| 
								   
								
								
								
								چوسڻا/داخلي ڌماڪيدار آواز: 
								
								
								·     
								
								
								سنڌيءَ ۾ ٻه، ڄ، ڏ ۽ ڳ اهي چار نج سنڌي اکر ليکيا 
								وڃن ٿا. انهن مان ڪو به اکر جنهن لفظ ۾ ايندو آهي 
								سو نج سنڌي لفظ ليکيو ويندو آهي، مثلاً ڄڃ، ٻڌڻ، 
								ڏيڻ، ڳڱ. 
								
								
								هي چارئي اکر نه ڪي سنسڪرت ۾، نه ڪي ڪنهن پراڪرت 
								ٻوليءَ ۾ آهن، ته پوءِ اسان ڪٿان آندا؟ پڌرو پيو 
								آهي ته سرائيڪي ڳالهائيندڙن سان نهايت قديم زماني 
								کان وٺي، ويندي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي صاحبين تائين، 
								گهڻو لهه وچڙ ۾ اچڻ جي ڪري کانئن سکيا آهيون. 
								(ڀيرومل 
								
								]1972[ 
								76)... سنڌي ٻوليءَ تي داردڪ ٻولين جو اهڙو اثر 
								ٿيو آهي. (ايضاً، ص-87) 
								
								
								ڀيرومل جن جي هيءَ راءِ چڪاس لائق آهي. گذريل سوا 
								هزار ورهين کان سنڌي مسلمان عربيءَ ٻوليءَ سان 
								گهاٽي ناتي ۾ آهن. عقيدي جي ڪري عربي آوازن ۽ 
								اچارن کي درست نموني ڳالهائڻ جي پڻ شعوري ڪوشش 
								ٿيندي پئي رهي آهي، پر اڄ ڏينهن تائين اهي عربي 
								آواز سنڌي ٻوليءَ جي بنيادي آوازن جھڙا ناهن، 
								جيئن: 
								
								]ث[،
								
								
								]ذ[،
								
								
								]ص[،
								
								
								]ض[،
								
								
								]ط[،
								
								
								]ظ[،
								
								
								]ع[ 
								وغيره سنڌي سماج ۾ عوامي سطح تي درست نموني نه ٿا 
								اچاريا وڃن. ان جو صاف مطلب هي ٿيو ته 
								
								]ٻ[،
								
								
								]ڏ[،
								
								
								]ڇ[ 
								۽ 
								
								]ڳ[، 
								جيڪي سنڌي سماج ۾ هر سطح تي سولائيءَ سان اچاريا 
								وڃن ٿا، جيڪڏهن ڪن ٻين ٻولين مان سکيا/ورتا ويا 
								آهن ته به کين انهيءَ کان وڌيڪ عرصو گهربل آهي. 
								
								
								عربن جي سنڌ ۾ آمد کان هڪ هزار ورهه اڳ تائين 
								’ترڪي داردي‘ جي سنڌ ۾ موجودگيءَ جو ذڪر ڊاڪٽر نبي 
								بخش خان بلوچ صاحب جن ڪن ٿا. 
								
								
								·     
								
								
								انهيءَ دَور (چوٿين صدي عيسوي ۽ ان کان اڳ) واري 
								سنڌ جي هن سامي-صفت زبان جي سنٻنڌ جو امڪان هڪ طرف 
								دراوڙي زبان سان، ٻئي طرف ايراني زبانن سان، ته 
								ٽئين طرف ’ملتان کان ڪشمير‘ وارين ’سنڌي-وري ٻولن‘ 
								سان ٿي سگهي ٿو. ازانسواءِ هندستان جي اتر-اولهه 
								وارن پهاڙي لڪن مان به اتي جي داردي قومن جو ڪشمير 
								کان ملتان تائين رهندڙ ماڻهن سان، اصل-آريائي 
								قرابت توڙي مسلسل هجرت ۽ آمدورفت سببان تعلق رهيو، 
								جنهنڪري هن سڄي اتر-اولهه خطي تي داردي ٻولين جو 
								پڻ اثر پيو. انهيءَ ڪري ڪشميري، ملتاني ۽ سنڌي 
								ٻولين جو رنگ ڍنگ ٻين هند-آريائي ٻولين کان نرالو 
								ٿيو ۽ انهن ٽنهي ٻولين ۾ هڪ بنيادي نسبت پيدا ٿي. 
								(بلوچ 
								
								]1990[ 
								4) 
								
								
								سنڌي سماج ۾ عربيءَ جي دخل ۽ اثر کي نظرن ۾ رکندي 
								۽ مٿئين ٽڪري کي سوچ ويچار هيٺ آڻيندي ڪو به ماڻهو 
								ايئن نه چئي سگهندو ته مٿي ڄاڻايل آواز جيڪڏهن 
								سنڌي ٻوليءَ جا بنهه پنهنجا آواز نه آهن ته، اهڙي 
								(ذڪر ڪيل) ڇڊي تعلق جي ڪري ڪو ٻين يعني داردي 
								ٻولين کان ورتا ويا هوندا ۽ اهي وري سڄي سماج ۾ 
								مروج ٿي سگهيا هوندا. 
								
								
								انهيءَ کان 5 سؤ ورهه اڳ تائين سنڌي سماج تي ڪنهن 
								به اهڙيءَ ٻوليءَ جو غلبو نه رهيو آهي، جنهن ۾ 
								ڄاڻايل آواز موجود هجن. ٻيو ته، فطري طرح هتي هڪ 
								سوال ٿو اڀري ته، ڇا اهو لازمي آهي ته اهي آواز 
								سنڌي ٻوليءَ ڪنهن ٻيءَ ٻوليءَ کان ئي ورتا هجن. ڇا 
								اهو ممڪن ناهي ته اهي آواز سنڌي ٻوليءَ جا بنهه 
								پنهنجا ئي هجن؟ 
								
								
								جاهن جِي بورڊي 
								
								]ٻ[،
								
								
								]ڏ[،
								
								
								]ڄ[ 
								۽ 
								
								]ڳ[ 
								تي تفصيلي بحث ڪيو آهي: 
								
								
								·    
								
								
								The recency or antiquity of 
								development may also be indicated by such 
								investigation. Where one or an other feature as 
								a marker on the road to uniqueness of identity. 
								Alternately, it may be used to indicate the 
								degree of distance between two related 
								languages… through the use of these [ٻ، 
								ڏ، ڄ، ڳ] implosives. Sindhi has a 
								three-way contrast among its stop phonemes. 
								These are contrasts between Voice and its 
								absense, Aspiration and its absense, and 
								Ipmlosion and its counter. Additionaly Sindhi 
								makes use of five articulatory positions: 
								Bilabial, Dental, Alveolar, Palatal and Velar. 
								These features and positions produce one of the 
								more luxariant stop systems known in any 
								Language for a total of twenty four stop 
								phonemes. 
								
								
								What is unusual about the implosives is the 
								general rarity of such sounds in Language other 
								than those of Africa. Indo-European Languages 
								use implosives only frequently and then usually 
								not as a distinctive set with several members. 
								When used, they seem to be onomatopoetic for 
								most part representing a limited number of 
								events. Implosive do accur, however, in several 
								languages in Asia… these seem to be emphatics 
								distinctively rather than implosives and appear 
								in some instances to be in free variation with 
								the corresponding explosives. Khubchandani 
								mentions implosives in free variation with the 
								corressponding explosive stops in Rajasthani and 
								Gujrati as well as in Multani. These would seem 
								to be the result of Sindhi influences under 
								certain conditions. 
								
								
								(بورڊي 
								
								]1975[ 
								271-270) 
								   |