| 
								
								خليفي گل جي شاعريءَ تي تنقيد جو باقاعدي آغاز 
								’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ جي مصنف محمد صديق ميمڻ ڪيو، 
								ان وقت تائين جيئن ته ڪافي ديوان سنڌيءَ ۾ اچي چڪا 
								هئا، جن تي روايتي فارسي شاعريءَ جو انداز خاص طور 
								هيئت جي لحاظ کان يعني علم عروض بحر ۽ وزن سڀ کان 
								اولين ۽ لازمي خصوصيت نه بلڪ ضرورت سمجهي ويندي 
								هئي. تنھنڪري ديوان گل کي به ان معيار جي لحاظ کان 
								پرکڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ان ڪري ديوان گل ۾ ڪجهه 
								قافين طور آندل لفظن تي سخت ناپسنديدگيءَ جو اظھار 
								ڪيائين(89). 
								
								اهڙي قسم جي تنقيد سنڌي عروضي شاعريءَ جي وڏي 
								ڄاڻوءَ ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل به ڪئي، پر ساڳئي 
								وقت گل جي حمايت ۾ گهڻو ڪجهه چئي به ڇڏيائين(90). 
								ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته گل مرحوم ڪٿي ڪٿي موزونيت کان 
								بنهه ڪري پيو آهي ۽ اڪثر لفظن جي بيهڪ کي گهٽ وڌ 
								ڪري ٿو، مگر ياد رکڻ گهرجي ته اها شاعريءَ جي 
								ابتدائي حالت آهي، جنھن ۾ سڀئي مشھور زبانن جا 
								استاد ائين ڪندا هئا، اوهين فردوسيءَ جي شاهناميءَ 
								۾ اهڙا ڪيترا لفظ ڏسندا جي مروج صورت کان ٻيءَ طرح 
								استعمال ڪيا ويا آهن، جهڙوڪ ساڪن کي مشدد ۽ مشدد 
								کي ساڪن ڪرڻ يا ٻه ٽي اکر حذف ڪرڻ يا تقطيع ۾ پورو 
								نه بيهارڻ! ابتدائي حالت ۾ هر ڪنھن زبان جا شاعر 
								ڪندا آيا آهن، جي ان وقت جي حالت موجب گرفت جي 
								قابل نه آهن، حالانڪ اڄ ائين ڪرڻ جائز نه ليکيو 
								ويندو. 
								
								گل جي شاعريءَ بابت تنقيدي لحاظ کان گهڻو ڪجهه 
								لکيو ويو آهي، تاهم سندس صحيح قدرداني گهٽ ڪئي وئي 
								آهي. شيخ عبدالرزاق راز پنھنجي تحقيقي مقالي: سنڌي 
								شاعري گذريل هڪ سو ڏهن سالن ۾ خليفي گل کان وٺي اڄ 
								تائين ۾ ان جو ڪنھن حد تائين ازالو ڪيو آهي. 
								پھريائين خليفي گل تي ٿيل تنقيد بابت اڳين سان 
								اختلاف راءِ ڪندي لکي ٿو: 
								
								(91) 
								خصوصاً خليفي گل جي ايڏي وڏي محنت جي باوجود سنڌي 
								اديبن ۽ نقادن کيس فقط ٿورڙن لفظن ۾ ياد ڪيو آهي، 
								ان ۾ به تقطيع جي نقائص ۽ غلط تلفظ جو ذڪر خير 
								فرمائيندي ڪجهه بيت پنھنجي دعويٰ کي ثابت ڪرڻ لاءِ 
								دليل طور پيش ڪيا آهن ۽ خليفي گل جي سموري محنت کي 
								هڪ ئي ڌڪ سان ختم ڪري ڇڏيو آهي. شيخ راز 
								سنڌي شاعريءَ ۾ گل جي مقام جو تعين ڪندي هڪ دفعو 
								ٻيهر زور ڏيندي لکي ٿو: 
								غزل جو مواد ۽ ٽيڪنڪ خليفي گل وٽ هڪ نمايان صورت 
								اختيار ڪري ٿي، تنھنڪري اسان جي غزل جو دور گل کان 
								شروع ٿئي ٿو. سنڌي شاعريءَ ۾ مواد خواهه هيئت جي 
								لحاظ کان شاهه لطيف کان پوءِ گل نظر اچي ٿو، جنھن 
								کي اسان جي عوام طبقي عموماً ۽ اهل ادب طبقي 
								خصوصاً نظرانداز ڪيو آهي. گل سان اها نه فقط 
								زيادتي ڪئي وئي آهي، پر هن سان بي انصافي پڻ ڪئي 
								وئي آهي.  
								
								ان کان پوءِ شيخ راز پنھنجي ان ڊگهي مقالي ۾ گل جي 
								شاعريءَ جي مواد کي ستن شعبن ۾ ورهائي شاعر جي 
								داخلي ڪيفيت ۽ خارجي تاثرات کي واضح ڪرڻ جي ڪوشش 
								ڪئي آهي، جنھن تي وڌيڪ بحث ڪرڻ جي هتي گنجائش نه 
								آهي. 
								
								سنڌي عروضي شاعريءَ جو اهو الميو رهيو آهي ته 
								ويهين صديءَ جي شروعات سان ۽ پاڪستان ٿيڻ کان اڳ 
								اها عوامي جذبات ۽ احساسات جي نمائندگيءَ کان بلڪل 
								خالي ٿي چڪي هئي، ۽ اها فقط هڪ مخصوص پڙهيل طبقي 
								جي تسڪين ۽ وندر جو سامان بنجي پئي هئي. اهو وقت 
								هو جڏهن سنڌي سماج خاص قسم جي سياسي سماجي اٿل پٿل 
								جو شڪار هيو، جنھن جا محرڪ جديد ادبي رجحان هئا، 
								تاهم اصل مسئلو عوام جي جذبات ۽ احساسات کي سمجهڻ 
								۽ انهن سان ڪنھن نه ڪنھن سطح تي مخاطب ٿيڻ ۽ کين 
								متاثر ڪرڻ ۽ پاڻ ڏانھن متوجه ڪرڻ جو هو. ان لحاظ 
								کان عوامي شاعري وجود ۾ اچڻ لڳي ۽ اهڙي شاعريءَ جي 
								باقي رهڻ جو امڪان هو. 
								
								انهيءَ پس منظر ۾ خليفي گل محمد ۽ عام سنڌي 
								شاعريءَ بابت سال 1951 ۾ ڊاڪٽر بلوچ پنھنجي تنقيدي 
								راءِ ظاهر ڪندي صحيح چيو هو ته(92): 
								
								’عام سنڌي شاعر جو خطاب عوام الناس کي آهي ۽ نه 
								خاص پڙهيلن کي، انهيءَ ڪري عام سنڌي شعر علمي 
								پيچيدگين کان آجو آهي، عام شعر جي وزني سٽا 
								لچڪيدار آهي. انهيءَ ڪري عام شاعري علم عروض جي 
								نپايل موزون شاعريءَ کان مختلف آهي. موزون شاعري 
								به عام شاعريءَ جي دائري کان خارج ڪانهي، بشرطيڪ 
								موزون شاعريءَ جو خطاب عام هجي. خليفي گل محمد 
								موزون شاعري کي عام محاوري ۽ اصطلاح ۾ نباهڻ جي 
								ابتدائي ڪوشش ڪئي، مگر آهستي آهستي موزون شاعريءَ 
								جا مخاطب خاص علم وارا بنجي ويا، جنھنڪري  موزون 
								شاعري ۽ عام شاعريءَ ۾ هڪ وڏي گهاري پئجي وئي. 
								عروضي شاعر به پنھنجي عام خطاب سان عوام جو شاعر 
								بنجي سگهي ٿو، بشرطيڪ سندس خطاب عام هجي. انهيءَ 
								معنيٰ ۾ خليفو گل محمد  ۽ حافظ حامد عام جا شاعر 
								هئا، حالانڪ سندن شعر اڪثر عروض جي نپايل موزون 
								شاعريءَ ۾ چيل آهي، انهيءَ معنيٰ ۾ اڄ جي شاعرن 
								مان مولوي ثناءُالله ثنائي ۽ مولوي احمد ملاح عام 
								جا شاعر آهن.  
								
								
								حوالا: 
								
								
								  
								
								1.            
								
								
								Ramsay Muir, The Making of   British India, 
								(1756-1858) OUP, 1969, P. 299-300 
								
								2.          
								
								
								هندي اردو تنازعه، ڊاڪٽر فرمان فتحپوري، ص 452 
								
								3.          
								
								
								Hamida Khuhro, The Making of Modern Sindhi, P. 
								224 
								
								4.           
								
								
								George Stack, A Grammar of  the Sindhi  
								Language, SLA & EFT, 2011 
								
								5.           
								
								
								George Stack, A Dictionary of  English  And 
								Sindhi, SLA & EFT, 2011 
								
								6.           
								
								
								Mukhtiar Mallah, The Development of  Sindhi P. 
								65-67 
								
								7.           
								
								
								Hamidah Khuhro, op. cit, 229 
								
								8.           
								
								
								Hamidah Khuhro, op. cit, 229 
								
								9.           
								
								
								Hamidah Khuhro, op. cit, 235 
								
								10.        
								
								
								Allah Rakhio Butt, The Nineteenth Century book 
								trade in Sindh. Thesis. p 90 
								
								11.         
								
								
								Hamida Khuhro, 38, B.H.Ellis, Report, p. 14 
								
								12.        
								
								
								Hamida Khuhro, 238, B.H.Ellis, Report, p. 15 
								
								13.        
								
								
								Hamida Khuhro, B.H.Ellis, Report, p. 15 
								
								14.        
								
								
								Dr. N.A.Baloch 1969, Ellis Report, March 1856 
								
								15.        
								
								
								Ellis Report,  op. cit, p. 15 
								
								16.        
								
								
								Ellis Report,  op. cit, p. 15 
								
								17.        
								
								
								Ellis Report,  op. cit, p. 15 
								
								18.        
								
								
								Ellis Report,  op. cit, p. 15 
								
								19.        
								
								
								Hamida Khuhro,  op. cit,  255 
								
								20.       
								
								
								B.H.Ellis Report, op. cit,  26 
								
								21.        
								
								
								George Stack, Sindhi, English Dictionary, 
								Introduction by  B.H.Ellis, Preface, Dated 
								21.12.1854, SAL & EFT, 2017 
								
								22.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو 
								1968ع، ص 17 
								
								23.     
								
								
								ڊاڪٽر ٻُٽ، ٽماهي مھراڻ بهار، 2004، ص 45-61 
								
								24.       
								
								
								Dr. Butt, op. cit, P. 57 
								
								25.       
								
								
								Dr. Trump, Shah Jo Risalo, Preface, p. x-xi 
								
								26.     
								
								
								سنڌي ٻوليءَ جو گرامر، ٽرمپ، ص 331 ۽ 332 
								
								27.     
								
								
								شاهه جو رسالو، ٽرمپ، ص 18 
								
								28.       
								
								
								Ellis Report, forewording letter, p, 11 
								
								29.     
								
								
								سنڌ جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان اڳ، ص 23 
								
								30.     
								
								
								ڀيرومل اها ساڳي ڳالهه حرف بحرف محمد صديق واري 
								دهرائي، ص 264 
								
								31.      
								
								
								ڀيرومل سنڌي ٻوليءَ جي تاريخ، ص 260-262 
								
								32.     
								
								
								E.H. Aitken P. 474 
								
								ياد رهي ته ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جي ڊئريڪٽرن پنھنجو 
								فيصلو 8 ڊسمبر 1852 تي جاري ڪيو، ليڪن ايٽڪن 
								غلطيءَ وچان 1853 لکيو، اهوئي سال ڀيرومل لکيو 
								جنھن لاءِ ايٽڪن جو حوالو ڏنائين. 
								
								33.     
								
								
								مرليڌر جيٽلي، ٻوليءَ جو سرشتو ۽ لکاوٽ، ص 163 
								
								34.       
								
								
								Dr. Butt, Thesis 1988, p. 90 
								
								35.       
								
								
								Dr. Butt, op.cit, p. 91 
								
								36.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 6 
								
								37.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 
								15 
								
								38.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 
								23 
								
								39.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ، سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 
								24-25 
								
								40.       
								
								
								Dr. Butt, op. cit, p. 90-91 
								
								41.      
								
								
								محمد صديق ميمڻ، حوالو مٿي آيل، ص 68 
								
								42.       
								
								
								Dr. Butt, op. cit, p. 888-113 
								
								43.     
								
								
								مرليڌر جيٽلي حوالو مٿي آيل، ص 162 
								
								44.     
								
								
								محمد صديق ميمڻ سنڌ جي ادبي تاريخ، برٽش حڪومت کان 
								اڳ، ص 116 
								
								(هتي اسان صرف اهي حرف ڏنا آهن جن جون صورتون 
								مقدمة الصلواة جي قلمي نسخن ۽ ڇپيل ڪتابن ۾ نه 
								مليون آهن) دراصل محمد صديق کي قلمي نسخي پڙهڻ ۾ 
								غلط فھمي ٿي آهي جو پن کي پٽ، ڀنجي کي بهنجي، پرکي 
								بهر، دڌي کي دڈي، 
								ٿي کي تهي، مٽو کي مٺو، وغيره پڙهيائين. 
								
								اسان سنڌ جي ادبي تاريخ جي پھرئين ايڊيشن ۾ ڏنل 
								اٺن ئي مثالن کي چڱيءَ طرح جاچي ڏٺو، سندس ڪن حرفن 
								جي اها ڏنل صورتخطي مقدمة الصلواة جي قلمي توڻي 
								ڇاپي ڪتابن ۾ ڪٿي به نظر ڪونه آئي). 
								
								45.     
								
								
								مقدمة الصلواة، ابوالحسن جي سنڌي، قلمي 1115هه، 
								سنڌ آرڪائيوز نمبر 542. 
								
								46.     
								
								
								مقدمة الصلواة، ڪاتب عبدالخالق، مخزونه قاسميه 
								ڪتبخانه ڪنڊيارو. 
								
								47.     
								
								
								مقدمة الصلواة، ڪاتب محمد عثمان سومرو، مخزونه 
								قاسميه ڪتبخانه ڪنڊيارو. 
								
								48.     
								
								
								مقدمة الصلواة ڪاتب نامعلوم 
								
								49.     
								
								
								ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي ٻولي ۽ ادب جي تاريخ، ص 440 
								
								50.     
								
								
								حوالو مٿيون، ص 82 
								
								51.      
								
								
								قاسمي، مقالات قاسمي، ص 604-606 
								
								52.     
								
								
								قليچ بيگ، جواهر الانسان، ص 57 
								
								53.     
								
								
								ڊاڪٽر ٻُٽ، مھراڻ 1/2004، ص 48 ۽ 54 
								
								54.     
								
								
								مٿيون حوالو، ص 54 
								
								55.      
								
								
								مٿيون حوالو، ص 54 
								
								56.       
								
								
								Hamida Khuhro,  cit, p. 233 
								
								57.       
								
								
								Hamida Khuhro,  cit, p. 231 
								
								58.     
								
								
								ٽرمپ جو گرامر، ص 331 ۽ 332 ۽ ايلس رپورٽ حوالو 
								مٿي 28. 
								
								59.     
								
								
								ڀيٽيو محمد صديق طرفان ابوالحسن ڏانھن منسوب 
								صورتخطيءَ جا حرف ۽ ٽرمپ جي جدول جو ٻيو ڪالم جيڪو 
								ايلس کان اڳ سنڌ ۾ مروج صورتخطيءَ کي ظاهر ڪري ٿو. 
								
								60.     
								
								
								ڏسو خليفي گل جي ديوان جي مُهڙ ۾ تمهيد، ص 1 
								(چٽائي) 
								
								61.      
								
								
								ميمڻ عبدالمجيد سنڌي، ٽماهي مھراڻ 2/1972ع، ص 162 
								
								62.     
								
								
								(الف) مقدمة الصلواة مطبع فتح الڪريم بمبئي، 
								1298هه 
								
								(ب) مقدمة الصلواة مطبع ڪريمي بندر بمبئي، 1327هه 
								
								 (ج) مقدمة الصلواة هريسنگهه سکر،  1344/1346هه 
								
								(د) مقدمة الصلواة مطبع عباسي کراچي، 1350 
								
								(هه) مقدمة الصلواة مطبع علوي بمبئي، سال ندارد 
								
								63.     
								
								
								مقدمة الصلواة قلمي حوالو مٿي آيل ص 14، 22، 37، 
								38، 52 
								
								64.     
								
								
								مخدوم  ضياءَالدين جي سنڌي- سنڌي ٻوليءَ جو 
								بااختيار ادارو، ص 7 
								
								65.     
								
								
								راحة المؤمنين جي سنڌي- سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار 
								ادارو، ص 34 
								
								66.     
								
								
								غلام علي الانا، سنڌي صوتيات، ص 64 
								
								67.     
								
								
								ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، ۽ ڊاڪٽر بلوچ، سنڌي 
								صورتخطي، ص 15 
								
								عبدالڪريم لغاري، سنڌي الف- بي جي ارتقا، ص 50 
								
								68.     
								
								
								ڊاڪٽر دائودپوٽو، سنڌي صورتخطيءَ ۾ سڌارو، ص 52 ۽ 
								53 
								
								69.     
								
								
								فتح محمد جالندهري، مصباح القواعد، ص 
								
								I 
								
								70.     
								
								
								قواعد اردو، ص 33 
								
								71.      
								
								
								جامع القواعد، ص 102 
								
								72.     
								
								
								سنڌي صورتخطي، ص 104 
								
								73.     
								
								
								سنڌي ٻاراڻو ڪتاب، ص 43 
								
								74.     
								
								
								اردو قاعدہ، پہلی 
								جماعت کے 
								لیے  
								(2018) ص 46 
								
								75.     
								
								
								سنڌي صوتيات، ص 78-80 
								
								76.     
								
								
								واحد بخش شيخ، سنڌي ٻوليءَ جو صرف و نحو، ص 25 
								
								77.     
								
								
								قاضي محمد اعظم قريشي، سنڌي علم و ادب ۾ هالا جو 
								حصو، الرحيم، جولاءِ-آگسٽ 1987، ص 14 
								
								78.     
								
								
								سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 201، ۽ ديوان گل 
								عبدالغفور هالائي، ص 1 
								
								79.     
								
								
								تذڪره مشاهير سنڌ، ڀاڱو ٻيو، ص 112-114 
								
								80.     
								
								
								  
								
								81.      
								
								
								تذڪره لطفي، ڀاڱو ٻيو، ص 319 
								
								82.     
								
								
								اصغر سائين جو ڪلام، ص 21 
								
								83.     
								
								
								حوالو مٿيون، ص ساڳيو 
								
								84.     
								
								
								کنوز المعارف فارسي، ص 34، توفيق الطالبين، ترجمو: 
								ڪنوز المعرفت، ص 45 
								
								85.     
								
								
								توفيق الطالبين، ص 32 
								
								86.     
								
								
								حوالو مٿيون، ص 238 
								
								87.     
								
								
								توفيق الطالبين، ص 83 
								
								88.     
								
								
								ديوانِ گل ليٿو تي ڇپيل، ص 18، ديوانِ گل قلمي، ص 
								22 
								
								89.     
								
								
								سنڌ جي ادبي تاريخ، ڀاڱو ٻيو، ص 206 ۽ 207 
								
								90.     
								
								
								ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل، نئين زندگي آزادي نمبر 
								آگسٽ 1956 
								
								91.      
								
								
								شيخ عبدالرزاق راز، نئين زندگي سپيٽمبر 1959ع، ص 4 
								
								ڊاڪٽر بلوچ، ٻيلاين جا ٻول، ص 4 |