سوات هوٽل
19 _ آگسٽ، 1961ع
ادا،
اڄ صبح جو چئين بجي جاڳ ٿي. مون ڪمري جو در کولي، اونهون ساهه
کنيو. سامهون ديسي چلغوزي، ڏاڙهونءَ، ناسپاتيءَ ۽
لڪاٽ جا وڻ هئا، جن جي تازگي هوا ۾ ڦهليل هئي. مون
پنهنجي منهن، ٻانهن ۽ ڇاتيءَ تي هٿ ڦيري، يقين ڪيو
ته مان آهيان. توکي اهو پڙهي تعجب ايندو ته مون
ڪيئي دفعا محسوس ڪيو آهي ته مان ناهيان. ان وقت
ساري سنسار مان ڪنهن سڏ جو پڙاڏو ايندو آهي ته
ڪجهه به نه آهي، ڪجهه به نه آهي، ۽ مان جسم تي هٿ
ڦيري يقين ڪندو آهيان ته مان آهيان. ڇا ان جو ڪوئي
نفسياتي سبب آهي يا اهو ڪوئي مابعدالطبيعاتي (metaphysical)
احساس آهي؟ اهو تصوف جو تخيل به نه آهي، ڇو ته
منهنجو ڪنهن ”همه اوست“ يا ”همه ازاوست“ ۾ اعتبار
نه آهي، ۽ نه انهيءَ نفيءَ جي احساس ۾ ڪنهن به
اثبات جي گنجائش هوندي آهي.
مون ڪمري ۾ وڃي، ميران کي ڌونڌاڙي، اٿاريو _
”ميران!“
”هون“
”ميران! مون سمجهيو ته تون مري وئي آهين.“
”تون جيئرو آهين نه؟“
”ها“
ته پوءِ مان ضرور جيئري هونديس.“
”ضرور ڇو؟“
”ڇو! ته جي مان مري وڃان ها ته تون جيئرو ڪيئن رهين ها!“ هوءَ
هٿن سان اکيون مهٽيندي اٿي ۽ گهڙيءَ ۾ وقت ڏسي
چيائين _
”سوا چار! پنجين بجي مرغزار هلڻو آهي.“
ساڍي پنجين بجي اسان ٽئڪسيءَ ۾ مرغزار پهتاسين، جو سيدو شريف
کان نوَ ميل پري آهي. چوڌاري سرسبز پهاڙ هئا، جن
جي وچ ۾ واليءَ جو سنگمرمر جو سفيد محل هو. محل جي
ٻاهران محافظ بيٺا هئا، جن کي مليشيا جي شلوار،
قميص ۽ ڳاڙهي ٽوپي پيئي هئي، جنهن ۾ مرغ زرين جا
کنڀ لڳل هئا. مرغ زرين هتان جو پهاڙي پرندو آهي،
جنهن کي مقامي ماڻهو پشتو ۾ ”ليٽ“ چوندا آهن. محل
وٽان ڏاڪڻ تي چڙهي، سنگ مرمر جي ٿلهي تي پهتاسين،
جتي سنگ مرمر جون ڪرسيون ۽ ميزون رکيون هيون. اسان
اتي ويهي چاءِ پيتي. ڪجهه وقت کان پوءِ سج، ڪرڻن
جو ڪمند پهاڙ جي چوٽيءَ تي اڇليو ۽ هوريان هوريان
مٿي چڙهيو. چوڌاري بٽنگ، ڪاري انجير ۽ سيب جا درخت
هئا. مون اٿي لڱ ٿي ساهيا، ته سامهون هڪ سيب پهاڙي
چشمي ۾ لڙهندو نظر آيو. مون کي في البديهه شاعري
نه وڻندي آهي؛ شاعر جو هر مشاهدو هن جي تحت الشعور
۾ وڃي آرامي ٿيندو آهي، جتي تيل ڦليل ڪري، ويس
مٽائي، ٻوليءَ جي چوٻاري ۾ ايندو آهي، جتي تازو ۽
نؤبنو لڳندو آهي. پر ڪنهن ڪنهن وقت ڪوئي في
البديهه شعر شاعريءَ جي روح ۾ ائين اڀرندو آهي
جيئن ڪائي ننگي وينگس، تلاءِ ۾ وهنجي، اوچتو ٻاهر
نڪري ۽ وارن کي ڇنڊڪو ڏيئي، پنهنجو بدن پاڻيءَ جي
آرسيءَ ۾ ڏسي. سيب کي چشمي ۾ لڙهندو ڏسي، مون
هيٺيون شعر چيو:
سلسلهء ڪوه ۾ چشمهء آبِ روان
سيب جي وڻ مان مٿان
سيب ڪري ناگهان
آيو ٿي لڙهندو پريان، ٿو وڃي لڙهندو اڃان
ڪيستائين، ڪئن چوان!
هن نظم جو محرڪ ته اهو منظر هو جو مون ان وقت ڏٺو، پر اڃا مون
اهو نظم مڪمل مس ڪيو، ته ساڳئي بحر ۾ هيٺيون نظم
سجهي آيو:
هـــيءَ شــفـــق آلــــود شام سلسلهء ڪوهسار
خامشيء برگ وبار
اوچتو ڪنهن جاندار
سلسلهء ڪوه مان، جو ڪئي چيخ و پڪار
آئـــي صــــــدا آرپار!
اهو ظاهر آهي ته پوئين نظم جو تخيل، ۽ محاڪات مختلف آهن ۽ انهن
جو محرڪ ٻيو ڪوئي منظر آهي، جو خود مون کي به ياد
نه آهي. شايد فنڪار جو روح تحت الشعور جي کاڻ
کوٽِيندو رهي ٿو ۽ اوچتو ڪوئي هيرو لهي، هن جي
شعور کي پيش ڪري ٿو. مون ڇرڪ ڀري ڏٺو ته پٺيان
ميران بيٺي هئي.
”تو انهيءَ سيب کي ٿي ڏٺو؟“
”هون!“
”انهيءَ پروس پانڌيئڙي کي؟“
”تون ڪڏهن کان اتي بيٺي آهين؟“
”تون اها ازل ابد جي پرولي ڇو ٿو سمجهڻ چاهين؟“
”مان پڇان ٿو ته تون اتي ڪڏهن کان بيٺي آهين؟“
”تون خود چوندو آهين ته اها پرولي نه ڪنهن سلي آهي، ۽ نه ئي ڪو
سلي سهگندو؟“
”ميران! مان ماديت جي فلسفي کان مطمئن نه آهيان.“
”پوءِ ڪوئي مذهب اختيار ڪر. ٻيو نه، ته تنهنجي من جي پيڙا ته
ختم ٿي ويندي.“
”اهو ماديت جي فلسفي کان زياده بي معنيٰ آهي. مون دنيا جي هر
مذهب جو ڪجهه نه ڪجهه مطالعو ڪيو آهي. نه ميران،
انڌو يقين مون لاءِ نه آهي،“
”تون مڃ نه مڃ، توکي خدا جي تلاش آهي.“
”شايد، پر انهيءَ خدا جي نه جنهن ۾ هر ڪنهن جو اعتبار آهي.“
ايتري ۾ ڊرائيور ڪجهه ڪارا انجير ۽ سيب کڻي آيو ۽ اسين اهي
کائيندا، ڏاڪڻ تان هيٺ لٿاسين. هيٺ هڪ چنار جو
گهاٽو پراڻو وڻ هو. جنهن جي ڇانوَ ۾ ڪوئي پيرسن
رندي سان ڪارو ڪاٺ ڇلي رهيو هو. هو اسان کي ڏسي
اٿي بيٺو ۽ ڊرائيور کي مون ڏانهن اشارو ڪندي پشتو
۾ چيائين. ”انهيءَ ڊاڪٽر ٽئڪسلا ۾ منهنجي اکين جي
آپريشن ڪئي هئي.“ جڏهن ڊرائيور اسان کي ان جو
اردوءَ ۾ ترجمو ٻڌايو ته ميران ٽهڪ ڏيئي چيو، ”واه
جو ڊاڪٽر تنهنجي آپريشن ڪئي آهي. جتي ڪٿي هن کي ٿو
ڏسين!“
پيرسن جو نالو ”سيب زرگل“ (سونهري گلن وارو صوف) هو ۽ هن ساري
عمر واليءَ جي ملازمت ۾ ڪاٺ ڇليندي ۽ گهڙيندي
گذاري هئي. ان وقت هو ستر ۽ اسيءَ جي وچ تي هو.
مون هن کي هٿ ڏنو ۽ پوءِ هن جي تريءَ کي، جنهن تي
پورهئي سبب ڇوڏا ڄمي ويا هئا، ڪجهه وقت پنهنجي هٿ
۾ جهلي، هن جي چهري کي چتائي ڏٺو. مون محسوس ڪيو
ته هو انهيءَ چنار جي وڻ جو ڀاءُ هو، ٻنهي ۾ ساڳي
هستي نسري اُسري، ڦلي ڦولي هئي ۽ هاڻي ٻيئي انهيءَ
طوفان جا منتظر هئا، جو هنن کي ڪيرائي، هميشه لاءِ
لٽي ڇڏيندو. مون سيب زرگل ڏانهن چتائي ڏسي، من ۾
چيو، ”سيب زرگل“ پٺ تي موٽ!“ مون ڏٺو ته هن جا
ڳاڙها وار ڪارا ٿيندا ويا ۽ هن جي ڏاڙهي ننڍي
ٿيندي ويئي ۽ نيٺ هن جي کاڏيءَ ۾ پيهي ويئي. هو
خوبصورت جوان نظر آيو، جو آهستي آهستي ننڍو ٿيندو
ويو ۽ ڪنهن سواتي سگهڙ جي گود ۾ ڪڏڪيون ڏيندو نظر
آيو. هو واقعي صوف جهڙو ٿي لڳو. مون هن کي کڻي صوف
جي ٽاريءَ ۾ اٽڪايو، جتي هو ننڍو ٿيندو ويو ۽ آخر
ٽاريءَ ۾ جذب ٿي ويو. پوءِ ٽاريءَ ۾ هڪ سونهري گل
ڦٽو ۽ هوا ۾ هٻڪار ڏيڻ لڳو. نه معلوم هستيءَ ۽
نيستيءَ ۾ ڪوئي فاصلو آهي به يا نه! اوچتو منهنجي
ڌيان ۾ ريل جا ڦيٿا ڦريا ۽ مون ڏٺو ته ميران سان
پنڊيءَ کان پشاور وڃي رهيو هوس. ميران سامهون ويٺي
هئي ۽ چاقوءَ سان صوف وڍي رهي هئي. مون به ميران
کان هڪ صوف وٺي چاقوءَ سان وڍيو. صوف جي وچ ۾ ننڍن
ڪيڙن جي وستي هئي. ۽ چار پنج سفيد ڪيڙا پنهنجيءَ
ننڍڙِيءَ ڪائنات ۾ ڦري گهري رهيا هئا. اوچتو ميران
منهنجو ڌيان ڇڪائي چيو، ”سامهون ته ڏس! پريان اٽڪ
جي پهاڙن تي رڍون سفيد ڪيڙن وانگر چري پري رهيون
آهن.“ مان تيستائين انهن ڏانهن گهوريندو رهيس
جيستائين هو نظر کان غائب ٿي ويون. مون ان وقت هٿ
وڌائي، زندگيءَ جي خواب کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪئي؛ هو
هميشه هڪ وڏي گرڙ پک وانگر لڳندو هو ۽ منهنجي هٿ
کي ويجهو ايندو ڏسي، ان کي پنهنجيءَ تيز چهنب سان
ڇلي وجهندو هو، پر اڄ هو هڪ ننڍڙي پکيئڙي وانگر
منهنجيءَ مٺ ۾ اچي ويو. مون ان جي کنڀن جي نرمي ۽
نفاست محسوس ڪئي ۽ پوءِ مٺ کولي ڏٺي ته ڪجهه به
نظر نه آيو. مون محسوس ڪيو ته هن زندگيءَ کي ڪائي
حقيقت نه آهي، صوف ۾ ڪيڙي کان وٺي پهاڙ تي رڍ
تائين، هر شيءِ بي حقيقت آهي، هر شيءِ موتيءَ، ڪچ
ڪوڏيءَ، واريءَ وانگر ڪنهن ازلي ڪارونڀار ۾ لڙهندي
غائب ٿي وڃي ٿي؛ هن ريل جو تحرڪ به ايترو ئي بي
حقيقت آهي جيترو منهنجو ۽ ميران جو وجود. مون
محسوس ڪيو ته ڏک ۽ سک، لاهيون ۽ چاڙهيون، چڱايون
برايون سڀ بي حقيقت آهن، آخر ڪائي شي نٿي رهي،
شايد ڪائي شيءِ آهي ئي نه... فقط هڪ بي انت، اٿاهه
اوندهه لهريون هڻي رهي آهي، جنهن ۾ ڪٿي ڪٿي
روشنيءَ جون ننڍڙيون ڊونڊيون لڏي لمي، ٻڏي وڃن
ٿيون. مون ڇوليءَ مان اڀري ميران ڏانهن ڏٺو؛ هوءَ
اڃا صوف ڇلي رهي هئي.
”ميران! تون ڪير آهين؟“ مون هن کي گهوري چيو.
”ميران تون مون کي بلڪل اجنبي ٿي لڳين؛ ڄڻ ته تون مان اڳ ڪڏهن
به نه مليا آهيون، ڄڻ ته تون مان انهيءَ ڀيانڪ
ڪارونڀار ۾ لڙهندڙ ٻه ڪک آهيون ۽ ڇولين تي ڇلندا،
اتفاق سان مليا آهيون! تون ڪير آهين، ميران!“
”پهرين تون ٻڌاءِ ته تون ڪير آهين؟“
”مان! ميران، جي انهيءَ سوال جو جواب مون کي اچي ها، ته منهنجي
روح ۾ ايتري بيچيني نه هجي ها! مون کي ڪائي خبر نه
آهي ته مان ڇا آهيان!“
”ٻارهن لڳا آهن، موٽي هلون.“ ميران جي آواز مون کي ڌيان جي
ڇوليءَ مان ڇڪي، ڪنڌيءَ تي آندو. ٽئڪسيءَ ۾ واپس
موٽياسين، ته رستي تي جهڙ ڇانئجي ويو. گوڙ گاج،
واچوڙو وڏ ڦڙو. هوا ۾ ناسپاتيءَ ۽ صوف جا وڻ بار
بار جهڪي سڌا ٿي ٿيا ۽ انهن جي پنن، ٽارين ۽ ٿڙ
تان مينهن جون ڦڙيون ڪري رهيون هيون. ائين ٿي لڳو
ڄڻ ڪيئي گوپيون جمنا مان لوٽا ڀري، وهنجي رهيون
هيون.
”ميران،“ مون چيو، ”ڪرشن به دنيا جو رنگين ترين پيغمبر هو _
جمنا جو ڪنارو، بنسري، گوپيون، کيتر، يڌ، رٿون،
ٻاڻُ ڪرم _ گيان، گينا.“
”ها پر ايتريون گوپيون!“
”هن جو انهن سان فقط آتمڪ سٻنڌ هو.“
”هوندو، پر توکي آتما فقط ان وقت ڇو ٿي ياد اچي، جڏهن گوپين جي
ڳالهه ٿي نڪري؟“
”گوپيءَ جو پريم ئي ته پرش ۾ آتما جو انڀوء اتپن ڪندو آهي.“
”ڪيئن؟“
”هو سوچيندو آهي ته هيءَ تن من جي اڪير فقط اتفاقي نه آهي، اسين
اڳي به ڪٿي مليا آهيون، آتمائون امر آهن جي جوڻ
جوڻ ۾ ڦري، هڪٻئي جو پيڇو ڪن ٿيون.“
”مون نه سمجهيو.“
”هندو مت موجب انسان جي اکين ۾ جنم جنم جو زنجير آهي؛ جڏهن هو
اوچتو ملن ٿا، ته اکيون انهيءَ زنجير ۾ جڪڙجي وڃڻ
ٿيون.“
”هندي فلسفو به ڪوريئڙي جو ڄار آهي، جنهن مان ڳجهه نڪري وڃي مک
ڦاسي پوي.“
”نه ميران، وڏو پنجوڙ آهي، ان ۾ شينهن به قابو ٿي ويندا آهن.“
”سڀ ڪجهه مايا!“
”فقط مايا نه، ڪرم _ يوگ ۽ مايا.“
”ٻنهي ۾ تضاد نه آهي؟“
اسان بحث ڪندا، اچي سوات هوٽل تي پهتاسين. منجهند جي ماني کائي،
ساڳيءَ ٽئڪسيءَ ۾ مدين آياسين، جو سيدو شريف کان
اٽڪل پنجٽيهه ميلن جي مفاصلي تي آهي. شهر کان اٽڪل
اڌ ميل جي مفاصلي تي، سوات نديءَ جي ڪناري تي مدين
هوٽل آهي. اسان هوٽل جي منتظم وٽ سامان رکي، هوٽل
جي بيٺڪ ۾ آياسين، جنهن جي ڀرسان صاف شفاف پهاڙي
ندي وهي رهي هئي. چوڌاري پهاڙ هئا، جن جي تري وٽ
مڪئيءَ جي پوک هئي. ڪٿي ڪٿي پيليءَ مٽيءَ جون
جهوپڙيون هيون جن جي ڀرسان رڍون چري رهين هيون.
منجهند جي ماني کائي، ساڳيءَ ڪار ۾ بحرين وياسين.
رستي تي مانڙڪيال پهاڙ جي چوٽي نظر آئي، جنهن تي
اڃاتائين ڀرف ڇانيل آهي. رستو سوات نديءَ جي ڪناري
سان نانگ وڪڙ کائيندو ٿي ويو. ڊرائيور بحرين وٽ
ڪار روڪي. اتي ڪجهه گهر ۽ دڪان هئا. رستي تي پل
هئي. جنهن جي هڪ پاسي درال نئن پهاڙن تان تيزيءَ
سان ٿي آئي، ۽ پل هيٺان لنگهي، ٻئي پاسي سوات
نديءَ سان ٿي ملي. مون دڪان تان وديشي سگريٽ ورتا
جي شايد سمگل ڪري آندا ويا هئا، ۽ نئن جي ٿڌي
پاڻيءَ جو گلاس پي، سگريٽ جو گهرو ڪش هنيو. هاءِ !
هي جيون جو سپنو به ڪهڙو نه سندر آهي! هي موهڻا
ڏينهن، هي ڪامڻيون راتيون، هي ٿڌو ٿڌو پاڻي، هيءَ
ڀني ڀني هوا، هي پهاڙ ۽ هي اجنبي انسان! مان رستي
تان لهي هڪ وڏي پٿر تي وڃي ويٺس. ان وقت سانجهي ٿي
ويئي هئي. نديءَ ۽ نئن جي آواز ملي، عجيب رقت ٿي
پيدا ڪئي. مون محسوس ڪيو ته مون کي ڪوئي سڏي رهيو
آهي، ”آءُ! هليو آءُ! جي زندگيءَ جي انهيءَ خواب
کي جاوداني ڪرڻ چاهين ته انهيءَ پٿر تان پاڻيءَ ۾
ڇلانگ ڏي. تون به لهر مان به لهر! آءُ منهنجي ابدي
آغوش ۾ هليو آءُ!“ منهنجي جيءَ ۾ آيو ته نديءَ ۾
ٽپو ڏيان. ميران منهنجي ڪلهي تي هٿ رکي چيو، ”دير
ٿي ويئي آهي، موٽي هلون.“
ادا، هاڻي رات جا ٽي لڳا آهن. ميران مٺيءَ ننڊ ۾ آهي. چنڊ،
منهنجي ننڊڙِي جو چور، آسمان ۾ ڊوڙندو وڃي رهيو
آهي.
چڱو _
_ تنهنجو پنهنجو
مدبن هوٽل
واديء سوات
25 _ آگسٽ 1961ع
ادا،
ڪالهه مون جاپاني شاعريءَ جو مطالعو ٿي ڪيو. هوٽل کان پنج ڇهه
قدم پري سوات ندي تيزيءَ سان پٿرائينءَ زمين تي
گڙگاٽ ڪندي، گجيون اڏائيندي، وڃي رهي هئي. هر
ڇوليءَ جي منهن تي گڦ ۽ پير ۾ ڪڙيون هيون.
مستانيون، ديوانيون ڇوليون، ڇپن تان ڇلانگ
ڏينديون، اُڀامنديون ٿي ويون. اوچتو پهاڙ تان هڪ
ڇپ ڇڄي، ڦيراٽيون ڏيندي، ٽپندي، ٽڪرندي، ٽڙڪاٽ
ڪندي، اچي نديءَ ۾ ڪري. پاڻيءَ ۾ پڙ لاءُ ٿيو.
ڦينگون اڏاڻيون ۽ پوءِ ڌيري ڌيري سارو لڙ لڙاٽجي
ويو. وري ساڳيون ديوانيون مستانيون ڇوليون، ڄڻ ته
ڇپ ڪري ئي نه هئي. مان وري جاپاني شاعريءَ جي
مطالعي ۾ محو ٿي ويس. مون هيٺيون شعر پڙهي سوچيو
ته شايد دنيا ۾ ڪنهن ٻئي شاعر ايترا ٿورا لفظ ڪم
آڻي، اهو گهرو تخيل پنهنجي ادب ۾ مشڪل سان سمايو
هوندو. اهو شعر جاپاني شاعر عسيٰ (1763 کان 1828
تائين) جو هو، جو هن پنهنجي سڪيلڌي پٽ جي وفات تي
لکيو هو. هو ٻڌمت جو هو. يقين آهي ته هن کي هر
ڪنهن آٿت ڏنو هوندو ۽ سمجهايو هوندو ته هي جيون
مايا آهي، سپنو آهي، پاڻيءَ تي ڦوٽو آهي، جنهن تي
ڪوئي ڀروسو نه آهي؛ آتما امر آهي، اڳتي سک سانت جي
نگري آهي، ۽ هي جوٺو جڳ ان جي ڀيٽ ۾ ڪجهه به نه
آهي. اها ساڳي ڳالهه هن ابي ڏاڏي کان ڪيئي ڀيرا
ٻڌي هوندي، پر هن جي ڏک هن جي ڪويتا ۾ هيٺيون روپ
ورتو:
”شبنم جي دنيا،
شبنم جي دنيا آهي ....... ليڪن!“
جاپاني شاعريءَ تي سڀ کان قديم ۽ مشهور تبصرو ڪنو زورايوڪيءَ
(905ع) پنهنجي ڪتاب ”جديد ۽ قديم شعر جي ڪليات“ ۾
ڪيو آهي، جو ڪجهه هن ريت آهي:
”جاپاني شاعريءَ جي جڙ انساني روح ۾ آهي، جنهن مان لفظن جا
لاتعداد گل ڦل اسرن ٿا. انسان گهڻو ڪجهه ڏسي ۽ ٻڌي
ٿو ۽ هو جنهن تصور ۽ حقيقت کان متاثر ٿئي ٿو، ان
جي رنگ ۾ پنهنجي جذبات ۽ احساسات کي رنگي پيش ڪري
ٿو. اهڙو ڪهڙو انسان آهي جو بلبل کي موسم گل ۾
ڳائيندو ڏسي، يا ڏيڏر کي پاڻيءَ ۾ جهونگاريندو
ڏسي، شعر نه چوي!
شعر اهو آهي، جو زمين ۽ آسمان کي جنبش ۾ آڻي اڻ لک دئيتن ۽
ديوتائن ۾ ديا پيدا ڪري، جو مرد ۽ عورت جي رشتي کي
زياده خوشگوار بڻائي، ۽ جو جنگجو جوانن جي حوصله
افضائي ڪري.“
مٿئين تبصري جي تجزيي مان ظاهر ٿئي ٿو ته جاپاني شاعرن جي نقطه
نظر کان _
(1) شعر مافوق الفطرت هستين کي متاثر ڪري سگهي ٿو، جا ڳالهه
مشرق خواهه مغرب جي عقيدي جي خلاف آهي، جنهن مطابق
مافوق الفطرت هستيون پاڻ شاعر جي روح ۽ زبان کي
متاثر ڪن ٿيون. مثال طور ”رومي“ مولانا ”لاءِ
جامي“ جو چيل هيٺيون شعر:
”مولوي و معنوي و مثنوي،
هست قرآن در زبانِ پهلوي.“
يا غالب جو هي شعر:
”آتي هين غيب سي يه مضامين خيال مين،
”غالب “ صرير خامه نوائي سروش هي“
يا شاهه عبد الطيف جو هي شعر:
”تون سپڙ آءُ سيڪڙو، تون ڏاتار آءُ ڏڏ،
سڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.“
يا علامه اقبال جو پنهنجي ڪتاب کي ”بال _ جبريل“ جو عنوان ڏيڻ.
(2) فن، پنهنجي حيرت انگيز تخليقات جي باوجود، انسان جي ڪوشش
کان بعيد نه آهي، ۽ انسان کي فني تخليقات لاءِ
ٻيءَ ڪنهن به امدد جي ضرورت نه آهي. زورايوڪيءَ ان
حالات جو هيٺيون تفصيل پيش ڪيو آهي، جنهن کان
متاثر ٿي انسان شعر چوندا آهن:
”جڏهن هو بسنت جي باک ۾ ٽڙيل مکڙيون ڏسن ٿا، جڏهن هو سرءُ جي
سانجهيءَ ۾ ڇڻندڙ پنن جو آواز ٻڌن ٿا، جڏهن هو
برفباري ڏسي ٿڌو ساهه ڀري آرسيءَ ۾ پنهنجي
پيشانيءَ تي گذرندڙ ورهين جا پيرا ڏسن ٿا ۽ پنهنجي
زندگيءَ جي اختصار تي سوچڻ لڳن ٿا، جڏهن هو ڪيترو
ئي وقت فارغ البال رهن ٿا ۽ پوءِ قسمت هنن کي
تنهائيءَ جي غار ۾ ڌڪو ڏئي ٿي، يا جڏهن هنن جو
محبوب هنن سان بيوفائي ڪري ٿو.“
(3) شعر جا تعلقات پيدا ڪري، انهن کي خوشگوار ۽ استوار بڻائي
ٿو. اهو تخيل نائين ۽ ڏهين صديءَ جي جاپاني امراءَ
جي عشقبازيءَ جي طريقي تي پيدا ٿيو. هو شاعريءَ جي
ذريعي لڪي ڇپي عشق ڪندا هئا. جڏهن به ڪنهن کي ڪنهن
ساڻ محبت جو اظهار ڪرڻو هوندو هو ته هو کيس ڪوئي
حسب حال عشقيه شعر لکي موڪليندو هو. اهو محبت جي
اظهار جو طريقو فارسي ۽ هندي شاعريءَ لاءِ نئين
ڳالهه نه آهي. چيو وڃي ٿو ته عاقل خان، زيب
النساءِ کي ٻارهن _ دريءَ ۾ ڏسي چيو هو:
”سرخ پوشي بلب بام نظر مي آيد“
جنهن تي هن جواب ڏنو هو.
”نه به زاري نه به زور نه به زرمي آيد.“
”سرمد“ شهيد پنهنجي محبوب اڀيچند، ٺٽي جي هڪ سوناري ڇوڪري،
متعلق ربائي لکي، هن تائين پهچائي هئي. مون کي
ربائيءَ جي فقط هڪ سٽ ياد اچي رهي آهي:
”خداي من اڀيچند ست يا غير!“
هندي شاعر، ”عالم“ جنهن جو ڪتاب ”عالم ڪيلي“ جي نالي مشهور آهي،
هڪ ڀيري ڪنهن رنگريزڻ کي پنهنجو پوتڙورنڱڻ لاءِ
ڏنو ۽ ڪاغذ تي هيٺيئن دوهي جي سٽ لکي، پوتڙي جي
ڪنڊ ۾ ٻڌي ڇڏيائين:
”ڪنڪ لتا سي نار هي، ڪت ڪاهي تي هين“
(يعني ته هوءَ عورت سڄي سوني آهي، پر هن جي چيلهه ڇو اهڙي سنهڙي
آهي.)
جڏهن پوتڙو رڱجي آيو ته ان ۾ ساڳيو ڪاغذ ٻڌل هو،
جنهن ۾ دوهي جي هيٺين ٻي سٽ به هئي:
”ڪت ڪا ڪنچن اينچ ڪي، ڪنجن مانج ڀردين“.
(يعني ته چيلهه مان سون ڪڍي ڇاتيءَ ۾ ڀريو ويو آهي، ۽ ان ڪري
چيلهه اهڙي سنهي ٿي لڳي.)
ان کان پوءِ ٻنهي جي محبت ٿي ويئي. خود شاهه لطيف، ”ڪنول پاڙون
پاتار ۾، ڀؤنر ڀري آڪاس“ چئي، ڀؤنر جي گنجار کي
محبت لاءِ ساز گار سمجهيو آهي.
(4) شعر جنگجو جوانن جي حوصله افزائيءَ لاءِ آهي. شعر جو اهو
مقصد به ڪوئي نئون نه آهي. مغرب ۽ مشرق جي شاعرن
شاعريءَ کي انهيءَ مقصد لاءِ هر دور ۾ ڪم آندو
آهي. ايراني شاعر ”فردوسي“ انگريز شاعر ”ڪپلنگ“،
اردو شاعر ”اقبال“ ۽ هندي شاعر ”ڀوشن“، ان ڏس ۾
بهترين مثال آهن. مون کي ڀوشن جو هڪ رزميه گيت ياد
آهي، جنهن جو انداز بيان نهايت حيرت انگيز آهي. ان
جو ترجمو ڪجهه هيٺيئن ريت آهي:
”هيءَ بجلي نه آهي پر تلوارون چمڪي رهيون آهن. هي بادل نه آهن
پر گردو غبار آهي. هي گجگوڙ نه آهي پر شيواجيءَ جي
فوج جا باجا وڄي رهيا آهن. دشمن جي عورت چوي ٿي ته
’گهر ڀڄي هلو، بادل آسمان تي ڇانئجي ويا آهن، ڪٿي
بارش نه پوڻ لڳي،‘ ڀوشن چوي ٿو ته هي بادل نه پر
هاٿي آهن _ شيواجيءَ جي فوج اچي ويئي آهي.“
جاپاني شاعريءَ جو اهو رزمي پهلو لازمي نه آهي، ڇو ته
زورايوڪيءَ جي مٿئين اقتباس مان ظاهر آهي ته شعر
هر انسان چئي سگهي ٿو، پوءِ هن کي جنگجوئيءَ سان
دلچسپي هجي يا نه. اهڙو خيال ”هيڪو“ شاعر ”اونت
سوار“ پنهنجي هيٺيئن شعر ۾ ظاهر ڪيو آهي:
”ڪوئي آهي
پنهنجي هٿ ۾ قلم کان سوا،
چوڏهينءَ جي رات!“
اڄ تائين جاپاني شاعري نه شاعر جو خصوصي ورثو آهي، ۽ نه تعليم
يافته طبقي جو. جنهن کي به قلم هٿ ۾ آهي،جنهن جي
به جيءَ ۾ اڌمو ۽ امنگ آهي، اهو ٻه چار سٽون لکي
ٿو وٺي. اهو جاپاني شعر جي تقطيع جي سادگيءَ ۽ ان
جي سلاست سبب آهي، جيتوڻيڪ ان جو اهو نتيجو ٿيو
آهي ته جاپاني شعر جا موضوع نهايت محدود آهن.
جاپاني شعر سنڌي بيت سان ڪافي مشابهه آهي. مون کي شاهه لطيف جي
ڪلام مان ڪيتريون ئي سٽون سجهي اچن ٿيون، جنهن جو
تاثر جاپاني شعر جهڙو آهي. جاپاني شعر جي تقطيع به
ماترائن جي حساب سان ٿئي ٿي. ”ٽاڪا“ اهو شعر آهي،
جنهن ۾ ايڪٽيهه ماترائون آهن ۽ جنهن ۾ پنج، ست
پنج، ست ۽ ست ماترائن واريون سٽون آهن. اسان وٽ
بيت ۾ گهڻو ڪري اٺيتاليهه ماترائون ٿين ٿيون جن جي
ورڇ يارهن، تيرنهن يارهن، تيرهن ماترائن ۾ ٿئي ٿي
يا چار ڀيرا ٻارهن ماترائن ۾ ٿئي ٿي. ”هيڪو“ شعر
جاپاني شاعريءَ ۾ ڪجهه جديد اختراع آهي، جنهن ۾
فقط سترهن ماترائون ٿين ٿيون. ان حساب سان سارو
”هيڪو“ شعر بيت جي پهرينءَ سٽ کان ڪجهه وڏو ٿئي
ٿو. انهيءَ هيئت تي، جنهن ۾ ڪجهه ڦير گهير جائز
قرار ڏني ويئي آهي، ساري جاپاني شاعريءَ جو مدار
آهي. شعر جي اختصار سبب ان ۾ بيانيه شاعريءَ جي
گنجائش نه آهي. ڇاڪاڻ جو ايڪٽيهن ماترائن ۾ نهايت
گهٽ مواد سمائجي سگهي ٿو. جاپاني شاعريءَ جو
نمايان عنصر نه فقط ان جو اختصار آهي، پر فڪري ۽
جذباتي شعر جي ڪمي به آهي. ان جي برعڪس چيني
شاعريءَ ۾ فڪري ۽ غير جذباتي شعر جو حصو زياده
آهي. جاپاني شاعريءَ ۾ نه فقط موضوعات جي ڪمي آهي،
پر انهن کي منظوم ڪرڻ جا طريقا به محدود آهن. پر،
جيڪي ڪجهه به ان ۾ آهي، اهو واقعي زنده جاويد آهي
۽ ان کي بين الاقوامي اد ب ۾ منفرد ۽ غير فاني
حيثيت آهي. گهڻو ڪري جاپاني شعرمحبت ۽ فطرت جي
باري ۾ آهي، جنهن ۾ بي انتها نفيس گداز آهي. ائين
محسوس ٿو ٿئي ته شاعر جو هيانءُ هڄي پيو آهي، سٽ
سٽ ۾ هن جي جيءَ جي جهوري آهي، هر تخيل ٿڌو ساهه
ڀري رهيو آهي، هر سٽ کي ڪاري ڪجلي ڀنل اک آهي.
سرءُ ۾ پنن جو ڇڻڻ، ۽ چيريءَ جي شگوفن جو ڪرڻ،
جنهن مان زندگيءَ جي بي اعتنائيءَ ۽ وقت جي گريز
ڏانهن اشارو آهي، جاپاني شعر جو محبوب ترين موضوع
آهي. جاپاني شعر کي ٻڌ مت جو پس منظر به آهي، جو
سيکاري ٿو ته جيوت نديءَ تي جوت آهي، جاٽلندي،
ٽمڪندي، وسامي ويندي؛ لوڀ پرڻ ۾ پاڻي آهي، ڪيترو
ڪٺو ڪري ڪيترو ڪندين؛ موهه ۾ ماکيءَ جي مک جو ڏنگ
آهي؛ ڪام اڃ جي رڃ آهي؛ ڪروڌ نانگ جي ڦڻ آهي مڻ نه
آهي؛ ۽ اهنڪار ڇلنديءَ ڇوليءَ جو ڇوهه آهي، جنهن
جي چوٽيءَ تي گجيءَ کان سواءِ ڪجهه به نه آهي.
جاپاني شعر تي زين مت جي غير فڪري فلسفي جو گهرو
اثر آهي.
جاپاني شعر جو موضوع پيچيدو نه آهي، ان ڪري ان جي هيئت ۾ بي
انتها سادگي ۽ سلاست آهي. شعر جي موضوع جو نمايان
عنصر ان جو اشاراتي پهلو آهي. هر شعر ۾ اشارو ۽
ڪنايو آهي. هر سٺي شعر، خصوصاً هيڪوءَ کان لطف
اندوز ٿيڻ لاءِ سامعين کي پنهنجي تخيل جو سهارو
وٺڻو ٿو پوي. شعر ۾ شاعر پنهنجي مشاهدي جي پوري
وضاحت نٿو ڪري ۽ نه اهو ٻڌائي ٿو ته ان مشاهدي
شاعر تي ڪهڙو تاثير ڇڏيو آهي. مثلاً باشوءَ (1664
کان 1694ع تائين) جو هي شعر:
”ڪــــڪــريـــــن جــــــون ڪنيون
ٽُڪريون ٽُڪريون ٿي ويون آهن.....
چــــــوڏس _ چــــٽــــــــا پـــهـــــــاڙ!“
مٿيون شعر پڙهي، ائين ڪوئي به چئي نه سگهندو ته ان ۾ ڏيکاريل
منظر شاعر تي ڪوئي تاثر نه ڇڏيو آهي. هر پڙهندڙ
باشوءَ جي ان حسن ۽ حقيقت کي جا هن پهاڙ ن تي
چانڊوڪيءَ رات ۾ محسوس ڪئي آهي، پنهنجي پنهنجي رنگ
۾ ڏسي، پنهنجي پنهنجي طبيعت ۽ صلاحيت آهر محسوس
ڪندو. خود ”باشو“ به مٿئين شعر کي نامڪمل سمجهي
ها، جيڪڏهن هر پڙهندڙ ان ۾ ساڳي ڪيفيت محسوس ڪري
ها. شاعر جي چٽي تخيل هڪ نقش جو خاڪو پيش ڪيو آهي،
جنهن ۾ رنگ ۽ تفصيل پڙهندڙ کي ڀرڻو آهي. اهڙيءَ
طرح جاپاني تصوير ۾ به موقلم جي هڪ جهٽڪي سان، هڪ
ڪائنات تخليق ڪئي وڃي ٿي. ادا، هي جاپاني شعر ته
ڏس:
”سرءَ جي مينهن جي وسڪاري سان،
رنـــگ وڌنـــدا ٿــــا رهـــــن.....“
(اڪيگو نومينوتو)
”پريان پاڻي وهي رهيو آهي _
آڙوءَ جي خوشبوء ڀري، ڳوٺ لڳ.“
(شوهاڪو)
”اڃا برف آهي،
پهاڙي ترايون جهونجهڪڙيون آهن،
شام ٿي ويئي آهي.“
(سوگي)
”جهونو تلاءُ
جنهن ۾ ڏيڏر ٽپو ڏنو....
پاڻيءَ جو آواز!“
(سوچو)
”ڪوماڻل ٽاريءَ تي
ڪانءُ لهي آيو آهي _
سرءُ ۾ _ ڏيئي ٻري مهل.“
(باشو)
”اهڙي سانت!
پهاڙي جيت جون رڙيون
پهڻن ۾ پيهي ويون!“
(باشو)
”سمنڊ ڪاراٽجي ويو آهي،
آڙين جون رڙيون
ٿوريون اڇيرڙيون آهن.“
(باشو)
پويون باشوءَ جو شعر خيال ۾ رکي، منهنجي هي دوهو پڙهي ڏس:
”آئي سانجهي موٽيا مانجهي، ماٺي ٿي منجهدار،
وئي وڳر کان وڇڙي جا، تنهن آڙيءَ ڪئي پڪار.“
”هيڪو“ شعر جا ٻه نمايان پهلو آهن: پهريون دوامي پهلو، مثلاً
سرءُ جي پڇاڙي، مندر جي سانت، سمنڊ تي اونده
وغيره، ۽ ٻيو عارضي پهلو، مثلاً ڪانوَ جو ٽاريءَ
تي لهي اچڻ، اداس ديو داسيءَ جو رقص، آڙين جون
رڙيون وغيره. هر شعر ۾ منظر مختلف آهي، پر اهي
ٻيئي متضاد پهلو، هڪٻئي سان چقمق ۽ پٿر وانگر ملي،
چڻنگون پيدا ڪن ٿا. اهي ٻه متضاد پهلو، هيڪوءَ جي
انگريزي تتبع ۾ بخوبي نٿا ملن. مثلاً مس لوويل جو
هيٺيون شعر:
”جيڪڏهن مان کڙ کٻيتي جي بتي جهلي سگهان،
ته مان ڏسي، توکي خط لکان.“
هاڻي باشوءَ جي شاگرد ڪڪاڪوءَ جو هي شعر ڏس:
”سرن جي پاندن تي
ڪوريئڙي جو ڄار!“
مٿئين سٽ اصل جو صحيح ترجمو آهي ۽ شاهه جي هيٺيئنءَ سٽ سان
ڪيترو نه ملي ٿي:
”سر نسريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين!“
مٿئين شعر ۾ سرن جو ذڪر ڪري، ڪڪاڪوءَ ڏيکاريو آهي ته موسم وچ
بهار جي آهي، ۽ ڪوريئڙي جي ڄار مان فضا جي
خاموشِيءَ جو تاثر پيدا ٿي رهيو آهي.
باشوءَ جي شاگرد ڪاڪيءَ هيٺيون سٽون لکيون هيون:
”ڪارتڪ جو مهينو
ٻگهن جا ڪجهه وقت لاءِ وڳر!“
انهيءَ شعر ۾ باشوءَ هيٺيون سٽون وڌايون:
سياري جو سج،
ڏکوئيندڙ ڏيک!“
اهي ٻه سٽون وڌائي باشوءَ نه فقط نئون منظر تخليق ڪيو آهي، پر
ڪاڪيءَ جي شعر جو تاثر به دوبالا ڪري ڇڏيو آهي.
جيڪڏهن اها سٽ، ڏکوئيندڙ ڏيک، شعر ۾ شامل نه ڪئي
وڃي ها، ته شعر جو اشاراتي پهلو معلوم ٿي وڃي ها.
جاپاني شعر جا ٻيا ڪجهه مثال ڏس:
”سمنڊ ڏانهن وڌي آيا
ويساک جا مينهن. وهي رهي آهي ٿڌي
موگامي ندي!“ (باشو)
”ننڍڙيون مڇيءَ مارڻ جون ڊونڊيون، ٻڌن ٿيون
پنهنجون ٽانڊاڻن جهڙيون روشنيون، ڪنڌيءَ سان“. (اچي)
”هنداڻي جا کيت
آسائتا آهن ته ڪڏهن ٿو چمڪي چنڊ
اڻڄاتي آڪاس مان.“ (سورا)
”وڃي رهيو آهي ڳوٺ ڏانهن
چارو، ٻيرين وچ مان.“ (سنوسي)
”سياري جو مينهن
ان کي ڇپائي نه سگهيو،
چنڊ ان جي مٺ مان ترڪي ويو“ (ٽڪوڪو)
”جيئن مان برف تي قدم ٿو رکان،
وڄ پاڻيءَ ۾ چمڪي ٿي.“ (جوگو)
”اتر جي ماڙيءَ جا در زور سان کولي
آيو بسنت!“
هيڪو شعر مغربي شاعرن کي ڪافي متاثر ڪيو آهي. ان تي آمريڪا جي
مشهور رسالي ”لائيف“ ۾ مضمون به آيو هو. هڪ مغربي
شاعر رچرڊ آلڊنگٽن جو نظم آهي:
”جڏهن رات جو پارو پئجي رهيو هو ۽ جنگ جي ميدان
۾ بندوقون خاموش هيون،
مون کاهيءَ کي ٽيڪ ڏيئي
هيڪو شعر جوڙيو،
چنڊ، گلن ۽ برف جي باري ۾.“
ادا، سنڌي بيت ۾ هيڪوءَ جو پورو عڪس ته نه آهي، پر ان جي ڪيترين
ئي سٽن ۾ اهائي ڪيفيت آهي جا هيڪوءَ ۾ ملي ٿي.
مثلاً شاهه جو ن هيٺيون سٽون:
”وڻين ويٺا ڪانگ، وچين ٿي ويلا ڪري“
”ڪا جو ڪن ڪرين، ڀنيءَ ڀڻ جهڻ پاڻ ۾.“
”رات ڏٺائين روجهه، ڀانءِ ڪ اوٺي آئيا.“
”رڃن ۾ رڙ ٿي، ڪر ڪرڪي ڪونج.“
”ويٺي مون وئو، لڙي سج لڪن تان.“
”بر مڙيو بوءِ، ڇپر ڇاٽون مڪيون.“
چوڌاري چڙا، ٻرن ٻيلاين جا.“
”ڪاري رات، ڪچو گهڙو، مٿا وسي مينهن.“
”ڳچيءَ پايو ٻانهن، ويٺي روءُ وڇن سين.“
”اتر ڏي آلاپ، ڪالاڪون ڪونج ڪري.“
”سر نسريا پاند، اتر لڳا، آءُ پرين!“
”لڳي اتر واءُ، ڪينجهر هندورو ٿئي.“
واه لطيف! هر سٽ ڄڻ ته مور جو پر آهي!
جي اها شاعري آهي ته اهو وقت دور نه آهي، جڏهن آرٽ مذهب جي جاءِ
وٺندو. ادا، لطيف سائينءَ سان ته ڪنهن جي ڀيٽ نه
آهي، پر مون کي پنهنجون ڪجهه سٽون ياد اچن ٿيون،
جن ۾ اگرچ مشاهدو جدا آهي، پر ڪيفيت ساڳي آهي:
چري پيو چنگ، جهري پئي جندڙي.
واريءَ منجهه وٿاڻ، سانجهيءَ آندا سانت ۾.
ڇڻي پيئي ڇاٽ، ستارن جي سونهن جي.
هي جهرڻي جي جهانءِ، ۽ هيءَ باک بسنت جي.
پڃري ۾ پاڇا پيا، چمڪي ٿي چوڏس.
چڪڻ لڳو چنڊجو، گهَرو گهَرو گهاءُ.
تارن کي ترساءِ، پرين پوئين پهر جو.
سهڙي آسانجهي، اوندهه لٿي آب تي.
ڪوڪي ٿو ڪويل، چانڊوڪيءَ ۾ چيٽ جي.
ادا، بيت کي پنهنجي انفراديت آهي. ان جي منظر ڪشيءَ جي لطافت ۽
پرگداز ڪيفيت هيڪوءَ کان ڪنهن به ريت گهٽ نه آهي.
ڪيترائي سنڌي بيت جيڪڏهن ڪنهن نامور مغربي اديب جي
ڌيان تي اچن ته انهن جو ترجمو اسان کي بين
الاقوامي ادب ۾ مستقل جاءِ ڏيئي سگهي ٿو. پر
جيڪڏهن ڪوئي بيت ۾ هيڪوءَ جهڙو اشاراتي پهلو پيدا
ڪري سگهي، ته بيت جو اهو قسم به بي انتها دلڪشيءَ
جو باعث ٿيندو.
هي خط توکي منجهند کان لکي رهيو آهيان، اچي شام ٿي آهي. مون
ماني به اتي کاڌي آهي. سامهون شفق ۾ پهاڙ ڪنهن
عظيم انسان جي مايوس روح وانگر لڳي رهيا آهن، ۽
هيٺان سوات ندي وهي رهي آهي. ”ميران“ پاڻيءَ مٿان
ٻه پکيئڙا ڏسي رهي آهي، جي هڪٻئي جو پيڇو ڪندا
اڏرندا ٿا وتن. اجهو هاڻي اچي هوٽل جي ڀت سان
ٽڪريا. ڪڏهن ڪڏهن ميران سوچيندي هوندي ته ڪهڙي
ديواني سان پلئه اٽڪيو آهي: پاڇا آيا، پاڇا ويا،
پهاڙ جي پاڙ وٽ مڪئيءَ جا کيت ننڊاکڙا ٿي ويا، پکي
پسون وڃي اوٽائتا ٿيا، پر هي اڃا پيو لکي ۽ ڪنهن
دور ديس جي شعر تي تصنيفون اٿلائي! هن کي ڪهڙي خبر
ته مون لاءِ بر مڙيوئي بوءِ آهي: جتي جتي ڇپرن جون
ڇاٽون آهن، اتي اتي منهنجو ساهه آهي.
_ تنهجو پنهنجو |