سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: ڪليمنجارو جي برف

باب: --

صفحو :6

 

مقابلو، حرفت ۽ دولت

”ڪيئن، ٺيڪ ٺاڪ آهين، جئڪ؟“ مون پڇيو.

”تو والڪاٽ کي ڏٺو آهي؟“ هـُن پڇيو.

”بس، ائين آکاڙي ۾.“

”ٺيڪ.“ جئڪ چيو. ”ان ڇوڪري سان پڄڻ لاءِ ڀاڳ جي ضرورت آهي.“

”جئڪ، هو توکي ته مات ڏئي نه سگهندو.“ سولجر چيو.

”منهنجي پڻ دعا آهي ته هو ماري نه سگهي.“

”گهٽ ۾ گهٽ مـُـڪن ۽ ٺونشن سان ته توکي شڪست نٿو ڏئي سگهي.“

”برابر، پکين واريون کڙهون.“ جئڪ چيو، ”مون کي انهن جي پرواهه ناهي.“

”هو ڪو ايڏو ڏکيو به ناهي جنهن کي ڌڪ هڻي نه سگهجن.“

”بلڪل.“ جئڪ چيو، ”هو گهڻو وقت بيهي نه سگهندو، هو تو ۽ مون وانگر ميدان ۾ جٽاءُ نه ڪري سگهندو، جيري. پر هن وقت هر ڳالهه هن جي فائدي ۾ آهي.“

”تنهنجو کاٻڙو ڌڪ هن جي پڄاڻي ڪري ڇڏيندو.“

”ٿي سگهي ٿو.“ جئڪ چيو، ”کاٻڙي ڌڪ جو فائدو ته وٺڻو آهي.“

”اهڙي ڪارِ ڪرينس، جيئن ڪڊليوس سان ڪئي هـُيئي.

”ڪـِڊليوس؟“ جئڪ چيو،”ها، هو يهودي.“

اسان ٽيئي، جئڪ بريٽن، سولجر بارٽليٽ ۽ مان، هنئلي جي هوٽل ۾ ويٺا هياسين. ٻه عورتون به اسان جي ڀر واريءَ ٽيبل تي ويٺيون هيون ۽ پي رهيون هيون.

”يهوديءَ مان توهان جي ڇا مراد آهي؟“ انهن مان هڪ چيو. ”توهان جو يهوديءَ مان ڇا مطلب آهي. آئرشي نالائقو؟“

”بلڪل.“ جئڪ چيو، ”اهو ئي.“

”يهودي.“ ساڳيءَ وئشا چيو، ”هي سدائين پيا يهودين بابت ڳالهائن، ڊگها آئرشي، توهان جو ڇا مطلب آهي؟“

”اچ! هل ته ٻاهر هلون.“

”يهودي.“ ان ساڳيءَ چيو، ”ڪنهن توهان کي ڪڏهن پنهنجن پيسن سان شراب خريد ڪندي ڏٺو آهـي؟ هـر صبح جو توهـان جـون زالون توهان جـي کيسن کي ٽوپا ڏيئي ڇڏينديون آهن، اُهي آئرشي ۽ هنن جا يهودي! ٽيڊ ليوس ته توهان کي ماري، هڏا ڀڃي ڇڏيندو.“

”برابر.“ جئڪ چيو، ”تون ڄڻ ته سڀ ڪجهه مفت ۾ ڏيندي آهين. ائين نه؟“

اسان ٻاهر هليا وياسين. اهو جئڪ ئي هو، جو جڏهن به ڪجهه چوڻ چاهيندو هو چئي ڏيندو هو.

جئڪ مشق ۽ تربيت، جرسيءَ ۾، ڊئني هوگنس جي آکاڙي ۾ شروع ڪئي. اتي بندوبست ته سٺو هو، پر کيس اها جاءِ نه وڻندي هئي. هو پنهنجي زال ٻارن کان پري رهڻ نه چاهيندو هو تنهنڪري کانئن الڳ رهي اڪثر ڪري خاموش ۽ ڪاوڙ ۾ رهندو هو. مون کي هو ڀائيندو هو ۽ اسان ٻئي سٺو وقت گذاري رهيا هياسين. هو هوگن کي به چاهيندو  هو، پر جلد ئي، سولجر بارٽليٽ، هن کي ڪاوڙائڻ سبب نه وڻڻ لڳو. چرچا ڀوڳ ڪندڙ جلد ئي ڪئمپ ۾ اڻ وڻندڙ ٿي پوندو آهي، ڀوڳ سدائين ڇڀندڙ ۽ تکا هوندا آهن. سولجر به سدائين جئڪ سان چرچا ڪندو هو، سڄو وقت چرچا ۽ مذاق. اهو وڻندڙ به نه هو ۽ سٺو به نه تنهنڪري جئڪ دل ۾ ڪرڻ لڳو ڇو ته هو ڀوڳن جو عادي نه هو. اهڙي طنز ۽ مذاق جو نمونو اوهان کي ٻڌايان ٿو. جئڪ وزن کڻڻ ۽ ڳوٿرين تي مشق ڪرڻ بعد، دستانا چاڙهيا.

”ڪم ڪرڻ چاهيندين؟“ هن سولجر کي چيو.

”بلڪل، ڪهڙو ڪم ڪرائڻ چاهيندين؟“ سولجر پڇندو. ”چاهيندين ته توسان به والڪاٽ جيان کهرو ۽ اڻ سهائيندڙ ورتاءُ ڪريان؟ ۽ چاهين ته توکي به ٻه ٽي ڀيرا ڪيرائي مات ڪريان؟“

”اهوئي.“ هو چوندو هو، جيتوڻيڪ سندس مرضي اهڙي نه هوندي هئي.

صبح جو هڪ ڏينهن اسين سڀ رستي تي پري نڪري وياسين. اسان چڱو وقت ٿيو جو نڪتا هياسين ۽ هينئر واپس وري رهيا هياسين. اسان ٽن منٽن لاءِ تڪڙو پي هلياسين ۽ وري جهٽ لاءِ هوريان پنڌ پي ڪيوسين. جئڪ اهڙو نه هو جنهن کي تيز ڊوڙندڙ چئي سگهجي. هو رنگ ۾ (مڪـي بازيءَ لاءِ رسين سان وڪوڙيل ٿلهو) ته ضرورت ويل تڪڙو چري پري سگهيو پي، پر رستي تي اهڙو تڪڙو نه پئي هلي سگهيو، جيڪو وقت رستي تي اسان گهمي رهيا هياسين، سولجر هن سان مسخري پي ڪئي. اسان نيٺ فصلن ۾ ٺهيل هڪ گهر ۾ اچي پهتاسين.

”ٻـُڌ.“ جئڪ چيو، ”سولجر، چڱو ٿئي جو تون شهر هليو وڃين.“

”ڇا مطلب؟“

”چڱو آ، ته تون شهر وڃين ۽ اتي رهين.“

”ڇا ڳالهه آهي؟“

”مان تنهنجون ڳالهيون ٻڌي تنگ ٿي پيو آهيان.“

”واقعي؟“ سولجر چيو.

”واقعي.“ جئڪ چيو.

”جڏهن والڪاٽ پڄي ايندئي، تڏهن به ته ڏاڍو تنگ ٿيندين.“

”ٺيڪ آ.“ جئڪ چيو. ”ٿي سگهي ٿو ته تڏهن ٿيان به پر هن وقت ته تو مان تنگ ٿيو آهيان.“

ان ڪري سولجر ان ڏينهن صبح جو ئي، ريل تي شهر هليو ويو. مان ريل تائين هن سان گڏيو ويس. هو ٺيڪ به هو ته ڪجهه ڪاوڙيل به.

”مون ته ساڻس رڳو چرچا ٿي ڪيا.“ هن چيو. اسان پليٽ فارم تي ريل جو انتظار ڪري رهيا هياسين. ”هن کي مون سان ائين ڪرڻ نه جڳائيندو هو جيري.“

”هو ٿورو سـُست ۽ چيڙاڪ ٿي پيو آهي.“ مون چيو، ”پر سولجر، ماڻهو ڏاڍو چڱو اٿئي.“

”ڌوڙ سٺو ماڻهو آهي، ڇائي پئي اٿس! ڪڏهن سٺو هليو.“

”چڱو.“ مون چيو، ”الله واهي، سولجر.“

ريل اچي وئي هئي ۽ هو پنهنجي ٿيلهي سان، ان تي چڙهيو.

”موڪلاڻي، جيري.“ مقابلي کان اڳ شهر پـُڄي وڃجانءِ.“

”مان نه ٿو سمجهان.“

”ته پوءِ ڀلا، الله واهي.“

هو اندر گهڙيو، ڪنڊيڪٽر جهنڊي لوڏي ۽ ريل رواني ٿي. مان گاڏيءَ تي چڙهي فارم تي موٽي آيس. جئڪ وڌاوڙي تي ويٺو هو ۽ زال ڏي خط لکي رهيو هو. ٽپال اچي وئي هئي. مون پنهنجا ڪاغذ پٽ ۽ اخبارون کنيون ۽ وڌاوڙي جي ٻي ڇيڙي تي وڃي ويٺس ۽ پڙهڻ لڳس. هوگن در کان ٻاهر نڪري، مون ڏي هليو آيو.

”سولجر سان ڪجهه تکو مٺو ٿيو ڇا؟“

”نه، ائين ته نه آهي.“ مون چيو، ”هن کي رڳو شهر وڃڻ لاءِ چيائين.“

”مون کي اڳ ئي انديشو  هو.“ هوگن چيو، ”هن کي سولجر بنهه نه وڻندو آهي.“

”ائين ناهي. هو گهڻن ئي ماڻهن کي پسند نه ڪندو آهي.“

”مڙيوئي ڪجهه رُکو ۽ سخت مزاج آهي.“ هوگن چيو.

”هوندو، پر مون سان سدائين سٺو هلندو آهي.“

”مون سان پڻ.“ هوگن چيو. ”مون هن کي ڪڏهن به نه رنجايو آهي، جيتوڻيڪ هو رُکي طبعيت جو آهي.“

هوگن پردي واري دروازي کان اندر هليو ويو ۽ مان وڌاوڙي ۾ اخبارون ڏسڻ لڳس. سرءُ جي موسم اچڻ واري هئي ۽ جرسيءَ ۾ اها موسم سٺي هوندي آهي، اخبار پڙهي پوري ڪرڻ کان پوءِ، مان هيٺ جو نظارو ڏسڻ لڳس. ٻيلي مان هيٺ رستو پئي ويو، جنهن تي گاڏيون، ڌوڙ اٿارينديون وڃي رهيون هيون. موسم ڏاڍي وڻندڙ ۽ ٻهراڙيءَ جو نظارو دلڪش هو. هوگن در تي آيو ۽ مون چيو، ”هوگن، هتي شڪار لاءِ ڪجهه نه آهي؟“

”نه.” هوگن چيو، ”رڳو جهرڪيون.“

”اخبار ڏٺئي؟“ مون هوگن کان پڇيو.

”ڇا اٿس؟“

”سئنڊيءَ، ڪالهوڪي ڏينهن ۾ ٽي شرطون کٽيون آهن.“

”مون کي رات ٽيليفون تي خبر پئي هئي.“

”چئبو ته تون به هنن جي ڪڍ لڳو پيو آهين هوگن؟“

”ها... هونءَ ئي مان انهن سان رابطي ۾ ضرور هوندو آهيان.“ هوگن چيو.

”جئڪ جو ڇا حال آهي؟“ مون پڇيو. ”هو به اڃا انهن سان کيڏندو آهي؟“

”هو؟“ هوگن چيو، ”تو ڪڏهن هن کي ڏٺو آهي؟“

ان مهل، جئڪ، هٿ ۾ خط کنيون، ان ڪنڊ طرف آيو. هن کي باڪسنگ بوٽ، سئٽر ۽ پراڻي پينٽ پاتل هئي.

”هوگن، ٽڪلي اٿئي؟“ هن پڇيو.

”خط مون کي ڏيئي ڇڏ.“ هوگن چيو. ”مان ٽپال ۾ روانو ڪري ڇڏيندس.“

”جئڪ، ٻڌاءِ ته تون گهوڙن تي شرط رکندو هئين؟“

”هائو، بلڪل.“

”مون کي خبر هئي ته تون گهوڙن جي ڊوڙ تي ويندو هئين. مان توکي شيپس هيڊ واري ميدان ۾ ڏسندو هوس.“

”ڇڏي ڇا لاءِ ڏنئي؟“ هوگن پڇيس.

”ڏاڍا پئسا هارايم.“

جئڪ وڌاوڙي تي منهنجي ڀر واري ٿنڀي کي ٽيڪ ڏئي ويٺو. هن سج ڏي ڏسي، اس کان اکيون بند ڪري ڇڏيون.

”ڪرسي کپئي؟“ هوگن پڇيس.

”نه“ جئڪ چيو. ”ائين ئي ٺيڪ آهيان.“

”ڏاڍو سٺو ڏينهن ٿيو آهي.“ مون چيو، ”ٻاهر ته بهاري لڳي پئي آهي.“

”هائو، پر مون کي شهر ۾ زال سان گڏ هجڻ وڌيڪ چڱو لڳندو آهي.“

”بس، باقي هڪڙو هفتو اٿئي.“

”هائو.“ جئڪ چيو. ”ائين ته آهي.“

اسان ٻاهر وڌاوڙي تي ويٺا رهياسين ۽ هوگن اندر آفيس ۾ هو.

”منهنجي جسماني حالت توکي ڪيئن ٿي لڳي؟“ جئڪ مون کان پڇيو.

”چئي نه ٿو سگهجي.“ مون چيو. ”توکي اڃا هن ماحول ۾ هڪ هفتو ٻيو به رهڻو آهي.“

”ڇو ائين ڇو؟“

”خير.“ مون چيو، ”مان سمجهان ٿو ته تون ٺيڪ نه آهين.“

”مون کي ننڊ نٿي اچي.“ جئڪ چيو.

”ڏينهن ٻن ۾ ٺيڪ ٿي ويندين.“

”نه.“ جئڪ جواب ڏنو. ”مون کي اوجاڳيءَ جي بيماري ٿي پئي آهي.“

”ذهن تي ڪو بار اٿئي ڇا؟“

”زال کان پري رهڻ جو احساس ماري ٿو.“

”کڻي گهرائي وٺينس.“

”نه. ان کان عمر چڙهيل اٿم.“

”ٺيڪ. ته پوءِ سمهڻ کان اڳ اسين ڊگهو پنڌ ڪنداسين. صحت به ٺهندءِ ۽ ڪجهه ٿڪ به ٿيندءِ.“

”ٿڪ!“ جئڪ چيو، ”ٿڪ ته مان مسلسل ٿو محسوس ڪريان.“

هو سڄو هفتو ائين ئي رهيو. رات جو ننڊ ڪونه ۽ صبح جو اٿڻ سان ئي اهڙو احساس توهان کي ته خبر آهي جي رات جو اک نه لڳي ته ڇا محسوس ٿيندو آ.

”هيءَ ته ڪنهن غريب گهر جي سڪل مانيءَ جيان آهي.“ هوگن چيو. ”هن ۾ ته ڪا شيءِ نه بچي آهي.“

”والڪاٽ کي ڪڏهن ڏٺو ئي ڪونه اٿم.“ مون چيو.

”هو، هن کي ماري ڇڏيندو.“ هوگن چيو. ”چيري، ٻه اڌ ڪري ڇڏيندس.“

”هائو.“ مون چيو. ”هر ڪنهن کي اهو ڏينهن ڏسڻو ئي پوندو آهي.“

”پر هيئن نه.“ هوگن چيو. ”سمجهندا ته ڪا کيس تربيت ئي ڪونه ملي. منهنجي آکاڙي جو نالو بدنام ٿيندو.“

”توکي خبر آ ته اخباري نمائندا، هن لاءِ ڇا پيا چون؟“

”ڇونه! هو چون ٿا ته هو ڏاڍو خطرناڪ آهي. چون ٿا هن کي وڙهڻ نه ڏنو وڃي.“

”هوندو.“ مون چيو، ”پر هو سدائين غلط هوندا آهن. ڪيئن؟“

”هائو.“ هوگن چيو. ”پر هن ڀيري هو صحيح آهن.“

”هنن کي ڪهڙي خبر ته ماڻهو صحيح آهي يا غلط؟“

”ها“. هوگن چيو، ”هو هروڀرو اهڙا بيوقوف به نه آهن.“

”هنن رڳو ٽوليڊو مان، ولارڊ ئي آندو هو. هي لارڊنر هاڻي ڪافي هوشيار ٿي چڪو آهي. هن کان پڇ ته ولارڊ کي ٽوليڊو مان ڪڏهن آندائين.“

”ها، هو ٻاهر ته ڪڏهن ويو ئي ڪونهي.“ هوگن چيو. ”هو رڳو وڏن وڏن مقابلن تي لکندو آهي.“

”مون کي اها پرواهه نه آهي ته اهي ڪير آهن.“ مون چيو. ”هن کي ڪهڙي خبر؟  ٿي سگهي ٿو هو لکي سگهندا هجن، پر هنن کي ڄاڻ ڪهڙي آهي؟“

”تون ته ائين نه ٿو سمجهين نه ته هن جي بدني بيهڪ ۽ ڊول صحيح آهي؟ يا سمجهين ٿو.......؟“

”نه، هي ته ختم آهي. هـُن کي ڪرڻو رڳو اهو پوندو ته جيئن ڪاربيٽ هـُـن کي مقابلي ۾ بيهاري.“

”ها. ڪاربيٽ ته هـُن کي بيهاريندو.“ هوگن چيو.

”بلڪل. هي ان جو ئي اميدوار ٿيندو.“

اها رات به جئڪ ستو ڪونه. ٻيو صبح، مقابلي کان اڳ جو، آخري ڏينهن هو، نيرن کان پوءِ اسان وري ٻاهر وڌاوڙي تي نڪري آياسين.

”جڏهن توکي ننڊ نه ايندي آهي ته تون ڇا سوچيندو آهين جئڪ؟“ مون چيو.

”فڪر ۽ ڳڻتي هوندي آهي.“ جئڪ چيو. ”برونڪس واري ملڪيت جي، فلوريڊا جي ملڪيت جي، ٻارن جي ۽ زال جي ڳڻتي هوندي اٿم. ڪڏهن مقابلن بابت به سوچيندو آهيان. مون کي ان يهوديءَ ٽيڊليوس جو به خيال ايندو آهي ۽ بي چين ٿي ويندو آهيان. مون وٽ ڪجهه هنڊيون به آهن. انهن جو فڪر به هوندو آهي. مطلب ته الائي ڇا ڇا پيو سوچيندو آهيان.“

”ٺيڪ آ.“ مون چيو، ”سڀاڻي رات تائين سڀ ٺيڪ ٿي ويندو.“

”هائو،“ جئڪ چيو. ”ان سان به ڪافي آٿت ۽ دلجاءِ ملي ٿي. ائين نه؟ ان سان هر شيءِ ازخود ٺيڪ ٿي وڃي ٿي.

هو سڄو ڏينهن پريشان رهيو. اسان ڪوبه ڪم نه ڪيو. جئڪ ڇڙو دل وندرائڻ لاءِ جهٽ کن گهميو ڦريو ته جيئن مشڪون نرم ٿين. هن ڪجهه خيالي چڪر ٺونشي بازيءَ جي مشق جا ڪيا. هو ان مشق دوران به ٺيڪ نه پي لڳو. هن هڪ ٻه دفعو رسيءَ تي ٽپ ڏنا، ان هوندي به کيس پگهر ڪونه آيو.

”هن لاءِ چڱو آهي ته هو ڪجهه به نه ڪري.“ هوگن چيو. اسان بيٺا هن کي رسن تي ٽپندو ڏسي رهيا هياسين. ”ڇا هاڻي هن کي پگهر ڪڏهن به نه نڪرندو آهي؟“

”هن کي پگهر نڪري ئي ڪونه.“

”تون سمجهين ٿو هن کي پاڻ تي اعتماد آهي؟ کيس وزن وڌڻ تي به ڪا خاص ڳڻتي نه ٿئي، يا هئيس؟“

”نه، هن کي پاڻ ۾ اعتماد ڪونه آهي. دراصل هينئر هن جي اندر ڪجهه به نه آهي.“

”پر هن کي پگهر ته ضرور اچڻ گهرجي.“ هوگن چيو.

جئڪ آکاڙي واري نوڙي ٽپي هليو آيو. هو اسان آڏو هيٺ مٿي ٽپ ڏيئي رهيو هو. ائين ڪندي هو اڳتي به آيو پي ته پٺتي به هٽيو ٿي. هر ٽين ڀيري ٻانهون به ڦيرائي رهيو هو.

”ها.“ هن چيو. ”توهان اهو ڀڻ ڀڻ ۾ بيوقوفن جيان ڇا ٿا ڳالهايو؟“

”منهنجي خيال موجب ته هاڻ توکي وڌيڪ ڪجهه نه ڪرڻ گهرجي.“ هوگن چوي ٿو ته، ”مشڪون هڪ هنڌ نه بيهجي وڃنئي.“

”اهو ڏاڍو نقصان ڪار ٿيندو.“ جئڪ چيو ۽ نوڙيءَ کي زور سان ڌڪ هڻي فرش تي اڇلائي هيٺ لهي آيو.

ان شام جو جون ڪولنس فارم تي آيو. جئڪ مٿي پنهنجي ڪمري ۾ هيو. جون شهر کان ڪار ۾ آيو. هن سان هڪ ٻه دوست به ساڻ هيا. ڪار بيٺي ته هو سڀ لهي آيا.

”جئڪ ڪٿي آ؟“ جون مون کان پڇيو.

”مٿي پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو آهي.“

”ستو پيو آهي؟“

”هائو.“ مون چيو.

”آهي ڪيئن؟“

مان هنن ٻن همراهن ڏانهن ڏٺو جي هن سان گڏجي آيا هيا.

”هي سندس دوست آهن.“ جون چيو.

”هن جي طبعيت ڪافي خراب آهي.“ مون چيو.

”ڇا ٿيو اٿس؟“

”ننڊ ڪانه ٿي اچيس.“

”ان آئرشيءَ کي ننڊ اچي ئي ڪونه.“ جون چيو.

”هو ٺيڪ نه آهي.“ مون چيو.

”هو ڪڏهن ٺيڪ هوندو آهي. ڏهه سال مون سان گڏ رهيو آهي، مان ته هن کي ڪڏهن به ٺيڪ نه ڏٺو آهي.“

هن سان گڏ آيل ماڻهو کليا.

”هنن سان مـِلُ، مسٽر مورگن ۽ مسٽر شيٽن فيلٽ.“ جون چيو. ”هي مسٽر ڊوائل آهي ۽ جئڪ کي سکيا ڏيئي رهيو آهي.“

”توهان سان ملي خوشي ٿي.“ مون چيو.

”مٿي هلي ڇوڪري کي ڏسون.“ مورگن نالي شخص چيو.

”ڏسونس ته سهي.“ اسٽين فيلٽ به چيو.

اسين سڀ مٿي چڙهي وياسين.

”هوگن ڪٿي آهي؟“ جون پڇيو.

”گودام ۾ هوندو، ڪن گراهڪن سان.“ مون چيو.

”اڄ ڪالهه گهڻا ماڻهو پيا اچنس؟“

”نه، رڳو ٻه اٿس.“

”هت ته ڏاڍي سانت لڳي پئي آهي؟“ مورگن چيو.

”هائو.“ مون چيو، ”ڏاڍي خاموشي.“

اسان جئڪ جي ڪمري ٻاهران بيٺاسين. جون در کڙڪايو. پر ڪوبه جواب نه آيو.

”شايد ننڊ اچي ويئي اٿس.“ مون چيو.

”اها وري ڪهڙي فضيلت آ جو ڏينهن جو ننڊ ٿو ڪري؟“

”جون، در جو هٿيو ڦيرايو ۽ اسان سڀ اندر هليا وياسين. جئڪ پلنگ تي سـُـتو پيو هو. هن جو منهن وهاڻي ۾ هو ۽ ٻئي وهاڻي کي ٻنهي ٻانهن سان ڀاڪر پايون پيو هو.

”او جئڪ!“ جون کيس سڏ ڪيو.

جئڪ جو مٿو وهاڻي تي ٿورو چريو. ”جئڪ!“ جون چيو ۽ هن جي مٿان ٿورو جهڪيو. جئڪ ڪجهه وڌيڪ وهاڻي ۾ پيهي ويو. جون سندس ڪلهي تي هٿ رکيو. جئڪ اٿي ويٺو ۽ اسان ڏي ڏسڻ لڳو. هن ڏاڙهي به نه ڪوڙي هئي ۽ پراڻو سـُئٽر پيل هيس.

”خـُدا جو واسطو اٿوَ! مون کي سمهڻ ڇونٿا ڏيو.“ هن جون کي چيو.

”ناراض نه ٿيءُ.“ جون چيو. ”مان توکي ننڊ مان اٿارڻ نه پئي چاهيو.“

”نه، نه.“ جئڪ چيو. ”بلڪل نه!“

”مورگن ۽ اسٽين فيلٽ کي ته سڃاڻين.“ جون چيو.

”توهان سان ملي خوشي ٿي.“ جئڪ چيو.

”جئڪ، خوش آهين.“ مورگن چيو.

”ٺيڪ آهيان.“ جئڪ چيو. ”ٻيو نه ته ڪيئن هوندس؟“

”تون ٺيڪ ٺاڪ ٿو لڳين.“ اسٽين فيلٽ چيو.

”هائو، ڇونه.“ جئڪ چيو. ”اهو ته ٻڌاءِ“ هن جون کي چيو، ”تون منهنجو مئنيجر آهين. توکي منهنجي ڪمائيءَ مان ڪافي دلالي ملي ٿي. ملي ٿي نه؟ پوءِ به جڏهن اخباري نمائندا هت آيا ته تون نه آئين. تنهنجي مرضي هئي ته مان ۽ جيري انهن سان منهن ڏيون؟“

”اڄ ڪالهه مان فلاڊيلفيا ۾ ليوُ جو مقابلو پيو ڪرايان.“ جون چيو.

”منهنجو ان سان ڇا؟“ جئڪ چيس، ”تون منهنجو مئنيجر آهين. توکي منهنجي ڪمائيءَ مان حصو ملي ٿو. مون کي، تون فلاڊيلفيا ۾ ڇا ٿو ڪرائين؟ تون ان وقت مون وٽ ڇو نه آئين، جڏهن مون کي تنهنجي ضرورت هئي؟“

”هوگن هتي هيو نه.“

”هوگن.“ جئڪ چيو. ”هو ته مون جيان گونگو آهي.“

”سولجر به ته هت توسان ڪم ڪيو پئي، نه؟“ اسٽين فيلٽ موضوع مٽائڻ جي خيال سان چيو.

”هائو، هو هتي هيو.“ جئڪ چيو. ”هو برابر هتي هيو.“

”ٻڌ، جيري.“ جون مون کي چيو، ”وڃي هوگن سان مـِلُ ۽ چوينس ته اسان اڌ ڪلاڪ کن ۾ ساڻس ملنداسين.“

”ڇونه.“ مون چيو.

”هي ڇونه هجي هتي؟“ جئڪ چيو، ”تون هت ترس، جيري.“

مورگن ۽ اسٽين فيلٽ هڪ ٻئي ڏانهن نهاريو.

”ڌيرج ڌر، جئڪ.“ جون هن کي چيو.

”مان وڃي هوگن کي ڳوليان ٿو.“ مون چيو.

”ٺيڪ آ، جي تون پاڻ وڃين ٿو ته ڀلي وڃ.“ جئڪ چيو، ”جيتوڻيڪ هنن مان ڪوبه توکي، ڪو بهانو ڪري، ڪيڏانهن نه موڪليندو.“

”مان وڃي هوگن کي هٿ ڪيان.“ مون چيو.

هوگن، گودام ۾ ڪثرت شاله ۾ بيٺو هو. هن سان هن جي صحت گهر جا ٻه گراهڪ به هيا جن کي دستانا پهريل هيا. انهن مان ڪنهن به، هڪ ٻئي کي، ڌڪ هڻڻ نه پي چاهيو، ان ڀـَـوَ کان ته متان موٽ ۾ هو به کيس ٺونشو هڻي ڪڍي.

”بس هاڻي.“ مون کي ايندو ڏسي هوگن چيو. ”اها مارا ماري بند ڪر. مهربانو وڃي لڱ آگهاريو ۽ بروس توهان کي مالش ڪندو.“

هو رسيون ٽپي هليا ويا، ۽ هوگن مون ڏانهن آيو.

”جون ڪولنس، ٻن دوستن سان گڏ، جئڪ سان ملڻ آيو آهي.“ مون چيو.

”مون کين ڪار ۾ ايندي ڏٺو هو.“

”جون سان اهي ٻه ڄڻا ڪير آهن؟“

”اهي، جن کي اسين سياڻو سڏيندا آهيون.“ هوگن چيو، ”هنن کي ڪونه سڃاڻين ڇا؟“

”نه“ مون چيو.

”اهي هئپي اسٽين فيلٽ ۽ ليو مورگن آهن. جوا خاني جا مالڪ آهن.“

”مان گهڻو وقت ٻاهر رهيو آهيان نه.“

”واقعي“ هوگن چيو. ”اهو هئپي اسٽين فيلٽ ته وڏو جواري اٿئي.“

”سندس نالو ته ٻڌو آهي.“ مون چيو.

”ڏاڍو تيز ڇوڪرو آهي.“ هوگن چيو. ”ٻئي تيز کيڏاڙي ۽ توبچي آهن.“

”ٺيڪ آ.“ مون چيو، ”هو اسان سان اڌ ڪلاڪ کن ۾ ملڻ ٿا چاهن.“

”مطلب ته اسان سان اڌ ڪلاڪ کان پوءِ ملندا.“

”ائين ئي سمجهه.“

”آفيس ۾ اچ.“ هوگن چيو. ”انهن پتي بازن کي ڇڏ.“

اٽڪل ٽيهن منٽن کان پو”، مان ۽  هوگن مٿي وياسين. اسان جئڪ جو دروازو کڙڪايو. هو اندر ڳالهائي رهيا هيا.

”جهٽ ترسو.“ ڪنهن چيو.

”مان اهڙو ڪجهه ٻڌڻ جو عادي نه آهيان.“ هن چيو، ”توهان کي جي ملڻو آهي ته مان هيٺ آفيس ۾ آهيان.“

ايتري ۾ دروازو کليو. اسٽين فيلٽ دروازو کوليو.

”هوگن اندر هليو آ.“ هن چيو. ”اسان سڀ گڏجي پيئنداسين.“

”ها.“ هوگن چيو، ”اهڙي ڳالهه ڪر نه.“

اسين اندر وياسين. جئڪ پلنگ تي ويٺو هو. جون ۽ مورگن ڪرسين تي ويٺا هيا. اسٽين فيلٽ اٿيو بيٺو هو.

”توهان ڪجهه پر اسرار ٿا نظر اچو.“ هوگن چين.

”هيلو، ڊئني.“ جون چيو.

”هيلو ڊئني.“ مورگن چيو ۽ هن سان هٿ ملايو.

جئڪ ڪجهه نه ڪڇيو. هو رڳو پلنگ تي ويٺو رهيو. هو ڄڻ هنن سان هيو ئي ڪين. غير حاضر ۽ تن تنها هو. هن کي پراڻي نيري جرسي پهريل هئي. ڄنگهن ۾ پتلون ۽ پيرن ۾ مڪي بازن وارو بوٽ. هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي. مورگن ۽ اسٽين فيلٽ خوش پوش هيا ۽ جون پڻ. جئڪ سنجيده ۽ سخت آئرشي چهرو بڻايون ويٺو هو.

اسٽين فيلٽ هڪ بوتل ۽ هوگن ڪجهه گلاس کڻي آيو. سڀني پنهنجا پيگ ٺاهيا. جئڪ ۽ مون، هڪ هڪ پيتو، جڏهن ته ٻين ٻه ٻه يا ٽي ٽي ورتا.

”ڪجهه واپسيءَ لاءِ بچايو.“ هوگن چيو.

”ان جو فڪر نه ڪر. اسان وٽ کوڙ آهي.“ مورگن چيو.

پهرين پيگ کان پوءِ جئڪ ڪجهه نه واپرايو هو. هو بيٺو کين تڪي رهيو هو. مورگن پلنگ تي ان جاءِ تي ويٺو هو، جتي اڳ جئڪ ويٺو هو.

”پيءُ جئڪ.“ جون چيس ۽ گلاس ۽ بوتل هن ڏانهن وڌائي.

”نه.“ جئڪ چيو. ”مان ائين جاڳائڻ ۽ اٿارڻ پسند نه ڪندو آهيان.“

هو سڀ کليا پر جئڪ بلڪل نه کليو.

وڃڻ مهل هو سڀ سٺيءَ موڊ ۾ پي لڳا. جنهن وقت هو ڪار ۾ ويا ته جئڪ وڌاوڙي تي بيٺو هو. هنن کيس هٿ لوڏي موڪلاڻي ڪئي. جئڪ به موٽ ۾ هٿ لوڏيو. اسان رات جي ماني گڏجي کاڌي. جئڪ کائڻ دوران ڪجهه نه ڪڇيو.

”هي ته کڻي ڏي.“ يا ”هونه کڻي ڏيندين؟ صحت گهر وارا ٻه مهمان به ساڳي ئي ٽيبل تي اسان سان ويٺا هيا. هو ڏاڍا سٺا ماڻهو هيا. کائي پوري ڪرڻ پڄاڻا، اسان ٻاهر وڌاوڙي طرف وياسين. ان مهل سنجها ٿي چڪي هئي، ۽ اوندهه وڌي رهي هئي.

”ٿورو پنڌ ڪرڻ چاهيندين، جيري؟“ جئڪ پڇيو.

”ها، ڇونه.“ مون چيو.

اسان پنهنجا ڪوٽ پاتا ۽ ٻاهر نڪري آياسين. شاهي رستي تائين بلڪل ماٺ هئي. اسان ان رستي تي ميل ڏيڍ گهمياسين. ڪارون اچي وڃي رهيون هيون ۽ اسان ان وقت هٽي، رستي جي ڀـِڪَ پي ورتي. جئڪ لاڳيتو ماٺ ۾ هو. هڪ ڪار جي لنگهڻ وقت، جڏهن اَسان هٽي جهڳٽن طرف ٿياسين ته جئڪ چيو، ”هي گهمڻ به مصيبت آهي. اچ ته هوگن ڏي هلون.“

اسان پاسو بدلي، ان رستي تي آياسين، جو ٽڪريءَ تان چڙهندو، ٻنين مان ٿيندو، هوگن جي صحت گهر ڏانهن پئي ويو. اسان مٿي ٽڪريءَ تي ٺهيل گهر جون روشنيون ڏسي پي سگهياسين. اسان گهر جي مهاڙيءَ کان چڙهي آياسون ۽ اتي لنگهه وٽ هوگن بيٺو هو.

”ڪيئن، پنڌ سٺو ٿيو؟“ هوگن پڇيو.

”هائو، ڏاڍو چڱو.“ جئڪ چيس. ”هوگن، ٻڌ، تو وٽ شراب آهي؟“

”ڇونه.“ هوگن وراڻيو. ”ڇا مرضي آ.“

”مٿي ڪمري ۾ موڪل.“ جئڪ چيو. ”اڄ رات مان ننڊ ڪندس.“

”تون ته ڊاڪٽر ٿي ويو آهين.“ هوگن چيو.

”اچ، مٿي ڪمري ۾ هل، جيري!“ جئڪ چيو.

مٿي اچي، جئڪ، مٿو ٻنهي هٿن ۾ جهلي، بستري تي ويهي رهيو.

”هيءَ به ڪا زندگي آ!“ جئڪ چيو.

هوگن چوٿو بوتل جو کڻي آيو ۽ ٻه گلاس.

”سـُنڍ جو شراب به کپيوَ؟“

”تنهنجي ڇا مرضي آهي ته مان بيمار ٿيان؟“

”مان ته ائين ئي پڇيو.“ هوگن چيو.

”پيئندين؟“ جئڪ چيو.

”نه، مهرباني.“ هوگن چيو ۽ هو نڪري هليو ويو.

”تنهنجي ڇا مرضي آ، جيري؟“

”توسان گڏجي هڪ پيگ پيئندس.“

جئڪ ٻه پيگ ٺاهيا. ”هاڻي.“ هن چيو، ”مان، هوريان هوريان مزي سان پيئندس.“

”ٿورو پاڻي وجهينس.“ مون چيو.

”هائو.“ جئڪ چيو، ”منهنجي خيال ۾ ته اهو بهتر ٿيندو.“

اسان هڪ ٻه پيگ، بنا ڪجهه چئي آکئي پيءُ ڇڏيا، جئڪ مون کي هڪ وڌيڪ پيگ ڏيڻ جي ڪئي.

”نه“ مون چيو. ”منهنجي لاءِ گهڻو آهي.“

”ٺيڪ آ.“ جئڪ چيو. هن پنهنجي لاءِ هڪ وڏو پيگ ٺاهيو ۽ ان ۾ پاڻي اوتيو. هـُن تي ڪجهه خمار چڙهي رهيا هيا.

“ٻپهريءَ جو آيل همراهه ٺاهوڪا ماڻهو هيا.” جئڪ چيو. “هو ٻئي قسمت تي ڀاڙڻ وارا ڪونه هيا.”

پوءِ ٿوري دير کان پوءِ “ها.” هن چيو، “هو صحيح به آهن. اتفاق تي ڀاڙڻ مان فائدو ئي ڪهڙو.”

“ٻيو نه کپيئي، جيري؟” هن چيو، “دل چئي ٿي هڪڙو ٻيو به پيءُ.”

”مون کي وڌيڪ ضرورت ناهي، جئڪ.“ مون چيو، ”مان ايتري ۾ ٺيڪ آهيان.“

”بس، رڳو هڪ ٻيو کڻ.“ جئڪ چيو. هن جي طبعيت وڌيڪ نرم ٿيندي پئي ويئي.

”تنهنجي مرضي.“ مون چيو.

جئڪ هڪ پيگ مون لاءِ ٺاهيو ۽ هڪ وڏو پنهنجي لاءِ.

”توکي خبر آهي.“ هن چيو، ”ته شراب مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. جي مان باڪسر نه هجان ها، ته اڃا به وڌيڪ پيئان ها.“

”واقعي.“ مون وراڻيو.

”خبر اٿئي.“ هن چيو، ”ته مان باڪسنگ ۾ گهڻو ڪجهه وڃايو آهي.“

”دولت ته ڪافي ڪمائي اٿئي.“

”بلڪل، ان جي ئي پٺيان ته آهيان. توکي ته خبر آ، ان ڪري مان گهڻو ڪجهه ڇڏيو ۽ وڃايو آهي.“

”اهو، ڪيئن ٿو چئين؟“

”ٻڌ.“ جئڪ چيو، ”زال ۽ گهر کان ايترو پري رهڻ، منهنجي ڇوڪرين کي به ڪو آٿت ڏيڻ وارو ڪونهي. ’توهان جو اهو ٻڍو ڪٿي آهي؟‘ ڪي شرارتي ڇوڪرا هنن کان پڇندا آهن. ’اسان جو پيءُ جئڪ برينن آهي.‘ اهڙو جواب هنن جي ڪا عزت ته ڪانه وڌائيندو آهي.“

”سندن عزت ته خودبخود تفاوت ۾ اچي ويندي جي کين دولت جي پٺ ڀرائي حاصل هوندي.“ مون چيو.

”واقعي.“ هن چيو، ”دولت ته هنن لاءِ تمام گهڻي جمع ڪئي اٿم.“

هن ٻيو پيگ به ٺاهيو، شيشي هاڻي خالي ٿيڻ تي هئي.

”ڪجهه پاڻي وجهينس.“ مون چيو. جئڪ ٿورو پاڻي گلاس ۾ اوتيو.

”توکي خبر آ.“ جئڪ چيو، ”پر تون اندازو ئي لڳائي نه سگهندين ته مان زال جي غير حاضري ڪيئن ٿو ڀانيان.“

”واقعي.“

”توکي اندازو ئي نه ٿيندو، تون سمجهي نه سگهندين ته اهو وڇوڙو ڪيئن هوندو آهي.“

”هونءَ ته، شهر کان ٻهراڙيءَ ۾ رهڻ وڌيڪ بهتر آهي.”

”منهنجي لاءِ هاڻي.“ جئڪ چيو، ”اهو ڪا معنيٰ نٿو رکي ته مان ڪٿي آهيان. تون سمجهي ئي نه سگهندين ته اهو ڪيڏو عذاب آهي.“

”هڪ ٻيو به پيءُ.“

”مان نشي ۾ ٽـُن آهيان ڇا؟ ڳالهائڻ ۾ ٿڙان ته نه ٿو؟“

”تون ٺيڪ آهين.“

”تون سمجهي ئي نه سگهندين ته اهو ڇا ٿيندو آهي. ڪوبه اهڙو ڪونهي جو ان جو صحيح اندازو لڳائي سگهي.“

”سواءِ زال جي.“ مون چيو.

”اها ڄاڻي ٿي.“ جئڪ چيو، ”اها بلڪل ڄاڻي ٿي. هوءَ ڄاڻي ٿي. شرط رک، هوءَ ڄاڻي ٿي.“

”ٿورو پاڻي گڏينس.“ مون چيو.

”جيري.“ جئڪ چيو، ”تون سوچي ئي نه ٿو سگهين ته ان ۾ ڇا ٿيندو آهي.“

هو چڱيءَ موڊ ۽ نشي ۾ هو. هو اکيون ڇنڀڻ بنان، مون ڏانهن گهوري رهيو هو. هن جون نظرون ڄڻ مون ۾ کپي ويون هيون.

”توکي سٺي ننڊ ايندي.“ مون چيو.

”ٻڌ، جيري.“ جئڪ گلاس هيٺ رکيو، “تون ڪجهه پئسو ٺاهڻ چاهين ٿو؟ ڪجهه پئسا هن جي پاسي داءَ تي لڳاءِ ”والڪاٽ تي.“

”ڇا ٿو چوين؟“

”ٻڌ جيري“ جئڪ چيو، ”مان نشي ۾ نه آهيان. توکي خبر آهي ته مان هن تي ڪيتري شرط ٿو رکان؟ پنجاهه هزار.“

”اها ته وڏي رقم آهي.“

”پنجاهه هزار.“ جئڪ چيو، ”هڪ تي ٻه! مون کي رڳو پنجويهه هزار ڊالر ملندا.“

”داوُ ته سٺو آ.“ مون چيو.

”مان هن کي شڪست ڪيئن ڏئي سگهندس؟“ جئڪ چيو، ”هو به پورن ڏينهن جو آهي. ڪيئن کٽندومانس؟ پوءِ ڇونه هن جي پاسي کان شرط رکي پئسا ڪمايان.“

”ٿورو پاڻي وجهينس، جئڪ.“ مون چيو.

”هن مقابلي کان پوءِ، راند ئي ڇڏي ويندس.“ جئڪ چيو. ”مان بس ڪري ڇڏيندس، مان مار ته کائيندس، پوءِ ڇونه ان مان به پئسا ڪمايان؟“

”ڀلي.“

”مان سڄو هفتو نه ستو آهيان.“ جئڪ چيو، ”اوجاڳو ۽ فڪر سبب مون کي ننڊ نه ٿي اچي، جيري. تون محسوس نه ٿو ڪري سگهين ته تنهنجو نه اچڻ ڪيڏو وڏو عذاب آهي.“

”بلڪل.“

”مان سمهي نه ٿو سگهان. مون کي ننڊ نه ٿي اچي. ان مان فائدو ئي ڪهڙو، جو انسان سڄي زندگي خواهشن جي پـُٺيان گذاري ۽ تنهن کان پوءِ جهٽ کن ننڊ به نه ڪري سگهي؟“

”اهو ته خراب آهي.“

”تون سوچي به نٿو سگهين ته اهو ڇا آهي، جيري، ننڊ نه اچڻ ڪري ڇا ٿو ٿئي.“

”گلاس ۾ ٿورو پاڻي وجهه.” مون چيو“

اٽڪل يارهين وڳي جئڪ ختم ٿي ويو ۽ مون کيس هنڌ تي ليٽائي ڇڏيو. آخر ۾ هو ايترو مدهوش ٿي ويو جو ننڊ پاڻمرادو کيس وڪوڙي وئي. مون کيس ڪپڙن مٽائڻ ۾ مدد ڪئي ۽ سمهاري ڇڏيو.

”جئڪ، توکي سٺي ننڊ ايندي.“ مون چيو.

”پڪ ئي پڪ.“ جئڪ چيو، ”مان هاڻي سمهي پوندس.“

”شب خير، جئڪ.“ مون چيو.

”شب خير، جيري.“ جئڪ چيو، ”تون ئي منهنجو اڪيلو دوست آهين.“

”ڇڏينس يار.“ مون چيو.

”تون ئي منهنجو اڪيلو دوست آهين.“ جئڪ چيو، ”صرف تون ئي منهنجو يار آهين.“

”ننڊ ڪر.“ مون چيو.

”مان سمهي رهندس.“ جئڪ چيو.

هيٺ آفيس ۾، هوگن اخبار پڙهي رهيو هو. هن منهن مٿي ڪري نهاريو، ”ڏي خبر دوست کي سمهاري آئين؟“ هن پڇيو.

”نشي ۾ بيهوش آهي.“

”نه سمهڻ کان اهو به بهتر اٿس.“ هوگن چيو.

”ائين ته آهي.“

”توکي، انهن راندين جي اخباري رپورٽرن کي سمجهائيندي، ڏاڍي ڏکيائي ٿي هوندي.“ هوگن چيو.

”چڱو، هاڻي مان به وڃي ٿو سمهان.“ مون چيو.

”شب خير.“ هوگن چيو.

صبح جو اٽڪل اٺين وڳي ڌاري مان هيٺ لهي آيس ۽ نيرن ڪيم. هوگن جا ٻه مهمان، گودام ۾ ٺؤنشي بازي جي مشق ڪري رهيا هيا. مان ٻاهر نڪري ويس ۽ انهن کي ڏٺم.

”هڪ، ٻه، ٽي، چار.“ هوگن ڳڻي رهيو هو. ”هيلو جيري.“ هن چيو، ”جئڪ اٿيو آ؟“

”نه، اڃا ستو پيو آهي.“

مان پنهنجي ڪمري ۾ ويس، شهر وڃڻ لاءِ سامان ٻڌي تياري ڪيم. اٽڪل نائين بجي ڌاري مون ڀر واري ڪمري ۾، جئڪ جي اٿڻ جو آواز ٻڌو. هن جو ڏاڪڻ کان هيٺ لهڻ جو آواز ٻڌي، مان به سندس پويان لهي ويس. جئڪ نيرن لاءِ ٽيبل تي ويٺو هو. هوگن به اندر آيو ۽ ٽيبل جي ڀرسان اچي ويٺو.

”هاڻي ڪيئن ٿو ڀائين، جئڪ؟“ مون هن کان پڇيو.

”ايترو خراب نه.“

”ننڊ سٺي ڪيئي؟“  هوگن پڇيس.

”ننڊ چڱي آئي.“ جئڪ چيو، ”زبان اڃا خشڪ آ، پر مٿي جو سور لهي ويو.“

”ڏاڍو چڱو.“ هوگن چيو. ”شراب به سٺو هيو.“

”اهو بل ۾ شامل ڪري ڇڏجانءِ.“ جئڪ چيس.

”شهر ڪهڙي وقت ويندوء.“ هوگن پڇيو.

”منجهند کان اڳ.“ جئڪ چيو. ”يارنهن وڳي واري ريل تي.“

”ويهه، جيري.“ جئڪ چيو. هوگن ٻاهر هليو ويو.

مان ٽيبل جي ڀرسان ٿي ويٺس. جئڪ گريپ فروٽ کائي رهيو هو، جي ڪو ٻج وات ۾ اچي پي ويس ته چمچي تي ٿوڪاري، ويو ٿي پليٽ ۾ گڏ ڪندو.

”سمجهان ٿو، ته رات ڏاڍو چڙهي ويو هوم.“ هو شروع ٿيو.

”شراب ته تو پيتو.“

”سمجهان ٿو ته ڪيئي بيوقوفيءَ جون ڳالهيون ڪيون هيم.“

”ايڏو غلط به ڪونه.“

”هوگن ڪٿي آهي؟“ هن پڇيو. گريپ فروٽ کائي هن پورو ڪيو هو.

”هو، ٻاهر سامهون آفيس ۾ آهي.“

”مقابلي تي شرط رکڻ بابت مون ڇا ڇا چيو؟“ جئڪ پڇيو، هن کي هٿ ۾ چمچو هيو جوگريپ فروٽ ۾ اندر گهمائي رهيو هو. ڇوڪري ڪجهه سيڪيل گوشت ۽ آنا کڻي آئي ۽ اهي رکي، بچيل گريپ فروٽ کڻي ويئي.

”هڪ گلاس کير جو ٻيو به کڻي اچ.“ جئڪ هن کي چيو. هوءَ هلي ويئي.

”تو چيو پي ته تو والڪاٽ جي پاسي کان پنجاهه هزارن جي شرط رکي آهي.“ مون چيو.

”اهو صحيح آ.“ جئڪ چيو.

”اها ته وڏي رقم آ.“

”مون کي ته ايڏي وڏي ڪانه ٿي لڳي.“ جئڪ چيو.

”متان ڪجهه به ٿي پوي.“

”نه،“ جئڪ چيو، ”هن کي خطاب گهرجي ۽ ضرور گهرجي.“

”خاطريءَ سان ته ڪا ڳالهه چئي نه ٿي سگهجي.“

”نه، هن کي خطاب گهرجي. اهو هن جي لاءِ ڪنهن خزاني کان وڌيڪ آهي.“

”پنجاهه هزار به ڪا ٿوري رقم ته نه آهي.“ مون چيو.

”اهو به واپار آ.“ جئڪ چيو، ”مان کٽي ته ڪونه سگهندس، توکي به اندازو آهي ته مان ڪنهن به صورت ۾ کٽي ڪونه سگهندس.“

”جيستائين تون رنگ ۾ آهين، ته توکي موقعو آهي ئي آهي.“

”نه،“ جئڪ چيو، ”مون فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته مان ختم آهيان. باقي رڳو ڪاروبار ئي آهي.“

”طبعيت ڪيئن ٿو سمجهين؟“

”ٺيڪ آهيان.“ جئڪ چيو، ”مون کي هاڻ ننڊ ئي کپندي هئي.“

”تون شايد سٺو مقابلو ڪرين.“

”ويڙهه ته سٺي ڪبي.“ جئڪ چيو.

نيرن کان پوءِ جئڪ ٽيليفون تي، پنهنجي زال سان ڪجهه وقت ڳالهايو، هو بوٿ ۾ اندر بيهي ڳالهائي رهيو هو.

”هتي اچڻ کان پوءِ، هو پهريون ڀيرو زال سان ڳالهائي رهيو آهي .“ هوگن چيو.

”روزانو خط جو لکندو اٿس.“

”هون.“ هوگن چيو. ”خط تي رڳو ٻه سينٽ خرچ ٿو اچي نه.“

”هوگن اسان کي خدا حافظ چيو. بروس، شيدي مالشي، اسان کي گاڏيءَ تي اسٽيشن تي وٺي آيو.

”خدا حافظ، مسٽر برينن.“ بروسي ريل تي چاڙهيندي چيو. ”مون کي پڪ آهي ته تون هن کي ليٽائي وجهندين.“

”الوداع.“ جئڪ چيو. هن بروس کي ٻه ڊالر ڏنا. هو ريل ۾ سيٽ جي ڪنڊ وٺي ويٺو ۽ ٽڪيٽ ٽوپلي جي وڪڙ ۾ رکي ڇڏي. بروس هن جي ڪافي خدمت ڪئي هئي. هن کي نا اميدي ٿي هئي. جئڪ ڏسي ورتو هو ته مان بروس ڏانهن تڪي رهيو هـُئس جو هٿ ۾ ٻه ڊالر جهليون بيٺو هو.

”بل ۾ سڀ ڪجهه هيو.“ هن چيو، ”هوگن مون کان هن جي خدمتن جي پوري پوري وصولي ڪئي آهي.“

هو دريءَ کان ٻاهر ڏسي رهيو هو. هڪ ڀيرو  مون ڏانهن ُمڙي چيائين، ”مون زال کي ٻڌايو ته اڄ رات مان شيبليءَ ۾ ڪمرو وٺندس.“ هن چيو. اهو ’گارجن‘ جي ڀر ۾ بلڪل ڪنڊ تي ئي آهي. مان سڀاڻي صبح تائين گهر وڃي سگهندس.“

”خيال ته سٺو آ.“ مون چيو، ”تنهنجي زال ڪڏهن توکي وڙهندي ڏٺو آهي، جئڪ؟“

”نه.“ جئڪ وراڻيو. ”هن ڪڏهن به مون کي مقابلو ڪندي نه ڏٺو آهي.“

مون سمجهيو ته مقابلي کان پوءِ هو سڌو گهر وڃڻ ڇونه ٿو چاهي، ڇوجو  هن کي يقين آهي ته هن کي چڱي مار ملندي.

شهر ۾ پڄي سڌو شيبليءَ لاءِ ٽئڪسي ڪئي سين. هڪ ڇوڪري اچي اسان جو سامان کنيو ۽ اسان مئنيجر وٽ وڃي بيٺاسون.

”ڪمرن جو ڪهڙو اگهه آهي؟“ جئڪ پڇيو.

”اسان وٽ رڳو ڊبل ڪمرا آهن.“ ڪلارڪ چيو. ”مان توهان کي هڪ ڊبل بيڊ ڪمرو ڏهن ڊالرن ۾ ڏئي سگهندس.“

”اهو ته تمام گهڻو آهي.“

”توهان ست ڊالر ڏجو.“

”غسل خانو به شامل اٿس؟“

”يقينن.“

”تون به مون سان رهي سگهندين، جيري.“ جئڪ چيو.

”نه.“ مون چيو، ”مان پنهنجي سالي جي گهر رهندس.“

”منهنجو مطلب توکان پئسا ڀرائڻا نه آهن.“ جئڪ چيو. مان رڳو ڪرائي جو پورو فائدو وٺڻ ٿو چاهيان. ڪرايو ته ائين به مون کي سمورو ئي ڀرڻو آهي نه.“

”مهرباني ڪري پنهنجو نالو داخل ڪريو.“ ڪلارڪ رجسٽر وڌائيندي چيو.

”نمبر 238 مسٽر برينن.“ ڪلارڪ نالا ڏسندي چيو.

اسان لفٽ ۾ مٿي وياسين. ڪمرو تمام سٺو ۽ وڏو هيو. ٻه بسترا لڳل هيا ۽ ڪمري سان لڳ غسل خانو به هيو.

”سٺو آ.“ جئڪ چيو.

ڇوڪرو، جو اسان کي مٿي وٺي آيو، تنهن پردو هٽائي، سامان اندر آندو. جئڪ ۾ ڪابه چرپر ڪانه آئي، سو مون ڇوڪري کي ڪجهه رقم بخشش طور ڏني. اسان هٿ مـُنهن ڌوئي ٿڪ لاٿو. جئڪ چيو ته ٻاهر هلي ڪجهه کائجي ته بهتر.

جمي هئنلي جي هوٽل تي اسان منجهند جي ماني کاڌي. اتي ڪافي ماڻهو هيا. اڃا اڌ ماني ئي ڪانه کاڌي سين جو جونِ اندر آيو ۽ اسان سان ٿي ويٺو. جئڪ گهڻو نه ڳالهايو.

”وزن ڪيئن اٿئي جئڪ؟“ جون، هن کان پڇيو. جئڪ ڏاڍي سڻڀي ماني کائي رهيو هو.

”مان ڪپڙن سميت وزن ڪرائي سگهان ٿو.“ جئڪ چيو. هن ڪڏهن به وزن گهٽائڻ جي پرواهه نه ڪئي هئي. قدرتي طرح هن جي وزن ۾ واڌ نه ٿيندي هئي. هو ڪڏهن به ٿلهو نه ٿيو  هو. هوگن جي صحت گهر تي هن وزن گهٽايو به هو.

”ان ڳالهه جي توکي ڳڻتي نه هوندي آهي.“ جون چيو.

”ها، بلڪل.“ جئڪ وراڻيو.

اسان منجهند جي مانيءَ کان پوءِ، ’گارڊن‘ ڏانهن وزن ڪرڻ لاءِ وياسين. مقابلو ٽي وڳي هو. مقابلي جي شرطن موجب وزن هڪ سو ستيتاليهه پائونڊن جي اندر هجڻ کپندو هو. جئڪ ٽوال ڪلهي تي رکي ڪانٽي تي چڙهيو. ڪانٽو چريو پريو ڪونه. والڪاٽ به ان وقت ترسيو ۽ ڪيترائي ماڻهو هن جي چوڌاري، دائري ۾ بيٺا هيا.

”ڏسون ته ڇا وزن اٿئي، جئڪ؟“ والڪاٽ جي مئنيجر فريڊ مئن چيو.

”ٺيڪ آ، هن جو وزن ڪريو.“ جئڪ پنهنجو ڪنڌ والڪاٽ ڏانهن ڪيو.

”ٽوال لاهه.“ فريڊ مئن چيو.

”گهڻو ٿيو؟“ جئڪ وزن ڪندڙ کان پڇيو.

”هڪ سو ٽيتاليهه پاؤنڊ.“ وزن ڪندڙ ٿلهي همراهه چيو.

”کوڙ وزن گهٽايو اٿئي، جئڪ.“ فريڊ مئن چيو.

”هن جو به وزن ڪر.“ جئڪ چيو.

والڪاٽ، ڪانٽي تي چڙهيو. هو موڪرن ڪلهن وارو جوان هيو. هن جون ٻانهون ڀريل پر ٽنگون قدرتي طور سنهيون هيون. جئڪ هن کان اڌ ڳچي مٿي بيٺو هو.

”هيلو، جئڪ.“ هن چيو. سندس منهن تي ڪجهه مار جا نشان هيا.

”هيلو“ جئڪ چيو، ”ڪيئن آهين؟“

”ٺيڪ.“ والڪاٽ چيو. هن چيلهه تان ٽوال لاٿو ۽ ڪانٽي تي چڙهيو. هن جا ويڪرا پٺا ۽ ڪلها، اوهان شايد ئي اهڙا ڪنهن جا ڏٺا هوندا.

”هڪ سؤ ڇائيتاليهه پاؤنڊ ۽ ٻارنهن آؤنس.“

والڪاٽ هيٺ لٿو، ۽ جئڪ ڏي ڏسي مرڪيو.

”ٺيڪ.“ جون چيس. ”جئڪ توکان چار پاؤنڊ گهٽ آهي.“

”جڏهن موٽندس ته ان کان به گهٽ ٿي ويندو.“ والڪاٽ چيو. ”مان وڃان ٿو ماني کائڻ.

اسين واپس ورياسين ۽ جئڪ ڪپڙا مٽايا، ”هي ته جانٺو جوان ٿو لڳي.“

جئڪ مون کي چيو.

”لڳي ته ائين ٿو، ڄڻ ڪئين ڀيرا مار کاڌي اٿائين.“

”ها.“ جئڪ چيو، ”هن کي ڌڪ هڻڻ ڏکيو نه آهي.“

”ڪيڏانهن ٿا وڃو؟“ جئڪ ڪپڙا مٽايا ته جون پڇيو.

”واپس هوٽل.“ جئڪ چيو، ”تو هر ڳالهه جو خيال رکيو آ؟“

”هائو.“ جون چيو. ”هر ڳالهه جو بندوبست ڪيو اٿم.“

”مان جهٽ ليٽندس.“ جئڪ چيو.

”مان پوڻي ستين وڳي ڌاري تو وٽ ايندس، ۽ پوءِ هلي ماني کائينداسين.“

ٺيڪ آ.

مٿي هوٽل تي پهچي، جئڪ پنهنجو بوٽ ۽ ڪوٽ لاٿو ۽ ليٽي پيو. مان ويهي خط لکيو. هن هڪ ٻه ڀيرا ڏٺو. جئڪ کي ننڊ ڪانه هئي. هو ماٺ ڪيو ليٽيو پيو هو، سندس اکيون کليل هيون. آخر هو اٿي ويٺو.

”تاس جا هڪ ٻه هٿ ڪندين؟“ جيري چيو.

”ڇونه.“ مون وراڻيو.

هو پنهنجي بئگ ڏانهن ويو ۽ تاس کڻي آيو. اسان هڪ ٻه راند ڪئي ۽ هو مون کان ٽي ڊالر کٽي ويو، جون در کڙڪايو ۽ اندر هليو آيو.

”تاس ڪندين جون؟“ جئڪ هن کان پڇيو.

جون پنهنجو ٽوپلو لاهي ٽيبل تي رکيو. اهو سڄو آلو هو. هن جو ڪوٽ به آلو هو.

”مينهن ٿو پوي ڇا؟“ جئڪ پڇيس.

”ڇڙو وسي نه ٿو پر وسڪارو آ.“ جون چيو. ٽئڪسي ڦاسي پئي، لاچار لهي پنڌ آيو آهيان.

”اچ ته هڪ ٻه بازي ڪري وٺون.“ جئڪ چيس.

”توکي ته هلي ڪجهه کائڻ گهرجي.“

”نه،“ جئڪ چيو، ”اڃا کائڻ جو ارادو ڪونه اٿم.“

ان ڪري هنن اڌ ڪلاڪ کن راند ڪئي ۽ جئڪ هن کان ڏيڍ ڊالر کٽيو.

”ٺيڪ آ، مان سمجهان ٿو هاڻي هلي ماني کائڻ گهرجي.“ جئڪ چيو. هو دريءَ ڏي ويو ۽ ٻاهر نهاريائين.

”اڃا وسي پيو؟“

”هائو.“

”پوءِ ته هت هوٽل ۾ ئي ماني کائڻ گهرجي.“ جون چيو.

”ٺيڪ آ.“ جئڪ چيو، ”هڪ راند ٻي به ڪيون ٿا. جيڪو هارائيندو اهو بل ڀريندو.“

ٿوري دير کان پوءِ جئڪ اٿي بيٺو ۽ چيائين، ”توکي ماني کارائڻي پوندي، جون.“

اسان ڏاڪڻ هيٺ لهي، وڏي هال ۾ ماني کاڌي.

ماني کائي وري مٿي وياسون. جئڪ ۽ جون وري تاس کيڏڻ لڳا. جئڪ هن کان اڍائي ڊالر کٽيا. جئڪ ڏاڍو خوش پي ٿيو. جون کي هڪ ٿيلهي ساڻ هئي، جنهن ۾ سندس سمورو سامان سٿيو پيو هو. جئڪ پنهنجي قميص ۽ ڪالر لاهي، جرسي ۽ سـُئٽر پاتو، ته جيئن ٻاهر ايندي ٿڌ نه لڳيس. هن آکاڙي جا ڪپڙا ۽ جـُبو ٿيلهي ۾ وڌو.

”تيار ٿي ويا؟“ جئڪ پڇيو. ”مان فون تي هيٺ چوان ٿو ته ڪا ٽئڪسي جهلن.“

اسان لفٽ ۾ هيٺ لهي، لابيءَ مان نڪري ٻاهر روانا ٿياسين ۽ ٽئڪسيءَ تي چڙهي ’گارڊن‘ ڏانهن روانا ٿياسين. مينهن زور سان پئجي رهيو هو، پر ان هوندي به رستا ماڻهن سان ڀريا پيا هيا. جڏهن اسان دڳ وٺي ڊريسنگ روم پهتاسين ته ان کي به ماڻهن سان ٽمٽار ڏٺوسين. اها حالت رنگ کان اڌ ميل تائين پي معلوم ٿي. چوڌاري اوندهه هئي. رڳو رنگ ۾ روشني هئي.

”مقابلو هن رنگ ۾ چڱو ٿيندو. چڱو جو ٻاهر ميدان ۾ يا بال- پارڪ ۾ نه رکيائون.“ جون چيو.

”چڱي خلق آئي اٿن.“ جئڪ چيو.

”هن جاءِ تي هي مقابلو ئي اهڙو آهي جو ايترو خلق ڇڪيندو جو ’گارڊن‘ ۾ ماپي ئي نه سگهندي.“

”موسم جي باري ۾ ته ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي.“ جئڪ چيو.

جون ڊريسنگ روم جي در تي آيو ۽ ليئو پاتائين. جئڪ جبو پايو ويٺو هو ۽ فرش ڏي ويٺي نهاريائين. جون سان جوڙي مالشين جي به ساڻ هئي، جن هن جي ڪلهي وٽان جئڪ ڏانهن نهاريو. جئڪ ڪنڌ کڻي مٿي ڏٺو.

”هو رنگ ۾ لٿو آ.“ هن پڇيو.

”هو هاڻي هيٺ لهي ويو.“ جون چيو.

اسان نڪتاسين. والڪاٽ ان مهل رِنگ ۾ گهڙي رهيو هو. ماڻهن هٿ کڻي هن جي کيڪار ۽ تعريف ڪئي. هو نوڙين جي وچ مان جهڪي اندر گهڙيو. سڌو ٿي، ٻئي مـُڪون گڏي، ماڻهن ڏي ڏسي مرڪيو. پوءِ بند مٺيون لوڏيائين. هن اهڙيءَ ريت ساڳيو عمل رنگ جي چئني طرفن کان ورجايو ۽ پوءِ ويهي رهيو. ماڻهن مان لنگهندي، جئڪ جو وڌيڪ پرجوش آڌرڀاءُ، هٿ کڻي ڪيو ويو. جئڪ آئرشي هو، ۽ آئرشي هميشه سٺو آدرڀاءُ ماڻيندا آهن. آئرشي نيويارڪ ۾، اتالوي يا يهوديءَ جيان ڪمائي ته سٺو نه سگهندو آهي، پر استقبال سٺو ٿيندو اٿس. جئڪ مٿي چڙهيو، ۽ رسين مان ٽپڻ لاءِ جهڪيو. والڪاٽ پنهنجي ڪنڊ کان اٿي آيو ۽ جئڪ جي ٽپڻ لاءِ رسيءَ کي هيٺ ڪيائين. ماڻهن کي هن جو اهڙو عمل ڏاڍو پسند آيو. والڪاٽ، جئڪ جي ڪلهي تي، پنهنجو هٿ رکيو ۽ هڪ سيڪنڊ کن گڏ بيٺا رهيا.

”سو تون هاڻي مشهور پهلوانن مان هڪ ٿيندين.“ جئڪ هن کي چيو، ”اهو پنهنجي هٿ منهنجي ڪلهي تان لاهه.“

”ڪجهه ته خيال ڪر.“ والڪاٽ چيس.

اهو سڀ ڪجهه ماڻهن لاءِ وڏي ڳالهه هئي. مقابلي کان اڳ کيڏاڙي ڪيترو نه پاڻ ۾ شرافت سان ٿا گڏجن. ڪيئن نه هڪ ٻئي لاءِ نيڪ تمنا جو اظهار ٿا ڪن. جنهن ويل جئڪ پنهنجي هٿن کي پٽيون ٻڌي رهيو هو، ته سولي فريڊ مئن اسان واري ڪنڊ تي آيو ۽ جون، والڪاٽ واري ڪنڊ وٽ ويو. جئڪ پنهنجو آڱوٺو پٽيءَ جي چير ۾ وڌو ۽ پوءِ هٿ تي پٽي آرام سان چاڙهي، مون ان کي ويڻيءَ وٽ ٽيپ هنئين ۽ ٻه ٽيپون هٿن جي پوئين پاسي تي هنيون.

”اڙي يار.“ فريڊ مئن چيو، ”اها ٽيپ ڪٿان آندءِ؟“

”کپئي.“ جئڪ چيو، ”نرم آهي نه؟ ڄٽ نه ٿيءُ.“

جو وقت جئڪ پٽيون پئي چاڙهيون، فريڊمئن اتي بيٺو رهيو. هڪ ڇوڪرو جو هن جي خدمت چاڪري ڪرڻ وارو هيو، دستانا کڻي آيو ۽ مان هن جي هٿن تي چاڙهي ٻڌي ڇڏيا.

”فريڊ مئن ٻڌاءِ ته،“ جئڪ چيو، ”والڪاٽ جي قوميت ڪهڙي آهي؟“

”مون کي صحيح خبر نه آهي.“ سوليءَ چيو، ”آهي مڙيو ئي ڊئنش قسم جو.“

”بوهيما جو آهي.“ جنهن ڇوڪري دستانا آندا هيا، تنهن چيو.

ريفريءَ هنن کي رنگ جي وچ تي سڏيو ۽ جئڪ ان طرف ويو. والڪاٽ مرڪندو آيو. هو مليا، ۽ ريفريءَ ٻنهي جي ڪلهن تي هٿ رکيو.

”هيلو، شهرت.“ جئڪ والڪاٽ کي چيو.

”ڪجهه خيال ڪر.“ والڪاٽ چيس.

”تون پاڻ کي ’والڪاٽ‘ ڇا لاءِ ٿو سڏائين؟“ جئڪ چيو، ”خبر ڪانه اٿئي ته هو شيدي هو؟“

”ٻڌو!“ ريفريءَ چيو ۽ هنن کي ساڳيون روايتي هدايتون ڏيڻ لڳو. وچ ۾ هڪ دفعو والڪاٽ مداخلت ڪئي. هن جئڪ جي ٻانهن جهلي چيو، ”جي هي مون کي هيئن جهلي، ته مان کيس ڌڪ هڻي سگهان ٿو؟“

”پنهنجو هٿ پري ڪر.“ جئڪ چيو، ”هن جي ڪا فلم ڪانه تيار ٿيندي.“

هو پنهنجي پنهنجي ڪـُنڊن طرف ويا. مون جئڪ جو جبو کنيو ۽ هو نوڙيءَ تي نـِوِڙيو.

هن هڪ ٻه ڀيرا پنهنجون ڄنگهون اڳتي پوئتي ۽ هيٺ مٿي ڪيون ۽ پير زور سان هيٺ هنيا. گهنٽي وڳي، ۽ جئڪ آهستي آهستي اڳتي وڌيو. والڪاٽ به هن طرف وڌيو. ٻنهي پنهنجا دستانا پهريل هٿ هڪ ٻئي سان ڇهيا. جيئن ئي والڪاٽ پنهنجا هٿ هٽايا، جئڪ ٽپو ڏيئي سندس منهن تي ٻه مڪون وهائي ڪڍيون. جئڪ کان بهتر مڪي باز ڪٿي هيو ئي ڪونه. جئڪ جي پويان والڪاٽ وڌندو رهيو. سندس کاڏي سيني سان لڳل هئي ۽ سڄو وقت هن اڳتي وڌڻ جي پي ڪئي. هن کي اها ڄاڻ هئي ته ڪيئن، ڪنهن هنڌ پهچجي ۽ ڌڪ هڻجي. پر جڏهن به هو ويجهو پي ويو ته جئڪ کيس کٻو ٺونشو وهائي پي ڪڍيو. اهو ڄڻ ته خودڪار نموني ورجائيندڙ عمل هو. جئڪ رڳو کٻو هٿ کنيو پي ۽ اهو والڪاٽ جي منهن تي ڦهڪيو پئي. جئڪ سڄو هٿ به هنيون پئي، پر والڪاٽ کي اهو ڪلهي يا مٿي تي پي لڳو. پر هو به ٻين ننڍي قد وارن جيان هو. هن هر ان هنڌ جو بچاءُ پئي ڪيو، جتي توهان کيس ڌڪ هڻي پئي سگهيا. منهن تي، کٻي هٿ جي ڌڪ جي، هن پرواهه ڪونه پئي ڪئي.

چئن رائونڊن کان پوءِ، جئڪ هن کي رتو ڇاڻ ڪري ڇڏيو ۽ هن جو سڄو منهن زخمن سان ڀرجي ويو. پر هر ڀيري والڪاٽ سندس ڀرسان اچي کيس ايڏيون زوردار مڪون پئي هنيون، جو جئڪ کي پاسيرين هيٺان، ٻنهي پاسن کان ٻه ڳاڙها چٽا ٿي پيا. هر ڀيري ويجهي اچڻ تي جئڪ هن کي منهن تي ڪونه ڪو نشان ڪيو پئي. پر والڪاٽ وري کيس ويجهو پوندي هر ڀيري جسم تي اهڙو ٺونشو پئي وهائي ڪڍيو، جو آواز گهٽيءَ ۾ پئي ٻڌڻ ۾ آيو. والڪاٽ به واهه جو ڳجها وار ڪيا. اهو حال ٽي چڪر ٻيا به هليو. هنن ڳالهايو به ڪونه پئي. رائونڊن جي وچ ۾ اسان جئڪ جي به چڱي مالش ۽ مهٽ سهٽ ڪئي پئي. هو ٺيڪ نه پئي لڳو. وڙهڻ ۾ به ڪو خاص ڪارنامو ڪونه پئي ڏيکاريائين. هن رنگ ۾ به ڪا خاص چرپر ڪونه پئي ڪئي. باقي کاٻيڙو ڌڪ ته ڄڻ پاڻ هرتو عمل هيو. ائين پئي لڳو ڄڻ کاٻو هٿ والڪاٽ جي منهن سان لڳو پيو هو ۽ جئڪ کي رڳو چورڻ جي خواهش ڪرڻي هئي. ويجهي پوڻ تي جئڪ هميشه خاموش هوندو آهي. هن کي خبر آهي ته ڀرسان اچڻ تي ڪيئن عمل ڪجي ۽ ائين ڪرڻ جا هن کي گهڻائي وجهه پي مليا، پر هن ائين نه پئي ڪيو. هڪ ڀيري جڏهن هو اسان واري ڪنڊ کان هيا ته مون هن کي والڪاٽ جي ويجهو پوندي ڏٺو. هن پنهنجو سڄو هٿ ڍرو ڇڏي ڏنو، کٻو هٿ مٿي ڪري والڪاٽ کي منهن تي ٺونشو هنيو. هٿ تي چڙهيل چمڙي جي دستاني جو هيٺيون سخت حصو، والڪاٽ جي نڪ تي لڳو. والڪاٽ جو رت وهي هليو ۽ هن پنهنجو منهن، جئڪ جي ڪلهي ۾ لڪايو ته ڪيئن ان رت جو حصو  هن کي به ملي. جئڪ يڪدم ڪلهو هٽايو ۽ سڄي هٿ سان والڪاٽ کي پري ڪري، کاٻي هٿ سان ساڳيو ئي عمل دهرايو.

والڪاٽ پنجن رائونڊن کان پوءِ ڏاڍو بيزار ٿيو جئڪ جي حرڪتن کان نفرت ڪرڻ لڳو. جئڪ جي منهن تي ڪابه ڪاوڙ يا غصو ڪونه هو. هو جو اڳ ڪاوڙبو يا ناراض ٿيندو هو، اهڙو هيل نه هيو. هو پنهنجي مد مقابل کي مقابلي کان تنگ ۽ بيزار ڪري ڇڏيندو هو. ان ڪري ئي هو ڪڊليوس کي ڌڪاريندو هو. ڪڊ هميشه ٽي نوان گر استعمال ڪندو هو، جي جئڪ کي نه ايندا هيا. جيستائين پاڻ ۾ سگهه ڀائيندو هو، تيستائين جئڪ پاڻ کي رنگ ۾ محفوظ سمجهندو هو. هو والڪاٽ سان بلڪل کهرو ورتاءُ ڪري رهيو هو. عجيب ڳالهه اها هئي، جو جئڪ هر طرح سان ڪلاسيڪي باڪسر يا مڪي باز پي لڳو. هن ۾ اهي خوبيون هيون به.

ستين رائونڊ کان پوءِ جئڪ چيو، ”منهنجو کاٻو پاسو ۽ هٿ ڳرو ٿو ٿيندو وڃي.“

ان کان پوءِ هن مار کائڻ شروع ڪئي. پهريائين ائين نظر نه پي آيو. پر هن جي راند ۾ اڳرائيءَ بجاءِ هاڻي والڪاٽ اڳرائي ڪري رهيو هو. هر ڀيري هو محفوظ هئڻ بجاءِ، وڌيڪ مصيبت ۾ نظر پئي آيو. هينئر هو هن کي کٻي هٿ سان پري به نه پي رکي سگهيو. مقابلو ته ساڳي ئي نموني هلي رهيو هو، پر هينئر رڳو والڪاٽ جا ڌڪ گسڻ بجاءِ، کيس زوردار نموني لڳي رهيا هيا. هن جي جسم تي ڏاڍي ڀيانڪ مار پيئي.

”ڪاؤن رائونڊ آ؟“ جئڪ پڇيو.

”يارهون.“

”مان نه ٿو بيهي سگهان.“ جئڪ چيو. ”منهنجون ڄنگهون جواب ڏيئي رهيون آهن.“ والڪاٽ کوڙ وقت کان کيس ڌَڪي رهيو هو. هاڻي کان والڪاٽ زوردار وار ڪرڻ لڳو هو. هو بلڪل ڄڻ ٺؤنشن هڻڻ واري مشين ٿي پيو هو. جئڪ رڳو روڪڻ ۽ بچاءَ واري ويڙهه پئي ڪئي. پر هو ڀيانڪ مار کائيندو رهيو.

رائونڊن جي وچ واري وقفي ۾ مون سندس ڄنگهن تي چڱي محنت پئي ڪئي. مهٽڻ وقت سندس ڄنگهه جون مشڪون ڦڙڪيون پئي. هو ڏاڍو بيمار پئي لڳو.

”ويڙهه ڪيئن ٿي هلي؟“ هن جون کان پڇيو، ۽ منهن هن ڏي ڪيو جو سڄو سڄيل هو.

”مقابلو ته هـُـن جي حق ۾ آهي.“

”مان سمجهان ٿو ته مان هلي ويندس.“ جئڪ چيو، ”مان نه ٿو چاهيان ته هي بوهيمي مون کي بس ڪرائي.“

مقابلو ائين ئي هلندو رهيو، جيئن هن چاهيو پئي ته هلي. هن سمجهيو پئي ته هو والڪاٽ کي ماري نه سگهندو. هن پاڻ کي هاڻ طاقتور به ڪونه پئي سمجهيو. جيتوڻيڪ هو هيو ٺيڪ ٺاڪ. هن جا پئسا به لڳل هيا ۽ هن پاڻ کي خوش ڪرڻ لاءِ، هيءَ ويڙهه ائين ختم ڪرائڻ پي چاهي جيئن هن اڳ ۾ رٿي ڇڏيو هو. هن نه پي چاهيو ته هو بيهوش ٿي وڃي.

گهنڊ وڳو ۽ اسان هن کي ڌڪو ڏيئي رنگ ۾ موڪليو. هو آهستي آهستي ويو. والڪاٽ يڪدم اچي هن جي مٿان ڪڙڪيو. جئڪ هن جي منهن تي کٻي مڪ وهائي ڪڍي. والڪاٽ اها بچائي سندس ويجهو پئجي ويو ۽ هن جي بدن تي ٺؤنشن جي برسات لائي ڏني. جئڪ هن کي جهلڻ جي ڪوشش ڪئي، پر کيس وٺڻ ائين هو جيئن هلندڙ ڪرائيءَ کي هٿ وجهجي. جئڪ هن کان ڌار ٿي، سڄي هٿ سان روڪيو پئي. والڪاٽ هن کي کٻي هٿ سان ٺؤنشو هنيو ۽ هو هيٺ هليو ويو. هو هٿن ۽ گوڏن ڀر اچي هيٺ ڪريو ۽ اسان ڏي ڏسڻ لڳو. ريفريءَ ڳڻڻ شروع ڪيو. جيئن اسان ڏي تڪيندو ۽ پنهنجو مٿو ڌوڻيندو رهيو. اٺن تي جون هن کي اشارو ڪيو، ڇو جو شور سبب ڳڻپ ٻڌڻ ۾ نه پي آئي. جئڪ اٿي بيٺو. ڳڻڻ وقت ريفري والڪاٽ کي، هڪ هٿ سان پري ڪيون جهليو بيٺو هو.

جڏهن جئڪ سڌو ٿي بيٺو، ته والڪاٽ ڏانهس وڌڻ شروع ڪيو.

”پاڻ سنڀال، جمي!“ مون ٻڌو ته سولي فريڊمئن هن کي رڙ ڪري چيو.

والڪاٽ کيس ڏسندو جئڪ وٽ آيو. جئڪ کاٻي مڪ کيس وهائي ڪڍي. والڪاٽ رڳو پنهنجو ڪنڌ لوڏيو. هو جئڪ کي پٺيءَ ڀر رسين تائين ڌڪيندو ويو. هن تي ڀرپور تور تڪ واري نظر وڌي ۽ پوءِ کٻي هٿ سان سندس مٿي جي پاسي تي هلڪو وار ڪيو ۽ ساڄي هٿ سان کيس بدن تي، جيترو هيٺ ٿي سگهيو اوترو هيٺ، پنهنجي ڀرپور طاقت سان ٺؤنشو هنيو. هن کيس پٽي کان گهٽ ۾ گهٽ پنج انچ کن هيٺ ڌڪ هنيو. مان ته سمجهيو ته جئڪ جي منهن مان ڄاڻ اکيون نڪري هيٺ ڪريون. هن جو وات ڦاٽي ويو ۽ اکيون پٿرائجي ويون.

ريفريءَ ڀاڪر پائي والڪاٽ کي جهليو. جئڪ هڪ وک اڳتي وڌيو. جي هو ڪريو پئي ته هن سان گڏ پنجاهه هزار ڊالر به ڪريا پئي. هو ائين پئي گهميو ڄڻ سندس اندر جا سڀ عضوا ٻاهر نڪري پئي ويا.

”ڌڪ هيٺ نه لڳو آ.“ هن چيو، ”اهو محظ اتفاق هو.“

هجوم رڙيون ڪري رهيو  هو، ان ڪري ڪجهه به ٻڌڻ ۾ نه پئي آيو.

”مان ٺيڪ آهيان.“ جئڪ چيو. هو بلڪل اسان جي سامهون هيا. ريفريءَ جون ڏي نهاريو ۽ پوءِ ڪنڌ لوڏيو.

”هليو آ، ڪتي جا ڦر.“ جئڪ، والڪاٽ کي چيو.

جون رسين تي جهڪيو بيٺو هو. هن مٿان وجهڻ لا”، آلو ٽوال هن جي هٿن ۾ هو.

جئڪ رسين کان ٿورڙو ئي پرڀرو بيٺو هو. هن وک اڳتي وڌائي. مون ڏٺو ته هن جي منهن تي پگهر ائين وهي رهيو هو، ڄڻ ڪنهن هن کي نپوڙيو هجي ۽ هن جو پگهر ڳڙڻ لڳو.

”آءٌ، مقابلو ڪر.“ جئڪ والڪاٽ کي چيو.

ريفريءَ جون ڏي نهاريو ۽ والڪاٽ کي وڌڻ جو اشارو ڪيو.

”وڃ، ڪم چور.“

والڪاٽ وڌيو، هن کي به خبر ڪونه ٿي پئي ته ڇا ڪري. هن سوچيو ئي نه هو ته جئڪ اها مار سهي ويندو. جئڪ وري به کٻي مڪ کيس منهن تي وهائي ڪڍي. ڏاڍو غضب جو شور هو. هو بلڪل اسان جي سامهون هيا. والڪاٽ هن کي ٻه ڀيرا ڌڪ هنيا. جئڪ جو منهن اهڙو خراب پي لڳو، جهڙو مون اڳ ڪڏهن نه ڏٺو هو. هو پاڻ تي ۽ سموري بدن تي ضابطو رکيو بيٺو هو. اهو سڀ ڪجهه منهن مان ڏيکارجي رهيو هو. سمورو وقت هو ڪجهه سوچي رهيو هو ۽ بدن جي انهن حصن کي به جهليون بيٺو هو، جن تي کيس ڌڪ لڳا هيا.

پوءِ هن ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا. هن جو چهرو ڀوائتو ٿي ويو. هن پنهنجن پاسن کي زور سان مهٽڻ شروع ڪيو، پوءِ هٿ هيٺ ڪري هن والڪاٽ تي الر ڪئي. والڪاٽ منهن ڍڪي ڇڏيو ۽ جئڪ سندس مٿي تي مارو شروع ڪري ڏنو. پوءِ هن کٻو هٿ زوردار نموني والڪاٽ تي هلايو، جو کيس نرن تي لڳو ۽ ساڄي مـُـڪ بلڪل اتي وڃي لڳي، جتي جئڪ کي والڪاٽ جو ڌڪ لڳو هو، پتي کان هيٺ والڪاٽ ڪري پيو. ٻئي هٿ ڏئي پيٽ کي جهليائين ۽ پٽ تي ڦٿڪڻ ۽ لڇڻ لڳو.

ريفري جئڪ کي ڀاڪر ۾ ڪري سندس ڪنڊ طرف ڌڪي ويو. جون ٽپي رنگ اندر آيو، چؤطرف رڳو رڙيون ۽ گوڙ گهمسان هيو. ريفري ججن سان ڳالهائي رهيو هو ۽ پوءِ اعلان ڪرڻ وارو اندر گهڙي آيو. هن کي ميگافون هٿ ۾ هيو ۽ اعلان ڪيو.

”والڪاٽ سان کوٽ ڪرڻ سبب جئڪ هارايو.“

ريفريءَ جون سان ڳالهائڻ لڳو، ”مان ڇا ٿو ڪري سگهان؟ جئڪ سان کوٽ ٿي ته ان جو فائدو نه ورتائين. اٽلو هن جي وڪالت پي ڪيائين ۽ جڏهن هو ڪرڻ وارو هو ته هرو ڀرو کوٽ ڪيائين.“

”ڪيئن به، راند ته هو ائين به هاري ئي چڪو هو.“ جون چيس.

جئڪ ڪرسيءَ تي ويٺو هو. مون سندس دستانا لاٿا، ۽ هو هٿن سان پاڻ کي جهليو ويٺو هو. جڏهن ڪجهه آرام ۽ ٽيڪ مليس ته سندس منهن تان اهنج ۽ پيڙا جا اهڃاڻ گم ٿي ويا.

”وڃ ۽ وڃي چئينس ته توکي افسوس آهي.“ جون هن جي ڪن ۾ چيو، ”ائين سٺو لڳندو.“

جئڪ اٿي بيٺو، سندس سڄو منهن پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. مون هن کي جـُـبو پارايو. هن هڪ هٿ سان پاڻ کي ڌڪ واري جاءِ تي جهليو ۽ رنگ جي ٻئي ڪنڊ طرف ويو.

هنن والڪاٽ کي اٿاريو ۽ کيس مهٽي سهٽي رهيا هيا. والڪاٽ واري ڪنڊ تي کوڙ ماڻهو بيٺا هيا. ڪنهن به جئڪ سان نه ڳالهايو. هو والڪاٽ مٿان جهڪيو.

”مون کي افسوس آهي.“ جئڪ چيو. ”مون کي توسان کوٽ ڪرڻ جي نيت ڪونه هئي.“ والڪاٽ ڪجهه نه ڪڇيو. هو ڏاڍو بيزار ۽ ناچاق پي لڳو.

”خير، هاڻي ته تون چئمپين آهين.“ جئڪ هن کي چيو، ”مون کي اميد آهي ته اهو تنهنجي لاءِ گهڻين خوشين ۽ دلچسپين جو باعث ٿيندو.“

”ڇوڪري کي اڪيلو ڇڏ.“ سولي فريڊمئن چيو.

”هيلو، سولي.“ جئڪ چيو، ”مون کي ڏک آهي جو تنهنجي ڇوڪري سان کوٽ ڪيم.“ فريڊمئن رڳو هن ڏانهن نهاريو.

جئڪ ٿيڙ کائيندو، پنهنجي ڪنڊ طرف موٽيو. اسان کيس رسين مان ٽپائي، رپورٽن جي ٽيبلن ۽ خلق جي وچ مان ٻاهر ڪڍي آياسين. ان گوڙ مان ڪڍي اسان هن کي ڊريسنگ روم ۾ آندو.

والڪاٽ لاءِ اها وڏي شهرت واري ڪاميابي هئي. ان نموني ‘گارڊن’ ۾ پئسن جي شرط لڳائي وئي  هئي.

ڊريسنگ روم ۾ گهڙڻ سان، جئڪ ليٽي پيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيائين.

”اسان کي جلدي هوٽل هلي، ڊاڪٽر گهرائڻ گهرجي.“ جون چيو.

”منهنجو اندر سڄو اڍنگو پيو آهي.“ جئڪ چيو.

”مون کي ڏاڍو افسوس آهي، جئڪ.“ جون چيو.

”ٺيڪ آ، ڪائي ڳالهه ڪانه آهي.“ جئڪ چيو.

هو اکيون بند ڪيو ليٽيو پيو هو.

”هنن ٻنهي، هڪ ٻئي کي ٺڳڻ لاءِ سٺي ڪوشش ڪئي.“ جون چيو.

”تنهنجا دوست مورگن ۽ اسٽين فيلٽ.“ جئڪ چيو، ”تو ڏاڍا عمدا دوست ڪيا آهن.“

هو ستو پيو هو. هينئر سندس اکيون کليل هيون. هن جي منهن تي اڃا به ٿـَـڪُ ظاهر هو.

”اهو ڪيڏو نه عجيب آهي، جڏهن پئسي جو معاملو ٿو اچي ته ڪيترو تڪڙو ۽ صحيح سوچي ٿو سگهجي.“ جئڪ چيو.

”تون به واهه جو آهين، جئڪ.“ جون چيو.

”نه،“ جئڪ چيو. ”اهو ته ڪجهه به نه هو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com