون ٿا. هندستان ان کان گهٽ ٻئي ڪنهن به سودي تي راضي نه رهندو.

اجلاس مسلم ليگ لکنؤ - 31- ڊسمبر 1916ع

- اسان جي تقاضا اها آهي ته هندن ۽ مسلمانن جي جدا قوميت کي برقرار رکيو وڃي. ان اصول سياسي ارتقا سان گڏ ڪافي مقبوليت حاصل ڪئي. هندستان جي مستقبل جي باري ۾ شروع کان عموماً اسان جو نقطي نظر اهو رهندو آيو آهي ته ترقيءَ جي راهه ۾ ليگ هميشه ڪانگريس جي تحريڪن جي تائيد  ڪندي رهندي، جن تحريڪن جو بنياد حب الوطن تي هوندو. حقيقت هيءَ آهي ته تعليم يافته مسلمانن جو اتحاد تي راضي ٿيڻ، منهنجي خيال ۾ ان ضرورت جي احساس منجهان پيدا ٿيو آهي ته مسلمانن جي جدا سياسي جماعت جو وجود نهايت قيمتي آهي. خيال رهي ته مسلمان، سياسي ميدان ۾ ويهن سالن کان مسلسل جدوجهد ڪندا رهيا آهن. مان پنهنجي قومي زندگيءَ ۾ پڪو ڪانگريسي رهيو آهيان ۽ فرقه واريءَ سان ڪڏهن به منهنجي دلچسپي نه رهي آهي. منهنجو اهو به خيال آهي ته مسلمانن تي فرقيواريءَ وارو الزام غلط آهي. جڏهن ته مسلمانن جي سياسي جماعت تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي ۽ متحده هندستان جي تخليق ۾ مسلمان هڪ اهم جزي جي حيثيت رکن ٿا.

اجلاس مسلم ليگ لکنؤ - 31 - ڊسمبر 1916ع

- موجوده دستور کي رد ڪرڻ گهرجي. عوام جي چونڊيل نمائندن جي مشوري سان هڪ نئون دستور فوري طور تي واضح، ڪرڻ گهرجي، جو عوام کي سندن معاملن ۽ مسئلن متعلق حقيقي اختيار ۽ ذميداري عطا ڪري ۽ جو منجهن سڀني هٿ ايندڙ وسيلن جي ترقيءَ  لاءِ مڪمل اعتماد پيدا ڪري سگهي ۽ جو مڪمل، خود مختيار، ذميدار ۽ آزاد حڪومت جي ماتحت عوام کي هڪ آزاد قوم جي حيثيت سان، اقوام عالم جي صف ۾ بيهڻ جي قابل بڻائي سگهي، آل انڊيا مسلم ليگ جي سامهون اهو نصب العين آهي ۽ اها ئي اسان جي منزل آهي.

اجلاس مسلم ليگ لاهور - 24 - مئي 1904ع

- هن وقت اسان اهڙي مقام تي پهچي چڪا آهيون، جتي پهچي جيڪڏهن مان اهو ظاهر نه ڪيان ته مسلمانن جو مؤقف ڪهڙو آهي ته مان پنهنجي فرض ۾ ناشناس سڏيو ويندس. مان بلڪل چٽن لفظن ۾ ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هندو مسلم ٺاهه، هندستان ۾ ڪنهن نئين دستور جي نفاذ کان اڳ ۾ نهايت ضروري قدم آهي، بلڪ هڪ بنيادي شرط آهي. جيستائين اوهان مسلمانن جي حقن جي حفاظت جي ضمانت نه ڏيندا، جنهن جي بنياد تي مسلمان هند جي حڪومت جي ايندڙ دستور جي تحت مڪمل سلامتي ۽ خود اعتمادي محسوس ڪن، ۽ جيستائين مسلمانن جو جيڪو تعاون، خلوص ۽ رضامندي حاصل نه ڪري سگهيا آهيو، تيسين جو به دستور اوهان هندستان جي لاءِ بنائيندا، اهو چوويهه ڪلاڪ به هلي نه سگهندو.

لنڊن - گول ميز ڪانفرنس 1931ع

- ڇا ٻين ملڪن ۾ به اقليتن جا مسئلا نظر نه ٿا اچن؟ ڇا انهن مسئلن جو حل نه ٿو ڳوليو وڃي؟ ان وانگر اسان جي مسئلن جو به حل ڳولڻ گهرجي. سوال پيدا ٿئي ٿو ته آخر اقليتن مان مراد ڇا آهي؟ اقليتن مان ڪيئي ڳالهيون مراد وٺي سگهجن ٿيون. ممڪن آهي ته هڪ اقليت جو مذهب ملڪ جي ٻين شهرين جي مذهب کان مختلف هجي. ان جي زبان مختلف هجي. ان جو نسل مختلف هجي، ان جي ثقافت مختلف هجي، اهڙن مختلف عوامل، مذهب، ثقافت، نسل، زبان، آرٽ ۽ موسيقيءَ جي گڏجڻ ۽ ميلاپ سان هڪ اقليت، مملڪت جي اندر هڪ بلڪل ڌار شيءِ بنجي ٿي وڃي. بهرحال اسان کي هن مسئلي کي، هڪ سياسي مسئلو تصور ڪري حل ڳولڻ گهرجي ۽ ان کان ڪناره ڪشي ڪرڻ نه جڳائي.

مرڪزي اسيمبلي - 7 - فيبروري 1935ع

- اسان لاءِ هن وقت صرف آئيني جنگ ڪرڻ وارو مسئلو وڃي بچيو آهي، پر ان لاءِ اها ضرورت آهي ته هر جماعت ان مسئلي تي متفق راءِ ٿئي ۽ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪم ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ اچي. مان صاف ٻڌايان ٿو ته ڪانگريس مسلمانن کان سواءِ هرگز ڪامياب نه ٿيندي. پر جيستائين اسان جو تعلق آهي، اسان کي گهرجي ته پنهنجي تنظيم کي فعال ڪريون ۽ آزاديءَ ڏانهن حوصلي سان قدم وڌايون. جي اسان ڪامياب ٿياسون، پو‌ءِ لازمي طرح سان ڪانگريس مجبور ٿي اسان جي اڳيان ڪنڌ جهڪائيندي، ان کان سواءِ ڪانگريس لا ٻيو ڪوبه وسيلو ڪونه آهي.

اجلاس مسلم ليگ بمبئي - 12 - اپريل 1936ع

- اڪثريت سان ڪو معاهدو ڪيو وڃي، سو ممڪن ئي ناهي، ڇا لاءِ ته ڪو بااختيار ۽ ذميدار رهبر معاهدي جي سچي خواهش جو اڃا اظهار نه ڪري چڪو آهي. ٻيو ته ڇڏيو، ان ۾ سوچ ۽ ويچار جو ڪو ذرو به پيدا نه ٿيو آهي. جيستائين ٻئي ڌريون هڪ ٻئي جي عزت ڪرڻ نه سکنديون، تيستائين ڪوبه معاهدو سچن ۽ بنيادي اصولن تي ٿي نه ٿو سگهي. ڪمزور ڌر جي پاران امن ۽ صلح جي پيشڪش جو مطلب هميشه ڪمزوريءَ جو اعتراف ۽ جارحيت کي حملي ڪرڻ جي ترغيب ئي هوندو آهي. ان سلسلي ۾ حب الوطني، انصاف، رواداري ۽ خيرخواهيءَ جون سڀ اپيلون ائين بي فائدي رهجي وينديون آهن. هن حقيقت کي ڄاڻڻ لاءِ ڪنهن خاص قسم جي سياسي بصيرت جي ضرورت ناهي ته سڀ حفاظتون تيستائين ڪاغذ جي ردي پرزي وانگر آهن، جيستائين انهن جي پويان ڪا طاقت نه هجي. سياست جو مطلب اهو ناهي ته رڳو نعره بازيءَ ۽ رواداري ۽ خير خواهي جي چيخ وپڪار تي ڀروسو ڪيو وڃي. سياست جو مطلب آهي طاقت ۽ صرف طاقت!

اجلاس مسلم ليگ لکنؤ- 5 - آڪٽوبر 1937ع

- مان چاهيان ٿو ته مسلمان ان صورتحال تي بلڪل سنجيدگيءَ سان غور ڪن ۽ هڪ اهڙي واضح قطعي ۽ گهڻ طرفي پاليسي واضح ڪري پنهنجي تقدير جو پاڻ ئي فيصلو ڪن.  جنهن تي ايمانداريءَ سان پوري هندستان ۾ سڀ ماڻهو عمل ڪري سگهن. ڪانگريسي مسلمانن جي طرفان غير مشروط سپردگيءَ جي تبليغ هڪ وڏي غلطي آهي. اها شڪست خورده ذهن جي انتها آهي، ته پاڻ کي ويچارو ۽ ڪمزور قرار ڏئي، ٻين جي رحم ۽ ڪرم تي ڀروسو ڪيو وڃي. مان ته ائين به چوندس ته مسلمانن جي حق ۾ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا به غداري چئي نه ٿي سگهجي. جي الله نه ڪري ان پاليسيءَ کي اختيار ڪيو ويو ته پوءِ صاف صاف سمجهڻ گهرجي ته مسلمان پاڻ ئي پنهنجي برباديءَ ۽ تباهيءَ کي دعوت ڏين ٿا. ائين ڪرڻ سان ملڪ جي ترقيءَ، قومي زندگيءَ ۽ حڪومت ۾ ملندڙ جائز حقن کان محروم ٿي ويندا.

صرف هڪ شيءِ ئي مسلمانن کي بچائي سگهي ٿي ۽ کين سندن وڃايل وقار واپس ڏياري سگهي ٿي. اها شيءِ اها آهي ته سڀ کان اول پنهنجن روحن جو ٻيهر تسخير ڪن، جي ٻين جي حوالي ٿي چڪا آهن. ٻيو ته کين پنهنجي عظيم روايات ۽ اصول تي گڏ ٿيڻ گهرجي، جي سندن اتحاد جو بنياد آهن ۽ جي کين هڪ سياسي جماعت جي رشتي ۾ پروئي سگهن ٿا.

جيڪڏهن مسلمانن کي فرقه پرست، ٽوڊي  ۽ رجعت پسند يا اهڙن ٻين لقبن سان نوازيو وڃي ٿو ته پوءِ اوهان ان جي ڪا به پرواهه نه ڪريو.

عجيب حال آهي، مسلمانن جو اڄ ڪلهه وارو ٽوڊي ۽ ذليل ترين فرقه پرست جڏهن پنهنجي پاڻ کي غير مشروط انداز سان ڪانگريس جي حوالي ٿو ڪري ۽ پنهنجي قوم جي توهين ٿو ڪري، ته پوءِ سڀاڻي قوم پرستن جي تاجدار بنجڻ جي تمنا ٿو رکي.

اهڙن اصطلاحن، گارين ۽ غلط سلط لفظن جو مقصد اهو آهي ته مسلمانن ۾ احساس ڪمتري پيدا ڪيو وڃي. کين ڪمزور ۽ بزدل بڻايو وڃي، انهن جو مقصد اهو آهي ته اسان ۾ اختلاف پيدا ڪيو وڃي ۽ ساري دنيا ۾ اسان کي بدنام ڪيو وڃي. اسان ان قسم جي لغو ۽ غلط پروپيگنڊا کي شديد نفرت سان ڏسون ٿا.

اجلاس مسلم ليگ لکنؤ-  15- آڪٽوبر 1937ع

- هندستان ۾ اسان جي تربيت، برطانوي پارليماني جمهوريت جي روايات جي ماتحت ٿي آهي. اهو دستور (1935) جو  اسان جي مٿي ۾ هنيو ويو آهي. اهو گهڻو ڪري برطانوي طرز تي مرتب ڪيو ويو آهي. پر اسان جي هندستان ۽ انگلستان جي حڪومت ۾ بنيادي تفاوت موجود آهي. برطانيه ۾ اڪثريت واريون جماعتون  تبديليءَ کي پسند ڪنديون آهن. انهن جو رنگ ۽ روپ، انهن جي طاقت توڙي تعداد، انهن جا نمائندا ۽ ارڪان سڀ ضرورت آهر بدلجندا رهن ٿا. اڄ جيڪڏهن قدامت پسندن جي حڪومت آهي ته سڀاڻي آزادي پسندن جي ۽ ٻئي ڏينهن تي مزدورن جي حڪومت قائم ٿئي ٿي.

پر هندستان ۾ ائين ناهي. هت هڪ مستقل هندو اڪثريت موجود آهي ۽ ان جي مقابلي ۾ باقي سڀ ڪمزور ۽ ذليل اقليتون ئي آهن، جي طويل زماني تائين اڪثريت بنجڻ جي ڪا به اميد رکي نه ٿيون سگهن. ٿي سگهي ٿو ته اڪثريت غير فرقه وارانه نقاب منهن تي چاڙهي ۽ اقليتن کي فريب ڏيڻ جي ڪوشش ڪري. پر هو پنهنجي سرشت ۽ مزاج، پنهنجي عمل ۽ ڪردار ۾ ڪنهن به ٻئي جي شرڪت پسند نه ٿي ڪري، هوءَ پاڻ کي رڳو هندو سمجهي ٿي.

اقليتن جي لاءِ صرف اها ئي هڪ اميد ٿي سگهي ٿي ته هو پنهنجي مضبوط تنظيم ٺاهين ۽ پنهنجن حقن ۽ مفادن جي حفاظت لاءِ اختيارات جو هڪ مقرر ۽ وزنائتو، معقول ۽ فيصله ڪن حصو حاصل ڪن.

ياد رکڻ گهرجي ته ان قسم جي اختيار ۽ اقليتن جي تعاون ۽ رضامنديءَ کان سواءِ ڪوبه دستور هندستان ۾ ڪاميابيءَ سان نه ٿو هلائي سگهجي.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

5 فيبروري 1938ع

- ڪانگريس سراسر هندو جماعت آهي. مسلمانن پاران اسان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا ڪانگريس تي واضح ڪيو آهي ته مسلمانن جي آئنده تقدير جو دارومدار حڪومت ۽ ملڪ جي انتظام، سندن سياسي حقن جي حاصلات ۽ قومي زندگيءَ ۾ واجب حصي ملڻ تي آهي. ان سلسلي ۾ هو ان وقت تائين جنگ وڙهندا رهندا، جيستائين هندو راڄ جو خواب ۽ خيال ڪانگريس جي دل ۽ دماغ مان هميشه لاءِ نڪري نه وڃي. جيستائين مسلمانن جي بدن ۽ روح آهي، تيستائين هو ڪانگريس جي هندو راڄ ۾ هرگز هرگز غلام ٿي نه رهندا. اڄ مسلمانن جو آواز ڪانگريس ۽ اهڙين ٻين سياسي جماعتن سان هڪجهڙائيءَ جي دعويٰ ڪري ٿو سگهي.

مسلمانن جي جدوجهد رڳو مسلمانن لاءِ ئي مخصوص ناهي، بلڪ ان جو دسترخوان هر فرقي لاءِ کليل آهي. مسلمان، هر فرقي جي حقن جي حفاظت کي پنهنجو اولين فرض سمجهن ٿا.

اجلاس مسلم ليگ ڪلڪتـو

17 - اپريل 1938ع

- مسلمانن جي قوم اڄ اهڙي قوم وانگر ٿي چڪي آهي، جنهن جو سياسي، اخلاقي ۽ ثقافتي شعور ختم ٿي چڪو هجي. اڄ تائين اوهان مسلمانن پنهنجو اخلاقي، سياسي ۽ ثقافتي شعور حاصل نه ڪيو آهي، جو ماضيءَ ۾ هڪ معيار بنجي چڪو هو. اڃا ته اوهان مس سجاڳ ٿيا آهيو، اوهان جي سياسي شعور ۾ اڃا مس حرڪت پيدا ٿي آهي.

ڪانگريس جي دعويٰ غلط هجي يا درست هجي، ان جي قطع نظر اوهان ڏسي رهيا آهيو ته هندن پاڻ ۾ اخلاقي، ثقافتي  ۽ سياسي شعور وارا اوصاف پيدا ڪري ورتا آهن. انهن وصفن هندن ۾ قومي احساس جي صورت اختيار ڪري ورتي آهي. اها ئي طاقت هندن جي اڄ ڪلهه پشت پناهه  آهي.

مان چاهيان ٿو ته مسلمان به پاڻ ۾ طاقت پيدا ڪن. جڏهن به اوهان اها طاقت حاصل ڪندا، تڏهن جنهن شيءِ جي حاصل ڪرڻ جو ارادو ڪندا، اها حاصل ٿي ويندي. مٿن جا ڳاڻيٽو (راءِ شماري) چڱي ڳالهه سهي، پر ماڻهن جو ڳاڻيٽو قومن جي تقدير جو فيصلو نه ٿو ڪري سگهي.

اڃا ته اوهان کي قوميت ۽ قومي انفراديت جا پاڻ ۾ جوهر پيدا ڪرڻا آهن. اهو هڪ وڏو ڪم آهي ۽ اوهان اهو ڪم هاڻي شروع ڪيو آهي، ۽ مون کي ان جي وڏي اميد آهي. مسلمانن جا ترقي ڪئي آهي، اها هڪ معجزي کان گهٽ ناهي.  مون کي ته خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته اسان اهڙو حيرت انگيز مظاهرو ڪري سگهنداسون جو اڄ دنيا جي سامهون آهي، پر رڳو ان تي اڪتفا ڪرڻ نه گهرجي، اڃا ته ڪم جو مس مس آغاز ٿيو آهي.

اجلاس مسلم ليگ پاٽنا

26 - ڊسمبر 1938ع

- ڀلي اوهان جو تعداد سڀ کان گهڻو هجي، اوهان ترقي يافته هجو ۽ اوهان جي اقتصاديات سڀ کان محڪم سهي. ڀلي اوهان اهو قبول ڪندا رهو ته ماڻهن جو ڳاڻاٽو ئي آخري حل آهي، پر اوهان کي اهو صاف صاف ٿو ٻڌايان ته اوهان ٻنهين ڪانگريس ۽ انگريز کي متحد ٿي، يا جدا جدا حيثيت سان، اسان  جي روح کي فنا ڪرڻ ۾ ڪابه ڪاميابي حاصل نه ٿيندي. اوهان ان تهذيب کي ڪڏهن به مٽائي نه ٿا سگهو، ان اسلامي تهذيب کي، جا اسان کي ورثي ۾ ملي چڪي آهي. اسان جي ايمان جو نور اڃا زندهه آهي. اهو هميشه زندهه رهيو آهي ۽ هميشه زندهه رهڻو آهي، بيشڪ اوهان ٻئي گڏجي اسان کي مغلوب ڪريو، اسان تي ظلم ۽ ستم ڪريو، اسان سان بدسلوڪي کي جائز قرار ڏيو، پر ياد رکو! اسان هڪ يقيني نتيجي تي پهچي چڪا آهيون. اسان اهو سنگين فيصلو ڪري چڪا آهيون ته جي مرڻو ئي آهي ته پوءِ وڙهندي وڙهندي مرڻ بهتر آهي.

مرڪزي اسيمبلي دهلي

22 - مارچ 1939ع

- سڀني مشڪلاتن جي باوجود مون کي يقين آهي ته مسلمان ڪنهن به ٻئي فرقي جي بنسبت، بهتر سياسي دماغ رکن ٿا، سياسي شعور مسلمانن جي خون ۾ روان ۽ دوان آهي. حوصلو ۽ جدوجهد مسلمانن جي رڳن ۾ گردش ڪري رهيا آهن ۽ اسلام جي عظمت جو روح پرور پيغام سندن دلين ۾ ولوله انگيز حرارت پيدا ڪري چڪو آهي.

عريبڪ ڪاليجِ دهلي - 1939ع

- برطانيه جي حڪومت، هندستان تي حڪومت ڪرڻ گهري ٿي ۽ گانڌي جي، مسلم هندستان تي حڪومت ڪرڻ گهري ٿو. اسان چئون ٿا ته اسان ٻنهين کي مسلم هندستان تي حڪومت ڪرڻ نه ڏينداسون خواه اهي ٻئي قوتون گڏجي يا جدا جدا زور آزمائي ڪري ڏسن.

اڄ سڄي دنيا مڃي چڪي آهي ۽ حڪومت برطانيه به فهم ۽ فراست کان ڪم وٺي تسليم ڪري چڪي آهي ته مسلم ليگ ئي “مسلم هندستان” جي جائز ۽ نمائنده جماعت آهي. پر افسوس آهي جو اڄ تائين، ڪانگريس جي گهر ۾ روشني طلوع نه ٿي آهي ۽ اڃا ائين گانڌي جي، اوندهه ۾ هٿ پير هڻي رهيو آهي.

عريبڪ ڪاليج دهلي - 1939ع

- ان ڳالهه کي ٻه سال کن مس گذريا آهن، جو مون شملي ۾ چيو هو ته هندستان لاءِ پارليماني جمهوري نظام حڪومت نهايت غير موزون ۽ غير مفيد ٿيندو، جنهن تي ڪانگريسي اخبارون مڇرجي پيون ۽ منهنجي خلاف گارگند ۽ لعنت طعنن جي تحريري سازش شروع ڪري ڏنائون ۽ مون کي سمجهائڻ شروع ڪيائون ته “تون اسلام کي نقصان پهچائڻ وارو مجرم آهين، ڇو ته اسلام، جمهوريت جي تلقين ڪري ٿو ۽ تون ان جي مخالفت ڪري رهيو آهين.

آءُ کين ٻڌائڻ ٿو گهران ته مون وٽ اسلام جو علم آهي. اسلام اهڙي جمهوريت جي وڪالت نه ٿو ڪري، جو غير مسلم اڪثريت کي، مسلمانن جي قسمت جي فيصلي ڪرڻ جو اختيار سپرد ڪري.

ياد رکڻ گهرجي ته اسان ڪو اهڙو نظام حڪومت هرگز هرگز قبول نه ڪنداسون، جنهن موجب هڪ غير مسلم اڪثريت محض تعداد جي ڪثرت جي دليل سان اسان مسلمانن تي حڪومت ڪري ۽ اسان کي پنهنجو غلام بڻائي.

مسلم يونيورسٽي عليگڙهه

6 - مارچ 1940ع

- هندن ۽ انگريزن سمجهيو آهي ته مسلمان محض هڪ اقليت آهن، جن تي هندو اڪثريت کي حڪومت جو جمهوري حق حاصل آهي.

ان طرح ڪي نادان مسلمان هڪ ڪوڙي احساس ۾ مبتلا رهندا آيا آهن ته کين هر طرح سلامتي حاصل رهندي.

ان فريب وچان انهن نادانن اقليت جي اصطلاح کي تاريخي، آئيني ۽ قانوني مڃڻ شروع ڪيو آهي.

پر کين ياد رکڻ گهرجي ته مسلمان ڪنهن به حيثيت سان يورپي ملڪن جي اقليتن وانگر اقليت ناهن.

هڪ ڳالهه قطعي آهي ۽ اُها اها آهي ته اسان ڪنهن به طرح سان اقليت ناهيون، بلڪ اسان هڪ عظيم ۽ بلند نصيب نصب العين سان لاڳاپيل، خود هڪ ڌار ۽ ممتاز قوم آهيون.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

6 - مارچ 1940ع

- حقيقت هيءَ آهي ته اسلام جي قومي تصور ۽ هندو ڌرم جي ڌرمي ۽ سماجي طور طريقن جي باهمي اختلاف کي رڳو وهم ۽ گمان چوڻ، هندستان جي تاريخ جي ترديد ڪرڻ جي برابر آهي.

هڪ هزار سالن کان هندن جي تهذيب ۽ مسلمانن جي تهذيب هڪ ٻئي سان منهن مقابل آهن ۽ ٻئي قومون پاڻ ۾ ميل ميلاپ رکنديون آيون آهن. پر انهن جا پاڻ ۾ اختلاف ان پراڻي شدت موجب موجود رهندا آيا آهن. جيڪڏهن انهن متعلق اها اميد رکڻ ته رڳو ميل ميلاپ جي بنياد تي انقلاب اچي سگهي ٿو ۽ هندو مسلمان پاڻ ۾ گڏجي هڪ متحد قوم بڻجي ويندا ۽ هڪ اڪثريت پاران جمهوري آئين جي آڙ ۾ گڏ گذاري سگهندا، سراسر غلط آهي.

جڏهن هندستان ۾ ڏيڍ سؤ سالن کان قائم ٿيل برطانوي وحداني حڪومت ان ڪم ۾ ڪامياب نه ٿي سگهي آهي، ته پوءِ اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هندستان جي مرڪزي حڪومت ۾ فيڊرل نظام جي جبري قيام سان اهڙي ڪاميابي حاصل ٿي سگهندي. اصل ۾ هندستان جو سياسي مسئلو فرقن متعلق ناهي، بلڪ قومن متعلق آهي. بيشڪ ان کي هڪ بين الاقوامي مسئلو قرار ڏيڻ گهرجي، ۽ انهيءَ نقطي نگاهه سان ان جو حل سوچڻ گهرجي.

ضرورت اها آهي ته اسان بنيادي حقيقتن جي صداقت ۽ صحت کي تسليم ڪريون. جيستائين اسان ٻنهين قومن جي انفرادي حيثيت کي نه سمجهنداسون، تيستائين اسان جو تيار ڪيل آئين ڪامياب نه ٿيندو، بلڪ هندستان لاءِ تباهيءَ جو سبب ٿيندو.

اجلاس مسلم ليگ لاهور

23 - مارچ 1940ع

- ياد رکڻ گهرجي ته اسلام ۽ هندو ڌرم محض مذهب ناهن، بلڪ حقيقت ۾ ٻه جدا جدا ۽ مختلف  معاشرتي نظام آهن. تنهنڪري ان خواهش کي خواب ۽ خيال ئي سمجهڻ گهرجي، ته هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ ملي، هڪ گڏيل قوميت جي تخليق ڪري سگهن ٿا.

هندو ۽ مسلمان پاڻ ۾ شاديون ڪري نه ٿا سگهن، نه ڪو هڪ دسترخوان تي ماني کائي سگهن ٿا. مان چٽن لفظن ۾ چوان ٿو ته هندو ۽ مسلمان ٻن مختلف تهذيبن سان واسطو رکن ٿا ۽ انهن مختلف تهذيبن جو بنياد اهڙين حقيقتن تي رکيل آهي، جي هڪ ٻئي جو ضد آهن. بلڪ اڪثر هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن.

انساني زندگيءَ متعلق هندن ۽ مسلمانن جا خيال ۽ تصورات هڪ ٻئي کان مختلف آهن. هيءَ به هڪ واضح حقيقت آهي ته هندو ۽ مسلمان پنهنجي پنهنجي ترقيءَ جي تمنائن جي سلسلي ۾ مختلف تاريخن سان نسبت رکن ٿا. ٻنهي جا تاريخي وسيلا ۽ ماخذ به مختلف آهن. ٻنهين جو رزميه ڪلام، سندن مشهور ماڻهن جا قابل فخر تاريخي ڪارناما، سڀ مختلف ۽ الڳ الڳ آهن.

اڪثر حالتن ۾ هڪ قوم جو رهنما ۽ هيرو، ٻيءَ قوم جي بزرگ ۽ برتر هستين جو دشمن ٿو ثابت ٿئي. هڪ قوم جي فتح ٻيءَ قوم لاءِ شڪست ٿي رهي آهي. اهڙين ٻن مختلف قومن کي هڪ رياست ۽ هڪ حڪومت جي هڪ گڏيل گاڏيءَ گهلڻ لاءِ ٻن ڏاندن جو درجو ڏيڻ، فقط گڏيل تعاون سان قدم وڌائڻ تي راضي ڪرڻ سان ئي ممڪن ڪري سگهجي ٿو. اڄ ڪلهه حال اهو آهي، جو ٻنهين قومن جي دلين ۾ بي صبري روزبروز وڌندي ٿي رهي، جا آخر هڪ ڏينهن تباهي آڻيندي، خاص طرح سان ان صورت ۾ جڏهن هڪ قوم تعداد جي خيال سان اقليت ۾ هجي ۽ ٻيءَ قوم کي اڪثريت حاصل هجي. اهڙي رياست جي آئين جو عمل ڌوڙ ۾ ملي ڪري رهي ته رهي، باقي ناممڪن آهي.

اجلاس مسلم ليگ - لاهور

23 - مارچ 1940ع

- اقليت جي لفظ کي ايترو ته گهڻو استعمال ڪيو ويو آهي، جو ان جي غلط اثرات کي مٽائڻ گهڻن وقتن تي ڏاڍو مشڪل ٿي پيو آهي. ياد رهي ته مسلمان اقليت ۾ ناهن، پر هر لحاظ سان مسلمان هڪ مستقل ۽ جدا قوم آهن. ڪانگريس ۽ برطانيه پاران اڄ ڪلهه ائين چيو پيو وڃي ته بهرحال اوهان اقليت ۾ آهيو. آخر اوهان گهرو ڇا ٿا؟ ان طرح بابو راجيندر پرشاد به فرمايو آهيآخر اقليتن جي تقاضا ڪهڙي آهي؟

مان اعلان ٿو ڪريان ته يقيناً مسلمان اقليت ناهن. هندستان جي نقشي تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿيندو ته هن ملڪ جا وسيع علائقا مسلمانن جي قبضي ۾ آهن، جتي مسلمان اڪثريت ۾ آهن. مثلاً بنگال، صوبه سرحد، سنڌ، پنجاب ۽ بلوچستان.

اجلاس مسلم ليگ لاهور

23 - مارچ 1940ع

- قوميت جي تعريف چاهي ڪهڙي به منطق ۽ دليل سان ڪئي وڃي، مسلمان هر تعريف جي لحاظ سان هڪ الڳ قوم جي حيثيت رکن ٿا. ان ڪري مسلمان ان حقيقت جا حقدار آهن ته کين ملڪ ۾ سندن الڳ مملڪت ۽ پنهنجي جداگانه خودمختار رياست هئڻ گهرجي.

اسان مسلمان اهو چاهيون ٿا ته هندستان جي اندر اسان هڪ آزاد قوم بڻجي، پنهنجي هم اثر قومن سان گڏجي هم آهنگي ۽ امن وامان جي زندگي گذاري سگهون.

اسان جي تمنا آهي ته اسان جي مسلمان قوم پنهنجي روحاني، اخلاقي، تمدني، اقتصادي، معاشرتي ۽ سياسي زندگيءَ کي بهتر واڌ ويجهه ڏيئي سگهي.

ان حق جي حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙو عملي طريقو اختيار ڪري، جيڪو وٽس بهتر کان بهتر موجود هجي.

ٻيو ته اسان کي جي قدرتي عطائون بخشيون ويون آهن، اهي اسان جي بلند نصب العين سان هم آهنگ ٿي سگهن.

اجلاس مسلم ليگ لاهور

23 - مارچ 1940ع

- مان ڪيئي ڀيرا چئي چڪو آهيان ته جناب گانڌي جي، ديانتداريءَ سان تسليم ڪري ته ڪانگريس هندو جماعت آهي ۽ اها صرف هندن جي نمائنده آهي. حيرت آهي ته گانڌي جي، ڇو اها ڳالهه فخر سان نه ٿو چوي ته مان هندو آهيان، ۽ ڪانگريس کي هندن جي حمايت حاصل آهي مون کي جڏهن چيو وڃي ٿو ته مان مسلمان آهيان، تڏهن مون کي ته ڪو شرم محسوس نه ٿو ٿئي.

اجلاس مسلم ليگ لاهور

23 - مارچ 1940ع

- مسلم اقليت کي اهو غلط تصور ڏنو ويو آهي ته هندستان جي جيڪڏهن ورهاست ڪئي وئي يا الڳ ڪرڻ جو مسئلو عمل ۾ آيو ته پوءِ مسلمان گهاٽي ۾ رهندا ۽ بلڪل بي سهارا ڇڏيا ويندا.

مان هت واضح ڪرڻ ٿو گهران ته گڏيل هندستان ۾ يا هڪ مرڪزي حڪومت جي ماتحت مسلمان جتي به اقليت ۾ هوندا، اتي هو پنهنجي موقف کي بهتر بڻائي سگهن ٿا. خواه ڇا به ٿي پوي. هو محض هڪ اقليت ئي رهندا. البت هو انهن سڀني حقن جي حفاظت جو بجا طور تي مطالبو ڪري سگهن ٿا، جا حفاظت هر مهذب حڪومت ۾ موجود آهي پر ورهاست هند لاءِ سنگ راهه بڻجي هو پنهنجي موقف کي بهتر نه بڻائي سگهندا ۽ نه ڪو بڻائي ٿا سگهن. ان جي ابتڙ هو پنهنجي مخالفاڻي روش سان هڪ اسلامي وطن ۽ ان جي ڇهن ڪروڙ مسلمانن کي هڪ اهڙي حڪومت جي ماتحت آڻي سگهن ٿا، جتي هو روايتي اقليت کان وڌيڪ ڪجهه به نه هوندا.

اخباري بيان - مارچ 1940ع

- سڀ کان اول ته ورهاست هند کي مڃڻ گهرجي. ان کان پوءِ صرف اهو سوال رهجي ٿو وڃي ته ان کي ڪهڙيءَ حيثيت سان عملي صورت ڏني وڃي. تفصيل جو سوال ته پوءِ پيدا ٿئي ٿو. ضرورت آهي، تدبر ۽ مفاهمت کان ڪم ورتو ويندو. پهريائين ته اسان کي يقين پيدا ڪري، اميد سان وابسته ٿيڻ گهرجي. عزم ۽ ارادي سان پنهنجي راهه پاڻ پيدا ڪرڻ گهرجي. آهي ڪو اهڙو مثال ته ڪنهن اصول کي مڃڻ کان اڳ ان جي تفصيلن متعلق بحث ڪيو ويو هجي.

اخباري بيان - 7 اپريل 1940ع

- گانڌي جي، جو چوڻ آهي ته هندستان کي جيئري ئي ٻه ٽڪرا ڪيو پيو وڃي!

راج گوپال آچاريه چوي ٿو: ٻار جا ٻه ٽڪرا ڪيا پيا وڃن ۽ جڏهن ته قدرت پاران اڳ ۾ ئي هندستان کي ورهايو ويو آهي ۽ ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيل آهي. هندستان جي نقشي تي مسلم هندوستان ۽ هندو، هندستان اڳي ئي موجود آهن. نه معلوم ان سنئين سڌي مسئلي متعلق ايتري واويلا ڇو ٿي ڪئي وڃي؟ آخر اهو ملڪ آهي ڪٿي جنهن کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويندو؟ ۽ اها قوم آهي ڪٿي، جنهن جي قوميت کي فنا ڪيو ويندو؟

اها طاقت جنهن جي قبضهءِ قدرت ۾ اڄ هندستان آهي، سا طاقت انگريز آهي ۽ اهو خيال جو ماڻهن جي دماغن ۾ ويهاريو ويو آهي ته هندستان هڪ متحد ملڪ آهي، ۽ ان جي هڪ حڪومت آهي، اهو صرف ان ڪري جو انگريز هن ملڪ تي حڪمران آهي.

مسلم ليگ ڪانفرنس بمبئي

26 - مئي 1940ع

- اسان يقيني طور تي ۽ هميشه جي لاءِ پاڪستان کي پنهنجي منزل مقصود قرار ڏئي چڪا آهيون ۽ اسان ان لاءِ وڙهڻ ۽ مرڻ لاءِ تيار آهيون. ان متعلق ڪنهن به قسم جي غلط فهميءَ کي دل ۾ جاءِ نه ڏيڻ گهرجي.

اها جمهوريت، جا مسٽر ڀولا ڀائي ڊيسائيءَ. جي ذهن ۾ آهي، سا ڪافي وقت ٿيو  ته مري چڪي آهي.

اسان تعداد ۾ بيشڪ گهٽ آهيون. گهٽ آهيون، پر هن چوڻ جي جرئت ڪيان ٿو ته اسان مسلمان جي چاهيون ۽ ارادو ڪيون ته پوءِ اوهان کي ڪانگريس کان سؤ دفعا وڌيڪ تڪليف ڏئي سگهون ٿا.

اوهان ان حقيقت کان بي خبر هجو ته هجو، پر مان چڱيءَ طرح سان آگاهه آهيان. مان هيءَ ڳالهه ڌمڪيءَ لاءِ نه چئي  آهي، محض اوهان جي آگاهيءَ لاءِ چئي آهي.

مرڪزي اسيمبلي - 19 نومبر 1940ع

- ڪانگريسي رهنمائن چوڻ شرع ڪيو آهي ته اسان مسٽر جناح يا مسلم ليگ جي مقرر ڪيل ميمبر کي هندستان جو وزيراعظم بنائڻ لاءِ تيار آهيون. اهي اهو به چون ٿا ته اسان اختيارات نه ٿا گهرون. مسلمان سڀ اختيار وٺي سگهن ٿا ۽ اسان انگريزي راڄ جي بنسبت مسلم راڄ کي ترجيح ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

ڇا ڪو شخص، جنهن ۾ ذرو به عقل آهي، ان دعويٰ تي يقين ڪري سگهي ٿو؟ هرگز نه! مسلمان هاڻي بلڪل باشعور بڻجي چڪا آهن. انهن ۾ گذريل ٽن سالن جي مقابلي ۾ وڌيڪ فرق پيدا ٿي چڪو آهي. ڪامل فرق ۽ بنيادي فرق. مون کي يقين آهي ته پنجن سالن کان پوءِ اهو فرق اڃا به وڌيڪ وڌي ويندو.

عريبڪ ڪاليج دهلي - نومبر 1940ع

- مسلمان ڇا ٿا گهرن؟ گذريل پنجويهن سالن ۾ مسلمانن، عزت ڀرئي ٺاهه لاءِ ڪافي ڪوششون ڪيون آهن، پر باوجود ڪانگريس ۽ هندن جي ڀائيچاري جي دعوائن جي، ڪوبه ٺاهه، اڄ ڏينهن تائين نه ٿي سگهيو آهي. هونءَ ته هندو مسلم ٺاهه، ڪانگريس جي ڪاغذن ۽ لکيتن جو اهم جزو بڻجي چڪو آهي، پر اتحاد ۽ اتفاق جي بجاءِ هندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي کان اڃا به وڌيڪ پري ٿيندا پيا وڃن. ان جو سبب فقط اهو آهي ته ڪانگريس ۽ هندو هڪ اهڙو ٺاهه ڪرڻ ٿا گهرن، جنهن جي ڪري سڄي هندستان جو اقتدار فقط هندن جي قبضي ۾ ئي رهي. ٻئي طرف مسلمان اهو ٿا گهرن ته کين آزادي ۽ هندستان جي آئنده واري حڪومت ۾ لائق ۽ سندن حق آهر مساوي حصو ملڻ گهرجي.

Text Box: 71

 

Text Box: 72

 

هندو- مسلم نقطي نظر ۾ به بنيادي فرق آهي ۽ اهو ئي فرق آهي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي، جو اسان ۽ ڪانگريس گڏجي به برطانيه کان هڪ ذمه دار گڏيل حڪومت کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهيون.

 

اسان هندو ڀائرن  کي غور ۽ فڪر جي دعوت ڏيون ٿا. اچو ديانتدار ۽ عملي مدبرن وانگر گذريل پنجويهن سالن جي تجربي مان ڪجهه فائدو پرايون. ٺاهه جي اصولن ۽ نتيجن تي غور ڪريون.

هندن کي گهرجي ته هو هندو راڄ جو خواب ڏسڻ ترڪ ڪري ڇڏين ۽ هندستان کي مسلم هندستان ۽ هندو هندستان لاءِ ورهاڱي تي راضي ٿين.

مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن دهلي - نومبر 1940ع

- ڪانگريس آزاديءَ جي طلبگار آهي. ان لاءِ حڪومت برطانيه کان مطالبو ڪري رهي آهي ته ان جو اعلان ڪيو وڃي.

ڇا تاريخ ۾ ڪنهن اهڙي ملڪ يا قوم جو ڪو مثال موجود آهي، جنهن کي آزادي ۽ خودمختياري، حڪومت جي هڪ غير معمولي اعلان سان ملي هجي؟

پنهنجي پاڻ کي اول آزاديءَ جو اهل ۽ لائق  ثابت ڪرڻو پوندو آهي، جدوجهد ڪرڻي پوي ٿي، بلڪ اڳتي وڌي قبضو ڪرڻو پوندو آهي.

مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن دهلي - نومبر 1940ع

- انهن مسلمان ڀائرن متعلق ڪنهن به پريشانيءَ ۽ تشويش جي ضرورت ناهي، جي اقليت وارن صوبن ۾ رهن ٿا.

غور طلب مسئلو هي آهي ته  جيڪڏهن ساڍن ڇهن ڪروڙ مسلمانن کي، جي اڪثريت وارن حصن ۾ آباد آهن، هڪ ڪل هند گڏيل حڪومت جي تابع ڪيو وڃي ته باقي بچيل اڍائي ڪروڙ مسلمانن کي ڪهڙو فائدو پهچندو، جي ٻين صوبن ۾ رهن ٿا.

مان جنهن صوبي ۾ اقليت مان آهيان، اتي پنهنجي قسمت تي شڪر ۽ صبر سان پنهنجو فرض ادا ڪندو رهندس، پر مان انهن مسلمانن کي ضرور آزاد ڪرائيندس، جي هندن جي اقتدار ۾ آهن ۽ دوامي اقليت ۾ شمار ٿين ٿا. اڪثريت وارن صوبن ۾ غلاميءَ جي زندگي گذاري رهيا آهن.

بمبئي جي نوجوانن جي ميڙاڪي کي خطاب

3 - جنوري 1941ع

- چڱيءَ طرح سان ياد رکڻ گهرجي، آزادي جي جدوجهد ڪو معمولي ڪم ناهي. هي سلطنت مغليه جي زوال کان وٺي اڄ سوڌو، سڀ کان وڏو ڪم آهي. جو اوهان پنهنجي ذمه کنيو آهي.

چڱيءَ طرح سمجهو ته منزل تائين پهچڻ لاءِ سڀني وسيلن کان ڪم وٺڻو پوندو. هر ممڪن طريقي سان مڪمل تياري ڪرڻي پوندي.

مان اوهان کي اهو به چوندس ته جذبات جي لهرن ۾ لڙهڻ مان ڪوبه فائدو نه ٿيندو ۽ نه ڪو نعرن جي هڻڻ سان ڪاميابي حاصل ٿيندي.

پنجاب اسٽوڊنٽس فيڊريشن لاهور

20 - مارچ 1941ع

- قومي تعمير لاءِ وڏا وڏا شعبا ڪهڙا آهن؟ اچو اڄ مان اوهان کي ٻڌايان ٿو:

ڪنهن به قوم کي هڪ مملڪت جي حڪمران بنائڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي بنيادي ٿنڀ ٿين ٿا. پهريون ٿنڀ آهي تعليم. تعليم کان سواءِ اوهان بلڪل اهڙي حالت ۾ آهيو، جهڙي ڪلهه رات هن پنڊال جي اوندهه ۾ هئي. تعليم حاصل ڪرڻ سان اوهان ان حالت ۾ ايندا جهڙي اڄوڪي روشن ڏينهن واري آهي.

ٻيو ته ڪابه قوم، ڪوبه وڏو ڪم نه ٿي ڪري سگهي، جيستائين اها ڪاروبار، تجارت ۽ صنعت وحرفت جي ميدانن ۾ معاشي طور تي مضبوط نه ٿي آهي.

ٽيون جڏهن اوهان تعليم جي ذريعي، علم جي روشني حاصل ڪري معاشي، تجارتي ۽ صنعتي اعتبار کان پاڻ کي مضبوط نه ڪيو آهي، تستائين پنهنجي دفاع لاءِ ڪجهه به ڪري نه سگهبو. يعني ٻاهرين جارحيت کان بچاءَ ۽ اندروني امن وامان کي برقرار رکڻ.

انهن ٽن ٿنڀن تي هڪ قوم جي عمارت تيار ٿي سگهي ٿي. ٻيو ته ڪنهن قوم جي طاقت ۽ عظمت  جو اندازو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته سندس اهي ٽيئي ٿنڀا ڪيترا مضبوط آهن ۽ قوم انهن ٽنهين شعبن ۾ ڇا ڇا ڪرڻ لاءِ  تيار آهي.

افسوس آهي جو اڄ اوهان انهن ٽنهين شعبن ۾ سڀ کان هيٺ آهيو. تعليمي اعتبار کان هڪ وڏو خال موجود آهي، جنهن کي ڀرڻو آهي. معاشي ۽ مالي حيثيت سان مسلمانن کي افلاس ۽ غربت نپوڙي ڇڏيو آهي ۽ سڄي قوم ڄڻ ته ڏيوالي ۾ اچي چڪي آهي. جيستائين دفاع جو تعلق آهي، ان متعلق موجوده نظام حڪومت پاران، مسلمانن کي تمام گهٽ وسيلا ڏنا ويا آهن.

مان اوهان کي هڪ پروگرام ڏئي رهيو آهيان. اوهان کي غيض ۽ غضب جوش ۽ خروش جي زبان ۾ ڳاليهون نه ڪرڻ گهرجن. ڇا لاءِ ته مون کي يقين آهي ته اسان کي ان زبان ۾ ڳالهيون ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي. ڇو؟ هن لاءِ ته اول ته اسان جو مطالبو توڙي اسان جو مقصد، جائز انصاف تي ٻڌل ۽ سچو آهي. ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته جي ماڻهو طاقتور آهن ۽ پاڻ تي اعتماد ڪرڻ سکيا آهن، تن کي ڌمڪين ڏيڻ ۽ جوشيلي زبان کي استعمال ڪرڻ جي آخر ضرورت ئي ڪهڙي آهي.

جيستائين ممڪن هجي، اوستائين پنهنجن مخالفن کي سمجهائڻ لاءِ عقل ۽ دليل کان ڪم وٺڻ گهرجي. مان اهو به ڄاڻان ٿو ته بيشڪ عقل ۽ دليل کي هميشه لاءِ ڪا ڪاميابي به نصيب نه ٿي ٿئي، پر اسان کي پنهنجي طرف کان پوري پوري ڪوشش ڪرڻ جڳائي.

جي ماڻهو قرارداد پاڪستان جي خلاف آهن، اسان کي انهن جي دل ۾ غير ضروري تلخي پيدا ڪرڻ نه گهرجي. آخر اسان کي ضرورت ئي ڪهڙي آهي جو ويٺا ماڻهن سان تلخي ڪيون.

مون کي پورو پورو يقين آهي ته هڪ ڏينهن اسان جا مخالف ضرور محسوس ڪندا ته هندستان جي انتهائي مشڪل منجهيل مسئلي جو واحد ۽ بهترين حل فقط پاڪستان جي قيام ۾ موجود آهي، جنهن جي قيام جهڙو مثال دنيا جي تاريخ ۾ ڪٿي به ملي نه ٿو سگهي.

پنجاب مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن

2 - مارچ 1941ع

- هندو قيادت اڄ تائين اها ئي پراڻي راڳڻي آلاپيندي پئي اچي ته مسلمان هڪ اقليت آهن، ان ڪري اسان جمعيت اقوام جي ٺهراءَ  مطابق کين سڀني حفاظتن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.

مان پنهنجن دوستن ۽ هندو ليڊرن کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته جمعيت اقوام ته مري چڪي آهي، ڇا اوهان کي اڃا تائين اها ڳالهه معلوم نه ٿي آهي؟ مان اوهان کي ٻڌائڻ ٿو گهران ته گهٽ ۾ گهٽ 25 سال اوهان پوئتي رهجي ويا آهيو. اوهان کي اهو احساس به نه آهي ته پوري دنيا جو چهرو هڪ هڪ هفتي کان پوءِ، هڪ هڪ مهيني کان پوءِ تبديل ٿي رهيو آهي.

يورپ ۽ جنگ جي ٻين ميدانن ۾ اڄ تائين ڪهڙيون تبديليون اچي چڪيون آهن، انهن جي اوهان کي ڪا به خبر ناهي.

افسوس اهو آهي ته هي قدامت پرست فرقو، هي ڇوت ڇات تي يقين رکندڙ فرقو، اڄ تائين پنهنجي ارادي ۽ روش کي بدلائڻ لاءِ تيار ناهي. اهو رجعت پرست فرقو، پنهنجي خيالن کي جديد بنائڻ لاءِ تيار ناهي. بهرحال اسان جو انهن سان ڇا؟ هيءَ ڳالهه روز روشن وانگر واضح ۽ صاف آهي ته اسان اقليت ناهيون. اسان هڪ قوم آهيون. ان ڪري هڪ قوم کي آباد ۽ خوشحال رهڻ لاءِ هڪ علائقو گهرجي. انهن رجعت پسندن کي اهو به ذهن نشين ڪرڻ گهرجي، ته ڪا به قوم هوا ۾ رهي نه ٿي سگهي، ان جي هن زمين تي حڪمراني  هئڻ گهرجي. قوم کي پنهنجي مخصوص علائقي ۾ آزاد مملڪت گهرجي ۽ اوهان به اهو ئي ته حاصل ڪرڻ گهرو ٿا.

پنجاب مسلم اسٽوڊنٽس فيڊريشن

2 - مارچ 1941ع

- مسلم اقليت جي صوبن ۽ صوبن ۾ آباد مسلمان نهايت خوددار ۽ بلند حوصله آهن. هنن جو چوڻ آهي ته مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾ آباد ڀائرن جي ڇوٽڪاري ۽ آزاديءَ خاطر اسان هر قسم جي ايثار ۽ قربانيءَ لاءِ تيار آهيون. پنهنجن ڀائرن جي راه ۾ رڪاوٽ بڻجڻ، توڙي انهن کي گڏيل هندستان ۾ پاڻ سان گڏ گهلڻ سان، اسان پنهنجيءَ حالت کي بهتر نه ٿا ڪري سگهون. بلڪ ائين ڪندي اسان سندن حيثيت کي پاڻ گهٽائي کين اقليت بڻائي ڇڏينداسون.

اسان اهو پڪو فيصلو ڪيو آهي ته خواه ڪجهه به ٿي وڃي اسان پنهنجن ڀائرن کي هندو اڪثريت جو حلقه بگوش نه بڻجڻ ڏينداسون.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

10 مارچ 1941ع

- مان هر هر چئي چڪو آهيان، ته جمهوري پارليماني نظام حڪومت جهڙو اڄ ڪلهه انگلستان ۽ يورپي ملڪن ۾ موجود آهي، سو هندستان لاءِ قطعاً غير موزون آهي.

ڪانگريسي اخبارن ۾ آزاديءَ جي دشمن وانگر مون تي ملامت ڪئي وئي آهي. مون کي عتاب آميز طعنن سان نوازيو ويو آهي، پر منهنجي بيان جي حقيقت سڀني سمجهه وارن شخصن جي دل ۽ دماغ تي مسلسل ظاهر ٿيندي پئي وڃي.

هندستان ۾ اڄ تائين برطانوي حڪمت عمليءَ جو بنياد ٻن ٿنڀن تي رکيل آهي. پهريون ٿنڀ اهو ته هندستان هڪ وحدت آهي ٻيو ٿنڀ اهو ته دستور هند جو بنياد مغربي طرز جي جمهوري نظام مطابق هئڻ گهرجي.

پر هندستان جي مسلمانن هر قسم جي شڪ ۽ شبهي کان پري هيءَ حقيقت مسلم ۽ واضح ڪري ڇڏي آهي ته مسلمان هر مروج اصطلاح جي مفهوم ۾ اقليت نه آهن بلڪ هڪ قوم آهن.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

10 - مارچ 1941ع

- ياد رکڻ گهرجي ته چين ۽ آمريڪا جهڙين وڏين ٽوپين جي گڏيل طاقت به ڪو اهڙو دستور اسان تي مقرر ڪري نه ٿي سگهي. جنهن ۾ مسلمانن کي نظرانداز ڪيو ويو هجي.

جيڪڏهن گڏيل قومن پاران ڪنهن اهڙي چريائپ ڀري ۽ بيوقوفاڻي غلطيءَ جو ارتڪاب ڪيو ويو ته پوءِ ياد رکجو ته هڪ حقير ڪيڙو به پنهنجي دفاع ۽ بچاءَ لاءِ سڀ ڪجهه ڪري سگهي ٿو.

انهن انگريزن جي سنگينين جي پرواهه نه ڪندي، جن جي پاڇي ۾ ڪانگريس راڄ جو ڍونگ رچايو پيو وڃي، اسان ملڪ جي ساري نظام ۾ زلزلو  پيدا ڪري ڇڏينداسون ۽ اهڙي هندو راڄ کي مفلوج ۽ معطل ڪري ڇڏينداسون.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

2 - نومبر 1941ع

- هيءَ هڪ تاريخي حقيقت آهي، ته تقريباً هڪ هزار سال کان، هندن ملڪ جي ڪنهن قابل ذڪر حصي تي ڪا حڪومت نه هلائي آهي. پر اسان جي تجويز پٽاندر کين رپئي مان ٻارنهن آنا هندوستان ملي رهيو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجو هندو راڄ قائم ڪري سگهن ٿا.

مون کين اپيل ڪئي آهي ته هو اجايو حرص ۽ لالـچ نه ڪن، پر ڏسڻ ۾ ائين پيو اچي ته هو اٽڪلن سان سڄي هندستان کي هڙپ ڪرڻ گهرن ٿا.

مان کين چوان ٿو ته اوهان ٻارنهن آنا هندستان وٺو، پر منهنجي چئين آني جيتري هندستان تي اجايو حسد نه ڪيو ۽ مون کي پنهنجي اسلامي تاريخ جي روشنيءَ ۾ پنهنجي روايات، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي تهذيب کي برقرار رکندي، زندگيءَ کي گذارڻ ڏيو ۽ اوهان پنهنجي وسيع هندستان ۾ ڀلي هندو راڄ هلايو.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

2 - نومبر 1941ع

- اسان مسلمان پنهنجي روشن ۽ تابنده تهذيب ۽ تمدن جي لحاظ سان هڪ ممتاز قوم آهيون.

ادب ۽ شعر، فنون لطيفه، فن تعمير، نام ونسب، شعور ۽ اقدار، قانون ۽ اخلاق، رسم و رواج، تاريخ ۽ روايات، مقصد ۽ ڪردار جي لحاظ سان اسان وٽ هڪ ممتاز ۽ ڏسڻ جو منفرد انداز به آهي ۽ فلسفه حيات به آهي.

بين الاقوامي قانون جي هر تعريف اسان جي قوميت کي سلامتي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

ايسوسيئيٽيڊ پريس آمريڪا لاءِ بيان

1 - جولاءِ 1942ع

- گذريل ٽن سالن واري برطانوي پاليسي ڪيتري به ملامت جي قابل ڇو نه هجي، اسان جي حالت اها ئي گدري واري آهي، گدرو ڇُري تي ڪري يا ڇُري گدري تي ڪري، هر حال ۾ نقصان گدري کي ٿو پهچي.

فرض ڪريو، جيڪڏهن برطانوي پاليسيءَ کان تنگ اچي ڏک ۽ ڪاوڙ وچان ڪنهن مهل مسلمانن کي چئي ويهان ته انگريزن سان تعاون نه ڪريو ته پوءِ يقين سان سمجهڻ گهرجي ته حڪومت اڄ جيتري قدر (ڪانگريس جي هٿان) مصيبت ڀوڳي رهي آهي، ان کان گهٽ ۾ گهٽ پنجاهه دفعا کيس اسان مسلمانن جي هٿان مصيبت ڀوڳڻي پوندي.

اها بندوق ۽ تلوار جي ڳالهه ناهي. مسلمان پنجاهه دفعا ٻين کان وڌيڪ بهادر ۽ دلير آهن، ائين چئي مان هندن تي ڪا ٽوڪ نه ٿو ڪيان. فقط تاريخي حقيقت ٿو ورجايان. مسلمانن جو مزاج، حوصلو ۽ سکيا جو طريقي ڪار ئي ڪجهه ان قسم جو آهي.

پرڏيهي نمائندن کي انٽرويو

3 - سيپٽمبر 1942ع

- ڀلا اهو ڪهڙو رشتو آهي، جنهن ۾ پوئجي، روءِ زمين جا مسلمان هڪ جسم ۽ روح وانگر ٿي چڪا آهن. اهو ڪهڙو پهاڙ آهي، جنهن جي مٿان ملت جي عمارت مضبوط بيٺي آهي. اهو ڪهڙو لنگر آهي، جنهن سان هن امت جي ٻيڙي محفوظ ڪئي وئي آهي.

ياد رهي، اهو رشتو، اهو پهاڙ ۽ اهو لنگر خدا جو ڪتاب قرآن ڪريم آهي جنهن آزاديءَ جو روح پيدا ڪيو آهي.

مون کي يقين آهي ته جيئن اسان اڳتي وڌندا وينداسون تيئن اسان ۾ وڌ کان وڌ اتحاد پيدا ٿيندو. هڪ خدا، هڪ رسول، هڪ ڪتاب ۽ هڪ امت!

اجلاس مسلم ليگ ڪراچي 1943ع

- پاڪستان ان ڏينهن تي وجود ۾ اچي چڪو هو، جڏهن هندستان ۾ پهريون هندو مسلمان ٿيو هو.

اها ان زماني جي ڳالهه آهي، جڏهن هتي مسلمانن جي اڃا ڪا حڪومت به قائم نه ٿي هئي.

مسلمانن جي قوميت جو بنياد ڪلمو توحيد آهي نه ڪو خان خاندان ۽ نسل، نه ڪو وطن لاءِ نعريبازي.

هندستان جو جڏهن پهريون فرد مسلمان ٿيو، تڏهن مسلمان ٿيڻ شرط سندس قوميت به بدلجي ويئي ۽ هو پهرينءَ قوم جو فرد نه رهيو. هو ان کان الڳ قوم جو فرد  بڻجي ويو. ان طرح هندستان ۾ هڪ نئين قوم وجود ۾ آئي.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

8 - مارچ 1943ع

- اوهان غور فرمايو آهي ته پاڪستان جي مطالبي  جو بنيادي ۽ جذبه  محرڪه ڪهڙو هو؟ مسلمانن لا هڪ الڳ مملڪت لاءِ جواز جو دليل ڪهڙو هو؟ هند جي ورهاڱي جي ضرورت ڇو پيدا ٿي؟

مون کان ان جو جواب ٻڌو. ان جو سبب نه ته هندن جي تنگ نظري آهي ۽ نه ڪا انگريز جي چال. هي اسلام جو بنيادي مطالبو آهي.

مسلم يونيورسٽي عليڳڙهه

8 - مارچ 1943ع

- اها حقيقت  ياد رکڻ گهرجي ته اسان جو ڪو به دوست ناهي. اسان کي نه انگريز تي ڀروسو آهي ۽ نڪو هندو واڻئي تي. اسان ٻنهين جي خلاف آزاديءَ جي جنگ ڪنداسون، خواهه هو ٻئي پاڻ ۾ گڏ ڇو نه ٿي وڃن.

اجلاس عام پشاور -  2 - نومبر 1945ع

- اسان پنهنجي سوال متعلق دليل بازي ۽ بحث مباحثي ڪندي، بلڪل ٿڪجي پيا آهيون، ڪنهن کان به امداد جي طلب ڪرڻ بي سود آهي.

دنيا ۾ ڪا به اهڙي عدالت ناهي، جنهن کان اسان ڪا امداد وٺي سگهون.

اسان جي آخري عدالت ملت اسلاميه آهي، اسان ان جي فيصلي تي هلنداسون.

مسلم ليگ ڪائونسل بمبئي - 27 - جون 1946ع

- اسان جي راهه ۾ ڪابه شيءِ رڪاوٽ بڻجي نه ٿي سگهي. نه ڪوئي اسان کي پنهنجي نصب العين کان هٽائي سگهي، اسان سڀني رڪاوٽن جو مقابلو ڪنداسون. مصيبتون سهنداسون، تان جو اسان باهه جي شعلن مان به نڪري پار پونداسون. بيشڪ رستي ۾ اسان کي ناڪامين سان مقابلو ڪرڻو پوندو، پر ڪابه شيءِ اسان جي راهه ۾ رڪاوٽ بڻجي نه ٿي سگهي ۽ نه ڪو ڪابه قوت اسان کي مغلوب ڪري سگهي ٿي. اسان جو مطالبو نهايت معقول آهي ۽ ان سان گڏ حق ۽ انصاف تي ٻڌل آهي. خدا اسان سان گڏ آهي. ڏهن ڪروڙن واري زندهه جاويد قوم مٽائي نه ٿي سگهجي. خواه اسان کي ڪيتريون به مشڪلاتون ڏسڻيون پون. اسان پاڪستان ضرور وٺنداسون. پاڪستان کان سواءِ هند جا  مسلمان تباهه ٿي ويندا.

جشن عيد، قيصر باغ - بمبئي

30 - آگسٽ 1946ع

- مون کي معلوم آهي ته مسلمان دلير ۽ مجاهد آهن. پر هي وقت اهڙو نازڪ آهي جو کين پنهنجي گهر جي خبر وٺڻ گهرجي. ڇا اوهان پنهنجي گهر جي حالت درست ڪئي آهي؟ ان سوال تي غور ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي دل کان پڇڻ گهرجي ته ان جو جواب ڪهڙو آهي؟ مان جتي به وڃان ٿو اتي اهو ٿو ٻڌان ته قائداعظم! اسان تنهنجي حڪم جا منتظر آهيون مان چوان ٿو ته قائداعظم هرگز هرگز حڪم ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. جيستائين کيس اهو يقين نه ٿي وڃي، ته مسلمانن جو جيڪو خون وهندو، سو ضايع نه ويندو. جيڪڏهن مان ان يقين حاصل ڪرڻ کان سواءِ مسلمانن کي حڪم ڏيئي ڇڏيان ته پوءِ ان حالت ۾ مان جنرل نه بلڪ مجرم ٿيندس. ان ڪري مان اوهان کي چوندو ٿو اچان ته اوهان سڀ کان اول پنهنجي گهر جي حالت کي درست ڪيو. ڪافي دير ٿي وئي آهي، پر اڃا وقت هٿان نه ويو آهي. هن وقت بلند آواز دعوائن جي به ڪا ضرورت ناهي.

مسلمانن اهڙو ماڻهو ڳولهي ڪڍيو آهي، جو سندن خوبين ۽ ڪمزورين ٻنهين کان واقف آهي، ان ڪري ان سان تعاون ڪيو. آخر مان به انسان آهيان، مون کان به غلطي ٿي سگهي ٿي. ان ڪري هر مخلص شخص کي اهو اختيار آهي ته هو خدا ڪارڻ منهنجي ڪم جي باري ۾ مون کي مشورو ڏئي ۽ تنقيد ڪري. اهو يقين رکڻ گهرجي ته هر خط ۽ هر تار، جي مون ڏانهن اچن ٿا، سي مان پاڻ پڙهان ٿو. هڪ هڪ سٽ پڙهان ٿو ۽ منهنجو سڀ کان گهڻو وقت ان ڪم ۾ گذري ٿو. ان ڪري مسلمان، زباني ڳالهين جي بجاءِ جو ڪجهه به سوچي يا محسوس ڪري، سو مون ڏانهن لکي موڪلي، مان ان تي غور ڪندس ۽ هر مناسب مشوري کي قبول ڪندس.

مان مسلمانن کي اهو يقين ٿو ڏياريان ته جيڪڏهن منهنجي خدا مدد ڪئي ته پوءِ انشاءَ الله مان مسلمانن کي منزل تائين توڙ رسائيندس.

جلسه عام - دهلي - نومبر 1946ع

- جيڪڏهن حقيقت ۾ اوهان پاڪستان گهرو ٿا ته پوءِ ان حالت ۾ مان خداوند ڪريم کان اها دعا ٿو گهران ته مسلمان جي دامن تي اهڙو بد نما داغ نه لڳي، جنهن جو مظاهرو محڪوم  ۽ مجبور بي هٿيار ۽ لاچار مسلمانن تي، انسانيت سوز ظالم ڪندي، تنگ نظر ۽ تعصبي هندن پاران، صوبي بهار ۾ ڪيو ويو آهي.

اسان کي تهذيب ۽ شرافت کي ڪڏهن به ڇڏڻو ناهي. مسلمانن تي جي ظلم ٿي رهيا آهن، انهن کان اسان جون دليون زخمي ٿي پيون آهن.

پر اسان مسلم اڪثريت وارن صوبن ۾، بيگناهه ماڻهن کي ماري، پنهنجي دل کي ٿڌو ڪرڻ نه ٿا گهرون. اسان کي اهو ظاهر ڪرڻ گهرجي ته اسان دشمنن کي معاف ڪندڙ، بهادر، ايماندار ۽ سچا مسلمان آهيون.

پاڪستان ۾ غير مسلم، پنهنجي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت، خود مسلمانن کان به وڌيڪ حاصل ڪندا.

پر جي مسلمانن صبر جي دامن کي ليرون ليرون ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجو دماغي توازن وڃائي ويٺا ۽ اسلام جيڪو بي مثال سبق دنيا کي سيکاريو آهي، سو وساري ويٺا، ته پوءِ پڪ سمجهو ته اوهان نه فقط پنهنجي مطالبي کي وڃائي ويهندا، بلڪ هندستان ۾ اهڙي ته خوفناڪ خونريزي ٿيندي، جنهن سان اسان جي آزاديءَ جي منزل اڃا به پري ٿي ويندي ۽ اسان جي هٿن ۽ پيرن ۾ غلاميءَ زنجير جا اڃا به وڌيڪ مضبوط ڪيا ويندا.

اقليت وارن صوبن ۾ مسلمانن تي ظلم ڪيو ويو آهي، جي به بيگناهه مسلمان شهيد ڪيا ويا آهن، يا زخمي ۽ اپاهج ٿي چڪا آهن، يا جن جو مال ۽ اسباب لٽيو ويو آهي، تن کي اڳيان رکي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته بي گناهه مسلمانن جي اهڙي عظيم قرباني رائگان نه ويندي. انهن کي يقين ڪرڻ گهرجي ته هنن آزاديءَ جي جنگ ۽ پاڪستان جي راه ۾ پنهنجو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي.

مسلمانن کي پرامن رهڻ جي اپيل

11 - نومبر 1946ع

- مان پاڪستان  جي لاءِ وڙهي رهيو آهيان، ڇا لاءِ ته اسان جي مسئلن ۽ مشڪلاتن جو عملي حل اهو ئي آهي. گڏيل هندستان ۽ پارليماني طرز حڪومت، هڪ بي معنيٰ خواب آهي ۽ بلڪل ناممڪن خيال.

هندستان نه ته هڪ ملڪ آهي ۽ نه ئي هت هڪ قوم آهي، ان ۾ ڪافي قومون آباد آهن، مان اهو ٻڌائڻ ٿو گهران ته اسان جي ذهنن ۾ اهو تصور ڪنهن راسخ ڪيو آهي؟

هندستان هڪ رهي يا ورهائجي وڃي، آخر ان سان انگريزن جو ڪهڙو واسطو؟ ان مسئلي متعلق آخر انگريز ڇو پريشان ٿي رهيو آهي؟ آخر انگريز ڇا لاءِ اسان جي اميدن، طلبن، تقاضائن ۽ تدبيرن جي خلاف هڪطرفي حوصله افزائي ڪري، ملڪ جي صحيح قيادت لاءِ ڪي مشڪل راهون پيدا ٿو ڪري.

انگريز وڃي رهيا آهن. آخر کين هتان وڃڻو ئي پوندو، پر هو ويندي ويندي ۽ بسترن کي ٻڌندي به گڏيل هندستان جو راڳ ڇو آلاپي رهيا آهن؟ آخر سندن اسان سان واسطو ڪهڙو؟

پر ياد رکو انگريز هن راز کي هندستان کان وڌيڪ ٿو سمجهي ۽ سندس ڇوٽڪاري جو راز به ان ۾ ئي آهي ته هندستان گڏ رهي.

انگريز چڱيءَ طرح سان ڄاڻي ٿو ته جيستائين گڏيل هندستان متعلق دعوائون قائم رهنديون، تيستائين تباهي ۽ بربادي قتل ۽ خونريزيءَ جو دور قائم رهندو ۽ اسان کي هت رهڻ جي ڪافي مهلت ملي سگهي ٿي.

خير! سندس اهي دم پختا ڪامياب نه ٿيا، پر اهو ياد رکڻ گهرجي ته هندستان مان ويندي ويندي به هٿيار بند ڪئمپ ۾ جوش ۽ خروش پيدا ڪري رهيا آهن، جيئن هندو - مسلم فسادن جي باهه ڀڙڪي اٿي ۽ هندستان سڙي، ٻري رک جو ڍير ٿي وڃي. نه رهن هندو نه رهن مسلمان!

ميمڻ چيمبر آف ڪامرس - بمبئي

27 - مارچ 1947ع

- دهليءَ جا شهري دوستو! اڄ مان اوهان کي الوداع ڪيان ٿو. تقريباً هتي هر فرقي جا ڪيترائي منهنجا دوست موجود آهن.

مان هر دوست کي دل جي خلوص سان اپيل ڪريان ٿو ته هو، هن عظيم ۽ تاريخي شهر ۾ امن ۽ امان سان رهن.

اڄ ماضيءَ جي تلخين کي دفن ڪري، هندستان ۽ پاڪستان جي ٻنهين آزاد مملڪتن کي نئين طريقي سان سفر جو آغاز ڪرڻو آهي. هندستان جي پر امن خوشحاليءَ جي دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان الوداع - الوداع.

پاڪستان روانگيءَ وقت - دهلي 7 - آگسٽ 1947ع

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org