| 
								 
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                  
                                
                                شيخ اياز 
                                
                                  
                                
                                ڏِسُ هي ڦول ڦلارَ ۾، 
                                
                                رهيڙي جي ڏارَ ۾! 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                چانڊوڪيءَ ۾ ڪيئي چؤنرا، ڪيڏا جوڙا پيارَ ۾! 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                ڪيڏا گيت سمايل آهن، تنبوري جي تارَ ۾؟ 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                لُنءَ لُنءَ ڪيسين لرزش هوندي، واريءَ جي ٿڌڪارَ ۾؟ 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                ڪئن چئجي، ڪيسين رهڻو آ، مٽيءَ جي مهڪارَ ۾؟ 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                تنهنجا وارَ گهٽائون ٿيندا، ڇا اڳتي انڌڪارَ ۾؟ 
                                
                                نيٺ ته سڀ ڪجهه ڇڏڻو آهي. 
                                
                                هر ماڻهوءَ جئن لَڏڻو آهي 
                                
                                ٻيو ڪوئي گهر اَڏڻو آهي. 
                                
                                  
                                
                                   |