| 
								 
                                اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس 1994ع اسلام آباد 
                                
                                 اڪيڊمي ادبيات پاڪستان پاران 9-11 آڪٽوبر 1994ع تي اسلام آباد 
                                ۾ ”اديبن ۽ دانشورن جي قومي ڪانفرنس“، خاص طرح سان 
                                ان لحاظ کان هڪ مثالي ميڙ بنيو، جو ان ۾ ملڪي ادب 
                                ۽ ٻولين بابت ڪيئي اهم، ٺوس ۽ تاريخي ٺهراءُ بحال 
                                ڪيا ويا، جن جو تعلق مستقبل جي ترقيءَ ۽ قومي 
                                يڪجھتي سان آهي. (ٺهرائن جو مڪمل متن هتي پيش ڪري 
                                رهيا آهيون). 
                                
                                ڪانفرنس جو افتتاح صدر مملڪت جناب فاروق احمد خان لغاري ڪيو ۽ 
                                ان ۾ وزير اعظم محترم بينظير ڀٽو جو پيغام، محترم 
                                شهناز وزير علي پڙهي ٻڌايو. 
                                
                                ڪانفرنس ۾ ساڍا ست سو کان به وڌيڪ اديبن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي، جن 
                                ۾ چئني صوبن جي ليکڪن سان گڏ سرائڪي، کوار، شنا، 
                                براهوي، گجراتي، ۽ ٻين ٻولين جي اديبن کي ڪوٺ ڏنل 
                                هئي. 
                                
                                ايڏي وڏي پيماني تي اديبن جو ميڙ ڪوٺائڻ لاءِ اڪيڊميءَ جي نئين 
                                چيئرمن جناب فخر زمان، ڊائريڪٽر جنرل جناب افتخار 
                                عارف ۽ اداري جا ڪارڪنن جي جاکوڙ نمايان هئي. 
                                
                                افتتاحي خطاب ۾ صدر مملڪت ليکڪن تي زور ڀريو ته اهي جمهوري نظام 
                                جي استحڪام ۽ جمهوري قدرن جي ترقيءَ ۽ احترام لاءِ 
                                وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته موجوده 
                                جمهوري حڪومت ۾ راءِ جي اظهار جي مڪمل آزادي آهي، 
                                ان ڪري اديب ۽ دانشور فڪري انقلاب پيدا ڪري سگھن 
                                ٿا. 
                                
                                هن چيو ته ”پاڪستان جي موجوده معاشري ۾ اگر ليکڪن جو منصب طئه 
                                ڪيو وڃي ته نظر ايندو ته هر صنف ۾ اسان جي ليکڪن 
                                پنهنجون ذميواريون سهڻي طريقي سان ادا ڪيون آهن. 
                                مارشل لاءِ ۽ مطلق العنان آمريت جي زمانن ۾ جتي 
                                سياسي سطح تي ملڪ جي عوام جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ 
                                بي مثال قربانيون ڏنيون، اتي اديبن ۽ شاعرن دنيا 
                                جو عظيم مزاحمتي ادب تخليق ڪيو، جو مقدار ۽ معيار 
                                ۾ هڪ فخر جوڳو ادبي سرمايو آهي. پاڪستان جي هر 
                                زبان جو ادب پنهنجي همعصر حقيقتن جو هڪ اهڙو 
                                تخليقي دستاويز آهي، جنهن کي آئنده جو محقق حوالي 
                                ۽ سَنَد طور استعمال ڪندو.“ 
                                
                                وزيراعظم پنهنجي پيغام ۾ واضح ڪيو ته جمهوريت ۽ ادب هڪ ٻئي سان 
                                ڳنڍيل آهن. هن ياد ڏياريو ته جمهوريت جي ڏينهن ۾ 
                                شاندار تخليقي ادب جي اوسر ٿيندي آهي. 
                                
                                هن چيو ته ”اڄ جي هن ڪانفرنس جو موضوع ’جمهوريت ۽ ادب‘ تمان اهم 
                                آهي. جمهوريت ۽ ادب جو پاڻ ۾ گھرو ڳانڍاپو آهي. 
                                جمهوريت ۾ عُمدي تخليقي ادب جي اوسر ٿيندي آهي ۽ 
                                آزاد تخليقي ادب ئي جمهوريت جو ضامن آهي. اعليٰ 
                                ادب ان وقت ئي سرجي سگھي ٿو، جڏهن سوچڻ ۽ راءِ جي 
                                اظهار جي پوري آزادي هجي، ۽ انهيءَ آزاديءَ جو ٻيو 
                                نالو جمهوريت آهي، اچو ته دانشورن جي انهيءَ قومي 
                                ڪانفرنس جي موقعي تي اهو وچن ڪريون ته اسين سوچ ۽ 
                                فڪر جي اظهار جي راهه ۾ موجود سمورين رڪاوٽن کي 
                                ڪيرائي ڇڏينداسين. انهن مان هڪ وڏي رڪاوٽ اهو 
                                سياسي ڪلچر آهي، جنهن ۾ اختلاف راءِ رکڻ وارن جي 
                                خيالن ۽ نظرين کي برداشت ڪرڻ واري صلاحيت جي 
                                اڻهوند آهي. اڄ هڪ نئين سياسي ڪلچر جي سڀ کان وڏي 
                                ضرورت آهي. مون کي يقين آهي ته اديبن ۽ دانشورن جي 
                                هيءَ قومي ڪانفرنس، نئين سياسي ڪلچر جي اسرڻ ۾ 
                                مددگار ثابت ٿيندي. 
                                
                                ان  قومي ڪانفرنس جي موقعي تي آءٌ ملڪ جي انهن 50 ناميارن 
                                ليکڪن، شاعرن ۽ دانشورن کي پڻ مبارڪون ڏيان ٿي، جن 
                                کي تازو اڪيڊميءَ جو تاحيات ميمبر ڪيو ويو آهي. 
                                انهن جي مقرري نه صرف ادب جي ميدان ۾ انهن جي 
                                خدمتن جي مڃتا آهي، پر حڪومت جي ان ارادي جو اظهار 
                                پڻ آهي ته اسين اديبن، شاعرن ۽ دانشورن کي معاشري 
                                ۾ انهن جو جائز مقام ڏيارينداسين.“ 
                                
                                اجلاس کي وفاقي وزير تعليم سيد خورشيد احمد شاهه به خطاب ڪيو ۽ 
                                جناب فخر زمان پنهنجي تفصيلي سپا سنامي ۾ ملڪي ادب 
                                ۽ اديبن جي مسئلن جي اپٽار ڪئي. ان موقعي تي صدر 
                                مملڪت اديبن ۽ دانشورن کي ايوارڊ ڏنا ۽ اڪيڊميءَ 
                                لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جي مالي امداد جو اعلان ڪيو. 
                                
                                ڪانفرنس جا باقاعده ادبي اجلاس ورندڙ ٻيئي ڏينهن جاري رهيا. 
                                پهرين نشست ”ادب ۽ جمهوريت“ جي پريزيڊيم ۾ ممتاز 
                                مفتي، احمد نديم قاسمي، شوڪت صديقي، عبدالله حسين، 
                                عبدالله جان جمالديني، قلندر مومند ۽ هاجره مسرور 
                                شامل هئا ۽ ان ۾ ظهير ڪاشميري، شمشيرالحيدري، 
                                ڊاڪٽر انوار احمد، سليم راز ۽ انور سجاد پنهنجا 
                                مقالا پڙهيا. 
                                
                                ”پاڪستاني ادب ۾ مزاحمتي روين“ بابت ٻي نشست جي پريزيڊيم ڪرار 
                                حسين، محمد ابراهيم جويي، قتيل شفائي، يوسف شاهين، 
                                احمد راهي، احمد فراز، الطاف فاطمه ۽ حميد اختر تي 
                                مشتمل هئي ۽ ان ۾ فهميده رياض، امر جليل، مرزا 
                                حامد بيگ، افضل توصيف، ڊاڪٽر محمد اعظم، عبدالله 
                                جان جمالديني، طائوس بانهالي، طاهر تونسوي، مختيار 
                                علي نير، سيد محمد عباس ڪاظمي، جيلاني ڪامران ۽ 
                                کتري عصمت علي پٽيل مقالا پڙهيا. 
                                
                                رسول بخش پليجي، ڄام ساقي، خيرالنساءِ جعفري، افضل حسين رنڌاوا، 
                                انتظار حسين، منير نيازي ۽ نادر قمبراڻي جي 
                                پريزيڊيم هيٺ ٽئين نشست جو عنوان هو: ”ادب ۽ 
                                ايڪويهين صدي“ ان ۾ عرش صديقي، فرخنده لوڌي، رضي 
                                عابدي، عزيز بگٽي، هاشم بابر، سحر انصاري ۽ فهميده 
                                حسين پنهنجا پيپر پڙهيا. 
                                
                                چوٿين نشست جي پريزيڊيم پروفيسر غلام مصطفيٰ شاهه، جسٽس خدا بخش 
                                مري، ظفر اقبال، زيتون بانو، آفتاب احمد خان، 
                                خالده حسين، جانباز جتوئي، جاويد شاهين ۽ مستنصر 
                                حسين تارڙ تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ ”پاڪستاني اديبن جي 
                                مسئلن“ تي بهادر خان، ڪشور ناهيد، منوڀائي، سوڀي 
                                گيانچنداڻي، لئيق بابري، ضمير نيازي، آءِ. اي. 
                                رحمان، مسعود مفتي ۽ حميد اختر پنهنجا مقالا 
                                پڙهيا. 
                                
                                آخري نشست جي پريزيڊيم سينيٽر حسين شاهه راشدي، احمد نديم 
                                قاسمي، ڊاڪٽر وزير آغا، محمد نواز طائر ۽ عبدالله 
                                جان جمالديني تي مشتمل هئي ۽ ان ۾ ٺهراءَ پيش ڪيا 
                                ويا ۽ انهن کي آخري صورت ڏيئي پاس ڪيو ويو.  |