| 
								
								
								باب ٻيو 
								
								
								زبانن جا خاندان 
								  
								
								مغربي محققن ميريو پي 
								(Mario pei) ۽ ٻين دنيا جي مختلف خطن جي زبانن جا خاندان خطي وار يا 
								خصوصيت وار متعين ڪيا آھن. ڊاڪٽر ميريو پي پنھنجي 
								جڳ مشھور ڪتاب 
								word’s chief languages
								۾ لکي ٿو تھ، ”جيڪو ماڻھو 
								انگريزي، فرينچ، جرمني، اسپئنش، پورچوگيزي، 
								اطالوي، روسي ۽ جپانيءَ جو ٿورو گھڻو عملي تجربو 
								رکي ٿو، سو سڄي دنيا گھمي سگھي ٿو. عربي ۽ چيني بھ 
								ڄاڻي تھ وڌيڪ بھتر آھي(١). 
								
								جيتوڻيڪ وقت گذرڻ سان محققن طرفان ھن موضوع تي 
								گھڻو بحث ٿيو آھي ۽ تقسيم در تقسيم سبب ٻولين جي 
								ڪٽنبن ۽ ذيلي شاخن ۾ تبديلي بھ آئي آھي، پر ميريو 
								پي جي ڪيل تقسيم موجب دنيا ۾ ٻولين جا اٺ وڏا 
								خاندان آھن. اھي آھن: آريائي، سامي، چينائي، 
								منگوليائي، ملائي، دراوڙي، بانتوي ۽ اصلي 
								آمريڪائي. 
								
								آريائي زبانن جا وري ٽي ڪٽنب آھن: يورپي، ايراني ۽ 
								ھندي. ايئن يورپي زبانن جون وري ڇھھ شاخون آھن: 
								روماني، جرماني، سيلٽائي، بالتائي، سلواني ۽ 
								الباني. 
								
								روماني ڪٽنب ۾ فرينچ، اسپئنش، پورچوگيزي، اطالوي ۽ 
								روماني زبانون شامل آھن. جرماني گروھھ ۾ انگريزي، 
								ڊچ، جرمن، سوئيڊش ۽ ڊئنش سميت ڪي ٻيون پاڙيسري 
								زبانون شامل آھن. سيلٽائي 
								(celtic) خاندان ۾ اسڪاٽش، آئرش ۽ ويلش وغيره شامل آھن. بالتائي
								
								
								(Baltic)
								ڪٽنب ۾ لٿوئني ۽ ليٽش ٻوليون 
								داخل آھن(٢). 
								
								سلوائي گروپ ۾ روسي، پولش، سلاوڪ ۽ بلگيريائي 
								زبانون اچي وڃن ٿيون. اھڙيءَ طرح الباني گروپ ۾ 
								الباني ۽ ٻيون ڀرپاسي جون زبانون شامل آھن. 
								
								ايراني خاندان ۾ فارسي، بلوچي، ڪردي ۽ پشتو اچي 
								وڃن ٿيون. ھندي خاندان ۾ بنگالي، آسامي، ھندي، 
								اردو، مرھٽي، گجراتي ۽ سنھالي/ سنگھالي زبانون اچي وڃن ٿيون(٣). پروفيسر جتوئي، سنڌيءَ 
								جي باري ۾ لکي ٿو تھ: ”سنڌي، پنجابي، ملتاني ۽ 
								ڪشميري زبانون وري انھيءَ آريائي زبان مان نڪتل 
								ڏسجن ٿيون، جا ايراني ۽ ھندي خاندانن جي وچ واري 
								ڪڙي ھئي. اسين ان کي سنڌو خاندان سڏي سگھون ٿا. 
								يورپ جي گھومو قوم جپسين جي ٻولي بھ ڦريل سنڌي 
								آھي(٤).“ جپسين کي جرمنيءَ ۾ سنڌي سڏجي ٿو. 
								
								سامي زبانن جي گروه ۾ عربي، عبراني، سرياني، 
								آرميني ۽ حبشي زبانون شامل آھن. چينائي زبانن ۾ 
								چيني، ٿٻيٽي، برمي، ٿائي ۽ ٻيون زبانون شامل آھن. 
								منگوليائي گروپ ۾ منگولين، ترڪي، توراني، 
								منچوريائي ۽ ڪوريائي شامل آھن. ملايائي خاندان ۾ 
								ملايائي، جاوائي، ڀاشا (انڊونيشيا) ۽ ڪي آسٽريليا 
								جون زبانون اچي وڃن ٿيون. دراوڙي خاندان ۾ تامل، 
								تيليگو، ڪنڙ، بروھڪي ۽ ملايالم شامل آھن. بانتوي 
								خاندان ۾ سواھلي، بانتو ۽ ٻيون آفريڪي زبانون شامل 
								آھن. آمريڪائي گروھھ ۾ آمريڪا جي اصل رھاڪن ريڊ 
								انڊين ۽ ٻين جون زبانون شامل آھن. ايئن دنيا ۾ ڪي 
								غيرمشھور زبانون بھ ڪنھن نھ ڪنھن گروپ سان شامل ۽ 
								ٺھڪندڙ ھونديون(٥). 
								
								ھي زبانن جا وڏا خاندان آھن، جن جو مطالعو ضروري 
								آھي. انسان کي تھ موت جو ذائقو چکڻو ئي آھي، پر ڪي 
								زبانون رابطي ۾ نھ رھڻ ۽ ٻين زبانن مان لفظ نھ کڻڻ 
								جي ڪري مري وڃن ٿيون. مغرب ۾ لئٽن ۽ مشرق ۾ سنسڪرت 
								انھن زبانن مان آھن، جي ڪتابن ۽ مندرن ۾ محدود ٿي 
								رھجي ويون ۽ عام خلق جون زبانون نھ رھيون. لئٽن جا 
								ڪافي لفظ يورپي زبانن ۾ شامل ٿي ويا ۽ سنسڪرت بھ 
								وڏن پنڊتن، ودوانن ۽ محققن تائين محدود ٿي ويئي. 
								آل انڊيا ريڊيو تان سنسڪرت ۾ نيوز بليٽن نشر ٿئي 
								ٿي. ان کي بھ ڪي سمجھو سمجھن. ڪي زبانون، 
								ڳالھائيندڙن جي کوٽ سبب بھ آھستي آھستي مري ويون. 
								انھن ۾ ريڊ انڊين جون ٻوليون اچي وڃن ٿيون. 
								
								زبانن جي خاندانن جو مطالعو لسانيات جي شاگردن 
								لاءِ انھيءَ ڪري بھ اھم آھي تھ ھو مختلف گروپن جي 
								زبانن ۾ ھڪ جھڙايون يا نرالايون/ آراڌايون ڀيٽي سگھن ۽ خصوصيتن جو اڀياس ڪري نتيجا ڪڍي سگھن. ھن 
								لاءِ مختلف زبانن جي حقيقي ڄاڻ بھ ضروري آھي، يعني 
								متعلقھ زبانون ڳالھائڻ، لکڻ ۽ پڙھڻ ۾ اچن. 
								
								حوالا: 
								(1) Mario A. Pei, world’s chief languages, George Allen & 
								Linwin London, 1954, p.15. 
								
								٢- علي نواز جتوئي، ص ص ١٨٦- ١٨٧. 
								
								٣- ايضا، ص ١٨٧. 
								
								٤- ايضا، ص ١٨٧. 
								
								٥- زبانن جي گروپن جو وچور ميريو پي ۽ جتوئي صاحب 
								جي ڪتابن جي مدد سان تيار ڪيو ويو آھي. 
								    |