| 
															1- پلايو پٿيڪس   
															
															  
															
															PLIOPTHECUS 
															
															22 ملين سال 
															اڳ کان 12
															
															
															 ملين
															
															
															سال اڳ تائين 
															
															سڀ کان اوائلي پروٽو- 
															ايپس مان هڪ نسل، 
															جيڪو ڏسڻ ۾ هاڻوڪي 
															لنڊي لنگور 
															(Gibbon) جهڙو هو. ان جون ٻانهون قد جي 
															ڀيٽ ۾ هروڀرو ڊگهيو 
															ڪونه هيون، وڻن تي 
															لڏڻ ۾ مهارت هئس. قد 
															جي لحاظ کان تمام 
															ننڍڙي هن نسل کي ڏندن 
															۽ کوپڙيءَ جي بنياد 
															تي لنڊي لنگور واري 
															سلسلي جو ابو ڏاڏو 
															سمجهيو وڃي ٿو.   | 
														
															| 
															2- پروڪائونسل 
															
															  
															
															  
															Proconsul 
															20 ملين سال 
															اڳ
															
															
															کان 10 
															
															ملين 
															سال اڳ 
															تائين.(مايوسين 
															زمانو)(Miocene 
															Period) 
															
															هن مخلقوق جي ڍانچي 
															جون ٽڪرن ٽڪرن ۾ 
															بيشمار هڏيون مليون 
															آهن، ان جو شمار تمام 
															اوائلي بن مانسن ۾ 
															ٿئي ٿو، جيڪو چمپانزي 
															نسل ۽ شايد گوريلا جو 
															ابو آهي. اهو نسل 
															پلايو پٿيڪس جو همعصر 
															آهي، ان جون هڏيون 
															گهڻو ڪري اتان ئي ملن 
															ٿيون، جتان 
															پلايوپٿيڪس جا پنڊ 
															پهڻ ملن ٿا.   | 
														
															| 
															3- ڊرايوپٿيڪس   
															
															  
															
															
															DRYOPITHECUS 
															
															15 ملين سال 
															اڳ کان 8 ملين سال اڳ تائين. 
															(مايوسين زمانو) 
															
															جيتوڻيڪ هن نسل جا 
															تمام ٿورڙا ۽ اڻپورا 
															پنڊ پاهڻ مليا آهن، 
															تنهن هوندي به 
															ڊرايوپٿيڪس جي ڄاڙي ۽ 
															ڏند سندس خاصيتن کي 
															چڱيءَ طرح بيان ڪن 
															ٿا. قد جي لحاظ کان 
															ٽن فٽن جيترو هيءُ 
															اوائلي بن مانس يورپ، 
															چين ۽ اتر هندستان ۾ 
															رهندو هو. بيهڪ جي 
															لحاظ کان جسم اڳتي 
															جهڪيل، ڊگهيون ٻانهون 
															۽ جسم تي گهاٽا وار 
															هئس. ٻن پيرن تي هٿن 
															جي هلڪي ٽيڪ سان ائين 
															هلندو هو جيئن اڄڪلهه 
															جا بن مانس هلندا 
															آهن.   | 
														
															| 
															4- اوريوپٿيڪس   
															
															  
															
															OREOPITHECUS 
															
															15 ملين سال 
															اڳ کان 8 ملين 
															سال اڳ تائين. 
															
															ماڻهوءَ جهڙي نسل 
															اوريوپٿيڪس بابت راءِ 
															اهي ته اهو ٻن پيرن 
															تي هلندو هو، چار فٽ 
															قد ۽ وزن 80 پائونڊ 
															هئس. سندس ڏند ۽ ڍاڪ 
															جي هڏين سائنسدانن کي 
															سوچڻ تي مجبور ڪيو ته 
															ڇا اهو انسان جو ابو 
															آهي، پر هاڻي اهو 
															بهتر طور نتيجو ڪڍيو 
															ويو آهي ته اهو هڪ 
															انوکو بن مانس هو. 
															
															  | 
														
															| 
															5- راماپٿيڪس سواپٿيڪس   
															
															  
															
															Ramapithecus 
															
															14 ملين سال  اڳ کان
															
															
															12 ملين سال
															
															اڳ تائين. 
															
															هن مهل تائين ماڻهوءَ 
															جهڙي لڌل سڀ کان 
															اوائلي مخلوق 
															راماپٿيڪس آهي. گهڻن 
															محققن جي راءِ آهي ته 
															اها مخلوق انساني 
															ارتقا واري سلسلي ۾ 
															سڌي طرح ڳنڍجي ٿي. هن 
															مخلوق کي ”آدم نما“ 
															رتبو ڪجهه ڏندن، 
															ڄاڙيءَ جي ڪجهه ٽڪرن 
															۽ تارونءَ جي بيهڪ جي 
															بنيادن تي مليو، جيڪي 
															بنا ڪنهن غلطيءَ جي 
															انساني شڪل جا آهن. 
															هن مخلوق جو قد ساڍا 
															چار پنج فٽ هو. هن 
															مخلوق جا پنڊ پاهڻ 
															اتر هندستان، پاڪستان 
															۽ آفريڪا مان لڌا ويا 
															آهن. پوٺوار ۾ ان جا 
															پنڊ پاهڻ 8- ملين سال 
															پراڻا آهن. جنهن کي 
															”راماپٿيڪس انڊيڪس“ 
															نالو ڏنو ويو آهي.   | 
														
															| 
															6- آسٽرالوپٿيڪس   
															
															  
															
															australopithecus 
															
															2 ملين سال(Australopithecus)اڳ 
															تائين. 
															
															راما پٿيڪس ۽ 
															آسٽرالوپٿيڪس اڻپورن 
															ماڻهن جي وچ ۾ 9- 
															ملين سالن جو وقفو 
															آهي. ان عرصي دوران 
															اڻپورن ماڻهن وڏي 
															ترقي ڪئي، اهي اڀا 
															بيهي پنڌ ڪرڻ لڳا، 
															زمين تي رهندا هئا ۽ 
															ممڪن آهي ته پنهنجي 
															بچاءَ ۾ پٿر استعمال 
															ڪندا هئا.   | 
														
															| 
															7- پران ٿروپس   
															
															  
															
															Paranthropus 
															
															1.7 ملين سال اڳ کان 
															0.9
															
															ملين سال اڳ تائين. 
															
															جيتوڻيڪ هيءُ نسل اڀو 
															بيهندڙ آهي ۽ انساني 
															خدوخال هئس، ان هوندي 
															به پران ٿروپس انساني 
															ابن ڏاڏن ۾ ارتقائي 
															ڇيڙي جي نمائندگي ڪري 
															ٿو. هو پنهنجي وڏي 
															ڄاڙي ۽ ڏاٺن مان گاهه 
															خور ڏسجي ٿو ۽ ان ريت 
															هن سڌريل 
															آسٽرالوپٿيڪس سان 
															برابري ٿي ڪئي، جيڪو 
															نسل پوءِ شايد جلد ئي 
															فنا ٿي ويو. 
															
															  | 
														
															| 
															8- سڌريل آسٽرالپٿيڪس   
															
															  
															ADVANCE_AUSTRALOPITHECUS 
															1.7 ملين 
															سال اڳ
															
															کان 0.9 ملين سال اڳ تائين. 
															
															اڳئين آسٽرالوپٿيڪس 
															کان مختلف ۽ وڏي 
															کوپڙي وارو سڌريل 
															آسٽرالوپٿيڪس پران 
															ٿروپس جو همعصر هو. 
															ٻنهي وٽ ابتدائي 
															اوزار هئا، پر ٻئي يا 
															ٻنهي مان ڪو هڪ اهي 
															اوزار ٺاهيندو هو؟ 
															اهو اڃا طئه نه ٿيو 
															آهي. قد بت ۾ اهي ٻئي 
															نسل پنجن پنجن فٽن جا 
															هئا. 
															
															  | 
														
															| 
															9- اُڀو ماڻهو 
															
															  
															
															Homo Ecrectus 
															
															0.8 ملين سال 
															اڳ کان 0.4 ملين سال 
															اڳ
															
															تائين.
															
															
															(پلائسٽوسين زمانو) 
															
															اسان جي پنهنجي نسلي 
															سلسلي جو پهريون 
															ماڻهو، هوموايرڪٽس هڏ 
															ڪاٺ جو جديد پر هٿن ۽ 
															دماغ جي لحاظ کان 
															گهڻو پوئتي هو. ان جي 
															کوپڙي فقط هيٺئين 
															درجي تائين وڌيڪ هئي. 
															هن اوائلي ماڻهوءَ 
															بابت چيو وڃي ٿو ته 
															هو برادريءَ طرف وڌيو 
															هو ۽ باهه جي استعمال 
															کان واقف ٿي چڪو هو.   | 
														
															| 
															10- اوائلي باشعور ماڻهو   
															
															  
															
															Early Homosapiens 
															2.70 لک
															
															
															سال اڳ کان 
															1.70 لک سال اڳ 
															تائين. 
															
															يورپ جا ٽي پنڊ پهڻ 
															ماڻهو 
															Steinheim, Swanschombe ۽ 
															Montmaurin ماڻهوءَ جي جديد نسل جا شايد سڀ 
															کان اوائلي مثال هجن. 
															سندن ڏندن جي بيهڪ 
															ابتدائي آهي، پر 
															کوپڙيءَ جو پويون حصو 
															۽ چهرو وڌيڪ جديد 
															آهي. دماغ جي گنجائش 
															به جديد دائري ۾ آهي.   | 
														
															| 
															11- مڪمل ماڻهو   
															
															  
															
															Solo Man 
															
															هڪ لک سال 
															اڳ کان 60 هزار
															
															سال اڳ تائين. 
															
															جاوا ۾ هوموسيپائينز 
															جو هڪ ختم ٿيل نسل 
															”مڪمل ماڻهو“ لڌو ويو 
															آهي. ان جون فقط ٻه 
															ٽِڻيون ۽ کوپڙيءَ جا 
															ڪجهه ٽڪرا مليا آهن. 
															انهن مان خبر پوي ٿي 
															ته سندس هڏ ڪاٺ ڏسڻ ۾ 
															جديد هو. سندس مٿو 
															وڏو ۽ ٿلهو هو. ان جا 
															ڀرون ڳرا ۽ پيشانيءَ 
															کي لاهِي هئي.   | 
														
															| 
															12- رهوڊيشيائي ماڻهو   
															
															  
															
															Rhodesian Man 
															50 هزار سال
															
															
															اڳ کان 30 هزارسال
															
															اڳ تائين. 
															
															آفريڪا ۾ رهندڙ 
															هوموسيپائنز جي هڪ 
															ختم ٿيل نسل جا هي 
															ماڻهو هومو ايرڪٽس جي 
															ڀيٽ ۾ وڌيڪ جديد پر 
															پهرئين قديم آفريڪي
															
															Bush-manlike ماڻهن کان وڌيڪ ابتدائي هئا. ان نسل جا پنڊ پهڻ پٿر 
															ڇلڻ ۽ گهڙڻ جي اوزارن 
															سان گڏ مليا آهن. 
															انهن وٽان هڏين جا به 
															اوزار لڌا آهن. 
															
															  | 
														
															| 
															13- نيندر ٿال ماڻهو   
															
															  
															
															NENDERTHAL MAN 
															
															هڪ لک سال 
															اڳ کان 40 
															هزار سال اڳ تائين. 
															
															پيليوليٿڪ يا پٿر جي 
															اوائلي دؤر واري هن 
															نسل جا ماڻهو ڀونءِ 
															وچ سمنڊ جي ڀرپاسي ۽ 
															يورپ ۾ پکڙيل هئا. ڪن 
															حالتن ۾ انهن جي 
															کوپڙي جديد ماڻهوءَ 
															کان وڏي هئي. هن نسل 
															سڌريل ڊزائينن وارا ۽ 
															مختلف قسمن جا اوزار 
															ٺاهيا.   | 
														
															| 
															14- ڪروميگنان ماڻهو 
															
															  
															
															  
															CRO-MEGNON MAN 
															
															40 هزار سال 
															اڳ کان 10هزار سال اڳ 
															تائين. 
															
															جديد ماڻهوءَ کان 
															ٿوري ثقافتي فرق واري 
															ڪروميگنان ماڻهوءَ 
															دنيا ۾ پنهنجو فن 
															ڇڏيو آهي. ان نسل جي 
															آرٽ ۾ غارن ۾ ٺهيل 
															تصويرون، اُڪريل پٿر 
															۽ گهڙي مورتيون آهن. 
															هن يورپ ۾ نيندرٿال 
															جي جاءِ ورتي ۽ 
															آباديءَ جي لڏ پلاڻ 
															ذريعي، لڳي ٿو ته سڄي 
															دنيا تي قابض ٿي ويو. 
															سنڌ ۾ هي نسل 
															ميسوليٿڪ دؤر جو 
															ماڻهو ٿي سگهي ٿو.   | 
														
															| 
															15- جديد ماڻهو   
															 
															
															MODERN MAN 
															
															40 هزار سال 
															اڳ کان 
															اڄ تائين. 
															
															جديد ماڻهو جسماني 
															طرح ڪروميگنان کان 
															ڪجهه مختلف آهي. ٻنهي 
															کي جدا ڪندڙ شئي ڪلچر 
															آهي. هن ماڻهوءَ 
															جانور پالڻ ۽ ان پائڻ 
															جا طريقا سکي خانه 
															بدوش زندگي ڇڏي مستقل 
															رهائش سکي ورتي. هي 
															ميسوليٿڪ ۽ نيوليٿڪ 
															دؤرن جو ماڻهو آهي. |