مائٽ بچو
جمال رند
اسان جي ڳوٺ جا ننڍا وڏا هن کي
”مائٽ“ ڪري سڏيندا هئا، ڄڻ ته هن جو نالو بچُو ڪو
نه هو پر ”مائٽ“ هو. هي اڃا ننڍڙو ئي هو ته سندس
پيءُ مري ويو، پوءِ وتندو هو چاچن جي درن تي ڌڪا
کائيندو. هن جي پيءُ کي ست
–
اٺ ايڪڙ زمين به هئي، پر هن کي پائي به نصيب ڪا نه
ٿي. جيستائين وڃي جوان ٿيو. جوان ٿيو ته هن به اها
زمين چاچي کان ڇڪي ورتي. پراون درن تي نپنو ۽ در
در جا ڌڪا کاڌا هئائين، تنهن ڪري ڪمچور ننڍي هوندي
کان ئي ڪو نه هو. ڪم جو ڏاڍو مڙس هو. ڪڻڪ جي ڳرڻ
پٺن تي هونديس، ۽ چئبس ته ”مائٽ، ڪارو اٺ ڪيئن ٿو
ڪڏي؟“، ته هڪ ٻانهن پٺي هڻي بيهي ڪڏندو، ڄڻ ته
اڍائي مڻن جي ته پرواهه ئي ڪا نه اٿس. کانٽيءَ
توڙي گڏ جو به ڪوڏيو هو. مطلب ته ڪم جو ڏاڍو مڙس
هو. قد جو ننڍو، پر جسم ڏاڍو مضبوط هوند هوس. هڪڙي
ڳالهه هئي جو ٿورو پر متڙيو هوندو هو. ڪموءَ ڳالهه
ڪيس ته ڌنو چاهي ٿو ته سندس ڌيءُ جي توسان شادي
ڪرائي. پوءِ ته همراهه جا اتي ڦيرا هجن. ڪپڙا
ڌويو، اڇا ٻڙا ڪريو، تيل وغيره مکيو، وتي ڳوٺ ۾
چڪر ڏيندو. سڀ وائڙا ته مائٽ ۾ ايترو ڦيرو، ۽ سو
به ايترو جلدي، آيو ڪيئن! سچ چيو اٿن ته پيار جي
جنهن کي به چهنڊي لڳي، تنهن جا ويس ئي بدلجي ويا
–
يا نپٽ چريو، يا وري ڇنڊيل ڦوڪيل.
ڌنو هو لوڀي ماڻهو، ۽ هن کي خبر
به هئي ته بچوءَ کي ست
–
اٺ ايڪڙ زمين به هئي. هن چاهيو ٿي ته بچوءَ جي مٿي
تي هٿ ڦيري، اهي ست–
اٺ ايڪڙ ڇڏائي وٺان. سو، هن بچوءَ کي ٻچو- ٻچو ڪري
پنهنجي گهر آڻڻ شروع ڪيو. ڌني جي گهر ۾ رهڻ سان،
پوءِ ته همراهه جي لانگ پئي لڳي. پنهنجي پاڇولي
مان به وڏون ڪڍڻ لڳو. جڏهن ڌني ڏٺو ته بچو هاڻي
منهنجي چنبي ۾ آهي، ته چاچس کان زمين وٺڻ لاءِ
چيائينس. نيٺ برادريءَ ۾ فيصلو ٿيو ته بچوءَ کي
پنهنجو حق ملڻ گهرجي. زمين بچوءَ جي، ۽ حوالي
ڌنوءَ جي هئي. بچوءَ جي زمين مان ڌنو چڱو مڇي–
مانيءَ وارو ٿي ويو هو، ۽ پنهنجا چار ڏوڪڙ به ٺاهي
ورتائين. هڪ ڏينهن ڌني جي ڇوڪريءَ مٺل چيس: ”بچل
ڪمدار جي پٽ به ريڊيو آندو آهي، تون ڪو انهيءَ کان
گهٽ ٿورو ئي آهين، ريڊيو وٺي آ ته وڄايون:“ همراهه
انهيءَ ڏينهن ته ڪپڙن ۾ نه پيو ماپي. پر سوچڻ لڳو
ته پئسا ڪٿان ايندا. حڪم به ضرور پورو ڪرڻو هوس.
نيٺ ڌني کي چيائين ته ”مون کي پئسا کپن، منهنجو
شوق ريڊي تي ٿيو آهي.“ ڌني چيس ته ”بابا، مون ۽ تو
ورهايو ڪو نه، هيءَ چونڪڙي کڻي مون کي ڏي ته اٺ
سئو رپيا ٿو ڏيانءِ. ٻين کي به ڏيندين، ڇو نه گهر
جي شي گهر ۾ ئي رهي.“ مائٽ کي شوق کنيو وتي، سو
کڻي هاڪار ڪيائين. همراهه پئسا وٺندي ئي ڪيو شهر
جو رخ. ٻه
–
چار ڏينهن ڏاڍا گهمي ڦري، ريڊئي سميت اچي ڌني جي
گهر نڪتو. همراهه جو ڄڻ زمين تي پير ئي ڪو نه پيو
کپي. دل ئي دل ۾ ڄاتائين ته مون مٺل کي خريد ڪري
ڇڏيو. نيٺ هڪ ڏينهن ٻنيءَ تي وجهه وٺي، مٺل کي
چيائين: ”ڏس، مون تنهنجو حڪم پورو ڪيو نه! هاڻي
ڀلا منهنجو مڱڻو به ٿيندو يا سدائين پري
رهنداسين؟“ مٺل ٿورو مرڪي، ٿورو شرمائجي چيس: ”تون
بابي سان ڳالهاءِ، مون کي ڪهڙو انڪار ٿي سگهي
ٿو.“ انهيءَ جواب ٻڌڻ تي بچو خوش ٿيو. پر بچوءَ
پان ڌني کي مڱڻيءَ جو ڪير چوي؟ هيءُ پنهنجي غريب
دل ۾ مٺل لاءِ الائجي ڇا سوچڻ لڳو. ڪڏهن ڪڏهن ته
سوچ ۾ اهڙو غرق ٿي ويندو هو جو ڪنهن ماڻهوءَ وغيره
جي اچڻ جي به ڪل ڪا نه پوندي هيس.
هڪ ڏينهن ائين اندر لانڍيءَ ۾
اڪيلو ويٺو هو، ۽ سوچيندي سوچيندي الاجي ڪٿي وڃي
پهتو ته مٺل اچي ڌونڌاڙيس: ”بچو تو کي ڇا ٿي ويو
آهي! آءٌ توکي ڏاڍو ڳڻتين ۾ ٿي ڏسان. آخر ڳالهه
ڇاهي؟“ بچوءَ جون ڄڻ ته سڀ سوچون سندس ذهن مان
ائين کسڪي ڪرڻ لڳيون، جيئن ڀريل مٺ مان واريءَ ذرا
وهي نڪري ويندا آهن. ۽ پوءِ مٺل سان مرڪي ويٺو. هڪ
ڏينهن، دل ٻڌي، بچوءَ نيٺ ڌني سان مڱڻي جي ڳالهه
ڪئي. ڌنو ته هن کي اڳي کي تاڙيو ويٺو هو، تنهن ٺهه
پهه چيس ته ”مڱڻيءَ جو خرچ ڪٿان آڻيندين؟ ضرور ڳهه
ڳٺي تي به خرچ ايندو!“ بچوءَ دل ئي دل ۾ فيصلو ڪري
ورتو: ”چاچا، ٻني وري ڪهڙي ڪم ايندي؟ مٺل کان ٿورو
ئي ڪا مٿي ٿي سگهي ٿي!“ ڌني جي ته دل وٽان ڳالهه
ڪيائين. اها به باقي بچيل ٻه
–
ايڪڙ زمين خريد ڪري ورتائينس. ٻن–
چئن ڏينهن کان پوءِ بچو شهر ويو، ۽ پنهنجي دل وٽان
ڪپڙا لٽا ۽ ڳهه ڳٺا وٺي آڻي چاچيس ڌني جي اڳيان
رکيائين. مٺل
–
ماءُ به اهي ڳهه ڳٺا سوگها ڪري رکي ڇڏيا. پوءِ ته
ڌنو به ڪن مان ڪاٺي ڪڍي ويهي رهيو. بچوءَ ٻه
–
چار دفعا چيس، پر اڄ
–
نه سڀاڻ ڪري، ويو هن کي ٽاريندو. نيٺ هڪ ڏينهن بچو
ڪيڏانهن ٻاهر ويو ته ڌني وڏيري جي پٽ سان مٺل جو
مڱڻو ڪري ڇڏيو. بچو موٽي اچي ڏسي ته ڪاريءَ وارا
ڪک لڳا پيا آهن. ڌني به گهر مان ڪڍي ڇڏيس. بچوءَ
برادريءَ ۾ ڳالهه آندي، پر چڱي مڙس تي ڪو پويئي
ڪو نه. نيٺ ويچارو چپ ڪري ويهي رهيو.
الله جي ڪرڻي اهڙي ٿي جو همراهه
سخت بيمار ٿي پيو. بيماريءَ مان چُڙي چُڙي اٿيو ته
ڳالهائڻ ئي ڦري ويس. هن جي ڳالهاءُ ۾ ٻاتاڻ پيدا
ٿي پيئي. هاڻي تهو اهو ڌني وارو ڳوٺ ڇڏي، اسان وٽ
اچي رهيو هو. سدائين موڳاٽيل رهندو هو، ۽ ٿورو
دماغي توازن به وڃائي ويٺو هو. ايتري قدر جو هڪ
ڏينهن ڀوڳ ڪرايائونس ته ”مائٽ، فلاڻي ڳوٺ ۾ نه
وڃجانءِ، ڇو ته تو ڏاڙهي رکائي آهي، ۽ جيڪو به
ڏاڙهي رکائيندو، تنهن کي ليسن وٺڻو پوندو. تو وٽ
ليسن آهي ڪو نه، ۽ اتي ويندين ته ٻڌجي ويندين!“
مون ڏٺو ته مامي کي پيرين پيو پوي ته ”ان ڳوٺ ۾
اوهان جا دوست آهن، چٺي لکي ڏيو ته مون کي ٻڌن نه“
ڪچهري کل ۾ ويڙهي پيئي هجي، پر مائٽ جي منٿ تي منٿ
پيئي پوي، نيٺ مامي ٻه
–
چار ڪوڙا سچا اکر لکي ڏنس، تڏهن ان جي به جند ڇٽي،
مطلب ته مائٽ جون عجيب عجيب ڳالهيون آهن. هڪ ڏينهن
آءٌ ڪاليج کان موڪل تي ڳوٺ ويس ته ڪچهريءَ ۾ ڌم
لڳي پيئي هجي، ۽ مائٽ به وڏو ديڳڙو چانهه جو مچ تي
رکيو ويٺو هجي. مائٽ کي، جيڪو به ڪچهريءَ ۾ اچي،
سو پيو مبارڪون ڏئي. نيٺ مون پڇيو ته مائٽ کي ڇا
جون پيا مبارڪون ڏيو، ته ڪمدار رڙ ڪري چيو:
”سائين، مائٽجي شادي ٿيڻي آهي!“ مون ڏٺو ته گهڻن
کي کل پئي آئي، پر چانهه جي لالچ ۾ سڀ ڪو چپ ٿي
ويو، ڇو ته مائٽ چيڙاڪ به هڪ ئي هو، تنهن ڪري
جيڪڏهن چڙي پوي ها ته ديڳڙو اونڌو ڪندي دير نه
ڪري ها. مون ڏٺو ته درياءَ دلي ۽ ازلي مرڪ سان،
ويٺل ماڻهن کي مائٽ چانهه پيارڻ شروع ڪئي. سڀ ڪنهن
کي چانهه به پيو پياري ۽ چوي پيو: ”چڙا (چريا)،
چانهه پي ڍءُ ڪر، منهنجي شادي ته ضرور ٿيندي!“
مائٽ جون تمام گهڻيون ڳالهيون آهن. هڪ ڏينهن مامي
سنجيده ٿي چيس: ”مائٽ، شادي ڪرايانءِ؟“ مون ڏٺو
ته هن جون ننڍڙيون ننڍڙيون اکيون، ننڍڙي ٻار جيان
پاڻيءَ سان ڀرجي آيون، ۽ چيائين: ”تون منهنجو بابو
آهين تون مون کي نه ستاءِ نه. منهنجي ته شادي ٿيل
آهي!“ مامي وري پڇيس: ”ڇا مٺ سان شادي ڪئي هيئه
ڇا؟“ مون ڏٺو ته هاڻي هو سڄو ڳاڙهي ٿي ويو هو، ۽
مامي کي ٻانهن ٻڌي چيائين: ”ڀوتار، هن جو نالو نه
وٺو،متان ان جي بدنامي ٿي پوي!“ آءٌ وائڙو ٿي ويس.
هن کي پنهنجي پيار جو ايڏو احساس ۽ وفاداري! جنهن
انسان کي پيار ۽ محبت جو احساس هجي، جو انسان محبت
جو پڄاري هجي ۽ ان ۾ حد درجي جي وفاداري به هجي،
ان کي ڪير چريو چئي سگهي ٿو؟ مون خيالن ئي خيالن ۾
بچوءَ کي ڀاڪرپاتو، ۽ سندس اکين تان ڳوڙها اگهيم.
مون ڏٺو ته ڌنو وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي رهيو هو
–
خوفناڪ، پر کوکلا ٽهڪ.
(مهراڻ، 3
–
1963ع)
|