| 
                                 
                                
                                رب ستار 
                                
                                
                                دين سِڌي ۾ ڏِنگُ نه ڏارُ، 
                                
                                
                                تون ئي سڀ جو رَبُ ستارُ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                تنهن کي ڪوئي ڀَؤُ نه ڀولو، 
                                
                                
                                ڪين ڏسي ٿو ڏک ۽ ڏولو، 
                                
                                
                                ڪجھه به نه تنهن جو گارُ ٿئي ٿو، 
                                
                                
                                اُن جو ٻيڙو پار ٿئي ٿو، 
                                
                                
                                ٻيا در ٻَنِ ڏئي جنهن جڳ ۾، 
                                
                                
                                تنهنجو رستو ڪِيو اختيارُ، 
                                
                                
                                تون ئي سڀ جو رَبُ ستار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                مُنهنجي عبادت ۽ قرباني، 
                                
                                
                                مرڻ جيئڻ سڀ تولئه آ ني! 
                                
                                
                                تُنهنجي آڏو ڪنڌ نِمايان، 
                                
                                
                                ٻِيو ڪو تنهنجو مَٽ نه ڀانيان، 
                                
                                
                                قيامت ۾ ڪمِ ايندي ڪمائي، 
                                
                                
                                ڪوبه نه کڻندو ڪنهن جو بارُ، 
                                
                                
                                تون ئي سڀ جو رَبُ ستار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                بيشڪ تون بخشيندڙ آهين، 
                                
                                
                                ڏک سڄا لاهيندڙ آهين، 
                                
                                
                                چَڱايون چاهيندڙ آهين، 
                                
                                
                                حقُ سچُ سمجهائيندڙ آهين، 
                                
                                
                                راهَه رُلينِ کي راهه ڏَسين ٿو، 
                                
                                
                                مُنهنجا ڀي ڪر ٻيڙا پارِ، 
                                
                                
                                تون ئي سڀ جو رَبُ ستار. 
                                  
                                
                                
                                جنهن جڳ ٺاهيو 
                                
                                
                                ”ڄڻيو  نه  ڪنهن  جو  آهي  ڄايو“، 
                                
                                
                                چئه ته ”خُدا هِڪُ“ جنهن جڳ ٺاهيو. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                جنهن جو مَٽ مثال نه ڪوئي، 
                                
                                
                                تنهن آڏو سڀ ڪنڌ جهڪايو. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                تُنهنجي صدقي عزت، شهرت، 
                                
                                
                                ڪيڏو آ مون نانءُ ڪمايو. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ’پريل‘ ڳُڻ ڳڻي ڇا تُنهنجا، 
                                
                                
                                دُهرائي ٿو هَر هَر دايو. 
                                
                                
                                ٻهراڙيءَ جا ٻار ۽ مينهن 
                                
                                  
                                
                                
                                ڪڪرن ڪِيا وسڪارَ، 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻارَ. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ڪن کي لُنگ ته ڪڇا ڪنين کي، 
                                
                                
                                بُت اُگهاڙا يارَ، 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                واسيا وڻنِ ڀِڄي سڀ رستا، 
                                
                                
                                هِيرُن جا هُٻڪارَ. 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                کُنڀيون کِڙنديون گُل ڦُل ٽِڙندا، 
                                
                                
                                چوڌاري چمڪارَ. 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ”ڪُوڪُو ڪُوڪُو، ڪُوڪُو ڪُوڪُو، 
                                
                                
                                ڪويل جي ڪُوڪار. 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                ”پِتُ پُسڻ سان مري پوي ٿي“، 
                                
                                
                                اِيءُ وڏنِ ويچار. 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                اونهاري جو ٻهراڙي ۾، 
                                
                                
                                ٿيا ڏاڍا ٿڌڪار. 
                                
                                
                                گهر کان نڪتا ٻار. 
                                
                                  
                                
                                
                                ڀيڄِ ڀٽائي!! 
                                
                                  
                                
                                
                                مُند وسڻ جي موٽي آئي، 
                                
                                
                                وڻ ٽِڻ ٻولِن ٿا هي وائي. 
                                
                                
                                ”ڀيڄ  ڀٽائي 
                                
                                
                                ڀيڄ ڀٽائي!“ 
                                
                                
                                هِيرُن سان سُرُ سُرُ ۾ ڳائي، 
                                
                                
                                ڪويل ڪُوڪي وڻ ٿي وڄائي، 
                                
                                
                                ٻُڌجي ٿي ڄڻ ڀِٽَ تي وائي. 
                                
                                
                                ”ڀيڄ  ڀٽائي 
                                
                                
                                ڀيڄ ڀٽائي!“ 
                                
                                
                                وسڪاري سان وڻ ٽِڻ ڦُٽندا، 
                                
                                
                                گؤنچ ڪڍي گُل ڦُل ڀي ٽڙندا، 
                                
                                
                                خوش ٿينداسين کُنڀيون کائي، 
                                
                                
                                ”ڀيڄ  ڀٽائي 
                                
                                
                                ڀيڄ ڀٽائي!“ 
                                
                                
                                ٿر ۽ بر تي ٿيو وسڪارو، 
                                
                                
                                نيٺ وريو مارُن جو وارو، 
                                
                                
                                ڀونءِ سڄي ٿي پئي آ سائي، 
                                
                                
                                ”ڀيڄ  ڀٽائي 
                                
                                
                                ڀيڄ ڀٽائي!“ 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                لِڪ لِڪوٽي  
                                
                                
                                تون لِڪُ آئون توکي ڳوليان، 
                                
                                
                                آءٌ لڪان تون مون کي ڳول. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                پِڙ تي حالي بيهي رهجي، 
                                
                                
                                ڪنهن ڀي پاسي مُور نه ڏسجي، 
                                
                                
                                ڪُوڪ ڪيان پو اکڙيون کول، 
                                
                                
                                آءٌ لڪان تون مون کي ڳول. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                راند ته ڏاڍي پياري آهي، 
                                
                                
                                صدين کان جا جاري آهي، 
                                
                                
                                لِڪ ڇُپ جو چرچو چؤٻول، 
                                
                                
                                آءٌ لڪان تون مون کي ڳول. 
                                
                                
                                  
                                
                                
                                راند ۾ جي ٿو گهڙيون گذاريان، 
                                
                                
                                گهر ڀي پنهنجو ڪونه ٿو ساريان، 
                                
                                
                                ڪيڏو پيارو آ ماحول، 
                                
                                
                                آءٌ لڪان تون مون کي ڳول. 
                                
                                 |