سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: هير رانجهو

 

صفحو :3

مثنوي هير رانجهي جون خوبيون

مثنوي اصل ۾ لفظ ”تثنيه“ ۽ ”مثنيٰ“ مان جـُڙيل آهي. جنهن جي معنيٰ آهي ”بتو يا جوڙو“، يعني اهو شعر جيڪو هم وزن ۽ هم قافيي هجي. حالانڪ نظم جي ڪيترن ئي قسمن ۾ شعر، هم وزن ۽ هم قافيا هوندو آهي، مگر مثنويءَ ۾ هر بند جو پنهنجو علحدو قافيو هوندو آهي.

شاعريءَ جي سڀني قسمن مان وڌيڪ مفيد، وڌيڪ وسيع ۽ وڌيڪ همه گير، مثنويءَ جي صنف آهي ۽ خود شاعريءَ ۾ ادا ٿيندڙ موضوع، خاص ڪري واقعا نگاري ۽ منظر نگاريءَ لاءِ مثنويءَ کان وڌيڪ ٻيو وسيع ميدان آهي ئي ڪونه.

 

واقعا نگاري:

هن مثنويءَ جي ابتدا ۾ تخت هزاري شهر ۽ ان ۾ رهندڙ موجو چوڌريءَ جو تعارف پيش ڪيو ويو آهي. جنهن بعد واقعا رونما ٿين ٿا. جيڪي رانجهي جي پيءُ موجو چوڌريءَ جي مرڻ کانپوءِ شروع ٿين ٿا ۽ خود مرڪزي ڪردارن، هير ۽ رانجهو جي موت تي اختتام پذير ٿين ٿا. وچ ۾ جيڪي واقعا رونما ٿين ٿا سي به فطري انداز سان رونما ۽ تبديل ٿيندا نظر اچن ٿا. خاص طور تي پيءُ جي مرڻ کان پوءِ رانجهي سان ڀائرن جي دشمني، ملڪيت جي ورهاست. رانجهي کي مارڪٽ ڪري گهر کان ڪڍي ڇڏڻ. رانجهي جو جهنگ سيال وڃڻ، مسجد ۾ سمهڻ، مولويءَ سان گفتگو دوران تصوف ۽ شريعت جا نڪتا بحث هيٺ اچڻ، مهاڻن وٽ ترسي پوڻ، جتي سندس ملاقات هير سان ٿيڻ ۽ هير سان پيار جو پيچ پوڻ. جنهن بعد رانجهن جو سندن مال جو چاڪر ٿيڻ، ڪيدوءَ جو سندن خلاف ٿيڻ، هير جو سعد خان سان پرڻجي وڃڻ، رانجهي جو جوڳي ٿي رنگپور وڃڻ، جتي وري سهتيءَ جي معرفت هير سان ملڻ ۽ رنگپور ڇڏڻ نڪرڻ کان سندن مرڻ تائين جا واقعا نهايت دلپذير انداز سان لکيل آهن.

مثنويءَ ۾ ننڍن توڙي وڏن واقعن کي اهڙي سهڻي ترتيب سان لکيو ويو آهي جو هڪ ته قصي جي زمان ۽ مڪان ۾ ڪو جهول نه ٿو اچي، ٻيو ته واقعن جي وڻندڙ طرز بيان سبب، ماحول يا ڪردارن جي تعلق ۾ به هڪ تسلسل ۽ ڳانڍاپو موجود آهي، سڀئي واقعا جيئن ته مرڪزي ڪردارن رانجهي ۽ هير سان واڳيل آهن، انهيءَ جي ڪري قصي جي هڪ ٻي خوبي، جنهن کي ”جستجو“ چئجي ٿو پيدا ٿي پئي آهي، ۽ اهائي جستجو مثنويءَ کي هڪ ساهيءَ ۾ پڙهڻ لاءِ اڀاري ٿي.

 

منظر نگاري:

هر قصي يا داستان جي اهم خوبي، ان جي منظر نگاري ليکي ويندي آهي، جنهن جو پڻ وڏو خيال هن مثنوي ۾ به رکيو ويو آهي. منظر نگاريءَ ذريعي هڪ طرف ماحول ۽ جاگرافي (وقوع) جي حسن کي اجاگر ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف منظر ذريعي ڪيفيت ۽ احساس کي به اڀاريو ويو آهي. جن جا ڪجهه مثال هٿ ڏجن ٿا:

 

جاگرافيائي حسن جو مثال:

شهر هڪ نالي هزارو، پرڳڻي لاهور ۾،
هاڻ ڀي آهي مگر ڪجهه اڳ هيو ڪنهن زور ۾.
ڇا لکي ڇا ليکيان آءٌ تان هزاري جي ثنا،
ڄڻ عدن جو باغ خاصو هت بنايو آ خدا.

 

ماحول جي عڪاسي:

بس ڪئي جوڳيءَ اڃان، لـُڙ ڳوٺ ۾ پئجي ويو،
الاَمان والاَمان هئن ٿي پئي هر ڪنهن چيو.

 

جئن ته ساري ڳوٺ کي ڪا غيب جي آتش لڳي،
ڳوٺ وارا سر بچائي پيش قاضيءَ جي اچي.

 

اوچتي آفت انهيءَ جو حال ڪيڙو رت رڙي،
هاءِ هي گهر مال جن جا بي گـُنهه ويڙا سڙي.

 

هي کڻي ات در ڌڻيءَ جي التجا قاضيءَ ڪئي،
ڪين وريو ڪجهه انهيءَ مان پر وڌي آتش وئي.

 

شاديءَ جي منظر نگاري:

مـُنڍ ۾ دهلن نفيرن نوبتن جو ڌڄ ٿيو،
ڄاڃين ۽ ماڃين جو ڪهڄ پويان رڄ ٿيو.

 

مَهر اَجو پالڪيءَ ۾ سعد سان گڏ هو سوار،
اهل ۽ اطفال سڀ هو ڏولين ۾ برقرار.

 

پيش پس جن جي پيادن جو وڏو پهرو هيو،
سندرو هر هڪ ٻڌل سو چست ۽ چهرو هيو.

 

پوئتان تن جي هئا سڀ اقربا اوٺي سوار،
پاکڙن ۾ مرد ۽ زالون ڪجاون ۾ قرار.

 

 

جدائيءَ جي ڪيفيت:

مال جي حالت کي هير ۽ رانجهي جي جدائيءَ جي علامت بڻائي ”فقير مسرور“ انتهائي ڪمال جي منظر نگاري ڪئي آهي، جنهن کي پڙهندي بيوس مينهن ڍڳين (مال) جي ملال تي اکيون ڀرجي ٿيون اچن، لکيو اٿس:

 

جا ڍڳي يا مينهن اڳ ڪجهه لـَپَ سَوا ڏيندي هئي،
سا ته رانجهي جي سبب وڌ ڏهه حصا ڏيندي هئي.

 

بعد رانجهي جي ٿيو هي حال تن جو پـُر ملال،
رات جو ئي کاڄ تان ويڙو لهي تن جو خيال.

 

مال جي حالت رهي هئي، ڏينهڙا ساندهه ٻه ٽي،
خاص اڃ بک جي وگهي عاجز ٿيون سڀ ڦَر ڇَڏي.

 

دم بدم ميهار ساري جهنگ ۾ رنڀن پيون،
نير نيڻن مان وهائي، آءُ رانجها ڪن پيون.

 

مثنوي هير رانجهو ۾ جاءِ بجاءِ اهڙيون زود اثر قلمي تصويرون چٽيل آهن جن جا مثال ڏيندي ڪيئي ڪاغذ ڀرجي ويندا، جيئن:

ڀاڄائي ينگه جو ڏير رانجهي کي مڃائڻ:

هي چئي چوليءَ ڪنان جهٽ چنبڙي گِهِلَڻَ لڳس،
گهر هلڻ جي لاءِ حجت مان مٿان اهلڻ لڳس.

 

هير ۽ رانجهي جو هڪ ٻئي سان ملڻ:

سامهون ناگَهَه سِڌي اک هير تي پئجي ويس،
هير جي اک جي اَڻي پڻ ديد ۾ اڙجي ويس.

 

تير چشمن جا ڇـُٽا واتان نه ڪڇيو ڪنهن اکر،
غش لڳا ٻيئي ٿيو ات عشق جو ظاهر اثر.

 

هير کي مڙني سهيلين هنج ۾ سوگهو ڪيو،
ليڪ رانجهو نيم بسمل مرغ جان پَٽَ تي پيو.

 

رانجهي جو سفر ڪرڻ:

نيڻ چائي پهريون ئي اُن ڏٺو ويران ڏي،
پوءِ رڙهيو دل جهلي تنهن جهنگ ريگستان ڏي.

 

ڏينهن سارو پنڌ ۾ هو، کاڄ پاڻيءَ کانسواءِ،
ڪين ڪي ويٺو هيو ڪٿ دم گهڙي آرام لاءِ.

 

اهي ۽ اهڙيون سوين قلمي تصويرون هن مثنويءَ جي سينگار ۾ اضافو ڪيو بيٺيون آهن. ساڳيءَ طرح ڪردار نگاريءَ ۾ به اهڙي ئي عڪس بندي ڪئي آهي.

 

ڪردار نگاري:

هر قصي ۾ سوين ماڻهن (ڪردارن) جو ذڪر ايندو آهي ۽ سوين ڪردار ان قصي جي ابتدا ۽ انجام جو باعث به بڻبا آهن. جيئن ته هر ماڻهوءَ جو اخلاق، گفتگو، طبيعت، عادت ۽ فطرت جدا جدا ٿيندي آهي، تيئن ئي هن مثنويءَ ۾ ڪردار نگاريءَ جو هڪ اعليٰ نمونو آندل آهي. جنهن ۾ مرڪزي ڪردارن سان گڏوگڏ ننڍا وڏا ڪيترائي ڪردار پنهنجي پنهنجي فطرت ۽ طبيعت مطابق عمل ڪندي ۽ ڳالهائيندي نظر اچن ٿا.

ڪردار نگاريءَ ذريعي ”فقير مسرور“ ڪردارن جي لباس، اٿڻ ويهڻ ۽ انهن انساني احساسن کي به نهايت باريڪي ۽ نزاڪت سان پيش ڪيو آهي جيڪي عام طور ماڻهن جي نگاهه کان بلڪل لڪل هوندا آهن، مثال طور جيئن سهتيءَ جو هير جي محبت مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ اٽڪلون ڪرڻ ۽ ماءُ سان جدا ته هير سان جدا منصوبو سٽڻ، زناني مڪر ۽ فريب جي حقيقت پسندانه عڪاسي ڪئي آهي.

ساڳي وقت عورت جي قرباني ۽ وفا شعاريءَ جا به اهڙا تاريخي مثال پيش ڪيا ويا آهن جن جو ذڪر عام طور مرداڻي معاشري ۾ مشڪل سان ئي ٿيندو آهي. مثال لاءِ بند جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون:

عام ٿا ايئن چون جو عورتون سڀ بدخصال،
ٻڌ ته توکي ٿي ٻڌايان ذات زالن جا مثال.

 

پوءِ ڪجهه معلوم ٿيندءِ سڌ اها ساري صفا،
مرد آهن بي وفا ۽ ذات عورت با وفا.

 

قيس سان ڪيڏو ورائي قرب ڏس ليليٰ ڪيو،
حال يوسف پوئتان پنهنجو زليخا ڇا ڪيو.

 

ڪئن پنهونءَ جي پوئتان، سسئي رلي ڏس ٿي خراب،
لوڙهه پڻ ٿيڙس لڪن ۾ سِرِ سٺائين سڀ عذاب.

 

ٻڌ وري سـُـهڻي ٻـُـڏي ميهار لئه تک تار ۾،
سر ڏنائين سهج مان هن وصل جي واپار ۾.

 

مثنوي هير رانجهو جي سمورن ڪردارن ڏانهن مصنف جي ڀرپور نگاهه آهي. هو جتي ڀائن جي ملڪيت جي ورهاست کي اُڀاري ٿو ته اتي دنيا وارن سان منهن ڏيڻ واري چال کي به ظاهر ڪري ٿو. اهڙيءَ طرح هير جي چاچي ڪيدو منڊي جي شيطاني فطرت، يا جهنگ ۾ رڍون چاريندڙ ريڍار جي دور رس نگاهه ۽ قاضي جي پنهنجي مسئلي مسائل جي دليل بازي ڪرڻ ۽ وڏي ڳالهه ته رانجهي (عاشق) جو معصوم ۽ سادو هجڻ، ڪردار نگاري جا اعليٰ مظهر آهن.

 

مڪالما نگاري:

هر قصي، ڪهاڻي يا داستان جي سونهن ۾ ان جي ڪردارن سان گڏ ان ۾ مناسب مگر عمده ۽ فطرت مطابق آندل مڪالمن جو وڏو هٿ هوندو آهي. مثنوي هير رانجهي ۾ به مڪالمن جي وڏي خوبي موجود آهي، جنهن ۾ هر ڪردار پنهنجي فطرت ۽ سماج طرفان ڏنل منصب مطابق ڳالهائي ٿو، مثال طور:

 

ڀاڄائيءَ جو ڏير سان ڳالهائڻ:

پيش رانجهي جي رکي چرچو ڪري سا ٿي چوڻ:
”لاڏلا پيءُ جا خبر ڏي!“ هي چئي ويٺي کلڻ.

 

ڀاڄائيءَ جو ڏير سان ڪاوڙجڻ:

”کاءُ ماني اي ڪمينا هاڻ وڌ بَڪَ بَڪَ نه ڪر،

تو اُچايو آهي ڇا تي، بي حيا موذي مگر.“

 

ڏير جو ڀاڄائيءَ کي جواب:

مفت مون مسڪين تي الزام ٿي ڪوڙا ڌرين،

ڪوڙ ٻوليندي نه ٿي ڀاڀي خدا کان ڪجهه ڏرين.

 

مولويءَ جو انداز گفتگو:

جلد هي واري چيائين ڪجهه ڪري دڙڪو دٻاءُ،
اي ڪمينا ناهه توکي ڪو شريعت جو سماءُ.

 

هي خدا جو گهر فقط آهي عبادت لاءِ خاص،
ناهه هيءَ اوطاق يا ڪو دائرو ديوان خاص.

 

مهاڻن جي گفتگو:

واهه ڙي اي لک پتي، مانجهي مسافر چوءُ ته پر،
ڪير آهين ڪيئن وڃين ڪهڙي طرف تون ڪر خبر؟

 

عام ماڻهن جي گفتگو:

ڪو چوي مجلس سندو هي مرد مانجهي مور آ،
ڪو چوي لاشڪ لفنگو لـُـچُ اُٺوڙي چور آ.

 

ڪو چوي آيو هتي جوڳي ڪمائڻ جوڳ لئه،
ڪو چوي دارون اهو آ درد دل جي روڳ لئه.

 

هير جو رانجهي مٿان موهت ٿيڻ وقت گفتگو:

 

شڪل سهڻي تو سندي جوڳي وئي دل کي وڻي،
مام ۾ موهي وڌو تو ناز مان ڪا اک کڻي.

 

اصل کان سڀ ذات جوڳيءَ جا اسين ٻانها ٻڌا،
بخش مون، منتر ٻيو تون ڪين پڙهه نالي خدا.

 

پيءُ جي ڌيءَ سان گفتگو:

هير توکي هن زماني جي نه آهي سـُـڌِ صفا،
آنهه تون ناقص گهڻو نادان ننڍي تنهن سوا.

 

جدائي وقت گفتگو:

هي ملڻ موٽي اسان جو آ نصيبن تي وري،
ٿي وري ميلو الائي يا ائين ويندس مري.

 

مڪر واري گفتگو:

ماءُ کي هن پر چيائين ڊول سان انگل ڪري:
”آي امان جيجل مٺي هي ڳالهه سڻ تون ڪن ڌري!“

 

هيءُ هچاري هير آئي آهه هت جنهن ڏينهن کان،
ڪنڌ اونڌي آ پئي پنهنجي سدائي روڄ کان.

 

هيءَ وري گِهلي ڪٿان آندي اَٿي بـُـڇڙي بلا،
جنهن سبب کان شهر ساري ۾ ٿئي گهر گهر گـِـلا.

 

نـُـنهن وَسنو گهَر جي چَوَن پر سـُڃ ڀلي هن کان هئي،
هيءَ ته پيڪن جي پچر ۾ روز شب آهي پئي.

 

سال ساري ۾ نه مٽيو آهه ڪجهه هن جو مزاج،
کيس پيڪي ڪر روانو يا ته ان جو ڪر علاج.

 

حڪم واري گفتگو:

عرض هي راجا سڻي ات چوبدارن کي چيو،
مَهر چوچڪ کي وٺي هت پيش اڄ منهنجي ڪيو.

 

مَهر اَجو جي نسوري آهه هيءَ دعويٰ غلط،
اڳ ڏنل قاضي ميان جي سر بسر فتويٰ غلط.

 

عرض واري نماڻي گفتگو:

ليڪ هڪڙو عرض آ تنهنجي سخي سرڪار ۾
با ادب سو هٿ ٻڌي داتا ڪيان درٻار ۾

 

جيئن ته جوڳي هير جو شرعاً پيل ناهي نڪاح،
انڪري تن جو رهڻ گڏ ڪينڪي ٿيندو مباح.

 

هن مثنويءَ ۾ ڪجهه اهڙا منظر به آهن، جن ۾ ڪردارن جي تضاد کي ڊرامائي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي جيئن هير ۽ قاضيءَ جي وچ ۾ ٿيل منفرد گفتگو جو انداز نه رڳو ڊرامائي آهي مگر اهي مڪالما نهايت مدلل به آهن جيڪي مصنف جي علم ۽ عشق جي نشاندهي به ڪن ٿا، لکيو اٿس:

 

هير:    آءٌ ازل جي ڏينهن کان سچ چاڪ جي ڀاڱي پيس،
خاص ان جي ٻانهين جي آءٌ تان ٻانهي ٿيس.

 

اَمـُـر ان جي تي ڪيو مون اڳ بليٰ اقرار آهه،
ان ڪيل اقرار کان دل جو ڦِرڻ دشوار آهه.

 

نَزعَ جي جيئن وقت ۾ شيطان ٿو راڻي پيو،
ان جيان قاضي ڪرين ناحقُ هي هاڻي پيو.

 

قاضي: ڪيئن ڪري ڀي حڪم شرعي هير هي مڃڻو اٿي،
نفس شيطان ڪفر وارو بند هي ڀڃڻو اٿي.

 

سرخرو ٿي ربَ سان تون شرع کي عزت ڏئي،
آءُ هئن ايمان ۾ ڪلمو شهادت جو چئي.

 

هير:    مون ڪيو ايمان محڪم عشق جي دامن وٺي،
مَنُ مَڪو مسجد ٿيو ٻي ڪفر جي ڪوٺي ڊٺي.

 

مون ته سو اقرار اڳ ميهار مانجهيءَ سان ڪيو،
هاڻ جي ان کان ڦران، ايمان ڇا باقي ٿيو.

 

قاضي: عشق جو! تون ٿي چوين، سو آهه سڀ سوداءِ خام،
ڇو ته جائز کي ڇڏي تون ٿي تڪين پيئي حرام.

 

حق کي ان پر ڇڏي جو اک اُچي ٻي ڏي ڪري،
بعد مـُـردن ٿي ملي تنهن جاءِ دوزخ جي تري.

 

هير:    ڇا ٿئي جي جاءِ دوزخ يا ملي جنت کڻي،
تون وٽيندين ڇا مگر وچ ۾ ائين رهزن بڻي.

 

قاضي: شرع نبوي ۽ وڏن کان تون نه ڪر پنهنجو وڌاءُ،
بعد مولا ۽ نبي جي، هير آهي، پيءُ ماءُ.

 

چاڪ سان شادي به نسبت پيش ڪر پنهنجو دليل،
ڪير هو قاضي اُتي ۽ ڪير هو وچ ۾ وڪيل.

 

هير:    شرع نبوي جو نه آ قاضي ميان توکي پتو،
حڪم صادر ڇا تنهين تي، رنگ ۾ جيڪو رَتو.

 

غين جو نقطو ويو بس عين نيت ٿي حلال،
بـُـد بدُو قاضي ٻيو سڀ خام آ تنهنجو خيال.

 

مون ته لانوان چاڪ سان مثياق ۾ لڌيون ميان،
روبرو هـُـت رَبَ جي ٻولان ٻنهي ٻڌيون ميان.

 

جت وڪالت ۾ هيو سـُڻ جبرئيل ۽ ميڪئيل،
جنهن به نسبت آهه شاهد اِسرَفِيل ۽ عِزرَئِيل.

 

قاضي: قلب تي جنهن جي ڪڙو ۽ پڻ ڪنن ۾ آ ڪپاهه،
سچ ته اهڙي روح ڪافر کان ڏئي مولا پناهه.

 

شرع آ ظاهر و ليڪن لک هجي باطن بحال،
وزن ۾ وٺبو نه ڪڏهين منطقي تنهنجو مثال.

 

بس هلي خطبو پڙهو، هن کي مرم ماري نه ٿو،
هيءَ هچاري مَکِ جيان مَرُجان پِٽي پنهنجو مٿو.

 

هير:    ڪجهه خدا جو خوف ڪر، پنهنجو نه هئن نالو لڄاءِ،
ڊڄ قهاري رَب کان ڪي دل نه تون منهنجي ڏکاءِ.

 

حق کوهي چاڪ جو ڪندين اُتي ڪهڙو جواب،
جنهن ڏهاڙي حَقُ هن جو، حَقَ کي ڏيندين حساب.

 

سڻ لقب رانجهي سندو، هو آهه فخر العاشقين،
ذات رانجهي جي سڃاڻان، آهه مون لهءِ مهه جبين.

 

ويس وڳا:

ڪنهن قصي، داستان يا ناٽڪ جي وڏي خوبي اها به ليکي ويندي آهي ته مصنف ان ۾ منظر نگاري، ڪردار نگاري ۽ ڪردارن جي فطري ۽ خوبصورت ڊرامائي مڪالمن سان گڏ، ڪردارن جي ويس وڳن ۽ سينگار جو ذڪر به نهايت عمدگيءَ سان ڪري. ”فقير مسرور“ پنهنجي هن مثنويءَ ۾ ويس وڳن ۽ سينگار کي لاجواب انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جنهن جا ڪجهه مثال هن طرح آهن:

*      ڪَڇِ وجهي پڳڙي، جـُتي هٿ ۾ کڻي پڻ ونجهلي،

*      هي چئي چوليءَ ڪنان جهٽ چنبڙي گِهِلڻ لڳس.

*      رات ڀي هئي، سر مٿان لاهي ستت ڪاري قبا،
ٻي وري پهري، سفيدي رنگ جي چادر صفا.

*      سر عجب رنگين شالو قيمتي ڪپڙا ڍڪن.

 

*      سر ڪيائين شال سهڻي وهه گلابي رنگ جي،
اطلسي انگي ڪيائين پڻ عجائب ڍنگ جي.

*      ويس پٽ جا ڄاڃين اڄ پَهريا پرتئون عجب.
 

*      هفت رنگين ريشمي وهه ويس تن سهڻا سنهن.

 

*      ڪوڙ تي قاضي سڏائين، سِرِ رکي شَملو وڏو.

 

*      هير کي ملڪي ڍڪايو زور سان کنهبو وڳو.

 

*      ڪن وجهي والا تنهين کي ڳل وڌي الفي کڻي،
جنهن سبب رانجهو پيو ثابت صفا جوڳي بڻي.

 

سينگار:

جيئن مثنويءَ جي ڪيترن بندن ۾ پڳڙي، شملي، شال، ڪاري قبا، اطلسي انگي، کنهبي ۽ الفيءَ جو ذڪر ڪيو آهي تيئن مثنوي جي مختلف شعرن ۾ سينگار جو به اعليٰ ذڪر ڪيو آهي. جنهن ڪجهه مثال هن طرح آهن:

*      جئن ڪٽڪ قنڌار وارو صف ٻڌي بڻجي بهي،
ڌار سرمي ۽ ڪجل جي تئن پئي تن تي ٺهي.

 

*      جهومڪي جهالر وجهي تن حسن کي ٻيڻو ڪيو،
هر طرح حيلا ڪري ٽِڪڙا رکي ٽيڻو ڪيو.

 

*      سٺ سهيليءَ جي مدد سان پڻ وڌائين ڳَهه ڳٺو.

 

راڳن جو ذڪر:

”فقير ميان غلام علي مسرور“ جئين ته موسيقي جو به ڄاڻو هو انڪري رانجهي جي حوالي سان ڪيترن راڳن جو ذڪر به ڪيو اٿس، مثال طور:

*      ونجهلي هٿ ۾ کڻي سو روح ريجهائڻ لڳو،
سوز مان ”اسا“ صبوحي ”گن ڪَلي“ ڳائڻ لڳو.

 

*      ليڪ ”پرڀاتي“ سڻي چپ ٿي ويو هر هڪ ڄڻو،

 

*      قرب جو ”ڪليان“ ”ڻت“ آ هـُن ”پهاڙي“ سـُر ڪيو،
روڳ دل جو ”جوڳ“ ”سحني“ ”ديس“ ۽ ”ديپڪ“ ڪيو.

 

*      کاڄ کائي موج مان رانجهي وڄائي ونجهلي.
سر چيو ”سارنگ“ ”بروو“، ”ڪونسيو“ ۽ ”گن ڪلي“.

 

*      ونجهليءَ تي ”مالويءَ“ جي راڳڻي رانجهي ڪئي.

 

حسن جي تعريف:

جيئن ته الله پاڪ پاڻ حسن و جمال کي پسند ڪندو آهي تيئن پنهنجي مقربن کي به حسن و جمال جي حقيقت کان آگاهه ڪندو آهي. اهو جو ”فقير مسرور“ به پنهنجي ڪردارن جي حسن جي تعريف ڪندي حسن جي حق ادائي ڪئي اهي، لکي ٿو:

 

وهه عجائب انگ تن جي عين جا آهو جيئين،
وصف ۾ بادام کان وڌ چيروان تـُنرا تيئين.

 

هي ٻئي محراب اَبرو پڻ ڪمان لاهور جان،
وهه عجب ڪنڍي مشابهه تير مزگان نوڪ سان.

 

چال چئنچل ڊيل جان هڪ لوڏ ۾ لک ڍنگ ڪن،
واٽ سان ويندي ورائڻ جا وڏائي انگ ڪن.

 

روءِ زيبا سرس روشن چوڏهينءَ جي چنڊ کان،
وڌ اثر جادو جنهين ۾ منتريءَ جي مـَـنڊَ کان.

 

وضع کاڏيءَ جو ته ڄڻڪي صوف آ قنڌار جو،
ڪـُنئرا هٿ پير نازڪ جئن پَتو ڪَچنار جو.

 

ڪونج جان گردن اُچي ڇاتي اڳي پتلي ڪمر،
اطلسي انگي ٺهي ان تي پئي وهه زيب ور.

 

شاعراڻي جذبات:

مثنوي هير رانجهي ۾ ”فقير مسرور“ زندگي ۽ معاشري جا ڪيترائي پهلو ۽ رخ بيان ڪيا آهن، مثال طور عشق محبت، رنج غم، خوشي، راحت، سڪون، ظلم ۽ ظالم، انتقام، ساڙ، مڪر، فريب، خود غرضي، وفا شعاري، خدمت، صبر ۽ فراق وغيره. ان کان علاوه مثنويءَ ۾ اخلاقي ۽ ناصحاڻا نڪتا به گهڻي قدر موجود آهن، جن ۾ مصنف پنهنجا شاعراڻا جذبا ائين شامل ڪيا آهن جو اهي پڙهندڙن جي جذبن سان هم آهنگ ٿي قصي جي تاثر کي ٻيڻو ڪري ڇڏين ٿا، جنهن جا ڪجهه مثال هن طرح آهن:

محتاجي:      ڪين ڪي ڪنهن کي پوي شل هاءِ هي ڪو احتياج،
سچ سڄي هٿ جو کٻو ڀي، ڪين ٿي ڏيندڙ خراج.

 

لوڀ لالچ:      لالچي پئسي مٿانهون ٿا مرن اڄ ڪلهه ائين،
لار ماکيءَ جي مٿان مَکيون اچي ڦاسن جيئن.

 

دغا:    عاقبت اُجڙي انهن جي، جي رکن دل ۾ دغا،
پڻ مـُئي کانپوءِ ڀي، تحقيق دوزخ ۾ پيا.

 

وقت:   وقت شاهن کي پوي ٿو، هي ڄَٽِي ڪجهه ڇا لڳي،
آهه بيپرواهه مولا هر گهڙي توبه ڪجي.

 

قدرت: آ سڄي قدرت ڌڻيءَ جي هر گهڙيءَ ۾ نت نئين،
ٿو جڏهن جوڙي سبب، اونڌي به ٿي اُجري سنئين.

 

عام رويو:      ٿي وڃن ٿا بند منهن، کوهن سندا ڪنهن ڍنگ سان،
وات ماڻهن جا نه ٿا پر پـُـورجن ڪنهن انگ سان.

 

صبر:   سوڀ ٿي تن جي سدائين، صبر جن جو سير آ،
ڪين ٿو وئرٿ وڃي اڻ گـُس انهن جو تير آ.

 

عيب جوئي:   گـُڻَ گهڻا انسان ۾ پر هڪ اهو اوگڻ وڏو،
عيب جوئي ۽ چغلخوري ڪرڻ هي ڪم جڏو.

 

نفاق:   بس پيو بيداد ڪاهي، ڪونه آهي ڪٿ نياءُ،
ٿو رکي اڄڪلهه عداوت ڀاءُ پنهنجي ساڻ ڀاءُ.

 

فراق:   شال نا ڪڏهين پوي ڀي پيش هي ڪنهن جي فراق،
سـُڌِ کري کاڌن کي ٻي آ لوڪ جي ليکي مذاق.

 

ناصحاڻا نڪتا:

”فقير مسرور“ جي شاعراڻي جذبات ۾ ڪنهن محبتي ميهار وانگر پريت جو پيغام تمام گهڻو آهي ۽ هڪ درد مند دل رکندڙ درويش وانگر سندس انداز نهايت نماڻو، ٻاجهارو ۽ ناصحاڻو آهي، جيئن درويش جي صفت ڪندي پاڻ ئي مثنويءَ جي هڪ شعر ۾ فرمايو اٿس:

دل سچي درويش جي آ، عرش مولا پاڪ جو،
جت نظارو نور وارو، صاحبِ لولاڪ جو.

 

جيئن الله پاڪ جل شانه، پيءُ ماءُ کان ستر ڀيرا وڌيڪ مشفق آهي تيئن سچيءَ دل وارا درويش به پنهنجي عالم جي انسانن تي سدائين ٻاجهه واري نگاهه ڌريندا آهن. خود ”فقير مسرور“، مثنويءَ جي هڪ اهم ڪردار مَهر اَجو جي واتان، درويشن جي صفت ۾ هڪ گفتو چَوَرايو آهي ته:

”سچ سچي درويش کي عالم سڄو آهي عيال.“

اهوئي سبب آهي جو هر درويش جي ڪلام ۾ انسان ذات جي ڀلائي ۽ ادارڪ لاءِ عشق محبت ۽ حياتيءَ مماتيءَ جي اونهي اسرار جا هزارين نـُڪتا موجود هوندا آهن. ساڳيءَ ريت ”فقير مسرور“، مثنوي هير رانجهي ۾ به پنهنجو اهو درويشي فرض نڀايو آهي. مثال لاءِ ڪجهه شعر هت ڏجن ٿا:

 

اولاد جو فرض: جو نه ٿو ٻالڪ مڃي ڪجهه ماءُ ۽ پيءُ جو چيو،
وِههُ اهو اولاد تن جي آهه اکين تي ٿيو.

 

زمانو:  اڄ زمانو آ زبون جو آخرين ٻڌجي صدي،
ٿو ملي نيڪي ڪئي اڄ ڪلهه عيوض ان جو بدي.

 

اڄوڪا فقير:   مڪر جا سڀ معرڪا ميڙي، ٿيا ماڻهو فقير،
دل اٿن ابليس جي ظاهر ته ڄڻ روشن ضمير.

 

بد فعل:       ڪوڙ ۽ چغلي گلا پڻ هي ڪميڻو آهه ڪم،
فعل بد سان بد ٿجي ٿو، ورنه آهي پاڪ ڄم.

 

ڀائپي: ڇا ڀلا ڀائن بنا مجلس به ڪا سهڻي ٺهي،
ڀائرن جي ئي مدد سان حل سڀ مشڪل رهي.

 

ڀاءُ بن درڪار ڇا هي، ڀاءُ بن سنسار سـُڃَ،
ڀاءُ بن بازو ڀڳل پڻ ڀاءُ بن چوڌار سـُڃَ.
بخت واري جا ٻيا ڀي گر لکين ڀائر بِهَن.
اوپرا پر رنج ۾ رانجها نه ٿا پنهنجا ٿِيَن.

 

حڪمت:       ٿو بڻائي ڪم سڀن جا هو ته حڪمت سان حڪيم،
پاڻ ٿو ڄاڻي ته پنهنجي انت کي آگو عليم.
ڏينهن ڏکڙڻ جا مٽائي ٿو مـِـٺو مولا جڏهن،
هر طرف کان ڪم مڙيئي ٿا ٿين سولا تڏهن.

 

عيب ڍڪڻ:   عيب سچ ٻي جو ڍڪڻ انسان کي واجب ضرور،
پڻ ڪجي سو در گذر جي ڪجهه هجي ڪنهن ڏي قصور.

 

رضا تي راضي رهڻ:   جو ملي نالي خدا جي، سو وٺي وجهجي پلي،
پڻ ٿجي راضي رضا تي خيرُ جو سِڪَ سان ملي.

 

قلبي وارداتون:

هيءَ مثنوي ”فقير مسرور“ 31 آڪٽوبر 1927ع کان لکڻ شروع ڪئي ۽ 28 مارچ 1932ع تي لکي پوري ڪئي. انهن ساڍن چئن سالن جي عرصي ۾ ”فقير مسرور“ مٿان جيڪي قلبي وارداتون رونما ٿيون آهن تن جو پڻ ڀرپور عڪس هن مثنويءَ ۾ نظر اچي ٿو. جن جو مختصر پس منظر ۽ خاڪو هن طرح آهي:

اول ته عشق جي هن رمز واري قصي لکڻ دوران 4، جولاءِ 1931ع ڌاري سندس محبوب استاد، والد ۽ علم و دانش جو پيڪر مخدومي ميان رحيم بخش بدوي جو انتقال ٿي ويو. جنهن جي درد نه صرف سندس ڪلام ۾ پر سندس آواز ۾ به سوز ڀري ڇڏيو.

انهيءَ کانپوءِ سندس هڪ پيارو ساٿي، دوست ۽ شڪارپور جو مشهور گويو ”حافظ احمد“ به لاڏاڻو ڪري ويو، جنهن سان گڏجي سوين روح رچنديون محفلون ڪيون هئائين. جنهن جي وڇوڙي ۾ پاڻ ڪيتريون ڪافيون به چيون اٿائين.

انهن ساڍن چئن سالن جي عرصي ۾ ملازمت سانگي، کيس پنهنجي پير مغان جي مئخاني کان پري مدئجي، نوشهري، حيدرآباد ۽ شهدادپور ۾ رهڻو پيو. جنهن ڪري منجهس ديدار ۽ وصل جي تڙپ ۾ وڏو اضافو ٿيو. جتي هفتن جا هفتا وصل جي مئي جا پـُر  پيالا نوش ڪندو هو، اتي هن نماڻي فقير لاءِ هفتي جو هڪ ڀيرو وڃي باقي رهيو هو.

ان کان علاوه سندس خوبرو دوست استاد، خانصاحب سينڌي خان کي، سنڌ جو مشهور عاشق، غازي، سائين محمد فقير کٽياڻ عليـه رحمـه پاڻ سان وٺي وڃي کٽياڻن ۾ پنهنجي مئخاني تي رهايو. انهي محبوب دوست جي جدائيءَ ۾ به ”فقير مسرور“ هنجون هاريون آهن.

انهن مذڪوره ساڍن چئن سالن ۾ عشق مٿس وڏي ڌم ڌڙي لائي ڏني. سندس طبع ۾ طرب ته اڳي ئي هو، پر بره جي انهن ڀڙڪن سندس ٻوليءَ کي به ٻاجهارو ڪري ڇڏيو. جنهن ڪري به فراق جي حال قال، نينهن اڇل ۽ عشق جي نت نين رمزن کي پاڻ نهايت نفاست سان ”مثنوي هير رانجهي“ ذريعي نروار ڪيو اٿس. جن جا مثال جاءِ بجاءِ نظر اچن ٿا، مثال طور:

رانجهي جي پيءُ موجو چوڌريءَ جي مرڻ واري واقعي ۾ پنهنجا جذبات اهڙي طرح پيش ڪيا اٿس، جنهن مان سندس ڦوڙائي ۽ فراق جو سمورو درد محسوس ٿئي ٿو:

چار دن چٽڪو سڄوئي، خواب هي دنيا خيال،
دائما يڪسان نه مَاندَ، هي سچو آهي مثال.

 

نانهه ڪو نيبهه ڪنهين سان ڪين آ ڪنهن کي بقا،
ذات باريءَ کانسواءِ سڀ آ ٻيو فاني فنا.

 

جا لکي تقدير ۾ آ، سا اَوس پاڙڻ پئي،
دم حياتي دير تائين جوش ۾ جالڻ پئي.

 

اهڙيءَ طرح رانجهي کي جڏهن نوڪريءَ مان ڪڍيو ٿو وڃي ته به سندس اداس ۽ ملول من جي عڪاسي ٿيل نظر اچي ٿي، لکيو اٿس:

نت نوان دم دم نظارا قسمتي ڪم ڪار جا،
ٿو پسي انسان، جي اونڌا سنوان سنسار جا.

 

نا سدا جوڀن جواني، نا سدا باغ و بهار،
نا سدا ئي هجرههءِ ههءِ نا سدا گڏ غمگسار.

 

رنداڻيون موجون:

مثنوي هير رانجهي ۾ ”فقير مسرور“ جي عاشقاڻي مزاج سان گڏ رنداڻيون رمزون به تمام گهڻيون موجود آهن. هڪ هنڌ هير رانجهي کي مخاطب ٿي چوي ٿي:

عشق جو، جي دم هڻين تان ڪين مهڻن کان ڊڄج،
ماٺ ۾ رانجها ميان هي قدرتي سڀ ڪم ڏسج.

 

رند عاشقن جو چوڻ آهي ته عشق جي دڳ سان هزارين نفساني بلائون آهن ۽ سوين سور، الزام ۽ تهمتون آهن پر رند اهو آهي جو نينهن جي نشي ۾ سڀڪجهه سرتي سهي ۽ واتان ڪجهه نه ڪڇي مگر سندن دل، ڪوريءَ وانگر مسلسل ڌيان سان عشق جي تاڃي اڻندي رهندي آهي. برهه جي هن ڀيد کي هير جي حوالي سان هن طرح ٻڌايو اٿس:

نينهن ۾ ٿي هير نانگي، ڀوءُ ڀڃي لوڙهي لَڄون،
سڀ سياپا لاڳ لاهي پڻ سٽي سانگا سَڌون.

 

عشق وارا ٿا رکن سڀ ڳالهه ڳجهڙي عام کان،
ڪَلَ نه ڪن ڪنهنکي، رهن سي مست پنهنجي مام سان.

 

عشق ۾ هرگز نه ڪندس ساهه سامان جو لحاظ،
لا چئي لوڙهي ڇڏيندَس، دين ايمان جو لحاظ.

 

مان نفي نيباهه سان، اثبات ۾ ايندس وري،
سچ چئي سچ تي ڇڏيندس، ساهـُه سـِـرُڪَرِ خاطري.

 

مون ڪيو ايمان محڪم عشق جي دامن وٺي،
من مَڪو مسجد ٿيو ٻي ڪفر جي ڪوٺي ڊٺي.

 

نحوي بناوتون:

عام طرح ڪنهن به زبان ۾ لفظ جوڙڻ جا ڪي خاص قاعدا ڪونه هوندا آهن پر جيئن ته هر ٻوليءَ ۾ شاعر جي زبان کي گهڻو ڪري معياري ليکيو ويندو آهي انهيءَ ڪري صرف نحو جا قاعدا به خاص طور انهي جي ٻوليءَ ۽ سندس لفظن جي گهڙت تي ئي لاڳو ٿيندا آهن، ڇاڪاڻ ته شاعر پنهنجي مرضيءَ سان هر لفظ کي ننڍو يا وڏو ڪري به استعمال ڪندا آهن.

شاعريءَ ۾ لفظن جي اهڙي ڦير ڦار ”فقير مسرور“ به ڪئي آهي، اچو ته مثنوي هير رانجهي جي حوالي سان انهيءَ جو مطالعو ڪريون.

 

ترخيم:

رخم جي معنيٰ آهي ننڍو ڪرڻ. هن حالت ۾ لفظ جو پويون حرف ڪريل هوندو آهي مثال طور:

*      ڏس پڇي جئن جو وئي ملڪي پئي هن ڏاهه سان.

*      ليڪ حشمت پيءُ جي کان هو ڪري ڪجهه نا سگهن.

*      خوب ملڪيءَ کي تپايو لوڪ جي مهڻي ملام.

*      ڪين توکي ناس نڪ آ هوند هاڻي ٻـُڏ مرين.

اهي اصل لفظ ڏاهپ، ليڪن، ملامت ۽ ٻـُـڏي آهن، جن کي شاعر پنهنجي شعر جي وزن کي برابر رکڻ لاءِ ننڍو ڪري استعمال ڪيو آهي.

 

حذف:

شاعر پنهنجي مرضيءَ مطابق لفظ جي ڪنهن حرف کي حذف به ڪندا آهن مثال طور:

*      موج سانوڻ سرگرم آ، جهڙ بدل برسات آ.

*      ان سبب تنهنجي چوڻ تي ڪونه ٿو ويسهه اچي.

*      ٿو ڪري مون عشق آگهه، هي سڄو بي سود بم.

مٿين مصراعن ۾ بدل، ويسهه ۽ آگهه اصل لفظ بادل، ويساهه ۽ آگاهه آهن جن جا حرف حذف ڪيل آهن.

 

تحريڪ:

شاعريءَ ۾ ڪجهه متحرڪ لفظن کي ساڪن ۽ ساڪن کي متحرڪ ڪري به لکيو ويندو آهي. جنهن کي تحريڪ ۽ تسڪين چئبو آهي. هت مثنوي مان تحريڪ جا ڪجهه مثال پيش ڪجن ٿا:

*      مِهَر مان ست پـُٽ تنهين کي اڳ ڏنا آگي عليم.

*      حال هن تي گهر سڄو ئي ڀينرون ڀاڄائيون.

*      سيج کي ايندي سڀيئي چو طرف ويڙهي ويون.

اشباع:

اشباع انهيءَ حالت کي چئبو آهي جنهن ۾ لفظ جي ڪنهن حرف کي ايترو ڊگهو ڪجي جو پيش زبر ۽ زير مان ”ي“ جو اچار نڪري، مثال طور:

*      ونجهليءَ تي لهءِ ٻڌڻ جي لاءِ فرمائيش ڪئي.

*      ويڙهه ۾ واگهن جيان پئجي ٻکين ٻيئي ويا.

ابدال:

ابدال جي معنيٰ آهي تبديل يا ڦير گهير، جيئن هيٺين مصراعن ۾ ڏنل آهي:

*      جو ٿيو راهي پتڻ تان ٻاهران وڻجي بجاج.

*      هير هي واري چيو اي لاڏلا دانهه لکي.

بجاج اصل عربي زبان جو لفظ ”بزاز“ آهي جنهن جي معنيٰ ڪپڙي جو واپاري، اهڙيءَ طرح دانهه، اصل لفظ داناءُ آهي.

لفظن جو انتخاب:

بيشڪ ”فقير مسرور“ جي ٻولي ڏاڍي وڻندڙ، عمدي ۽ سلوڻي آهي. ڪردارن جي فطري گفتگو دوران ڪيترائي مستعمل لفظ ته استعمال ڪيا آهن پر جيئن ته پاڻ سنڌيءَ سان گڏ فارسي، عربي ۽ سنسڪرت ٻولين کان به واقف هو، انهيءَ ڪري ڪيترن هنڌن تي انهن ٻولين جا لفظ به استعمال ڪيا اٿس، جهڙوڪ:

سنڌي: *     پڻ پکي آرام لهءِ چوڻون چڳي پيٺا پکين. (مصدر پيهڻ جو ماضي مطلق)

*      ڪين ڪندو نوڪري جي هو وڏاڻو آ وياءُ. (وڏي گهراڻي وارو)

*      انڪري رانجهو پهائي گهر اچون گڏجي ٻئي. (پرچائي)

فارسي:        *      پڻ ڏسڻ ۾ نيڪ سيرت ۽ گهڻو زِيرَڪُ سجهي. (ذهين -سڄاڻ)

سنسڪرت:    پت وٺي پَرتِيت، ان کانپوءِ ڀل بيهارجي. (بصيرت - يقين)

عربي:  سينڌ سرمو ڪين توريءَ، پڻ سـُهيلا سرڪيان. (سهيل=چمڪندڙ ستارو)

سـُهيل (چمڪندڙ ستارن) مان سـُهيلا جو لفظ ٺاهي استعمال ڪرڻ جو مطلب اهو آهي ته عورتون جيڪو چمڪندڙ ٻورو (ستارن جهڙو) وارن ۾ وجهنديون آهن، انهيءَ جو صحيح تاثر پيدا ٿئي.

”فقير مسرور“ مثنوي هير رانجهو ۾ عشق جي رنگ ۽ راز جا تمام گهڻا املهه موتي ماڻڪ پوتا آهن. مون پنهنجي ناقص علم تحت ان جي مختصر اکيڙ ڪئي آهي. ان جي باوجود به ڪيتريون نزاڪت واريون ڳالهيون اڃان رهجي ويو آهن. جنهن لاءِ مون کي اميد آهي ته سڄاڻ پڙهندڙ هن مثنويءَ مان پنهنجي پنهنجي علم، ڄاڻ ۽ محبت موافق تحقيق ڪندا ۽ سندس هن محبتي پورهيي مان عشق، علم ۽ خدمت جون سرڪيون ڀري پيئندا.

”فقير مسرور“ جي هيءَ تصنيف (31 آڪٽوبر 1927ع کان 28 مارچ 1932ع تائين لکي مڪمل ڪيل) سندس مڪمل ٿيڻ جي اٽڪل پنجهتر سالن کانپوءِ شايع ٿي رهي آهي، ايتري دير جو هڪڙو سبب ته اهو آهي ته ”فقير مسرور“  جون سموريون تصنيفون گهڻو ڪري پروفيسر مرحوم لطف الله بدوي صاحب جن وٽ پيل هيون، جنهن کي پنهنجي علمي ادبي ڪمن جي مصروفيت سبب ”فقير صاحب“ جي جيئري توڙي سندس وصال کان پوءِ به ڪيترا سال سندس تصنيفن کي شايع ڪرائڻ جو موقعو نه ملي سگهيو، جڏهن ته ڊاڪٽر دائود پوٽي مرحوم، آغا صوفي مرحوم، حڪيم فتح محمد سيوهاڻي مرحوم يا آنجهاني ڄيٺمل پرسرام جهڙن، ان زماني جي ناميارن اديبن جو خيال به هو ته ”فقير صاحب“ جون تصنيفون ضرور ۽ جلدي شايع ٿيڻ گهرجن، ان صورتحال کي ڏسندي بعد ۾ اسان جي مربي برادرم سائين احمد بخش بدوي صاحب کانئن سموريون تصنيفون واپس وٺي ورتيون. جيڪي پوءِ اٽڪل 1975ع ڌاري پاڻ مهرباني فرمائي اهي منهنجي حوالي ڪيون.

ايتري دير جو ٻيو بنيادي سبب اهو هو ته ،جي ادبي ڪم متعلق، سواءِ چند سوانحي يا تعزيتي مضمونن جي، اهڙو ڪو به علمي ادبي معيار جو مقدمو تيار ڪونه هو، جيڪو ”فقير صاحب“ جي  ادبي پورهيي کي شايع ڪرائڻ جو بنيادي حق ادا ڪري سگهي، سنڌ ڪا گدڙن ڪانه کاڌي هئي پر هر ڪو پنهنجي نفسانفسيءَ ۾ مبتلا هو، تڏهن الله پاڪ کي عرض ڪيم، جنهن پنهنجي هن نٻل ۽ اڻڄاڻ ٻانهي تي ڀورائي ۾ ڀال ڪيا ۽ ”فقير صاحب“ جي ادبي پورهيي کي تڪميل تائين رسائڻ ۾ پنهنجي غيبي مدد فرمائي.

قدرت کي به يقينن ائين ئي منظور هو ڇاڪاڻ ته ”فقير صاحب“ جو علمي ادبي پورهيو سنڌي ادبي بورڊ جي تمام عظيم ۽ ناميارن چيئرمينن ۽ سيڪريٽرين جي دورن م ڪوششن جي باوجود به شايع ٿي نه سگهيو هو، بهرحال اهو ڪريڊٽ بورڊ جي هاڻوڪي عملي، خاص طور ان جي سيڪريٽري صاحب ۽ بورڊ جي ميمبرن کي ملڻو هو، جنهن لاءِ مان سنڌي ادبي بورڊ جي سيڪريٽري مانواري اعجاز احمد منگيءَ ۽ ان جي سموري عملي ۽ بورڊ جي انهن سمورن ميمبرن جو تهدل سان ٿورائتو آهيان جن ”فقير صاحب“ جي هن گرانقدر تصنيف کي شايع ڪرڻ ۾ تعاون ڪيو آهي.

خاص طور مان پنهنجي مربي برادرم سائين احمد بخش جو به نهايت دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان جنهن پنهنجي ڪشاده دليءَ جو مظاهرو ڪندي ”فقير مسرور“ جا قلمي نسخا مون جهڙي ادب جي طالبعلم جي حوالي ڪيا.

”فقير مسرور“ وڏي لڪ جو صاحب هو ۽ پنهنجي رندي يا درويشيءَ کي دنيا آڏو ڪڏهن به ظاهر نه ڪيائين پر سندس ڪلام ۾ اهي اهي راز ۽ رمزون رکيل آهن جو پڙهڻ سان حجاب جا هزارين پردار پري ٿي وڃن ٿا. پاڻ هڪڙو اهڙو ڪلام به لکيو اٿس جيڪو مثنويءَ جي هن ذڪر جي اختتام تي ڏيڻ ضروري ٿو سمجهان. فرمايو اٿس:

ڪَچُ ڪوڙ ڌوڙ ميڙي، ويٺس ڪڍي دڪان،
سستو ڏيان ٿو توڙي، گهر ۾ پيو گران.
سڀڪو وٺي سگهي ٿو، ٻالڪ ٻڍو جوان،
بيشڪ ڏسي وٺي سو، جنهن کي پوي گمان.
هر ڪوئي پنهنجي پَر ۾، پوٿي پڙهي قرآن،
جنهن کي وڻي وٺي سو گـُپ چپ ۾ هي گيان.

 

 

(فقير مسرور)

 

 

ڪوئيٽا: 16 - جون - 1994ع

مخلص

بيدل مسرور بدوي

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org