سيڪشن؛ رسالا

ڪتاب: سرتيون مارچ، اپريل 2012ع

مضمون--

صفحو :4

 مسز رشيده ڀٽي

محترمه نصرت ڀٽو

مارچ جي 23 تاريخ، هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا منهنجي ذاتي زندگيءَ جي ڪئلنڊر ۾ تمام گهڻي اهميت جي حامل آهي. ڪڏهن ڪڏهن انسان جي زندگيءَ ۾ ڪجهه لمحا ۽ وقت خود تاريخ بڻجي ذهن جي ڪلئنڊر تي هميشه لاءِ نقش ٿي ويندا آهن، ۽ پوءِ انهن تاريخن کي ڏسڻ لاءِ عام رواجي ڪئلنڊر ڏسڻ جي قطعاً ضرورت نه پوندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو  23 مارچ جيڪو منهنجيءَ ذاتي زندگيءَ ۾ ته تمام گهڻو اهميت جو حامل آهي (ڇو ته ان ڏينهن تي منهنجي شادي ٿي هئي)، ته ساڳي وقت پنهنجي پسنديده شخصيت ذوالفقار علي ڀٽي جي ديومالائي شخصيت رکندڙ گهرواريءَ، ۽ اسان سنڌين جو مان ۽ مرتبو وڌائيندڙ خاتون اول، ڪرد قبيلي سان تعلق رکندڙ اصفهاني ايرانڻ محترمه نصرت جي به ڄم (ولادت) جو ڏينهن آهي. بنيادي طور تي ڪجهه ماڻهن سان وابسته ڪجهه شخصيتون اهڙي نموني ذهن ۾ نقش ٺاهي وٺنديون آهن. جو ائين محسوس ٿيندو آهي ته  شايد اسان انهن کي آئيڊيل مڃي ورتو

قديم ثقافتي ۽ تهذيب، تمدن سان مالا مال ايران نه صرف اسان جو شاندار مسلم پاڙيسري ملڪ آهي پر گڏوگڏ زمانه قديم کان هڪ تاريخ ساز ملڪ پڻ رهيو آهي. پنهنجي شاندار روايتن سان گڏوگڏ، هڪ سهڻي سرزمين ۽ سهڻن ماڻهن جي پڻ سرزمين رهيو آهي،

هجي. قديم ثقافتي ۽ تهذيب، تمدن سان مالا مال ايران نه صرف اسان جو شاندار مسلم پاڙيسري ملڪ آهي پر گڏوگڏ زمانه قديم کان هڪ تاريخ ساز ملڪ پڻ رهيو آهي. پنهنجي شاندار روايتن سان گڏوگڏ، هڪ سهڻي سرزمين ۽ سهڻن ماڻهن جي پڻ سرزمين رهيو آهي، ان حوالي سان اسان ڏسون ٿا ته محترمه نصرت اصفهاني جيڪا 23 مارچ 1929ع تي ايران جي صوبي ڪُردستان ۾ ڄائي. هوءِ سرزمين ايران سان تعلق رکندڙ هڪ مالدار ايراني تجارتيءَ جي گهر پيدا ٿي. ۽ پوءِ سندس والد بزرگوار واپار ۽ تجارت جي سلسلي ۾ اچي سنڌ صوبي جي شهر ڪراچيءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اها ڳالهه هندوستان ۽ پاڪستان ٺهڻ کان اڳ جي آهي جڏهن برصغير سڄو هڪ هيو ۽ مذهب جي نالي تي ڌرتيءَ جو اڃان ورهاڱو نه ٿيو هيو. ان بعد سندن خاندان جي ملاقات جيڪا پوءِ دوستيءَ ۾ بدلي ۽ پوءِ ترت ئي سندن خانداني تعلقات ايترا وڌيا جو ٻنهي خاندانن پاڻ ۾ گڏجڻ جو ارادو ڪيو ۽ ذوالفقار علي ڀٽي جي ٻيءَ گهرواري طور، بيگم نصرت ايراني، بيگم ڀٽو بڻجي وئي. تنهن بعد جي تاريخ، تي جيڪڏهن نظر وجهنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته بيگم نصرت ڪيئن نه هڪ لافاني ڪردار ادا ڪيو ۽ پنهنجي سڄي ڪٽنب جي قرباني ڏيڻ کان پوءِ ڪيئن نه پنهنجي ديس جي مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ آخر تائين پيپلزپارٽي جي سربراهه طور پاڻ ملهايو. بيشڪ جنهن شاندار ملڪ جي مٽيءَ منجهان پيدا ٿي هئي ان جي تاريخي شناخت کي نباهيندي آخري دم تائين پنهنجي ٻچن سان گڏ رهي.

پنهنجي وَرَ ۽ ٻچن سان گڏ اهڙي خاتون جيڪا محض هڪ زال ۽ ماءُ هئي، تنهن وقت جي گردش ۾ اچڻ کان پوءِ هڪدم پنهنجي ذهانت ۽ صلاحيتن کان ڪم وٺندي، پنهنجي ور جي پارٽيءَ کي نه صرف هلايو ۽ تمام بهتر نموني سان مستحڪم پڻ ڪيو. اچانڪ زندگيءَ جي لاهن چاڙهن کي هڪ بهادر اڳواڻ جي بهادر زال بڻجي منهن ڏنو ۽ ڪارڪنن کي گڏ کڻي، پنهنجي سياسي سفر جو آغاز ڪيو. بي درديءَ سان شهيد ٿيندڙ سندس ور جي شهادت جي غم کي هن هميشه سيني ۾ سانڍي رکيو. ۽ قدم اڳتي وڌائيندي رهي. هن پنهنجيءَ مٽيءَ جو حق ادا ڪيو ۽ پنهنجي اولاد سان گڏوگڏ هوءَ  هن ملڪ جي ٻچي ٻچي جي ماءُ بڻجي وئي. پر شايد ان خوبصورت ۽ خوددار ۽ لوه جهڙي مضبوط ارادي جي مالڪ خاتون جي زندگيءَ ۾ اڃان ڪي آزمائشون لکيل هيون. هوءَ جيڪا سکن جي ته پليل هئي، تنهن جي مٿان وقت جا پهاڙ ڪري پيا هڪ ٻئي پٺيان سندس پٽ شاهنواز ۽ پوءِ مير مرتضيٰ کي شهيد ڪيو ويو. اسان ان ڏينهن کي ڪيئن وساري سگهنداسين جڏهن نوجواني ۾ ايڏي ڪنڌار پٽ کي ڪو شهيد ڪري، ماءُ جيڪا اڳ ۾ رنيپي جي چادر ويڙهي، پنهنجي موڀي پٽ جي آسري هلندي هجي، تنهن ماءُ جي جهولي ائين اچانڪ ڪو خالي ڪري ڇڏي ته اهڙي ڪهڙي ماءُ هوندي جيڪا حواسن تي ڪنٽرول ڪري سگهندي! چوندا آهن ته موت برحق آهي، اچي به وقت تي  ٿو، پر اهڙي دُکدائڪ موت تي جڏهن سڄي قوم روئيندي هجي ته پوءِ ان امڙ جي دل جي ڪهڙي حالت ٿي هوندي! اها ته ان ماءُ جي دل کي ئي خبر هوندي، جنهن پوءِ ڪڏهن به نه کليو نه مرڪيو ۽ نه ئي پنهنجي دردن منجهان آزاد ٿي سگهي. ان بهادر خاتون کي اهڙي چوٽ رسي جو وري ٺيڪ ٿيڻ جو امڪان بنهه مٽجي ويو ۽ نتيجو اهو نڪتو جو شهزادين جهڙي ڌيءَ جي شهادت تي کيس ڪا سرت ئي نه پئي. هوءَ ڪهڙي جهان ۾ رهي اها ته حقيقت رب کي معلوم پر پوءِ ان باحوصلا خاتون جنهن بحيثيت انسان ۽ هڪ خاتون جي جيڪي ڏک، صدما ۽ تڪليفون برداشت ڪيون ۽ بي انتها ظلمن کي منهن ڏنو. تنهن جي وفات پنهنجي ڏوهٽن جي هٿن ۾ سندن گهر دُبئي ۾ ٿي. اها تاريخ به هڪ اهڙي تاريخ آهي، جيڪا اتفاق سان منهنجي ذهن ۾ ڪنهن نقش وانگر چٽيل رهندي آهي، سا آهي 23 آڪٽوبر  ان ساڳيءَ تاريخ تي منهنجي گهرواري جي وفات پڻ ٿي هئي.

جنهن جو تعلق پڻ لاڙڪاڻي سان هيو ۽ ڀٽو خاندان جو بي انتها همدرد ۽ ساٿي رهيو هيو. سندس انسيت ۽ ذهني وابستگيءَ جو اهو حال هيو جو پنهنجي پهرين فرزند جو نالو شهيد ذوالفقار علي جي شهادت جي صرف 20 ڏينهن بعد جڏهن پٽ ڄائو ته سندس نالو به ذوالفقار علي رکيو ۽ پوءِ جڏهن نياڻي ڄائي ته پيار وچان ”پنڪي“ سڏيندو رهيو. جيڪا اڄ به اسان سڀني لاءِ پنڪي آهي.

محترمه نصرت ڀٽو، جنهن ايترا ڏک ۽ صدما ڏٺا، تنهن ڪڏهن به هتان جي ملڪ  ۽ مٽيءَ کي ڇڏي ٻي پاسي وڃڻ جو نه سوچيو ۽ پنهنجي ور جي شهادت بعد توڙي جو سندس موڀي پٽ به نه رهيو ته به هوءَ هن ملڪ ۽ مٽيءَ سان پيار ڪندي رهي. وقت فوقتاً آمرن سان مهاڏو اٽڪائيندي رهي، ۽ پنهنجي ور جي سياسي بصيرت جي آڌار تي پنهنجي عوام جي وچ ۾ رهي ڪري خاتون اول هجڻ جو وچن نباهيندي رهي. الله تعاليٰ کان دعا آهي ته شال جنت الفردوس ۾ جايون عطا ڪري (آمين ثم آمين).

ثمينه ميمڻ

جمهوريت جي ماءُ

 

هڪ اهڙو امر- اڏول بيمثال نه مٽجندڙ ڪردار جنهن پاڪستان ۾ جهموريت خاطر پنهنجي خاندان جي قرباني ڏيئي نئين تاريخ جو باب لکيو. محترم بيگم نصرت ڀٽو جو جنم ايران جي شهر اصفهان ۾ ٿيو. پر سندس خاندان پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ ڪراچي شهر ۾ آباد ٿيو.

محترم بيگم نصرت ڀٽو اٺين سيپٽمبر 1951ع تي محترم ذوالفقار علي ڀٽو شريڪ حيات بنجڻ کان پوءِ زندگيءَ جي هر ڏک سک جي گهڙيءَ ۾ گڏ رهي. ۽ هڪ دنيا جو مثال بنجي وئي. ۽ ايران شهر اصفهان ۾ پيدا ٿيندڙ نصرت اصفهاني جڏهن بيگم ڀٽو ٿي ته واقعي صرف ڀٽي خاندان لاءِ نه پر سڄي پاڪستان ۾ هن اهڙو مقام ٺاهيو جيڪو ڪنهن ڪنهن کي نصيب ٿيندو آ.

محترم ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن پاڪستان جو وزيراعظم بڻيو تڏهن محترم نصرت ڀٽو جو سياسي جدوجهد ۾ ڀٽو صاحب سان ساٿ هميشه رهيو. ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا سياسي دورا پڻ ڪيا. 1973ع کان 1977 تائين نصرت ڀٽو کي خاندان اول جي لقب سان پڻ نوازيو ويو.

جڏهن پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو بنياد پيو ته محترم نصرت ڀٽو پارٽيءَ ۾ عورتن جي شعبي جو بنياد وڌو ۽ پارٽي ۾ رڳو عورتن کي شامل نه ڪيو پر هنن کي پليٽ فارم تي گڏ ڪيو ۽ عورتن جي حقن لاءِ  شعور اُڀاريو. انهيءَ کان پهرئين عورتن لاءِ پاڪستان ۾ ڪٿي به اهڙو ڪو پليٽ فارم نه هئو. ۽ جڏهن پاڪستان پيپليز پارٽي کي پهريون دفعو اقتدار مليو ته بيگم نصرت ڀٽو حڪومتي سطح تي عورتن جي ڀلائيءَ لاءِ ڪم ڪيو ۽ انهن جي تعليم ۽ ترتيب جي ضرورت کي پڻ نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا صرف عورتن لاءِ قائم ڪرايا.

هن عظيم عورت جو ساٿ پنهنجي شريڪ حيات سان انهيءَ دؤر ۾ به هئو جڏهن ضياء الحق، محترم ذوالفقار علي ڀٽو کي ڦاسي ڏيئي جهموريت جو خاتمو ڪرڻ چاهيو. تڏهن به هنن زندگيءَ لاءِ رحم جي اپيل ڪرڻ مناسب نه سمجهي.

هوءَ نهايت سلجهيل باوقار ۽ تعليم يافته عورت هئي، هن جي هنج ۾ ٻارن ۾ پهرئين نمبر تي محترم بينظير ڀٽو جي تربيت ٿي. هنن جا سڀ ٻار ذهين پر اعتماد بهادر هئا. جو هنن جي گهراڻي هر دور ۾ آمرن سان مقابلو ڪيو.

ڀٽو صاحب جي شهادت کان پوءِ بيگم ڀٽو ۽ محترم بيظير ڀٽو کي نظر بند ڪيو ويو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو آخري ديدار به نه ڪرايو ويو، پر پوءِ به هُن همت نه هاري ۽ پنهنجي عوام سان گڏ رهي ۽ هُن اِهو ئي فيصلو ڪيو ته هوءَ عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي. هُن هڪ اهڙي ڏکئي رستي جي چونڊ ڪئي، جتي صرف زندگي جو نذرانو ڏيئي سگهجي پيو نه ڪي سر جهڪائڻو هئو. پاڻ جهموريت جي بحاليءَ لاءِ وڏي جدوجهد ڪئي ۽ قومي اسيمبلي جي پارلياماني ميمبر چونڊجڻ لاءِ لاڙڪاڻي واري علاقائي تڪ تان اليڪشن ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي شريڪ حيات جي ڇڏيل مِشن کي پورو ڪرڻ لاءِ اڃان به اڳيان حوصلي سان وڌندي رهي. پر ظالمن هُن جي مشن کي ناڪام ڪرڻ لاءِ هن جي جوان ڀٽن مير شاهنواز کي شهيد ڪيو. ۽ 1996ع ۾ جڏهن پاڪستان جي چونڊيل وزير اعظم محترم بينظير ڀٽو هئي تڏهن ڪراچيءَ شهر ۾ محترم مير مرتضيٰ ڀٽو کي شهيد ڪيو ويو ۽ اهو صدمو محترم بيگم نصرت ڀٽو لاءِ وڏو گهاءُ هئو. ان کان پوءِ مسلسل بيمار رهڻ سبب اهو گهاءُ ڪينسر جو سبب بڻيو ۽ زندهه لاش بڻجي هن سور کي اندر ۾ سهندي رهي ۽ جڏهن 2007ع ۾ سندس پياري ڌيءَ محترم بينظير ڀٽو کي راولپنڊي ۾ شهيد ڪيو ويو ته هِن جي روح اهو صدمو ضرور محسوس ڪيو هوندو. ۽ آخر صدما سهندي سهندي 23 آڪٽوبر 2011 تي دبئي ۾ محترم بيگم نصرت ڀٽو هن فاني جهان کي الوداع ڪيو. ۽ جمهوريت خاطر هڪ عظيم باب ڳڙهي خدا بخش ۾ هميشه لاءِ دفن ٿي ويو.

 روزينه جوڻيجو

محترمه نصرت ڀٽو:

هڪ ماءُ، هڪ اڳواڻ

 

نصرت ڀٽو تي ڪيترائي مضمون ۽ خاڪا لکيا ويا آهن. ڪيترين ئي اخبارن ۾ خاص ايڊيشن ڪڍيا ويا آهن. انهن سڀني ايڊيشنس ۽ خاص صفحن ۽ مئگزينن جي نمبرن ۾ هن جي سياسي ڪردار ايم. آر. ڊي تحريڪ ۾ ادا ڪيل ڪردار کي واکاڻيو ويو آهي، جنهن ۾ ڪوبه شريڪ ناهي. بلڪ ائين چئجي ته جنرل ضيا جي خلاف اڻ ٿڪ جدوجهد جي اتساهه جو سبب بيگم نصرت ڀٽو هئي. ٻين لفظن ۾ ائين چوان ته هن جي گوناگون شخصيت جو اهو هڪ رخ هيو. پر ان کان سواءِ هن جا ٻيا به ڪيترائي روپ ۽ ڪردار هئا ۽ هن اهي سڀ ڪردار ۽ فرض ڏاڍي جوابداريءَ ۽ ذميواريءَ سان توڙ کان وٺي مرتضيٰ ڀٽو جي قتل تائين نڀايا. باقي بينظير ڀٽي جي قتل جي شايد بيگم ڀٽو کي خبر ئي نه هئي.

بيگم ڀٽو جو جنم 23 مارچ 1929ع تي ايران جي شهر اصفهان ۾ ٿيو. سندس والد وڏو واپاري هو. جيڪو اڪثر ممبئي کان ڪراچيءَ ايندو رهندو هو. نيٺ آخر پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ مستقل طور پاڪستان ۾ آباد ٿيا. بيگم نصرت جي ذوالفقار علي ڀٽي جي خاندان سان ممبئي کان وٺي واقفيت هئي. پر بيگم نصرت اسٽينلي رولپورٽ کي ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس ملاقات بابت هن ريت ٻڌايو آهي ته: ذوالفقار علي ڀٽو جي ڀيڻ مانا جي شادي هئي. شادي  ۾ زيور پائڻ لاءِ جڏهن بئنڪ مان زيور ڪڍرائڻ ويس ته اتي مانا جي ماءُ به هئي جيڪا به بئنڪ مان زيور ڪڍرائڻ آئي هئي. تنهن مون کي ڏسي چيو ته نصرت ڪيئن آهين ۽ هڪ نوجوان پٽ کي اشارو ڪندي چيائين ته هيءَ نصرت آهي مونا جي ساهيڙي. ۽ وري مون کي چيائين ته هيءُ منهنجو پٽ ذلفي آهي. تازو ٻاهران آيو آهي.“

اها ذلفي ڀٽي ۽ نصرت جي پهرين ملاقات هئي. اهڙين مختلف ملاقاتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي نصرت کي شاديءَ جي آڇ ڪئي، جيڪا نصرت ڀوڳ سمجهي ٽاري ڇڏي هئي، ڇو ته نصرت کي اندازو هو ته هي سڀ واعدا اقرار آمريڪا وڃي وساري ڇڏيندو پر ائين ڪونه ٿيو ذوالقفار علي پنهنجو واعدو  نه وساريو ۽ واپس اچي نصرت ڀٽو سان شادي ڪيائين. نصرت ۽ ذوالفقار علي جي شاديءَ جي پيرائتي ڪهاڻي الاهي بخش سومري جي حوالي سان، ”ذلفي ڀٽو آن پاڪستان“ ۾ ڄاڻايل آهي ته انهيءَ شاديءَ بابت ننڍڙيون پر ان جي حالتن ۽ ماحول ڏانهن نشاندهي ڪندڙ ڪيتريون ڳالهيون ملن ٿيون. پر اهي ننڍڙيون ننڍيون ڏکيائون آڪسفورڊ ۾ ختم نه ٿيون ڇو ته نصرت کي هوٽل ۾ رهڻو پوندو هو ۽ ڀٽي کي هاسٽل ۾ رهڻو پوندو هو، ياد رهي ته ڀٽي صاحب جي والد لاءِ نصرت، ڪجهه گهڻو ماڊرن خاتون هئي. هن جي ذهن ۾ جيڪڏهن ڪا ٻي ڪنوار هئي ته به اها اهڙي اعليٰ سوسائٽي واري ڪانه هئي. بهرحال نصرت ڀٽو جو اهو دور انتهائي بهترين ۽ روحاني آسودگيءَ وارو دور هو خاص ڪري ڀٽي صاحب جي وزير خارجه کان وٺي دور حڪومت تائين. انهيءَ سڄي عرصي ۾ هوءَ ڀٽي صاحب سان گڏ رهي پر جيڪڏهن ائين چئجي ته نصرت جي مڪمل شخصيت ۾ نکار ۽ عروج جو زمانو ڀٽي صاحب جو وزير خارجه هجڻ کان وزير اعظم تائين آهي.

جڏهن هوءَ ڀٽي صاحب سان هر غير ملڪي دوري ۾ گڏ هوندي هئي. بيگم نصرت ڀٽو کي 1973ع کان  خاتون اول جو لقب به مليو. جڏهن جنرل ضيا جمهوري حڪومت تي راتاهو هنيو  ته هن جو هڪ اڳواڻ وارو روپ به سامهون آيو. انهيءَ عرصي ۾ ۽ ان کان اڳ هن پنهنجي ور ذوالفقار علي ڀٽو سان ڪيترائي ڀيرا پرڏيهي دورا ڪيا ۽ ڪيترن ئي غير ملڪي سربراهن سان ملاقاتون ڪيائين. پر هن جي زندگي ۾ ڏکي گهڙي ان وقت آئي جڏهن جنرل ضياالحق جمهوريت تي راتاهو هڻي، هڪ چونڊيل حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. اهو دور، جڏهن هر طرف ظلم ۽ بربريت جو دور هو ۽ ڪير به مارشل لا جي خلاف ٻڙڪ به ٻاهر ڪڍڻ لاءِ تيار نه هو. ان وقت هن خاتون نه رڳو پنهنجي پارٽيءَ جي اڳواڻي ڪئي پر سڀني سياسي قوتن کي متحد رکڻ جي ڪوشش پڻ ڪيائين. اهڙيءَ طرح هن ايم. آر.ڊي کي جوڙڻ ۽ متحد رکڻ ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو. انهيءَ زماني ۾ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ جڏهن مٿس لاٺي چارج ڪيو ويو. هو ته هوء زخمي ٿي پئي هئي ۽ ان وقت جي امن اخبار سندس ڪراچيءَ ڏانهن اسهڻ جي خبر سان گڏ هي شعر ڏنو هو: ”مين اسلام آباد ڪي ڪوفي سي سندهه مدينه آئي هون.“ پر واقعي سنڌ هن ۽ هن جي خاندان لاءِ خود سندس پارٽيءَ لاءِ مدينو رهي، پر ان عرصي ۾ هوءَ رڳو بينظير ڀٽو سان گڏ رهي پر هڪ ماءُ طور ڪيترائي سور ۽ تڪليفون برداشت ڪيائين. اها حقيقت آهي ته هن جي زندگيءَ ۾ درد جي ڪٿا ته سندس ورجي ڦاسيءَ تي چڙهڻ کان شروع ٿي ۽ ٻيو ڌڪ هن کي ان وقت لڳو جڏهن سندس سڀ کان ننڍي ۽ نوجوان پٽ شاهنواز کي پئرس ۾ زهر ڏئي ماريو ويو. انهيءَ واقعي جو ذڪر فاطمه ڀٽو پنهنجي پيءُ تي لکيل ڪتاب ”بلڊ ۽ سورڊ“ ۾ ڏاڍي ڌکدائڪ انداز ۾ ڪيو آهي ته ڪيئن ٻنهي ڀائرن جي ڪٽنب انهيءَ واقعي کان اڳ گڏ گذاريو هو ۽ پوءِ کل خوشيءَ سان هڪٻئي کان موڪلايو هئائون هيءُ ڌڪ ته هوءَ مير مرتضيٰ جي سهاري برداشت ڪري وئي پر، جڏهن بينظير جي حڪومت ۾ ستر ڪلفٽن جي اڳيان، مرتضيٰ ڀٽو کي قتل ڪيو ويو. ان ڏينهن کان نصرت ڀٽو نصرت نه رهي، هوءَ هڪ چرندڙ ڀرندڙ لاش هئي، بس هن جي زندگيءَ ۾ ٿوري خوشي ته ضرور آئي پر پوءِ درد جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي جيڪو جاري رهيو اها ڪٿا بينظير جي قتل تي ختم ٿي.

منهنجي خيال ۾ دنيا ۾ نه ته به برصغير جي سياست ۾ هيءُ واحد خاندان آهي، جنهن وفاق لاءِ ايتريون قربانيون ڏنيون آهن. پر پوءِ به سازشي عناصر ۽ دقيانوس ۽ عسڪري قوتون ڪنهن به طرح سندن پارٽيءَ کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهن ڇو ته ٻين سڀني پارٽين جي ڀيٽ ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جو ڪلچر عوامي آهي. ان ڪري هر ڏينهن هن پارٽيءَ خلاف سازشون ٿي رهيون آهن. ٻئي طرف هيءَ پارٽي پنهنجي ذاتي ۽ گروهي مفادن سبب نه رڳو پنهنجو عوامي ڪردار ۽ پاپولر ڪلچر وڃائي رهي آهي. جيڪڏهن اها صورتحال جاري رهي ته اڳتي هلي هيءَ پارٽي به ائين گهوڙين تي چرندڙ بنجي ويندي پوءِ مستقل مفاد تي نظر رکندڙ هنن کي پنهنجي مرضيءَ سان هلائيندا، انڪري تمام ضروري آهي ته عوام طرف رجوع ڪيو وڃي جيڪڏهن ائين نه ڪيو ويو ته پوءِ شايد ڳڙهي خدا بخش جي شهيدن جي روح کي ابدي آرام نه اچي سگهي، بهرحال، پارٽي ڀلي پنهنجي افعالن جي ڪري پنهنجو قد ڪاٺ وڃائي ويهي پر اها حقيقت آهي ته ڀٽو خاندان لاءِ عوام جو پيار ڪڏهن به ختم نه ٿيندو .

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com