| 
								 
                                آيتون 
                                
                                
                                شاهه جو رسالو: مرتب علامه قاضي 
                                
                                گَندُ جَنِ جيءَ گوڏِ ۾، پاٻوڙا پوشاڪَ، 
                                اُنهِين جي اوطاقَ، راجا رِيجِهي آئِيو. 
                                
                                شاهه عبداللطيف ڀٽائي 
                                
                                
                                شيخ اياز 
                                
                                
                                بيت 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيئين ڪوڏَ ٻُرن، 
                                
                                
                                جن ۾ سمنڊ سُرن، سُرلا ڪري سڏڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيئن اَسُرَ جَنڊ، 
                                
                                
                                پينهين سارو منڊ، ڏڏر ڏاري اُڀ جا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، مٽيءَ رک ماٿو، 
                                
                                
                                ڪڪر جئن ڪاٿو، ڪري اوچي اُڀ جو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٽم ٽم ڏيئا ڏِسُ، 
                                
                                
                                ڪيئن نه ڪڍي سِسُ، اوندهه سان اورن پيا! 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿي صبر سِکُ، 
                                
                                
                                سو ماڻهو مورکُ، جيڪو ڏک ڏسي ڏري. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، هو جو گهرو سمنڊُ، 
                                
                                
                                جنهن مان سارو منڊ، توکي گهوري ٿو ڏسي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُڏريا ابابيل، 
                                
                                
                                جن سان ساريءَ نيلَ، اوريو ٿي آڪاش جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جي خوشبو سان، 
                                
                                
                                اڄ ڀنڀرڪي کان، جڳ ويو آ واسجي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ساجهر توڙي سنَجههَ، 
                                
                                
                                جيڪو ڏسي ڏنجهه، ڏور ڪريئي ڏکڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڳوڙها ڀري پڇاندِ، 
                                
                                
                                جيڪو توسان راند، کينهونءَ جئن کيڏي پيو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ رات، 
                                
                                
                                ڏيئا ڏيئا ڏات، ٻَري هن جي ٻوجهه سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، متان ڪرين ننڊَ، 
                                هاڻ گُڙي گهنڊَ، توکي دور سڏين پيا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏيئي ٻري مهل، 
                                
                                
                                جي توڪائي ڪهل، آهي پنهنجو پاڻ تي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سنگِ، 
                                
                                
                                جنهن جي پيلي رنگِ، اوريو سج اُڀارَ سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، نڪتي آهي باکَ، 
                                
                                
                                اکيون، ڳاڙهي ڊاک، جاڳي جنهن لئه تو ڪيون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اَڀرا ڇڏ آپو،ـ 
                                
                                
                                جوڀن، ٻُڍاپو، انت انهيءَ مان ٿو اچي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ۽ ڏس سرجڻهارُ،ـ 
                                
                                
                                ڪئن ٿو اڪيچارُ، ٻَٻُر جنجهي ڦُلڙيون! 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪَنڊِين ڪامُن ڏسُ، 
                                
                                
                                جن ڏي اَڀو سِسُ، ڪري چرن ڇيلڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڳُٽڪن ٿا ڳيرا، 
                                
                                
                                سارا آکيرا، گونجن پيا گونج سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو بي پرواهه، 
                                
                                
                                جنهن لئه گدا شاهه، ڳالهه مڙيوئي هڪڙي،. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو تون ۽ مون، 
                                
                                
                                اندر ۾ اوتون، جنهن جون سڀ جي اُڃ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جي واٽ وڙائتي، 
                                
                                
                                جنهن ۾ ننڊ ڀوائتي، ڪڏهن ٿئي ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن اهو ڪيو ڪيئن، 
                                
                                
                                ڄايون ڄمونءَ جيئن، مايون گل گلاب جا! 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جڳ سڄو جُٺو، 
                                
                                
                                ٺڪر جو ٺوُٺو، آهي ماڻهوءَ جندڙي، 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، يڪو آهي غيب، 
                                
                                
                                ناهي جنهن ۾ عيب، جهاتي ڪنهن جي جيءَ جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، کَڻُ ٻاجهارا ٻُڪ، 
                                
                                
                                لهسي لوهَ نه لُڪ، ايڏيءَ ٻٻر ڇانو ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، هي سڀ جوڀن ڦوههَ، 
                                
                                
                                آهن ڪوڙا ٽوههَ، توڙي ڏاڙهونءَ ڏِک سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سنگِي ساٿِي گهرُ، 
                                
                                
                                ڀٽائيءَ وانگر، ڪيئي رمتا راهه ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪڏهن ڪمُ سواءِ، 
                                
                                
                                هو جو تنهنجي لاءِ، مُگرا، آڻي ماڪ جا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، مري موٽيو آنهه، 
                                
                                
                                تون جنهن جوٽيو آنههِ، ٻيهر هن سنسار سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جو انت نه آڻ، 
                                
                                
                                جيڪو پنهنجو پاڻ، خوشين جون کاريون ڏئي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، چَريا ڇَڏ چرَچن، 
                                
                                
                                متان هو سَرچن، سرلا ٻُڌي سڏڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، واري سڀ ويچارَ، 
                                
                                
                                ميان تنهنجي پارَ، هُو آ تَرهو تار ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڇڏي ڏاڍ ڏمرَ، 
                                
                                
                                جيئن پکين پَرَ، سَر تي اچن سانت ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ايڏا کنڀ نه کوهه، 
                                
                                
                                ماريندا ڪنهن موهه، توکي تنهنجا ڏاکڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏياٽي ٻاري، 
                                
                                
                                چنڊ جڏهن ساري، هُن کي اُڀرِي اُڀ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سُڻي سانجهيءَ ٻانگ، 
                                
                                
                                جيسين ساجُهرِ سانگَ، ٻانگو ٻيهارو ڪري. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جڏهن موت اچي، 
                                
                                
                                مصروفيت کي، تُنهنجي ڇهي ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جي چڱائي، 
                                
                                
                                توم اجائي، مايوسي ميٽي ڇڏي.، 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، پرهه نارنگي! 
                                
                                
                                ڪائي سارنگي، وڄي پيئي ساهه ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سورج مُکيءَ سانجههَ، 
                                
                                
                                جهوري پئي جهانجهه، جنهنجي هن سنسار کي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻاڙا ٻول نه چَوءُ، 
                                
                                
                                توکي ڪوئي بَوءُ، هُن سان ناهي ڀورڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏسي جوڀَن ڳارُ، 
                                
                                
                                وقت جيان لوهارُ، ناهي ڪوئي لوءِ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻُڏي ويا تارا، 
                                
                                
                                هِليون لامارا، ڏين ٿيون آڪاس ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اچي ٿي آنڌي، 
                                
                                
                                پرهه جا پانڌِي، ڪٿي ساهه نه پيرڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿي اسر ويرَ، 
                                
                                
                                ڪيڏا اُن ۾ ڍيرَ، آهن گل گلاب جا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪي چَوئي ليکُ، 
                                
                                
                                اُٿ اُنهيءَ مان سِکُ، پڙهي پڙهندين ڪيترو؟ 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، پکي پوءِ جاڳن، 
                                
                                
                                جئن تنهنجي راڳن، رخنو پوي ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو بيپرواهه، 
                                
                                
                                تو ۾ بُلهي شاهه، اُڀري آيو اوچتو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، پنهنجا ٻول چُڻِي، 
                                
                                
                                ڀنيءَ پاڻُ ڀُڻِي، تو آهي جو اورڻو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، مکڙيءَ کان مُنهن وٺ، 
                                
                                
                                پر اُن کان سُنهن وٺ، ڪنهن کي چوندي ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، دم تي نه ويساهه، 
                                
                                
                                ڪيڏو ڪيو پاههُ، آ تو پنهنجي پاڻ کي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿي آڌيءَ اور، 
                                
                                
                                اُن جو سڳو سورِ، مايوسي من مان ڪڍي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻُڌي اَسر اذانَ، 
                                
                                
                                جيڪا ڪڙڪڙ ڪانَ، انگر وئي اُڀ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو گهرو کوهه، 
                                
                                
                                جنهن جو اڃا ٽوههُ، ڪنهن به لڳايو ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن خلقي رابيلَ، 
                                
                                
                                جئن ڊوڙي ڪا ڊيل، تئن تنهن خوشبو هوا ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪڍي سارا کوٽَ، 
                                
                                
                                اُن جي توکي موٽَ، ڪُهه ڄاڻان ڪهڙي ملي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سچائيءَ جو سوچ، 
                                
                                
                                ميان مورُنه لوچ ڪوڙي ڪائي ڪچ کي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻيائيءَ کي ٻوڙ، 
                                
                                
                                تڏهن پنهنجي توڙ، پهچي ويندين پاڻ ئي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيئن گونچ ڦٽُن، 
                                
                                
                                تنهنجا ڏينهن کُٽن، سانوڻ جي ساواڻ جان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪا ربَ رضا، 
                                
                                
                                قدم دورِ قضا، جيڪو روڪائي ڇڏي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، نمي کمي ڏس، 
                                
                                
                                هي جو ماڻهوءَ سِسُ، ڏاڍو آ ڏمرائتو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، صبر پَلئه وٺ، 
                                
                                
                                هي جو هيڏو هٺ، سارو مٽيءَ مامرو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڌرتيءَ چمي ڏي، 
                                
                                
                                جيڪا سج لٿي، ايندي تنهنجي بکُ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڳچيءَ ڪر ڳارا، 
                                
                                
                                ماڻهو ويچارا، ڀَڄي پوندين ڪکَ جيئن. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان پکين کان اڳ ۾، 
                                
                                
                                تون تن جي دڳ ۾، ٻولي پنهنجي ٻولڙيون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪونجن ڪيو ڪُرلاءُ، 
                                
                                
                                سارو روهَه رُلاءُ، جاڳي اُٿيو جيءَ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، صدا ڪري ڏس، 
                                
                                
                                گدا ري ڏس، اُنهيءَ جي آڳنڌ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻي ڪنهن ڏانهن نه ڏِس، 
                                
                                
                                سندس ئي ساهِس هر ڪنهن لاءِ جهان ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿ رُسامو ڇڏ، 
                                
                                
                                چاچومامو ڇڏ، موت نه ڄاڻي مائٽيون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ريٽي هر ڪا روءِ، 
                                
                                
                                اُنهيءَ جي خوشبوءِ، واسي ويهه خيال ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڌنڌا ڌاڙيون ڇڏ، 
                                
                                
                                اُٿ آکيرو اَڏ، جتي جايون عرش جون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿي رمتا روح، 
                                
                                
                                اُٿي جيئن کوههَ، گِڙن پوئين پهر ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيسين آهه پساههُ، 
                                
                                
                                سڀ ڪجهه آهه اللهُ، ٻيا سڀ پاڇاوان اَٿي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان ، ماڻهو سڀ ڀَٽون، 
                                
                                
                                اُنهن اوري تون، متان وڃي ڏنگجي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيئين مور نچن، 
                                
                                
                                ٻَنا ٻوڙا اچن، تو وٽ سانوڻ مينهڙا. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪوسُ ڪري يا ڪيسُ، 
                                
                                
                                متان پنهنجو سيسُ، پيرن کان پري ڪرين. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو ڏيڻهار، 
                                
                                
                                ڏات سندو ڏاتار جيڪو سانوڻ مينهن جئن. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، وِٿي ڏيندو تو، 
                                
                                
                                تو اڌ ۾ ڳاتو، آهي پنهنجي گيت کي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، کُنڀيءَ وانگر کِڙُ، 
                                
                                
                                کِڙِي ائين مِڙُ، سڀ ڪجه سانڍي پاڻ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻيا سڀ لات منات، 
                                
                                
                                رڳو هن جي ذات، ٽڪر ٽيرا نه ٿئي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻيا سڀ لات حبل، 
                                
                                
                                چاهي جي ته جبل، جهوري وجهي جهَٽ ۾، 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻوليءَ ٻولَ نه ڳول، 
                                
                                
                                منهنجا ڍولَ، نه  ڳولِ، ٻاجهارو سڀ ڪجهه ٻڌي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اوٿي تند تنوارِ، 
                                
                                
                                پوئين پهر پڪارِ، ٿر بر وجهي ٿرٿلو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، گهڙيءَ گهڙيءَ کي گهورِ، 
                                
                                
                                ڪارونجهر جي ڪورِ، جيئين نچن مورڻيون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، تون تنهائيءَ ۾، 
                                
                                
                                لائي چائيءَ ۾، جيڪو تنهنجو واهرو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُن جهڙي ڪنهن سونهن، 
                                
                                
                                ورهين لاءِ ورونهنَ، اُن سان پل جي ساٿ جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪوئي اوراڻو، 
                                
                                
                                ڀُليءَ جو ڀاڻو متان تو ملي وڃي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اڃا وِٿي آهه، 
                                
                                
                                تو ڇو ڳِٿي آهه، جڳ جي جوٺي ڳالهڙي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُنهي ۾ ويساههُ، 
                                
                                
                                توڙي ٿئي پاههُ، ڍو نه ڪري ڍونڍ سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اوچو نه ڳالهاءِ، 
                                
                                
                                هئين سين هنڊاءِ، ڪنهن جي آن دربار ۾. 
                                
                                
                                •     اُٿي اور الله سان، جنهن جو منجهه آ سمجههُ، 
                                
                                
                                جنهن جو سارو ڏنجُهه، آهي پرک پڇاڻ لاءِ. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڏمر ڏاڍ، 
                                
                                
                                جيئين واڍي واڍَ، جيڪو گهڙي ڪاٺ مان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيئين ٻاٽي ٻَرَ، 
                                
                                
                                آيا ڪينجهر تگَرَ، اُڏري آسر وير جو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان،جيئن ڏيئي لاٽ، 
                                
                                
                                ٺاهي پنهنجي واٽ، اوري ٿي اونداهه سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جَڳُ منهنجا جاني، 
                                
                                
                                فاني آ فاني، اُڏري ويندو اوچتو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، آهين ٻه ٽي پلَ، 
                                
                                
                                ڪنهن کي ڪهڙي ڪل، جوٺي جيون جوڙَ جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڪهڙا ڏولاوا، 
                                
                                
                                شُڪر ڪَر ڄاوا،جو هُن توکي چونڊيو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، توبهه تائب ٿيءُ، 
                                
                                
                                ۽ پوءِ غائب ٿيءُ، هن ڌرتيءَ تان غيب ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، دنيا عقبيٰ ڇڏ، 
                                
                                
                                هٿين خالي لَڏ، هاڻِ ڀريءَ بازار مان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، سَرهِي ٿي ساواڻِ، 
                                
                                
                                اُٿي پيري ماڻِ، هن جي وڻ هيٺان وِهي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، هو جو گهاٽو بَڙُ، 
                                
                                
                                توڙي سندس وَڙُ، توتي تڙڪو نه ڪري. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اَٿي گلَ گناههَ، 
                                
                                
                                اُنهن سان الله، توکي آهي واسيو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جي تون گنهگار، 
                                
                                
                                هن جهڙو ڪو يار، ناهي ڪنهن کي ويجهڙو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، چنڊ جيئين چمڪي، 
                                
                                
                                اُنهيءَ سرهه تي، جيڪو رَسي چوٽ ٿي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ناهه ڳجهارت جو، 
                                
                                
                                ڪهڙي پارت تو، اُن اڳيان اوڏو ڪندي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُٿ نه گهارو وجهه، 
                                
                                
                                تيسين ڏارو وجهه، جيسين جنڊ هلي پيو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ وڻُ، 
                                
                                
                                وُٺُو آ سانوڻ، اجهو نڪتيون پُلڙيون. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏسي ڪنڊيءَ گل 
                                
                                
                                رنگ هلاچا هُل، ڪيڏا آهن سانت م. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏسي اَسر چَنڊ، 
                                
                                
                                ڄڻ هي سارو منڊ، تهجد منجهه تَري پيو. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏسي جهڙ گهاٽا، 
                                
                                
                                مَڌُ سوين ماٽا، سُرڪ انهيءَ جي ساهه ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، آئي اَسر اذان، 
                                
                                
                                چوڌاري انسان، آهن گهريءَ ننڊ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ٻيو فسق فجور، 
                                
                                
                                سينو ڪوههِ طور، آهي هن جي نانوَ سان. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ميان ڇڏ ماڻو، 
                                جنهن داڻو داڻو، لکيو آهه للاٽ ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، موت نه تنهنجي ماتِ، 
                                
                                
                                جنهن جي هر هڪ گهاتِ، ڄاڻي تنهنجي شاعري. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جنهن جا ڪيئي نانوَ، 
                                
                                
                                تنهنجي آويءَ ٿانوَ، جن جو پتو ڪينڪي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، جيڪو رڳو نيتِ، 
                                
                                
                                جنهن ۾ ڪابه ڪُريت، ناهي جوٺي جڳ جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، ڏس هي اُترڙو، 
                                
                                
                                آڪيڏو ڪَرڙو، پوياڙيءَءِ جي پهر ۾. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، کوٽا مايا مپ، 
                                
                                
                                ڪيڏي تن ۾ ڌپ، آهي اُگري ڪُڙ جي. 
                                
                                
                                •    اُٿي اور الله سان، اُن جئن ڪو ڏاتار، 
                                
                                
                                جيئين ڪو ڪاتار، سِٽون ڪَتي ننڊ ۾.  |