سيڪشن؛ڪهاڻيون

ڪتاب: محبت جي راهه تي

باب:

صفحو :4

بهانو چوڏهون:- ”عرصي کان بيمار ٿو رهان، ڏس ڳري ڪنڊا ٿي ويو آهيان. هتي شهرن ۾ ته وڏا وڏا ڊاڪٽر ٿا رهن. توهان جو ضرور ڪونه ڪو واقف هوندو. مون تي احسان ڪيو. جيسين جيئرو هوندس. اوهان کي دعائون پيو ڪندس. دوست اهو ئي آهي جيڪو آئيءَ ويل ڪم اچي. سو لنگهي آيو آهيان. اوهان وٽ. اميد ته مهيني اندر چاڪ ٿي ويندس. ٻيو مڙئي خير. ٻچن مان لک ٿيندءِ!“

بهانو پندرهون:- ”هائو. برابر- اوهان مون کي ڪونه سڃاڻو، گهر ۾ چيائون ته توهان جي گهر وارن اڄ کير دعوت ڏني آهي ته اچي گهمي ۽ ماني کائي وڃجو. دل چيو، گهر ۾ اڪيلو ڪهڙا ڪُنا گهڙبا، سو آءٌ به لنگهي آيس توهان وٽ. گهٽ ۾ گهٽ واقفيت ته ٿيندي.

بهانو سورهون:- ”توهان کي صاحب جي گشت جو پروگرام ته مليو هوندو. خير، اسين پهچي ويا آهيون. صاحب به پهچي ويو آهي. کٽون، ڪرسيون، بتي ۽ ميز وغيره ڪوٺيءَ ۾ وجهائي، صفائي ڪرائي، سامان رکائي ڇڏجو. آءٌ صاحب ڏي ڪاغذ کڻي ٿو وڃان. ضروري لکپڙهن جو نيڪال ڪرڻو آهي. خبر ناهي ڪيتري دير لڳي، ڪيڏي مهل موٽان. پٽيوالي جي به مان ڪرائجو.“

بهانو سترهون:- ”ادا، حال احوال مڙيئي خير جا آهن. آيو هوس شهر ۾ ڪجهه سودي سلف لاءِ، اسٽيشن تي ٻلٽي ڪڍائيندي گاڏي ڇٽي وئي. چيم ته ڇو نه ڳوٺائيءَ وٽ چار پهر گهاريان، ڏٺي به گهڻا ڏينهن گذري ويا هئا، سو توهان سان ملياسون. ٻيو سارو خير، اوهين پنهنجا حال احوال ڏيندا.“

بهانو ارڙهون:- ”نه..... نه..... آءٌ، چانهه ڪونه پيئندس. خبر ناهي ماڻهو اهو ڪوسو پاڻي ڪيئن ٿا پيئن. اوهين جي هرون ڀرون ناراض ٿا ٿيو ته کڻي ماني گهرايو. ڇوڪرا- بيرا- دو روٽي ايڪ پليٽ مرغي لائو.“

بهانو اڻويهون:- ”ست پيڙهائتو سادات آهيان، شهر ۾ اوهان جي ناموس ٻڌي هليو آيس. پنجن تنن جي ڇانوَ هجيئي! علي ڪندو اهي گنج ڀريا ڀرپور هوندءِ. مسڪين آهيان. ٻه چار ڏينهن ٽڪايئي ته کٽي ڪونه پوندي. زياده آءٌ به ڪونه رهندس. جوڳي رمتا ڀلا- اڄ هِت سڀان هُت.“

بهانو ويهون:- ”خانو خراب ٿئي هنن شنواين جو، ٻه سال ٿيا آهن. نڪو ٿو ڪيس هلي نڪا ٿي جند ڇٽي! رڳو پيئون تاريخون ملن. انصاف آهي يا بغداد- اڄ هو ڪونهي، سڀاڻي فلاڻو غائب. سڀني تي اڃان سمن ئي تعميل نه ٿيا آهن. ڀيري ڀيري سان اچو، ته وڪيل هڪڙي پاسي ته منشي ٻئي پاسي، ٽيان وري شايد، سڀئي وات پاڙيو ويٺا آهن، ڀلو ٿئي ڪورٽن جو، هيڪر جند ڇٽي سهي- ’ول نه ڏيلهي کائسون.‘ وري به شڪر آهي، جو اوهين اسان جا ڀرجهلا ٿيا ويٺا آهيو، نه ته هوٽلن جا خرچ اورائي ڪڍي ڇڏين ها.“

بهانو ايڪيهون:- ”چاڪ ته آهين؟ ڇو ڳالهائين ڪين ٿو؟ ڪهڙين ڳڻتين ورايو اٿئي؟ ماني ته کاڌي اٿئون. اُٿ. ڪپڙا مٽائي اچ- اڃا ويٺو آهين! اڳئين ڀيري به نٽائي ويو هئين. اچ توکي مون سان گڏجي هلڻو پوندو. سئنيما ضرور ڏسبي. چون ٿا ته کيل ڏاڍو سٺو آهي.“

بهانو ٻاويهون:- ”ماني ته کائي ويٺا هوندا؟ اويرو آيو آهيان. نه- اڇا ڪانه کاڌي اٿوَ. اڄ ته الله سائينءَ کي جيڪي گهران ها سو ملي ها. قسمت وارو آهيان. سياڻن سچ چيو آهي. ’داڻي داڻي تي مهر لڳل آهي.‘ مون سمجهيو ته بک مرندس. ڀلا ڇا چاڙهيو اٿو؟ ڪافتا! اوهين شهرن وارا بيشڪ کائي ڄاڻو. اسان کي ته ڳنڌڻ به نصيب ڪونه ٿئي.“

بهانو ٽيويهون:- ”هيءُ پرزو آڻيندڙ، منهنجو دل گهريو دوست آهي. ايڏانهن پهريون ئي دفعو اچي رهيو آهي. اتي ڪو پنهنجو ڪم اٿس. واقفيت ڪانهيس. اوهين شهر ۾ رهو ٿا، کيس هڙان ۽ وڙان مدد ڪجو. ٽِڪندو اوهان وٽ. کاڌي پيتي جي پارت اٿوَ.“

بهانو چوويهون:- ”اوهين صلاح ڪيو يا نه- ’اَشهَدَ اَنَ‘ کي ڪير ٿو پٺي ڏئي! قسم سان صبح کان نيرانو آهيان. الائجي ڪنهن ڪم بخت جو منهن ڏٺو هوم- هٿ ڌئان ڇا؟ ٺهيو شينهن جا هٿ ڌوتا پيا آهن: جهجهن سان جهجهي برڪت، ويجهو اچ- چڱو- بسم الله.“

بهانو پنجويهون:- ”ادا، هي اٿوَ ساڳيو ڀاءُ، جنهن لاءِ چيو هوم ته سانجهيءَ تقرير ڪندو. آءٌ ته وڃان ٿو ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ، گهر ۾ چاڪائي ڪانهي. چڱو ادا، آءٌ هلان ٿو متان ڊاڪٽر اُٿي وڃي. دير ٿي ويندي. توهين ٻئي ماني کائي، جلسي تي ضرور اچجو، باقي ڳالهيون اتي ٿينديون.“

بهانو ڇويهون:- ”آيو ته دير سان آهيان، ضرور کائي پي ويٺا هوندا. لنگهڻ ئي ڪري ڪاٽيان ها، پر سچ پچ ته راتوڪيءَ مانيءَ تي آهيان. گهر ۾ ٽڪر ڀور رهندو ئي رهندو آهي. پهرين وڃي ڪجهه کڻي اچو، اول طعام بعد ڪلام، پوءِ يڪا ويهي ٿا رهاڻ ڪيون.“

بهانو ستاويهون:- ”هيڏانهن نه ڪر اِهو ٻوڙ وارو وٽو- ڏس ليمون آندو اٿم. ڪپ ڪٿي آهي. هان- هاڻي، کائي ڏس! نه نه، چڱو- چڱو- ناراض نه ٿي، آءٌ به شروع ٿو ڪريان. چئو بسم الله!“

مٿين مهمانن کان سواءِ هڪڙو قسم اهڙن مهمانن جو به هوندو آهي، جن جي اچڻ ڪري سچ پچ خوشي ٿيندي آهي. دل پئي چوندي آهي ته شل اهي هميشه ويٺا هجن. پر افسوس اهو آهي ته اهڙا مهمان وري پاڻ ڇڏائڻ لاءِ بهانا گهڙيندا آهن. بهرحال بهانا ۽ مهمان، لازم ملزم حقيقتون آهن، ۽ مهمان نوازيءَ جون رسمون وري انهن کان به نراليون: هٿ ڌئاريو، صابڻ گهرايو، ٽوال ڏيو، پاڻيءَ پياريو، وهنجاريو ۽ گڏجي کائو. جلد بس نه ڪيو. اڳ ۾ نه اُٿو. آهستي آهستي کائو. ڪڪ نه ٿيو. ڳڻتيون نه ڪيو. کلو ڳالهايو. چانهن، پان، ٻيڙي جي آڇ ڪريو. پنهنجا ڪم ڪاريون کڏ ۾ وجهي، ٻٽاڪون هڻو. ڏيکاءَ ۽ ڌوڪي کان ڪم وٺو. پاڻ ڀلي دال کائو، پر مهمانن لاءِ مرغي ۽ برياني ضرور تيار ڪريو. قيمتي وقت ۽ پئسو وڃايو. خوشامد ۽ چاپلوسيءَ جو ڍؤنگ رچايو. پرايو ڀڀ ڀريو، پوءِ اوڌر ڪيو، چوري ڪيو، يا ڀلي بک مرو. پر دنيا جي فريبي رسمن کي چچڙ ٿي چهٽي پئو، ۽ مهمانن جي وڏي دل ڪري مهماني ڪندا رهو.

 

پريشان انسان

مٿي ۾ سور، دل جي ڌڪ ڌڪ، بدن ۾ هلڪو هلڪو بخار، چيلهه ته ڄڻ ڪنهن چچري ڇڏي هجي. پنين ۾ سور، ۽ خيال پريشان، گهر ۾ سيڌو سامان کٽل. مهيني جي اوڻٽيهين اونداهي. پگهار جو ڪڏهوڪو ڏيوالو نڪري ويل. اها ڪوڏي ڪانهي، جو شام جو ٺلهو چانهن جو ڪوسو پاڻي کڻي نڙيءَ ۾ اوتجي. ٻه ٻار دائمي بيمار ۽ دوائون بلئڪ مارڪيٽ مان به ملڻ محال! پوءِ اهڙي ماحول ۾ ارمان، ارادا، امنگ ۽ آسرا، مستقبل جا روشن خيال! زنده دلي جو جنجال، قيامت کان اڳ ۾ ئي قيامت. اڃا ٻيون ڪهڙيون عقوبتون اُتي ٿينديون! باقي پٺيان بچيو به ڇا آهي؟

انور جي تڪيلفن جي انتها ٿي چڪي هئي. کٽ تي ليٽندي، اَنيڪ خيال ۽ اوسيئڙا هن جي دماغ کي وڪوڙي ويا. جهڙيءَ طرح ڏينڀن جو وَلر ڪنهن جي جسم کي چهٽي، چنبڙي اُڏامي، وري اچي چهٽي. اها ڳالهه ڪا هن کي نئين ۽ نرالي ڪانه هئي.

هو ننڍي هوندي کان ئي، زندگيءَ جي حسين لحظن لاءِ واجهائيندي ۽ سڀني مشڪلاتن کي منهن ڏيندي به ڪڏهين سک جي ساعت ڪانه سنڀريو هو. زمان ۽ ان جي گردش هن تي ڪافي زور آزمايون ڪيون هيون. ڇا لڳي هن جي چاليهه ورهيه ڄمار ۽ ڇا لڳن هن جي مٿي جا هرک جهڙا اڇا وار! منهن ميرانجهڙو، ماس ته سندس جسم تان ڄڻ ڪنهن روڙي ورتو هو. بت ۾ باقي هڏا هئس، جي فقط چمڙيءَ سان ڍڪيل هئا. زندگيءَ جي ڪابه چمڪ هن جي چهري ۾ ڪانه هئي. هن جون اکيون ڏرا ڏيئي ويون هيون. پڙهيو ته پورو سورو هو، پر زماني جي تتل ديگ ۾ ”ڪڙهيو“ سو ڪافي هو. مائٽن ننڍي هوندي ئي پرڻائي ڇڏيو هوس. چار پنج ٻار پيدا ڪيا هئائين. سرڪار جي معمولي ملازم ۽ پگهاردار هو. ڪو وقتهو، جو هو پنج ئي وقت نماز پڙهي، وظيفا ڪڍي، الله سائينءَ جي حضور ۾ آزيون ۽ نيزايون ڪري، مٿي کي اهڙو ته زور سان سجدي ۾ گسائيندو هو، جو سندس نيازمندانه پيشانيءَ تي هڪ ڪارو داغ به ٿي پيو هو. پر خبر ناهي ته الله سائين مٿس ڏمريل هو يا شيطان جي ساڻس سنگت هئي. بهرحال، هن جي قسمت ۾ ڦيرو نه اچڻو هو سو نه آيو.

پنجن ڇهن سالن جي لاڳتي رياضت ۽ نمازن کان پوءِ، هن جي طبيعت ۾ ڪو اهڙو اُبتو ڦيرو آيو، جو هُن ڏاڙهي ڪوڙائي، نماز کي طلاق ڏيئي ڇڏي. انهيءَ جي عيوض، هن ۾ هڪ ٻي عادت- سوچڻ، ويچارڻ ۽ وجهلڻ جي گهر ڪري ويئي. خاص ڪري جيڏيءَ مهل رات جو هو کٽ تي اچي ڊهندو هو، ته ڪيئي خيال ۽ سوال هن جي دماغ ڏانهن ولرن جا ولر ڪندا، ڊوڙندا ايندا هئا. ۽ ائين هر رات، خيالن جي ڄار ۾ ڦاسي، ڦٿڪي ڦٿڪي، پاسا ورائي ورائي، اوٻاسيون ڏيئي، سمهي رهندو هو. صبح جو سج اڀرئي کان پوءِ اُٿي، مشين وانگر، نوڪريءَ جي ڪارخاني ۾ ٺَڪ ٺَڪ ڪري، ڏينهن ڪاٽي ڇڏيندو هو. اهڙيءَ ريت ’رات ساڳي تات! اُهو ئي رنبو؛ پور بچائيندي بچائيندي، بي آرامي ۾ وڃي آرامي ٿيندو هو.

هو اڄ ته دستور موجب کٽي تي اچي ليٽيو هو. ته هن محسوس ڪيو، ’هاني ڪافي ڪمزور ٿي ويو آهيان. منهنجي جسم ڏيئي وٺي اچي دنگ ڪيو آهي.‘ عين اُنهي وقت هن جي ذهن ۾ هڪ سوال تري آيو. ’جيڪڏهن اڄ رات جو مري وڃان ته هوند ڇا ٿئي؟.... ٿيندو وري ڇا؟ ڄڻ ڪو ڪتو مري ويو..... نه، نه، آءٌ مري ويندس ته ڏاڍو نقصان ٿيندو. سڄي آڪهه تڪليف هيٺ اچي ويندي. لاش کي به ڪفن نصيب ٿئي يا نه! گهر ۾ سڃ پئي واڪا ڪري، ڪفن ۽ قبر لاءِ ته پئسا گهرجن. گهر واريءَ ۽ ٻارڙن جي روڄ راڙي تي ڪو پاڙيسري لڙي ايندو الائي نه! ڪنهن کي من قياس به اچي! چندي چيريءَ مان ئي من منهنجي پڇاڙي سُرهي ٿي وڃي.... جي نه، ته پوءِ ڀلا ڇا؟ مئي کان پوءِ سج اُڀري نه اُڀري؛ مرڻ کان پوءِ مون کي ڪهڙو پرواهه؛ پوين جا ڀاڳ پوين سان. ٻارڙا هٿ پير هڻي پاڻهي جوان ٿي ويندا.... پر، نيٺ ڪير کارائيندو، ڪير پياريندو؛ هنن بيمار ٻارڙن کي دوا درمل ڪير وٺي ڏيندو. ڊاڪٽرن جي في ڪير ڀريندو، کين دوا نه ملندي ته چاق وري ڪيئن ٿيندا. هو پڪ چُڙي چُڙي مري ويندا.... باقي ٻيا ٻه ٻار؟ من اُهي ئي سڌري پون؛ چار اکر پڙهي من مون وانگر، جهڙي تهڙي نوڪري ڪري سگهن..... پر انهن کي به سنڀاليندو ڪير؟ مون کان ئي هنن جي پرگهور نٿي ٿئي؛ رڳو وڻ کي ئي جي پاڻي نه ملي ته اهو به سڪي سڙي ٿو وڃي. ڪنهن کي ڳتي پيتي آهي، جو منهنجو هيءُ گهنگهر گهلي پنهجي ڳچيءَ ۾ وجهندو. پوءِ هو پڪ پنڻ شروع ڪري ڏيندا. فقير ٿي پوندا؛ پوءِ هو رستن، گهٽين ۽ گهرن جي درن تي صدائون هڻندا، ليلائيندا، هر هڪ جي اڳيان هٿ ٽڪيندا، هي مسواڙ وارو گهر به نيٺ خالي ڪري اُٿڻو پوندو ۽ منهنجي گهر واري وڃي منهنجي ڀاءُ وٽ رهندي...... پر هنن جو گهر به ته سوڙهو آهي. خير، دل وڏي هجي، باقي گهر سوڙهو هوندو ته ڇا ڪندو! منهنجي ڀاڄائي، بچي شل! سهي مون کي ڪانه، سو ٿي منهنجي زال کي پنهنجي گهر ۾ ترسائي. هيڏيءَ ساريءَ دنيا ۾، هن آسمان جي هيٺان، هنن کي ڪٿي مٿي لڪائڻ جي جاءِ به ملندي الائي نه؟ من ڪٿي مٿي جي ڇانوَ ڪري ٻارن جي ماءُ وڃي ويهي رهي.... پر هن پوڙهي ۽ پراڻي کوکي کي پڇندو ڪير؟ چڪلو به ته پوريءَ ريت ڪين وسائي سگهندي. منهنجي زال ۽ چڪلو! ٿُو ٿُو! هي ڇا، ائين ڪو پنهجيءَ زال لاءِ سوچي سگهندو! حيف هجي منهنجي زندگيءَ تي، جو مرڻ کان پوءِ به اهڙا ڪلور ٿين! پر ڪي ماڻهو ته جيئري ئي ائين ڪري رهيا آهن. چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن، اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن؛ چڪلي ۾ جي ويٺيون آهن، تن سڀني جا مڙس ٿورو ئي مري ويا آهن. اُنهن کي به ته پيءُ ماءُ، ڀينر ۽ ڀائر آهن. اهي به ته اسان وانگر ئي انسان آهن؛ پوءِ اهي ڇو اهڙي زندگي گذاري رهيون آهن. هنن جا گهر ٺهرائڻ وارا، هنن جا گماشتا ۽ دلال به ته هن ئي دنيا جا ماڻهو آهن. پر هٿ جون پنج آڱريون هڪجهڙيون نه آهن، ۽ سڀئي انسان هڪجهڙا ناهن. آءٌ هرگز ائين ٿيڻ ڪين ڏيندس. آءٌ مقابلو ڪندس، دنيا جي ذري ذري سان لڙندس. وڙهندس؛ پنهنجي اولاد لاءِ، پنهنجي گهر واريءَ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪري، پوءِ ئي مرندس؛ تنهن وچ ۾ موت ايندو، ته موت کي به منهن ڏيندس، سندرو ٻڌي کيس ٻک وجهندس. آڻ ڪين مڃيندس. آءٌ خود ملڪ الموت کي به موٽائي ڇڏيندس. موت، اڙي موت! آءٌ توکي نپوڙي، گهٽي گهٽي ماريندس: وڃ، ٽري وڃ منهنجي اکين کان! آءٌ اهڙي سٿري ڌر نه آهيان، جا اڃا آءٌ جوان آهيان ۽ جوان ئي رهندس.‘

هن جي ذهن مان موات وارو خيال پُڇ پائي وٺي ڀڳو، ۽ اهڙو ڀڳو جو گم ٿي ويو. هن وٽ جذبا، جوش ۽ همت ڊوڙندا آيا. جن هن کي سينگاري ٺاهي، هٿ کان جهلندي، زندگيءَ جي بنهه محلات ۾ وڃي ويهاريو- نوڪر چاڪر، ڌن دولت، ۽ مان مرتبو، هن جي اڳيان ڦيريون پائي اچ وڃ ڪرڻ لڳا. هن جي زال، راڻي ٿي، هن جي اڳيان آئي. هن جا ٻار شهزادن جي پوشاڪ پهري آيا. تندرستي نچڻ لڳي، ۽ خوشيءَ ٻِٽا ٻِٽا ٽهڪ ڏنا. حُسن ۽ جوانيءَ حيا کان کڻي ڪنڌ هيٺ جهڪايو. شرميلي نگاهن چوريءَ هن کي گهورڻ شروع ڪيو. هن رنگين تصوير خيالن جي پردي تي چٽجڻ لڳي. فيروزي رئو، هيرن جواهرن سان جڙجي، آسمان تي ڇڪجڻ لڳو: هڪ نوراني خمار پکڙجي ويو- هڪ اصلي سرور جو احساس پيدا ٿيو- دلفريت خوشبوءَ جي هڪٻار وڌندي ويئي؛ ۽ زمين جنت بنجي ويئي- دنيا جي تختي تان غم، ڏک، دک ۽ درد، مصيبتون ۽ مشڪلاتون، هڪ هڪ ڪري سڀئي موڪلائي ويا. اُتي سڀيئي انسان راجا هئا، سڀئي ٻار شهزادا هئا ۽ سڀئي عورتون راڻيون هيون، ۽ سڀئي انسان هڪجهڙا انسان هئا. اتي ڪا هٿرادو هٺ وڏائي ۽ اوچ نيچائي ڪانه هئي. ڪنهن کي ڪنهن جي عداوت ڪانه هئي. پيار ۽ محبت جو راڄ هو. همدرديءَ جي حڪومت هئي. هر هڪ آزاد هو.

پاسائين پيل ٻار کنگهيو. ڪنڊ ۾ ستل زال ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ انور جي خيالن جو سنيگاريل محل ڌوڏي سان ڌُو اچي پَٽ تي ڪِريو. ڪِرڻ سان اُهو سارو رنگ محل چڪنا چور ٿي ويو. هن جو مٿو ڦرڻ لڳو. هن جي چيلهه مان سُور جون سُوٽُون اُسرن لڳيون. هوپاڻ کي ٿڪل محسوس ڪرڻ لڳو. ڄڻ کيس ڪنهن ڏاڍي مار ڪڍي هجي. هن پاسو ورايو. اڃا هو جاڳي رهيو هو. نند هن جي اکين ۾ اڃا ڪانه آئي هئي. هن وري پاسو ورايو. هو ڪنهن لاءِ واجهائي رهيو هو. خبر نه آهي ڇو ايترو انتظار ۽ اوسيئڙو ڪري بيتاب لڇي پڇي رهيو هو. هن جي آسپاس خاموشي هئي، پر هن جي ذهن جي خاموش سمنڊ ۾ ڪو طوفان هلچل مچائي رهيو هو. گوڙ وڌن لڳو ۽ زور شور سان ڌڪيندو، کيس پنهجي تيز رفتاريءَ جي هنج ۾ ويڙهي ۽ ريڙهي اڳتي وڌڻ لڳو، ۽ وري خيالن جي پهاڙ جيڏين لهرين ۾ لڙهي ويو. هو ترڻ جي ڪوشش ۾ ٻڏڻ لڳو. هن ٿاڦوڙا هڻڻ شروع ڪيا. هن ڪناري ڏانهن پهچڻ جو خزيال ڪيو ته هڪ وڏيءَ وير هن کي وڪوڙي وري وڃي ساڳئي اوڙاهه ۾ اُڇلايو. هو غوطا کائڻ لڳو. هن جو جسم ڪنهن ديوَ جي ٺهيل پينگهه ۾ هيٺ مٿي اڇلجڻ لڳو. هن جون اکيون ڦوٽارجي ويون؛ هوش حواس بتال ٿي ويس؛ بيجان جسم وانگر هيٺ ڪِرڻ لڳو. بي خبريءَ جي احساس هن کي ڇڪي ڇڪي، ڪاپاري ڀر اڇلائي وڃي تري ۾ ڦٽو ڪيو.

ڪِرڻ سان چهنبدار ڪاٺين، چنڀدڙ ڪنڊن ۽ نوڪدار پٿرن جي تيز چرڪن هن جي جسم کي پَر وانگر زخمي ڪري ڇڏيو هو. سجاڳ ٿي پيو.

هن زور ڪري اکيون کوليون. هو کٽ تي ليٽيو پيو هو. ڄڻ ڪجهه ٿيو ئي ڪين هو. هو اهڙين خود فريبين ۽ خود ساخته سزائن تي هري مري ويو هو. هن نماڻائيءَ سان مٿي نهاريو. سٻاجهي آسمان ۾ سدا چمڪندڙ ستارا جهرمر لايو بيٺا هئا. هن ڪَرَ موڙيا. آهستي آهستي اکيون پوري، تارن جي مٺي ۽ من موهيندڙ روشني اکين جي ماڻڪين ۾ بند ڪئي. هن سمجهيو ته هن جي ٿڪل ٽٽل جسم تي، ڪن ريسمي آڱرين، نازڪ گلن جي نفيس پنکڙين جي ورکا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي. سون ۽ چانديءَ جي ڪا دز مان، اوچتي هڪ اُماڙي زوُن زاٽ ڪري نڪتي؛ دور اولهه ڏانهن هڪ تارو کڙيو ۽ کن ۾ غائب ٿي ويو. هن جي ذهن ۾ ائين ڪجهه اڇلجي اچي لڳو، ڄڻ دکندڙ ڪوئلن تي پيٽرول هارجي پيو. باهه جو ڀنڀٽ ڀڙڪو ڏيئي هن جي چوڌاري ڦهلجڻ لڳو، ۽ هو وري انهيءَ ڄڀيءَ جي لپيٽ ۾ لوساٽجي کامڻ ۽ سڙڻ لڳو. بيتاب ٿي هن وري پاسو اُٿلايو.

هو اکيون کولي آسمان کي بي معنيٰ نگاهن سان تڪڻ لڳو. هن جي خيالن جو گهوڙو چؤڦير زمين کان مٿي اڏامڻ لڳو، ڄڻ ته هن کي زمين تي پير هڻڻو ئي ڪونه هو. زمين تي ڄڻ ڪنهن ٽانڊا پٿاري ڇڏيا هئا. هوا جي واچوڙي وانگر هو پري پري آسمان ڏانهن اڏامڻ لڳو. هو سڀئي حدون اورانگهي، گستاخي ڪري وڃي الله جي حضور ۾ پهتو. هو بي حيا ۽ بي ادب ٿي چوڻ لڳو: ’الله سائين، تون اتي ايترو پري، ستين آسمان کان به مٿي، ويٺو آهين، زمين وارن جون آهون دانهون تو تائين ڪيئن پهچنديون! پر اڄ ته آءٌ تنهنجي اڳيان، تنهنجي ويجهو، بنهه آمهو سامهون آيو آهيان! توکي ٻڏڻو ئي پوندو. مون کي اجازت ڏي ته آءٌ پنهنجي زبان کوليان. هيءَ دنيا توئي ته ٺاهي آهي. هيءَ زمين ۽ آسمان توئي ته جوڙيا آهن. آدم کي به ته توئي خلقيو آهي. اي منهنجا مولا، توکان ٿو اڄ آءٌ پڇان، آخر هي سمورو مانڊاڻ تو ڇا لاءِ منڊيون آهن؟ آدم کي سزا ڏيئي تو هرون ڀرون زمين تي ڇو لاٿو؟ تنهنجيءَ دنيا کي ته هنن اڳ ۾ ئي دوزخ بنائي ڇڏيو آهي! ڪن ته پاڻ لاءِ وري هتي ئي بهشت بنائي ڇڏيا آهن! پوءِ تنهنجو دوزخ ۽ تنهنجو بهشت آخر ڪهڙي ڪم ايندا؟ انسان ته توکان سنڀاليو ئي ڪونه ٿو ٿئي! ڪي ته توکان تنهنجي خدائي به ڦريو، هتي خود خود بنيا پيا گهمن! دنيا دارن ته تنهنجي هيءَ دنيا توکان کسي، وڃي پنهنجي قبضي ڪئي آهي، ۽ جيئن ٿو کين وڻي تيئن ٿا پيا پنهنجيءَ دنيا کي هاڻي هلائين چلائين! تو وٽ هنن باقي ڇڏيو به ڇا آهي؟ تنهنجي دنيا ۾، تنهنجا هي رقيب، هي غاصب ايترو ظلم ڪن، ايترو انڌير مچائي ويهن، ۽ تون اتي محشر جو توراڙو هٿ ۾ جهليو، ويٺو تماشو ڏسين! ڇا هن دنيا جا ننڍڙا خدا ته تو خلقيا آهن؟ ۽ ڏس هو مفلس، ڪنگال، غريب، بکيا، اگهاڙا ۽ بميار، اهي به ته توئي اُپايا آهن. ايڏي اَمير پروري آخر ڇو؟ هڪڙن جا پيٽ خالي، ته ٻين جا ڪتا به کايو پيو پيا اُلاليون ڪن! مون اياڻي کي جواب ته ڏي، اي ڄاڻڻهار! آءٌ هيتري بڪواس ڪري ويو آهيان. مون کي روڪ ته سهي. ڳالهائين ڇو نه ٿو؟ ڇا مون جاهل کي پنهنجي عظيم ماٺ سان ئي آڻ مڃائڻي اٿيئي؟ تنهنجا راز آءٌ برابر ڪين ٿو ڄاڻان. تڏهن ته مون سج، چنڊ، هوا، باهه، پاڻي، وڻن، ٽڻن، نانگن، بلائن، ڍورن، ڍڳن، فرشتن، ديوتائن ۽ پيغمبرن کي پوڄي پوڄي باقي اچي هاڻي ته هڪڙي جي عبادت جو سهارو جهليو آهي! ۽ منهنجي انهن سڀني قربانين، تيستائين، بندگين جو عيوضو؟ منهنجي صبر ۽ آزمائش جي به ڪا انتها آهي! هاڻي ڏس هي هتان جي دنيادارن جو ائٽم بم، هئڊروجن بم، بلو بم، راڪيٽ ۽ ميزائيل! هاڻي، ڄاڻ ته هيءَ دنيا توکان به ويئي ۽ هنن کان به! آءٌ نه رهيس، ته تون نه رهئين. ان مان مون کي ڇا حاصل، ۽ مون مان توکي ڇا حاصل؟‘

انور خيالي دنيا ۾ ڪٿان وڃي پهتو هو. هن جون اکيون ٽانڊن وانگر ٻاري رهيون هيون. هن جي پيشاني تپي لال ٿي ويئي هئي. هن جي دل تي ڪو زور زور سان مترڪا هڻي رهيو هو. هن جو جسم گرم گرم سيخن سان ڏنڀجي رهيو هو. هو لڇڻ لڳو. هو ڦٿڪڻ لڳو. ڄڻ ته باهه جو وڏو مچ ٻريل هو. جنهن تي هو ڪباب وانگر سيڪجي رهيو هو. هن جو جسم سڙڻ ۽ کامڻ لڳو. هن پاسو ورايو. پري پري کان، بنهه پڙاڏي طور هن جي تاڙين جڙهيل ڪنن ۾ هڪ غير مانوس آواز ٻڌڻ ۾ آيو. صاف طرح ڪو چئي رهيو هو: ”بس ڪو بهودا، پاڳل! ڪهڙي بڪ بڪ پيو ڪرين. تنهنجي زبان ڪاٽي ويندي. تون چريو ٿي ويو آهين. تون هاڻي بنهه وحشي حيوان ٿي پيو آهين.“

آواز هيبتناڪ هو. انور جي دماغ تي دهشت ڇائنجي ويئي. هن جو بدن، هن جا هٿ ۽ پير سڪرات جي آخري وقت وانگر، ڏڪي ڏڪي سيٽجڻ لڳا ۽ سيٽجي سيٽجي ساڻا ٿي ويا. هن جي اکين جا تارا مٿي اکين جي کوپن ۾ لڳي ويا. هن جا چپ آهستي آهستي ڦرڪڻ لڳا. هن شايد ڪجهه چوڻ ٿي چاهيو. هو وڦلڻ لڳو، ضعيف زبان مان ”توبهه، توبهه!“ جا اکر نڪتا، ۽ عين انهيءَ مهل هن جو ڪنڌ ڍرڪي ۽ لڙي پيو. هن جي وات مان ٿوري گگ وهي اچي وهاڻي کي لڳي. شايد، شايد، هن کي ننڊ اچي ويئي هئي!

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com