|
پاٽوڙو |
پاٽڙو |
ٺڪر جو ٿانءُ- ڪنڀر کان کڻي اچ. ڀت سان پاٽڙو ڀَر. |
|
پاڇُولو |
پاڇو |
پاڇولو يا پاڇو لڙي ويو آهي. |
|
پاتائو |
پاتَهو |
چم جو ٽڪر جو جتي م وجهبو آهي. |
|
پارَئون |
پارَون، پاران |
دريا جي هن ڪنڌيءَ کان/ ڪنهن بدران. هن جي پارئون يا پاران
تون ئي پئسا ڀري ڏي. |
|
پاڙڇو |
پاڙڇ |
نار جو پاڙڇو يا پاڙڇ ڊکڻ کان ٺهرائي اچ. |
|
پاڙوجهاڙو |
پاڙجهار |
هڪٻئي ۾ لٿ پَٿَ ڪرڻ. |
|
پاڙيسري/پاڙوسي |
پڙوسي |
گهر پاسي ۾ رهندڙ. |
|
پاسراٽي |
پاسري |
ڌڪ سان پاسراٽي يا پاسري ڀڄي پيس. |
|
پاڳ |
پڳ |
پٽڪو |
|
پالار |
پالر |
گاهه جا پُڇَرَ. |
|
پانچو |
پاچو |
سلوار جو پانچو يا پاچو تمام وڏو نه ڪجي. |
|
پانڌيئڙو |
پانڌيرو، پانڌي |
راه مسافر. |
|
پانهنجو |
پنهنجو |
تون اسان کي پانهنجو يا پنهنجو آهين. |
|
پَراهون |
پانهون، پري |
تمام پري. ڪراچي جو پنڌ پراهون يا پري آهي. |
|
پاهَڻَ |
پَهڻ |
پَٿر. |
|
پٿراڻي |
پٿرڻي |
هنڌ تي پٿرڻي وجهو. |
|
پٽوڪڙو |
پَٽوڪو |
پٽوڪو ڏسي ٻارِ رَکُ. |
|
پُٺي |
پُٺ |
جنگ ۾ پُٺي يا پٺ ڏيڻ مرد جو ڪم ناهي. |
|
پچار |
پچر |
ڳالهه ٻولهه. سڄي ملڪ ۾ مارشل لا جي پچار يا پچر لڳي پئي آهي. |
|
پڇاڻو |
پڇا |
پوليس چورن کان پڇاڻو يا پڇا ڪري رهي آهي. |
|
پِرين |
پر |
پيارو دوست. |
|
پلاند |
پاند |
اجرڪ جي پلاند م رپيو ٻڌ چادر جو پاند پسي پيو آهي. |
|
پالوٽ |
پلٽ |
مينهن جو پاڻي پالوٽ ڪري آيو ٻنيءَ ۾ پاڻيءَ جي پلٽ ٿي آهي. |
|
پولار |
پور |
ٽالهي ۾ پولار ٿي پيو آهي. وڻ جي پور ۾ طوطا وهندا آهن. |
|
پهريائين |
پَهرِين |
پهريون دفعو. |
|
پنوهار |
پنوهر |
هڪ ذات آهي. |
|
پيراواڍو |
پيري |
پيرواڍو يا پيري چورن جا پير کڻندا آهن. |
|
پاسيارو |
|
نه ٺهيل. صفر مونکان پاسيارو يا پاسيرو آهي. |
|
پيئي |
پئي |
1. وَسي 2. ڪا شي ڪنهن ٿانو ۾ وِڌي 3. پيچرو يا پَهُو. |