سيڪشن؛ ڪهاڻيون

ڪتاب: رات ريل ۽ رڻ پٽ

 

صفحو :1

رات ريل ۽ رڻ پٽ

زيب سنڌي

ڇپائيندڙ پاران

فليش فڪشن کي دنيا جي ٻين ٻولين جيان سنڌي ادب ۾ به تيزيءَ سان مقبوليت حاصل ٿي رهي آهي. فليش ڪهاڻيءَ جو پيرو کڻجي ته اها سعادت حسن منٽو کان ٿيندي فرانز ڪافڪا، ليوٽالسٽاءِ ۽ ايسپ جي آکاڻين تائين وڃي پهچندي. آڳاٽي دؤر جو ڇپيل ڪتاب ”ايسپ جون آکاڻيون“ هن صنف تي دنيا جو پهريون ڪتاب ليکي سگهجي ٿو، جيڪو سال 1854ع ۾ ديوان ننديرام ميراڻي سيوهاڻيءَ کان سنڌ جي تڏهوڪي اسسٽنٽ ڪمشنر مسٽر ايلس سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪرائي شايع ڪرايو هو.

هيءُ ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ سنڌي ادب جي معروف ڪهاڻيڪار زيب سنڌي صاحب جي فليش فڪشن جو مجموعو آهي، جنهن ۾ انتهائي ڇرڪائيندڙ ۽ معنيٰ سان ڀرپور قصن کي مختصر لفظن ۾ بيان ڪيو ويو آهي. هن ڪتاب ۾ شامل مختصر ۽ دلچسپ ڪهاڻين ۾ سماجي حقيقت نگاري وسيلي بيان ڪيل اسان جي سماج اندر ٿيندڙ واقعن جا عڪس به چِٽا نظر اچن ٿا، ته ساڳئي وقت فينٽسي، سائنس فڪشن ۽ علامتي انداز واريون ڪهاڻيون به موجود آهن. موضوعن جي حوالي سان هي افسانوي ادب تي گهڻ رخو ڪتاب آهي.

زيب سنڌي صاحب جي تحرير جي دلڪشي ۽ اسلوب ڏاڍو دلپذير آهي ۽ لکڻ جو اِهو انداز پڙهندڙن کي اتساهيندڙ ادب جو هڪ اهم حصو آهي. زيب سنڌي جي هِن قلمي پورهيي کي مڃتا ڏيندي، سنڌي ادبي بورڊ طرفان هيءُ ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ جناب چيئرمين صاحب طرفان شروع ڪيل 150 کان 200 صفحن واري اسڪيم تحت ڇپائي پڌرو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سنڌي ادبي بورڊ جي اِها شروع کان ئي ڪوشش رهي آهي ته، سنڌي ادب جي ناميارن ليکڪن جا معياري ڪتاب اوليت جي بنياد تي شايع ڪري منظرعام تي آڻجن. موجوده وقت ۾ بورڊ جي مانواري چيئرمين عزتمآب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي خاص دلچسپيءَ تحت اداري طرفان نوان ڪتاب شايع ٿي رهيا آهن. سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڪتاب ”رات، ريل ۽ رڻ پَٽ“ جو هيءُ پهريون ڇاپو بورڊ جي مانواري چيئرمين جناب مخدوم سعيدالزمان ’عاطف‘ صاحب جن جي سرڪردگيءَ ۾ بورڊ طرفان شايع ڪري سرهائي محسوس ڪري رهيو آهيان.

توقع آهي ته، سنڌي ادبي بورڊ جي هيءَ ڪاوش اوهان پڙهندڙن وٽ مڃتا ماڻيندي.

28- رجب المرجب 1444هه                        سيد سڪندر علي شاهه

20- فيبروري 2023ع                      سيڪريٽري

 

يارهون بگهڙ

 

نوجوان عورت لڳاتار ڊوڙي رهي هئي. سج لهي رهيو هو ۽ ڪيترائي بگهڙ عورت جو پيڇو ڪري رهيا هئا. عورت بيهڻ کان سواءِ پوئتي ڪنڌ ورائي ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي پر تمام تيز ڊوڙڻ واري حالت سبب هوءَ پوري طرح ڪنڌ ڦيرائي نه سگهي.

عورت ڊوڙندي رهي.

بگهڙ سندس پيڇو ڪندا رهيا.

اوچتو عورت کي ٿاٻو آيو ته هن سيني ڀَر وڃي زمين تي ڦهڪو ڪيو. هيٺ ڪِرڻ سان ئي هن وکريل وارن کي مُنهن تان پري ڪري، هڪدم ڪنڌ ورائي پوئتي ڏٺو.

ڪيترائي بگهڙ ڊوڙندا عورت ڏانهن وڌي رهيا هئا.

عورت ٿڪڙ ۾ اٿي ۽ بنا ساهيءَ جي وري ڊوڙڻ شروع ڪيائين. عورت کي پڪ هئي ته، سندس تيز ڊوڙ سبب بگهڙ هن تائين نه پهچي سگهندا ۽ سج لهڻ کان اڳ ۾ هوءَ ڪنهن محفوظ هنڌ تي پهچي ويندي.

عورت ڊوڙندي رهي.

بگهڙ سندس پيڇو ڪندا رهيا.

لڳاتار ڊوڙندڙ عورت کي اوچتو احساس ٿيو ته، بگهڙن جي ڊوڙڻ جا آواز هن جي ويجهو ٿيندا پيا وڃن. نه چاهيندي به هڪ لمحي لاءِ بيهي هن پوئتي نهاريو ته سندس لڱ ڪانڊارجي ويا!

خونخوار بگهڙن جون زبانون سندن وات جي پاسي وارن وڏن ڏندن وچ مان ٻاهر لُڏي رهيون هيون ۽ اهي تيزيءَ سان اڳتي وڌندا پئي آيا.

عورت پنهنجي جسم جي پوري طاقت گڏ ڪئي ۽ وري ڊوڙڻ شروع ڪيائين. هن سامھون نظر ايندڙ وڻن جي جُهڳٽي تائين پهچڻ ٿي چاهيو، جيئن ڪنهن وڻ مٿان چڙهي پنهنجي جان بچائي سگهي پر جيئن پوءِ تيئن بگهڙن جي ڊوڙڻ جا آواز سندس ويجهو ٿيندا پئي ويا. وڻن جي جُهڳٽي جي ويجهو پهچي عورت جي ڊوڙڻ جي رفتار گهٽجي وئي. هن کي پڪ ٿي ويئي ته هاڻي هوءَ پاڻ کي بگهڙن جي حملي کان نه بچائي سگهندي.

سج لهي ويو ۽ بگهڙ عورت جي ويجهو پهچندا ويا.

عورت آخري ڀيرو تيز ڊوڙڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ وڻن جي جُهڳٽي ۾ پهچي وئي. وڻن جي جُهڳٽي ۾ هن هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙي، چڙهڻ لائق ڪنهن محفوظ وڻ جي ڳولا ڪئي ته، اڌ اونداهيءَ ۾ بگهڙ سندس چوڌاري ڦِري آيا.

عورت ويجهو موجود هڪ وڻ تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي ته، هڪ بگهڙ جا تکا ڏند سندس هڪ پير ۾ چُڀي ويا. هن ڇڪ ڏئي پنهنجو پير بگهڙ جي ڏندن مان ڇڏايو ۽ وڻ تي چڙهي وئي.

سڀئي بگهڙَ وڻ جي چوڌاري گهيرو ڪري ويهي رهيا.

وڻ تي چڙهي ويل عورت هڪ مٿاهين ڏار تي ويهي، هٿ جو زور ڏئي پنهنجي زخمي پير منجهان ٽمندڙ رت کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ پوءِ هيٺ نهاري بگهڙن جي ڳڻپ ڪئي. چمڪندڙ اکين سان عورت ڏانهن گُهوريندڙ اهي ڏهه بگهڙن هئا. سخت تڪليف، ٿڪاوٽ ۽ خوف سبب عورت اکيون بند ڪري ڇڏيون. ڪيتري دير کان پوءِ چنڊ جي روشنيءَ ۾ عورت اکيون کولي، وڻ کي گهيرو ڪري ويٺل بگهڙن ڏانهن ڏٺو.

ڏهن ئي بگهڙن جون چمڪندڙ اکيون عورت ۾ کُتل هيون ۽ چنڊ جي روشنيءَ ۾ بگهڙن جا ڏند چٽا نظر اچي رهيا هئا.

عورت کي هيٺ نهاريندي ڏسي هڪ بگهڙ اٿي بيهي، مٿي مُنهن ڪري اوناڙ ڪئي. جواب ۾ مٿان کان ڪنهن بگهڙ اوناڙ ڪئي ته، عوت ڇرڪي مٿي نهاريو. وڻ تي ويٺل عورت چنڊ جي روشنيءَ ۾ ڏٺو ته، ساڳئي وڻ تي سندس مٿان واري ڏار تي يارهون بگهڙ موجود هو.

مجسمو

 

سنگتراش هڪ مجسمو گَهڙي مڪمل ڪيو ته سندس چهري تي مرڪ تري آئي. هو اڃا مجسمي ڏانهن ڏسي رهيو هو ته، اسٽوڊيو جو در کلڻ جو آواز ٿيو.

سنگتراش ڪنڌ ورائي دروازي ڏانهن ڏٺو.

دروازي ۾ اوور ڪوٽ پهريل هڪ شخص بيٺو هو، جنهن جي هٿ ۾ ننڍڙو بريف ڪيس هو. انهيءَ شخص اسٽوڊيو ۾ موجود مجسمن ڏانهن ڏسي مرڪي چيو، مون پنهنجي ملڪ ۾ توھان جي ٺاهيل مجسمن جون فقط تصويرون ڏٺيون هيون. هتي اچي مون کي اندازو ٿيو آهي ته، توهان جي تراشيل مجسمن جو واقعي جواب ناهي!“

مهرباني. سنگتراش پنهنجا هٿ صاف ڪندي وراڻيو.

مان پنهنجي ملڪ کان فقط توهان سان ملڻ لاءِ آيو آهيان. اوور ڪوٽ پاتل اوپري شخص اڳتي وڌي هڪ ڪرسيءَ تي ويهندي چيو، ۽ مان ايئرپورٽ تان سڌو هتي آيو آهيان.“

سنگتراش اوپري شخص جي سامهون ويهندي وراڻيو، مان توهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟“

اوپري شخص هڪ نظر اسٽوڊيو ۾ موجود مجسمن ڏانهن ڏٺو ۽ پوءِ سنگتراش ڏانهن ڏسندي چيو، مان چاهيان ٿو ته توهان منهنجو مجسمو ٺاهيو.“

سنگتراش انڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، نه مان فرمائش تي مجسما ٺاهيندو آهيان ۽ نه ئي پنهنجا ٺاهيل مجسما وڪرو ڪندو آهيان.“

اوپري شخص مرڪي چيو، مان توهان کي ايترو معاوضو ڏيندس، جيڪو توهان پنهنجي زبان سان گهرندا.“

سنگتراش ناگواريءَ سان مُنهن ورائي ٻئي طرف ڪري ڇڏيو.

اوپري شخصَ، ٻئي طرف مُنهن ڪري ويٺل سنگتراش ڏانهن ڏسندي چيو، هڪ ملين ڊالر.“

سنگتراش ڪنڌ ورائي اوپري شخص ڏانهن ڏٺو پر ڪوبه جواب نه ڏنو.

اوپري شخص بنا دير جي چيو، ٻه ملين ڊالر.“

سنگتراش جي چهري تي حيرت جو تاثر اڀريو. هو چاهيندي به ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو.

اوپري شخص مرڪي چيو، ڏهه ملين ڊالر.“

سنگتراش ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انتهائي حيرت ۽ بي يقينيءَ سبب سندس وات مان ڪو لفظ نه نڪتو ته، هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

اوپري شخص پنهنجي ڀرسان رکيل بريف ڪيس کولي ليپ ٽاپ ڪڍي آن ڪيو ۽ سنگتراش ڏانهن ڏسندي چيو، توھان پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر ٻڌايو.“

سنگتراش بي يقينيءَ سان پنهنجو بئنڪ اڪائونٽ نمبر ٻڌايو.

اوپري شخص جون نظرون ۽ آڱريون ٿوري دير ليپ ٽاپ تي موجود رهيون ۽ پوءِ هن ڪنڌ کڻي سنگتراش ڏانهن ڏسندي چيو، مون ڏهه ملين ڊالر توهان جي اڪائونٽ ۾ ٽرانسفر ڪري ڇڏيا آهن.“

ان مهل ئي سنگتراش پنهنجي موبائيل فون تي ميسيج بيپ ٻڌي فون کڻي ميسيج ڏٺو ته، سندس بي يقيني يقين ۾ بدلجي وئي. ڏهه ملين ڊالر سندس اڪائونٽ ۾ پهچي چڪا هئا.

سنگتراش ڪيترن ڏينهن تائين اوپري شخص کي سامهون ويهاري سندس مجسمو ٺاهيندو رهيو.

مجسمو ٺهي تيار ٿيو ته، اوپرو شخص ڪرسيءَ تان اٿي پوئتي وڃي ويٺو.

سنگتراش مجسمي کي صاف ڪري، پنهنجا هٿ اگهي پوئتي نهاريو ته، اوپرو شخص اسٽوڊيو جي دروازي طرف وڃي رهيو هو. سنگتراش حيرت سان چيو، پنهنجو مجسمو ته کڻي وڃو.“

اوپري شخص ڪوبه جواب نه ڏنو. هن مرڪي سنگتراش ڏانهن ڏٺو ۽ دروازو کولڻ کان سواءِ، بند دروازي منجهان ئي ٻاهر نڪري ويو.

سنگتراش سخت حيرت، پريشانيءَ ۽ خوف منجهان اوپري شخص جي مجسمي ڏانهن ڏٺو ته، مجسمي چيو، پريشان نه ٿيو، مان توهان جي اسٽوڊيو ۾ ئي موجود آهيان!“

 

پراسرار رستو

 

هائي وي تي پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي جي موڙ تي جنهن مهل مان بس منجهان لٿس ته سج لهي چڪو هو.

سج لهڻ کان پوءِ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي اڪثر پراسرار واقعا پيش ايندا هئا، جنهن ڪري ڳوٺ جا ماڻهو رات جي وقت انهيءَ رستي تان گذرڻ بند ڪري ڇڏيندا هئا.

منهنجي سدائين ڪوشش ھوندي ھئي ته شهر کان وقت تي واپس پهچي، سج لٿي کان اڳ ۾ انهيءَ رستي تان گذري وڃان پر ان ڏينهن رستي تي بس ۾ ڪا خرابي ٿي پئي، جنهن ڪري مون کي واپس پهچڻ ۾ دير ٿي وئي ۽ سج لهي ويو.

اوندهه ٿي رهي هئي. مون هائي وي تان وڻن جي وچ منجهان ڳوٺ ڏانهن ويندڙ پراسرار رستي ڏانهن ڏٺو ته، منهنجي جسم ۾ خوف جي لهر ڊوڙي وئي.

مان سخت مجبوريءَ سبب جڏهن به رات جي وقت انهيءَ رستي تان گذريو هئس ته، مختلف هنڌن تي اوچتو ڀوائتي شڪل وارو هڪ شخص منهنجو رستو روڪي بيهي رهندو هو. سندس جي اکين ۾ باهه ٻرندي رهندي هئي. هو اوچتو رستي تي ظاهر ٿيندو ھو ۽ مون کي خوف ۾ مبتلا ڪري پراسرار نموني گم ٿي ويندو هو. ڪجهه فاصلي کان پوءِ وري اوچتو منهنجي سامهون ظاهر ٿيندو هو ته، منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويندا هئا ۽ مان وڌيڪ خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو هئس. سخت خوف سبب مان هن سان ڪڏهن به ڪجهه ڳالهائي نه سگهيو هئس. مون کي پڪ هئي ته، اهو انسان نه هو.

خوف سبب مان ڪيتري دير تائين هائي وي تي ئي بيٺو رهيس. ڳوٺ ڏانهن وڃڻ لاءِ ٻيو ڪو رستو به نه هو، تنهن ڪري انهيءَ رستي تان ئي وڃڻ منهنجي مجبوري هئي. مون ڊگهو ساهه کڻي تڪڙو تڪڙو وڻن جي وچ منجهان ويندڙ رستي تي هلڻ شروع ڪيو.

مان ٽن ڪلوميٽرن واري رستي تي هڪ ڪلوميٽر اڳتي ويو هوندس ته، اوچتو پراسرار رڙ ٻُڌي، ڇرڪي بيهي رهيس. رڙ جي آواز واري طرف نهاريم ته، رستي کان پرتي اهو ئي ڀوائتي شڪل وارو شخص بيٺو هو ۽ سندس اکين ۾ باهه ٻري رهي هئي.

مون کي پاڻ ڏانهن نهاريندي ڏسي هو وڌيڪ پرتي هليو ويو. مون کي سخت حيرت لڳي ته، جنهن کان مون کي خوف ٿيندو هو، اهو مون کان ڊڄي رهيو هو. هن کي خوف ۾ مبتلا ڏسي منهنجو خوف گهٽجي ويو. مون پھريون ڀيرو هن ڏانهن ڏسندي ڳالهايو، مون کي سدائين توکان خوف ٿيندو هو پر اڄ تون مون کان ڇو پيو ڊڄين!؟“

چيائين، انسانن ۾ ڪورونا جي وبا ڦهلجڻ کان پوءِ، اسان کي انسانن کان خوف ٿيڻ لڳو آهي. اهو چئي هو وڌيڪ پرتي هليو ويو.

 

اجنبي شهر جي عورت

 

دنيا جي بيحد خوبصورت سمنڊ ڪناري تي ايڏا حَسين چهرا نظر اچي رھيا ھئا، جو ڪنهن هڪ چهري تي نظر ئي نٿي بيٺي! مان هڪ خالي بينچ تي ويٺو انهن بيشمار سهڻن چهڙن ڏانهن نهاري رهيو هئس ته، اوچتو منهنجي نظر هڪ انتهائي خوبصورت عورت جي چهري تي بيهي رهي. دنيا جي سياحت ۾ ايڏي سهڻي عورت مون ڪڏهن به، ڪٿي به نه ڏٺي هئي!

مان لڳاتار انهيءَ بيحد حَسين عورت ڏانهن ڏسي رهيو هئس ته، انهيءَ عورت جي نظر مون تي پئجي وئي ۽ هوءَ مون ڏانهن ڏسندي مرڪي پئي. انهيءَ کان پهرين جو مان سندس مرڪ جي جواب ۾ ڪو ردعمل ظاهر ڪيان، انهيءَ عورت مون ڏانهن اچڻ شروع ڪيو ته، منهنجي دل جي ڌڙڪڻ وڌي وئي.

خوبصورت عورت ويجھو اچي منهنجي ڀرسان بينچ تي ويهي، پنهنجي موبائل فون ڪڍي مون سان گڏ هڪ سيلفي ٺاهِي ورتي.

مون هن ڏانهن ڏسندي حيرت سان پڇيو، توهان کي مون ۾ ڪهڙي خوبي نظر آئي جو توهان مون سان گڏ سيلفي ڪڍي ورتي، محترما!؟“

خوبصورت عورت پنهنجو نرم ۽ نازڪ هٿ منهنجي هٿ مٿان رکندي وراڻيو، ڪجهه ماڻهن کي پنهنجين خوبين جي خبر ناهي هوندي پر اهي خوبيون ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ٻئي انسان کي نظر اچي وينديون آهن....!“

مون ڪو جواب ڏيڻ بجاءِ پنهنجي هٿ مٿان پيل سندس نازڪ، نفيس ۽ سهڻي هٿ ڏانهن ڏٺو.

عورت منهنجي هٿ کي زور ڏيندي مرڪي چيو، هڪ سيلفيءَ جي بدلي ۾ توهان مون سان گڏ جيتريون تصويرون چاهيو ڪڍي سگهو ٿا.“

مون پنهنجي موبائل فون ڪڍي هن سان گڏ ڪجهه سيلفيون ٺاهيون ۽ پوءِ ڀرسان گذرندڙ هڪ شخص کي پنهنجي موبائيل فون ڏئي تصويرون ڪڍڻ لاءِ چيم. انهيءَ شخص خوبصورت عورت سان گڏ منهنجيون ڪيتريون ئي تصويرون ڪڍيون ۽ موبائيل فون مون کي واپس ڏني. مون پنهنجي موبائيل فون وٺي بيحد حَسين عورت سان گڏ نڪتل تصويرون ڏسڻ جي ڪوشش ڪئي ته، عورت مون کي روڪيندي چيو، تصويرون ته تون پوءِ به ڏسي سگھين ٿو، تو وٽ جيترو وقت آهي، اهو مون سان گڏ گذاري وٺ.“

مون پنهنجي موبائل فون کيسي ۾ رکي مرڪي هن ڏانهن ڏٺو.

عورت پڇيو، مسافر آهين؟“

وراڻيم، ها، چئن ڏينهن کان توهان جي ملڪ ۾ گهمي رهيو آهيان.“

پڇيائين، ڪٿي رهيل آهين؟“

بينچ جي پاسي ۾ پيل پنهنجي سفري بيگ ڏانهن اشارو ڪندي چيم، منهنجو ڪوبه ٺڪاڻو ناهي!“

حَسين عورت مرڪي وراڻيو، ته پوءِ اڄ رات تنهنجو ٺڪاڻو منهنجي گهر ۾ آهي.“

مون هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو ۽ سهڻي عورت جي گلابي چهري ڏانهن ڏسندي پنهنجي اندر ۾ گلاب ٽڙندي محسوس ڪيا.

عورت اٿي ته مان پنهنجو سفري بيگ کڻي ساڻس گڏ هلڻ لڳس. ڪجهه فاصلي تي موجود سندس ڪار ۾ ويٺاسين ته عورت چيو، منهنجو گهر شهر کان ڪجهه پرتي آهي.“

وراڻيم، مان ته سياح آهيان، نڪتو ئي سفر خاطر آهيان.“

ڪار ڊرائيو ڪندي هوءَ مرڪي پئي.

سج لهڻ کان پوءِ اسان شهر کان پرتي انهيءَ فارم هائوس ۾ پهتاسين، جتي هوءَ اڪيلي رهندي هئي.

عورت مون کي هڪ اونداه ڪمري ۾ ويهاري چيو، مان جنريٽر هلائي اچان ٿي.“

عورت ڪمري کان ٻاهر نڪري وئي ته، مون پنهنجي موبائل فون ڪڍي، جيئن انهيءَ بيحد حَسين عورت سان گڏ نڪتل پنھنجيون تصويرون ڏسان. مون جيئن ئي فون فوٽو گيلري ۾ تصويرون ڏٺيون ته ڇرڪي پيس ۽ منهنجا لڱ ڪانڊارجي ويا. سمورين تصويرن ۾ سهڻي عورت بجاءِ مون سان گڏ هڪ انساني ڍانچو موجود هو...!

مون هڪدم پنهنجي موبائيل فون جي ٽارچ ٻاري ته جيئن انهيءَ ڪمري منجهان نڪري وڃان پر ٽارچ جي روشني ٿيڻ کان پوءِ مون ڏٺو ته، انهيءَ ڪمري ۾ هاڻي ڪوبه دروازو نه هو ۽ نه ئي ڪا دري هئي، جنهن منجهان ٻاهر نڪري سگهجي، فقط چار ديوارن ئي هيون! ۽ پوءِ... هڪ ديوار منجهان اها عورت مون کي اندر ايندي نظر آئي...!

 

ٻيو ڪهاڻيڪار

 

اولهه جي هڪ ملڪ ۾ موڪلون گذارڻ ويس ته، هڪ ٻئي ملڪ جي سياح ليکڪ سان ملاقات ٿي وئي. تعارف ٿيو ته ٻنهي کي خوشي ٿي ۽ اسان گڏ گهمڻ جو فيصلو ڪيو. سير سفر ۾ هڪ ليکڪ کي ٻئي ليکڪ جو ساٿ ملي ته ٻيو ڇا گهرجي!

هو به ڪهاڻيڪار هو، تنهن ڪري اسان ٻئي گھمندي ڦرندي ۽ مختلف ملڪن جي سياحن سان ملاقاتن ۾ پنهنجي ڪهاڻين جا نوان ڪردار ڳولي لهندا هئاسين. جنهن جي به ذهن ۾ ڪهاڻيءَ جو ڪو نئون خيال ايندو هو ته، هڪ ٻئي سان صلاح به ڪري وٺندا هئاسين.

هڪ رات رنگن ۽ روشنين جي ماحول ۾ زندگيءَ جا ڪجهه بيحد حَسين لمحا گذاري اسان ٻئي هوٽل طرف وڃي رهيا هئاسين ته هن چيو، لڳاتار پنڌ ڪري مان ٿڪجي پيو آهيان.“

مون ڪجهه فاصلي تي موجود بس اسٽاپ جي بينچ ڏانهن اشارو ڪيو ته هن هاڪار سان ڪنڌ لوڏيو.

اسان ٻئي بينچ تي وڃي ويهي رهياسين.

بس جو انتظار ڪندي، هن پنهنجو نوٽ بڪ کوليو ۽ ڪجهه لکڻ شروع ڪيائين.

کائنس پڇيم، ڇا پيو لکين؟

هن مون ڏانهن ڪنڌ ورائي ڏسڻ کان سواءِ وراڻيو، سفرنامي جا نوٽيس پيو لکان.“

بس اچڻ ۾ دير ڪئي ته، مون به پنهنجو نوٽ بڪ کوليو ۽ لکڻ شروع ڪيم.

هن مون کي لکندي ڏسي پڇيو، تون ڇا پيو لکين؟

وراڻيم، مان پراسرار ڪهاڻي پيو لکان.“

چيائين، سٺي پراسرار ڪهاڻي اڌ رات کان پوءِ لکي سگهبي آهي. اڃان اڌ رات ناهي ٿي.“

هن ڏانهن ڏسڻ کان سواءِ بيزاريءَ سان وراڻيم، پراسرار ڪهاڻيون لکڻ جو مون کي وڌيڪ تجربو آهي. توکي ڪهڙي خبر....!“

منهنجي ڳالهه ٻڌي هن ٽهڪ ڏنو ۽ گم ٿي ويو...!

 

فڪشنسٽ

 

قديم تاريخي ماڳ جا آثار ڏسڻ کان پوءِ جڏهن سج لهڻ وارو هو ته، مان رات گذارڻ لاءِ تاريخي ماڳ کان ڪجهه فاصلي تي موجود ننڍڙي شهر پهتس. انهيءَ ننڍڙي شهر ۾ پهچي خبر پئي ته، اتي ڪوبه هوٽل يا مسافرخانو موجود ناهي. جڏهن ننڍڙي شهر جا رستا ويران ٿيڻ لڳا ته، مون پڙهيل لکيل نظر ايندڙ هڪ ماڻهوءَ کي روڪي پنهنجي پريشاني بيان ڪئي.

منهنجي ڳالهه ٻُڌي سٺي شخصيت واري انهيءَ ماڻهوءَ چيو، بهتر آهي ته توهان ريلوي اسٽيشن تي هليا وڃو. رات جو دير سان ٻنهي پاسن ڏانهن ويندڙ گاڏيون هن شهر جي اسٽيٽس تي بيهنديون آهن.“

مون انهيءَ شخص کان ريلوي اسٽيشن جو رستو پڇيو.

ھن وراڻيو، ريلوي اسٽيشن شهر کان ڪجهه پري آهي پر هن مهل توهان کي ريلوي اسٽيشن ڏانهن وڃڻ لاءِ ڪا به سواري نه ملندي.“

مان وڌيڪ پريشان ٿي ويس.

مون کي پريشان ڏسي انهيءَ شخص مُرڪي چيو، ڪلاڪ کن جو پنڌ آهي ۽ خطري جهڙي به ڪا ڳالهه ناهي. هليا وڃو.“

مون ڊگهو ساهه کڻي هن کان رستو پڇيو ۽ سندس مهرباني مڃي، ريلوي اسٽيشن واري رستي ڏانهن هليو ويس.

چانڊوڪي رات هئي، تنهن ڪري هر طرف چِٽي نظر پئجي رهي هئي. ڪلاڪ بدران مون ڏيڍ ڪلاڪ پنڌ ڪيو پر ڪنهن ريلوي اسٽيشن جا آثار نظر نه آيا. واپس موٽڻ لاءِ سوچيم پر پويان رات گذارڻ جو ڪو وسيلو نه هو، تنهن ڪري وري به اڳتي وڌيس. اڍائي ڪلاڪن جي لڳاتار پنڌ کان پوءِ ڏاڍي ٿڪل حالت ۾ ريلوي اسٽيشن تي پهتس.

پليٽ فارم تي ٻه ليمپ پوسٽ هئا جن جي روشني هونئن ته اڻ پوري هجي ها پر چانڊوڪي رات هجڻ ڪري سڀ ڪجهه صاف نظر اچي رهيو هو. پليٽ فارم بلڪل خالي ۽ ويران هو. مون سڄي ريلوي اسٽيشن گهمي ڏٺي پر عملي جو ڪوبه ماڻهو مون کي نظر نه آيو. مان پليٽ فارم تي موجود هڪ بينچ تي ويهي رهيس ۽ پنهنجو سفري بيگ ڀرسان رکي ڇڏيم. مون سگريٽ دکائي پليٽ فارم تي هڪ طرف ڏٺو ته، ڪجهه فاصلي تان هڪ شخص کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏٺم. هي اهو ئي شخص هو، جنهن ننڍڙي شهر ۾ مون کي ريلوي اسٽيشن جو رستو ٻُڌايو هو. اهو شخص منهنجي ويجهو پهتو ته، مون اٿي بيهي هن ڏانهن هٿ وڌائيندي چيو، جيڪڏھن توھان کي به هتي اچڻو هو ته گڏجي اچون ها.“

انهيءَ شخص بينچ تي ويهندي چيو، مون کي ڪلاڪ ڏيڍ جو ڪم هو، ان ڪري توهان کي نه چيو هئم.“

مون هن جي ڀرسان ويهي پڇيو، هتي اچڻ لاءِ توهان وٽ ڪا سواري هئي ڇا؟“

هن انڪار سان ڪنڌ لوڏي وراڻيو، نه، مان به پنڌ آيو آهيان. ڪلاڪ اڳ ۾ شهر کان نڪتو هئس.“

مون حيرت سان چيو، پر مون کي ته هتي پهچڻ ۾ اڍائي ڪلاڪ لڳي ويا!“

هن مُرڪي وراڻيو، ڪڏهن ڪڏهن اهو رستو ڊگهو ٿي ويندو آهي!“

مون ڪوبه جواب نه ڏنو. مون کي هن جي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته، ڪڏهن ڪڏهن اهو رستو ڊگهو ڇو ٿي ويندو آهي! هن جي ڳالهه ۾ ڪجهه پراسراريت محسوس ٿي رهي هئي.

هو خاموش ويٺو رهيو.

هن جي خاموشي مون کي وڌيڪ پراسرار لڳي، تنهن ڪري سندس خاموشي ختم ڪرڻ لاءِ پڇيم، توهان ڇا ڪندا آهيو؟

چيائين، مان ليکڪ آهيان.“

پڇيومانس، ڇا لکندا آهيو؟

چيائين، پراسرار ڪهاڻيون لکندو آهيان.“

اهو چئي هو غائب ٿي ويو! 

 

ڪمرو نمبر ستون

 

آفيس ۾ ست ڪمرا هئا. ڪمري نمبر هڪ ۾ ويهندڙ شخص آفيس ايندي حادثي ۾ مري ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمري نمبر ٻه ۾ ڪم ڪندڙ شخص آفيس کان گهر پهتو ۽ اوچتو فوت ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمري نمبر ٽئين ۾ ويهندڙ ملازم صبح جو آفيس ايندي روڊ ايڪسيڊنٽ ۾ مري ويو. ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ڪمري نمبر چوٿين ۾ ويهي ذميواريون نڀائيندڙ شخص دل جي دوري سبب پنهنجي ڪرسيءَ تي ويٺي ويٺي ئي اجل جو شڪار ٿي ويو.

اهڙي صورتحال سبب ڪمري نمبر پنجين ۾ ويهندڙ وڏو صاحب خوف جو شڪار ٿي ويو. هو ڪمرو نمبر ستون خالي ڪرائي انهيءَ ۾ وڃي ويٺو. سوچيائين، جيڪڏھن ڪمري نمبر پنجين ۾ ويٺل شخص مري ويو ته، هو ڪمري نمبر ڇهين ۾ ويٺل ماڻهوءَ جي مرڻ کان اڳ ۾ ئي اها آفيس ڇڏي هليو ويندو.‘

ڪمرو تبديل ڪرڻ کان پوءِ، ٻئي ڏينهن تي صبح سان هڪ قدآور شخص اندر آيو ته، صاحب انهيءَ کان ڪم پڇڻ بجاءِ گهنٽي وڄائي. پٽيوالو اندر آيو ته صاحب سخت ڪاوڙ منجهان پٽيوالي ڏانهن ڏسندي چيو، هي شخص بنا اجازت جي اندر ڪيئن آيو آهي!؟

پوڙهي پٽيوالي پنهنجِي ٿلهن شيشن وارِي عينڪ لاهي صاف ڪندي ادب سان وراڻيو، سر، مون ته ڪنهن کي توهان جي ڪمري ۾ ايندي ناهي ڏٺو.“

صاحب، پوڙهي پٽيوالي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو، هاڻي تون انڌو ٿي ويو آهين. تنهنجي نوڪري ختم ڪرڻي پوندي. گيٽ آئوٽ!“

پوڙهي پٽيوالي جون اکيون آليون ٿي ويون. هن پنهنجِي ٿلهن شيشن واري عينڪ کي ڏک سان ڏٺو ۽ ڪمري مان ٻاهر نڪري ويو.

صاحب سخت ڪاوڙ منجهان سامهون بيٺل شخص ڏانهن ڏسندي پڇيو، تون ڪنهن جي اجازت سان اندر آيو آهين!؟

قدآور شخص سنجيدگيءَ سان وراڻيو، مون کي ڪنهن وٽ وڃڻ لاءِ اجازت جي ضرورت ناهي هوندي.“

صاحب وڌيڪ ڪاوڙ سان چيو، ڪير آهين تون!؟

قدآور شخص وراڻيو، مان اهو ئي آهيان، جيڪو هن آفيس جي چئن ماڻهن کي پاڻ وٺي ويو هو.“

صاحب انتهائي حيرت ۽ ڪاوڙ سان رڙ ڪئي، ڇا...!؟

قدآور شخص وراڻيو، ڪمرو نمبر تبديل ٿيڻ سان دنيا مان وڃڻ جو وقت تبديل ناهي ٿيندو.“

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com