| 
								
								بيت 
								
								ڪڏهن رنجايو ڪونه ڪو- منهنجي محب وٽان 
								
								مجرم کي معافي ملي- حبيبن هٿان 
								
								جو ڪري اچان اچان- سو سڏيو وِهاري سَٿَ ۾. 
								
								بيت 
								
								ڍولڻ آهي ڍَڪُ- ڪڍي عيبَ نه ڪنهن جا 
								
								مُحب جو مرڪ- اِهو آهي اصلَ کان. 
								
								بيت 
								
								”امين“ گهوٽ اچي- همدم ٿيءُ حبيبَ تون 
								
								ته محبوبَ تنهنجي محبت جو- وڃي مچُ مچي 
								
								هم صحبتن مان ڪين ٿيو- رڳو ريٽا ٿيا رَچي 
								
								جيڪي گهريئون حبيب کان- سو سڀڪي مليُن سچي 
								
								پر ساهُه نه سُڪايئون سائينءَ لءِ- پائي پانڌُ ڳچي 
								
								ماريئون ٿي مسڪين کي- ڪري ڳالهه ڪچي 
								
								مهر ڪريو مون ”مائلَ“ تي- ته بلڪُل پوان بچي 
								
								ته نرمل پوءِ نچي- هڻا نعرو تنهنجي نينهن جو. 
								
								بيت 
								
								اڳيان در حبيبَ جي- هليا منجهارئون حُبَ 
								
								پائي پاندُ ڳچيءَ ۾- عجز ساڻ ادبَ 
								
								ڪَرمين مِلَن قُرب پيا- ٻيا سڀئي آهن سبب 
								
								راضي ٿين رَبّ- ”مائلَ“ مليا محبت سان. 
								
								بيت 
								
								عجيبن اڄ ڏني- خاصي خوش خبر 
								
								ته عاشقن لءِ اسان جا- کُليل آهن درَ 
								
								”مائلَ“ مليا محب سان ٿيا سجايا سفرَ 
								
								واليءَ ڪيا ورَ- پنيون مرادون من جون. 
								
								بيت 
								
								پُنيون مُرادون  من جون- ٿيا لايا سجايا 
								
								”مائلَ“ محبتن جا- ٿيا سفر سجايا 
								
								پو پرينءَ کڻي پياريا- سِڪ مان سَوايا 
								
								ڀلارن ڀلو ڪيو- بختن ڀِڙايا 
								
								عجزئون جي آيا- اُهي اَگهِيا در الله جي. 
								
								11 رمضان المبارڪ 1391هجري، 1 نومبر 1971ع، 
								حيدرآباد کان ڪراچي ويندي بس ۾. 
								
								بيت 
								
								عاجز ڪري ٿو عجز مان- سائين اوهان کي سوال 
								
								ته مون سان هلو ميڙ ٿي- جو هيڻو اٿم حالُ 
								
								راضي رهبر کي ڪريان- جو لاکيڻو لجپال 
								
								آهي روزِ حشر جو ۽ هجري نئون سال 
								
								ڌڪيو دشمنن آ گهڻئي- ڪوڙو وجهي ڪالُ 
								
								معافي وٺي ڏيو محب کان- ته ڀُليل ٿان بحالُ 
								
								”مائلَ“ محبت مال- صرف کپي ٿو سِڪ جو. 
								
								بيت 
								
								مڃيان سدائين محبت سان- هاديءَ جو حڪمُ 
								
								حجت هلايان ڪين ڪي- ڪنبي کڻان قدمُ 
								
								پايان پاندُ ڳچيءَ ۾- نه دعويٰ سندو دمُ 
								
								هيڻو هلان حضور ۾- اهو ڪريان ڪمُ 
								
								ويجهو اٿم ويساهَه سان- جيئن مون سان آهي دمُ 
								
								مُهابي مُحمّدصه جي- ڀلا رکيو ڀرمُ 
								
								هاڻ ڪري رحم ڪرم- ”مائلُ“ نوازيو محبت سان. 
								
								بيت 
								
								ڄٽِي ڇا ڄاڻان- آئون پرين تنهنجي پيار مان 
								
								نالائق نواز تون- سُهِڻُل سياڻا 
								
								ريجهي ڪا راڻا- مهر ڪريو مون ”مائلَ“ تي. 
								
								بيت 
								
								ڄاڻان ڇا ڄَٽِي- آئون پرين تنهنجي پيار مان 
								
								پيارج وِرِهَه وَٽِي- قرب ڪري ڪو پنهنجو. 
								
								بيت 
								
								ڄَٽي ڄاڻان ڇا- پرين تنهنجي پيار مان 
								
								پَرِچي پنهنجي ڪا- مهر ڪريو مون ”مائلَ“ تي. 
								
								بيت 
								
								ڪڏهن ڇڏيندس ڪين ڪي- دلبر سندئي دَرُ 
								
								پرين ڏي ڪو پيار مان- پيالو ڪري پُرُ 
								
								ته نشو ٿئي نَـرُ- نرمل اوهان نينهن جو. 
								
								6 جولاءِ 1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								پيارا تنهنجي پِرت جي- پل پل اٿم پچارَ 
								
								ڇِني يار ڇڏي وئين- محب مٺا منٺارَ 
								
								اٿم عجيب اندر ۾- آن سندا آزارَ 
								
								سگهو لُهه تون سار- ”مائلَ“ پنهنجي جي مٺا. 
								
								4 جون 1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								سڄڻ تنهنجي سِڪ ۾- ٿو سڪي سندم ساهُه 
								
								پرين سندءِ پورن ۾- پچيو ٿيان پاهُه 
								
								ڪهُه ڄاڻان ڪهڙو ٿيو- اوهان جو ارواحُ 
								
								آئون ڏوريان ڏُکن ۾- اوهين بِلڪل بي پرواهه 
								
								نِرمل نامُ الله- ”مائلَ“ ڏي ورُ محب تون. 
								
								4 جون 1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								محب ملاقات- سڄڻ ڪرائج سيگهه مان 
								
								اکيون عجيب اُڪنڊيون- ٿيون ڏس ڏينهان رات 
								
								سِڪَ سندءِ ۾ ساهه کي- ساجن آ سَڪِرَاتِ 
								
								”مائلَ“ مون مُشتاق کي- محبت ڪيو ماتِ 
								
								وائي وصل وات- واحد ڪارڻ وارِ تون. 
								
								4 جون 1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								وائي ورڻ وار تون- ويهه وساري 
								
								سندم ساهُه پساهُه ٿو- سُهِڻَل تو ساري 
								
								”الفراق اشد من الموت“ ٿو- مٺا مون ماري 
								
								ڳڻتي تنهنجي روز ٿي- ڳچَ هنئين ڳاري 
								
								جڏيَ سندي جيَ کي- وڃ جانب جياري 
								
								واڳ وصل واري- مِل اچي تون ”مائلَ“ سان. 
								
								بيت 
								
								ورمَ وساريجُ- سڄڻ سٻاجها سپرين 
								
								واحد لڳ ولهيَ ڏي- واڳ وصل واريجُ 
								
								پرين اچي پيارَ جا- ڪي پيالا پياريجُ 
								
								جانب جياريجُ- ”مائلَ“ مون مهجور کي. 
								
								4 جون 1961ع، هالا 
								
								 بيت 
								
								دلبر مون کان دُور- جانب جڏهن ٿو ٿئين 
								
								تڏهن تنهنجي طلب ۾- سهِسين سهان سُورَ 
								
								مٺا مون ”مائلَ“ کان- وڃين متان وهلورَ 
								
								ڏکوئين کان ڏُور- هرگز نه ٿي حبيبَ تون. 
								
								28 جون 1961ع 
								
								بيت 
								
								ٿو ڏسان پنهنجي پاڻ ۾- رمزن جو ٿو رازُ 
								
								ڏنم ڏاتر ڏيلَ ۾- نُوري ٻيو نيازُ 
								
								اُتم مليو خيال کي- پراهون پروازُ 
								
								سِڪ مان پيو ٿو سازُ- وڄي سندس وحدت جو. 
								
								15 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								بِرهه سندي باغ ۾- ٿيءُ گوندر سندو گُلُ 
								
								ته سُڳَنڌ سُنگهئي سڀڪو- چئي ”مائلَ“ ٿيئي مُلُ 
								
								۽ هلئي ڏاڍو هُلُ- سُرهاڻ جو سنسار ۾. 
								
								15 فيبروري 1975ع، سومر شام 7:00 بجه، ڊپٽي ڪمشنر 
								بنگلو، حيدرآباد 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ رمزون مُرشد جون- مڃي ڪر سرت 
								
								ڪڍي ڇڏيون قلب مان- ڪوڙي سڀ ڪِرت 
								
								رکج سدا روح ۾- نرمل سندي نِرت 
								
								پڪي ڪر پرت- ته ويجهو ٿيئي ويساهه سان. 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ رمزون مرشد جون- سَمجهي ٿيُ سُڄاڻ 
								
								اکيون پَٽي اندرَ جون- اُنَ سڄڻ کي سُڃاڻ 
								
								مولا اٿئي مِلائيو- سُهڻل اهڙو وساڻ 
								
								آگي سندي عطا جو- ڄاڻ اهو اهڃاڻ 
								
								هلجئين نئڙت، نياز سان- پنهنجو سنڀالي پاڻ 
								
								ڪر حاصل حال حبيب کان- ڄَٽُ ٿي وڃاءِ مَ ڄاڻ 
								
								پاسي ڪر تون پاڻ- ته ويجهو ٿئي ويساهه سان. 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ رمزون مرشد جون- سمجهي ڪر ساڃاءِ 
								
								ويٺو پنهنجي وجود ۾- وريو وريو وهنڃاءِ 
								
								سانڍ سداءِ ساهه ۾- ڪنهن کي ڪيم سُڻاءِ 
								
								ڳالهيون سندس ڳُڻن جون- ڳايو، ڳايو ڳاءِ 
								
								ڪري پو تون قدمن تي- ۽ پانڌ ڳچيءَ ۾ پاءِ 
								
								قلب منجهه ڪماءِ- محبت سندي مام کي. 
								
								بيت 
								
								پائي پانڌ ڳچيَ ۾- ريجهائج رهبر 
								
								محبت رک من ۾- ڪج نه ڪڏهن ظاهر 
								
								اينهين لڪائج لوڪ کان- ڄڻ آهين بي خبر 
								
								ادب، نوڙت، نياز جو- رک تن ساڻ ثمر 
								
								ته نرمل ڪري نظر- قلب اجاريندئي قرب سان. 
								
								26 سيپٽمبر 1962ع، ڪوئيٽا 
								
								بيت 
								
								ڪچي ڪيئن ڪوهه- جو روح رنجايئي رهبر جو 
								
								”مائلَ“ معافي وٺ تون- جو ڏاڍو ڪيو ٿئي ڏوهه 
								
								اهرو ڪين اندوهه- رکڻ گهرجي روح ۾. 
								
								بيت 
								
								خطائن کان خفا ٿي- جڏهن رهبر ٿئي ٿو رنج 
								
								تڏهن ڏين ٿا ڏنجهه- اچيو وَهَم وجود کي. 
								
								بيت 
								
								تدبير جو تعلق- رڳو رهي ٿو عقل سان 
								
								مگر محبت عشق- اوڏو ناهي اُن کي. 
								
								بيت 
								
								مُرشد ڪيو مقُدم- سمجهج سڀ ڪنهن ڳالهه ۾ 
								
								اڳيان اُن جي ادب سان- نميو پيو ٿون نَمُ 
								
								”مائلَ“ سندس محبت ۾- ڏي تون هڏ ۽ چم 
								
								ناتو نڀائج نياز سان- اهو ڪر تو ڪم 
								
								پر دعويٰ سندو دم- ڪڏهن هڻجئين ڪين ڪي. 
								
								بيت 
								
								مرشد کي مقُدم- حاضر، غائب ڄاڻ 
								
								ڪڏهن به پنهنجو پاڻ- آڻ نه آڏو اُن جي. 
								
								بيت 
								
								جڏهن مرشد جي محبت- رکندي پنهنجي روح ۾ 
								
								تڏهن وينديئي وجود مان- ڪُدورت، ڪُلفت 
								
								ان کان پوءِ عبرت- لڀندين پنهنجي پاڻ ۾. 
								
								بيت 
								
								رهبر سندي روح کي رليا ڪيم رنجاءِ 
								
								اگليون پنهنجون عادتون- محبت ساڻ مٽاءِ 
								
								پاڻ سنڀالج پانهنجو- ڪر نه ڪَچي تون ڪاءِ 
								
								سختيون سڀئي ساهَه کي- صبر ساڻ سهاءِ 
								
								حجت واري هام تون- هرگز ڪيم هلاءِ 
								
								پاندُ ڳچيَ ۾ پاءِ- ته راضي توکان رهبر ٿئي. 
								
								8 آڪٽوبر 1962ع، منڌو ڪاڪا 
								
								 بيت 
								
								مُرشد مهربان- جڏهن ٿئي ٿو جنهن تي 
								
								ته ڪڍي ان جي قلب مان- وڍي وَهَمَ گُمان 
								
								ان کان پوءِ انسان- صحيح معنيٰ ۾ ٿو ٿئي. 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ سوئي مرشد کان- ڪندو حاصل حالُ 
								
								جو دُئيَ جو دجالُ- ڪڍي ڇڏيندو قلب مان. 
								
								بيت 
								
								کَٽي خوش اعتقاد- ”مائلُ“ پنهنجي مُرشد کان 
								
								باقي بي اعتماد- ڪڏهن پِرائي ڪينَ ڪي. 
								
								عنوان: جُنونُ 
								
								بيت 
								
								جُنون ڏيئي جوشُ- پهچايم پرينَ وٽ 
								
								ڪنهن پر پُڄان ها ڪينَ ڪي- جي هجان ها هوَش 
								
								”مائلَ“ محبت ۾ وڃي- ٿيسُ دلبر سان هم دوش 
								
								نَبِيزُ ڪريان پيو نوش- من ۾ سندس محبت جو. 
								
								جنوري 1975ع 
								
								بيت 
								
								جُنونَ سوا جاني- ڪنهن پر ڏسان ها ڪين ڪي 
								
								پُـرَڻَ سوا نه پُڄان ها- هجي ها حاصل حيراني 
								
								پهتيس جڏهن پِرَ کي- ته ڪئي عجيبَ احساني 
								
								تنهن جو ڪيئن ثاني- ساٿي ڪنديس ڪو ٻيو. 
								
								جنوري 1975ع 
								
								بيت 
								
								جنهن راهه رَليو رهبر سي- تنهن ”مائلَ“ نه پُڄان 
								ها مُور 
								
								هجي جَسُ جُنونَ کي- جو پهتس پهرين پورُ 
								
								ٻيا جَذبا ويچارا جهُورَ- تن رستو ڏَسيو رَمَڻَ 
								جو. 
								
								جنوري 1975ع 
								
								بيت 
								
								محبت واريَ مستيءَ جو- مَشربُ آ مَستنِ 
								
								”وحده لاشريڪ لھ“- پختو يقين اٿن 
								
								”ومن يتَوڪل عَليٰ الله“ تي- هردم پيا هلن 
								
								”ونحن اقرب اليھ من حبلاللوريد“ ٿا- پنهنجي پاڻ 
								پَسن 
								
								”الله نورالسماوات والارض“ ۾- ڏسيو ٿا ڏسن 
								
								”ڪل سيرو في الارض“ ۾- گهميو ٿا گهمن 
								
								”لااِلــٰھ اِلاالله محمّد رسول اللهصه“- 
								قلبئون اُچارن 
								
								”کل شي يجرڪ“ ۾- نوچيو نهارن 
								
								اهدنا الصراط المستقيم سان- پرور ڏانهن پُرن 
								
								”ليس الانسان الاماسعيٰ“ جو- فرض ادا ٿا ڪن 
								
								خلوص محبت پيار سان- هر ڪنهن پيش اچن 
								
								عبرت ۽ عجب جو- کاڌو ٿا کائن 
								
								عجز وارو آب ٿا- پاڻي ڪريو پيئن 
								
								سِڪِ جي پنهنجي سرير تي- پوشاڪ ٿا پهرن 
								
								لڪيو اينهين لوڪ کان- گهمندا پيا وَتن 
								
								سڄو وقت سائين سان- ”مائلَ“ مَحِوُ رهن 
								
								افضل عبادت الله ڪئي- سا خدمت خلق جي ڪن 
								
								هتي هن جهان ۾- اينهين گذارن 
								
								لوڪُ نه لَکَي تن- ويا واحد گڏجي.  
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع، جمعرات 2:45
								
								
								12-D 
								بنگلو محمد علي سوسائٽي، ڪراچي 
								
								بيت 
								
								جلوي جلال، جمال سان- مولا ڪيو ٿئي مست 
								
								منهنجي اهو مقدر ۾- لکيئي روز الست 
								
								هيَ قادر ڏيکاري قدرت تو- نه ته پرور هئس مان 
								پَستُ 
								
								دير نه ڪيئي دم ڪُو- جو سائين ناهين سُست 
								
								محبت سندئي ۾ مولا مان- هاڻ چريو به آهيان چُست 
								
								جو داتا رکي دَستُ- کڻي 
								”مائلُ“ مٿي ڪيئي مهر مان. 
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع جمعرات 2:45،
								
								
								12-D 
								
								 بنگلو محمد علي سوسائٽي، ڪراچي 
								
								بيت 
								
								محبت جي مستيَ ۾- جو مچي ٿئي مستُ 
								
								سو مُور نه ٿئي ماڻهن جو- زوريَ زيردستُ 
								
								جو قدرت اُن جي قلب کي- ڪيو زبردستُ 
								
								مستيَ مَحِويَت ساڻُ گڏُ- چالِ هلي سو چُستُ 
								
								جو اُن کي روزُ الستُ- قادر ڪيو قلندري. 
								
								12 محرم الحرام 13952هجري، هالا 
								
								بيت 
								
								مشرب ۾ يا مولا تو- محبت ڏني مستي 
								
								قادر ڏنئي ڪرم سان- هادي اهڙي هستي 
								
								نالائق نوازيئي- ستائين نه ڪيي سُستي 
								
								محبت سندئي جي ”مائلِ“ کي- چوٽ چڙهي چُستي 
								
								الله سائين آباد ڪيئي- برهه واري بستي 
								
								تقويت ڏنئي توڪَل جي- پِرت نه ٿيندي پستي 
								
								محبت ڏني ”مائلَ“ کي- تو آهي الستي 
								
								وهبَ ڏنئين ٿي وحدت جا- ٿي وسي اندر وستِي 
								
								پنهنجي ڏئي پيار جي- دردن ڏنئي دَستي 
								
								ٿي وَسي اندر وستي- جو وَهَبَ ڏنئين پيو وحدت جا. 
								
								بيت 
								
								مشرب ۾ يا مولا تو- مونکي ڏني محبت 
								
								ڏسان پيو سڀ ڏيهه ۾- قادر سندس قدرت 
								
								اکيون کائن عجب ٿيون- ۽ آهن منجهه حيرت 
								
								ٿي نظر اچي انسان جي- هر ڪائي فطرت 
								
								بيشڪ تون ئي آهين- سڀ کان وڏي طاقت 
								
								ضايع ذرو نه ڪرين- مولا ڪنهن جي محنت 
								
								تنهنجي هر ڪنهن ڳالهه ۾- هادي آ حڪمت 
								
								قربان تنهنجي نام تان- هردم ۽ هر وقت 
								
								تنهنجي روزِ الست کان- بلڪل ڪيم بعيت 
								
								وساريان ڪئين واحد مان- تنهنجي پاڪ طينت 
								
								جو سڪ مان ڏني ستار تو- سائين سگهي صحت 
								
								هن جهان ۾ هلڻ لءِ- وڌ نه ٻي نعمت 
								
								گهنگار گدلي سان- مولا ڪيئي مَرِوَتِ 
								
								ڪفر ڪذب ۽ ظلم جي- کان بچايئي لعنت 
								
								شيطاني شر ڪڍيئي- ربّ ڪري رحمت 
								
								جلوو پَسايئي جمال جو- ۽ جلال ڏنئي جُرَت 
								
								پازيَ کي تو پُر ڪيو- ٿو کاوان اها عبرت 
								
								جو واحد گڏيئي وحدت- ”مائلُ“ کڻي مهر مان. 
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								الله سائين مون تي- سندئي لک احسانَ 
								
								لک ته آهن ٿورڙا- هت جاءَ ڪروڙن ڪانَ 
								
								سائين ڪيئي سولو- پِرت مان پشيمانَ 
								
								نه ته ڏاتر هئئي ڏيهه ۾- ٻيا به گهڻي انسانَ 
								
								الله الصَمَدُ تون آهين- اٿئي ڪنهن جي پروا ڪانَ 
								
								قادر آهين ڪُل جو- سڳورا سُبحانَ 
								
								بخشيُئي گنهگار کي- منهنجا مولا مهربانَ 
								
								صدقي امام حسينعه جي- پنهنجا سُڃاڻي 
								شانَ 
								
								مهابي مرسلصه جي- ”مائلَ“ ڏنئي مانُ 
								
								پنجتنعه، چوڏهن جي صدقي- سڃاتئي سبحانَ 
								
								جلال ساڻُ جهان- کڻي معافي ڏنيئي ”مائلَ“ کي.   
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								بيشڪ سڀ جو آهين- الله سائين مالِڪُ 
								
								نِپايئي ننڍڙي هوندي کان- ٻاجِهه پئي ٻالڪ 
								
								سِڪَ، مستيءَ ۾ سالِڪُ- ”مائلُ“ ڪيئي مهر سان.   
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								محبت مستيَ ۾ ڪيو- مولا مونکي ممتاز 
								
								عشق سندُس جو اندر ۾- اهڙو ڏنئين آواز 
								
								ٿو ڀُليل اچي بازُ- جو هڪ ڀيرو ٻُڌڻ سان. 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ مون مسڪين جو- آهي مولا مددگار 
								
								جو جلَ جلالَ جبار- قادُر آهي ڪُل تي. 
								
								بيت 
								
								پرور ڪئي پاڻهي- چرئي سان گڏ چالاڪُ 
								
								پيو وائي ورائيان حق جي- بلڪل ٿي بيباڪُ 
								
								ٿو سڻايان سنسار کي- وحدت سندوئي جو واڪُ 
								
								وحدت سندي واپار ۾- چاهئون ڪيئي چالاڪُ 
								
								نرخ سڻائيان نياز جو- بلڪل ٿي بيباڪُ 
								
								چوان ته هي سستو سڀ کان- اَٿوَ وحدت سندو واڪُ 
								
								وکرُ وٺو وِتِرو- جو پئي به ٿئي پاڪُ 
								
								ته کُليوَ ڪُلِفُ قلب جو- جو ٿيو اَٿوَ لاڪُ 
								
								الله سائينءَ ٻَڌو آڪُ- رکيو انهي تي رحمت جو. 
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								هِتي هُتي آهيين- منهنجو تون الله 
								
								پيدا پرور پاڻ ڪري- سائين وڌو ٿئي ساهُه 
								
								جمال ۽ جلالَ ساڻ- جوڙي ڏنئي جاهه 
								
								”اهدنا الصراط المستقيم“ جو- ربّ ڏيکارئي راهه 
								
								ٿيو پردو آهين پناهه- ”مائلَ“ مون مسڪين جو. 
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								مِهر ڪري يا مولا تو- ڏني قوت قلندري 
								
								سچو ثابت ٿي ڪيئي – ”مائلُ سروري“ 
								
								پنهنجي پروري- ڏيکاريئي ڪيئن ڏيهه کي. 
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								هِتي هلايئي حڪمت سان- هادي ڏئي همت 
								
								جمال ۽ جلال جي- جيَ کي ڏنيئي جُرت 
								
								ڪيئي ڀلارا ڪرم سان- ڀلي سندم قسمت 
								
								آهيان الله سائين آئون به- انهي ۾ عبرت 
								
								ته گولي گنهگار تي- ايڏي سندءِ شفقت 
								
								ٻانهي ۾ تو ٻاجهه سان- ڪيڏي رکي قدرت 
								
								عقل، فهم سڀ عاجز ٿيا- آهي هردم ئي حيرت 
								
								عشق اچي اڳواڻ ٿيو- ڪيئين امامت 
								
								ظاهر باطن ۾ ڏسان- تنهنجي ئي طينت 
								
								مَحِوُ اهڙو محبّتَ- ”مائلَ“ رهي ٿو مستيءَ ۾.  
								
								4 صفر 1395هجري، 14 فيبروري 1975ع، 
								
								12-D 
								بنگلو محمدعلي سوسائٽي، ڪراچي 
								
								بيت 
								
								مولا وٽ مظلوم جي- ڪيو آهُن نيٺ اثـرُ 
								
								اچي مُحمّدصه مير ٿيو- اُن دم ئي آڌر 
								
								ظالم سڀ زبون ٿو- پاڻ ڪري پرور 
								
								جو مسڪينن جو مولا وٽ- ٿيو سفارشي سرورُ 
								
								پاڻا نوري نظرَ- ڪيئين ”مائلَ“ مون مظلوم تي.   
								
								بيت 
								
								فورن آهي فون- لءِ ماڻهن ملاقات 
								
								ڪري ڪالَ بُڪَ سي- بلڪل ڪن ٿا بات 
								
								توڙي هجي ڏينهن يا- توڙي هجي رات 
								
								انسانن اهڙا- آهِن نَسبُ ڪيا آلات 
								
								ڪن جي غور گهَرو – ته منجهن مواصلات 
								
								”ونحن اقرب اليھ حبل اللوريد“- آهي ايَ سچي آيات 
								
								سڌو پنهنجي سائينءَ سان- بلڪل ڪن سي بات 
								
								جي مَحِوُ هن محبت ۾- ته تَنَ ۾ ڏسن تجلات 
								
								”مائلَ“ تِن کي موت پو- ماري نه ڪندو مات 
								
								۽ رهندا سدا حيات- قائم سي ڪائنات ۾.   
								
								1 صفر 1395هجري، 13 فيبروري 1975ع 
								
								بيت 
								
								ڪَرمُ ڪِنَنِ سان ٿو ڪرين- ٻيو سُجهي نه ڪو سرورَ 
								
								آهين اٻوجهن جو- اَڪمل تون آڌر 
								
								هيڻن جو همراهه تون- بي واهن سندو وَرُ 
								
								ناهي ”مائلَ“ جو مِٺا- توريَ ڀيڻي ڀرُ 
								
								ڄاڻي ٿو پَرورُ- ته محتاجن جي مدد تون. 
								
								بيت 
								
								دلبر سندءِ در تي- آهي سواليَ هيَ صدا 
								
								”مائلَ“ کي منهنجا مِٺا- ڪڏهن ڪج نه جدا 
								
								ڪري پڻي پيزارن جي- نرمل نامِ خدا 
								
								نظر نوازش مان- اهڙي ڪر ڪا 
								
								نرمل پنهنجي نُور مان- ڪر اگلي تي عطا 
								
								مور نه ٿجئين محب تون- خاطيَ کان خفا 
								
								ڀولا ڀڇن بِرهَه ۾- ۽ سينو ٿيئم صفا 
								
								قلب ڪعبو ٿي وڃي- منهنجا محب مِٺا 
								
								رهي هِن جهان ۾- هُجان جهان کان جدا 
								
								پيارج پِڪَ پريم جي- ڪاملَ اهڙي ڪا 
								
								تون سخي سراپا- سرور سڄي سَرَ جو. 
								
								بيت 
								
								ڏئي ”مائلَ“ کي- طلبن سندو تابُ 
								
								ڪَيُوَ پنهنجي قُرب سان- نُور نظر نايابُ 
								
								ته بِلڪُل ويو ڀُلجي- حبيبَ حسابُ ڪتابُ 
								
								هردم ۽ هر ويلَ ۾- آڻيان اکن آب 
								
								بخشي بديون بيڪار جون- ڪامل ڪَيُئِي ڪاميابُ 
								
								فقيرَ فيَض مَآبُ- ڪرمَ ڪِنين سان تو ڪيو. 
								
								عنوان: لِيلان 
								
								بيت 
								
								مَڻِئي مٿي موهجي- مُٺي هَڏِمَ مَــرُ 
								
								ليلان لڳي لوڀَ تي- وڪڻي ڇڏيئي وَرُ 
								
								ڏِيلَ پنهنجي ۾ ڏَرُ- ڪر ڪو پنهنجي ڪانڌ جو. 
								
								بيت 
								
								ڪندو مَڻئي جو موهُه تو- خوب خلق ۾ خوارَ 
								
								چڱون چوئين ٿو چِلولِي- ڌيان تون دل ۾ ڌارِ 
								
								اها ڪميڻي ڪارِ- چڱي چنيسر نا لڳي. 
								
								بيت 
								
								سُهڻي اها صلاح تون- منهنجي منڃ مُٺِي 
								
								نه ته ڏيهنِ منجهه ڏِٺي- ٿيندينءَ مڻئي جي موهَه 
								کان. 
								
								بيت 
								
								لِيلان لَڄَ نه ٿِيَئِي- جو ڪاندُ مَٽيو تو ڪَچَ 
								تي 
								
								مُٺِي ڪينَ مَڃيئي- پاڻ ويهايئي پاڻ لءِ. 
								
								22 فيبروري 1962ع، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد 
								
								بيت 
								
								ماڻِڪ سندو مُلُ- ڪٿي وڌو تو ڪَچَ سان 
								
								آئيي ڪينَ عقلُ- مُٺينءَ مڻئي جي موَهه تي. 
								
								بيت 
								
								مُئينءَ مڻئي جي موهَه تي- هي ڪيُئي ڪُڄاڙو 
								
								هنيئي پنهنجي پيرَ تي- هَٿ سين ڪُهاڙو 
								
								جو پرين جو پاڙو- پاڻهي وڃايئي پاڻ کان. 
								
								بيت 
								
								چنيسر جي چاهه مان- ڄٽي نه هِڏ ڄاتوءِ 
								
								”نُوريَ“ جيان نيازَ جو- پاندُ نه ڳچيَ پاتوءِ 
								
								جو هارُ ڳچيَ پايوءِ- ٻُڏي مرين ها اِن کان. 
								
								بيت 
								
								ڪڏهن ڪميڻِن سان- ڪري نه چنيسرُ چاهُه 
								
								سچ ٿي چوان سرتيون- ڄاڻي هِڪُ الله 
								
								جنهن جو ڊِڄي ساهُه- سا ”مائلَ“ وني وَرَ کي. 
								
								22 فيبروري 1962ع، امين منزل، گاڏي کاتو، حيدرآباد 
								
								عنوان: رقيبُ 
								
								بيت 
								
								رقابت کان رِيسَ- ڪرين روز رقيب تون 
								
								هيڻن سان هر ويلَ ٿو- هَيَا ڪَرين هِيَس 
								
								روح رنجائين خوامخواه- ڪيڏا ڪرين ٿو ڪِيسَ 
								
								انڌو نه ٿي ابليسُ- پاڻ وِهائين ٿو پاڻ لءِ. 
								
								بيت 
								
								ڪري رِيسَ رقيبَ تون- ڪندين ڪُڄاڙو 
								
								مُور نه ڇڏائيندي ”مائلَ“ کان- پرين جو پاڙو 
								
								پنهنجي هڻين ٿو پيرَ تي- پاڻ ئي ڪُهاڙو 
								
								سڙيل اهو ساڙو- نهڙُ نيندُئِي اوچتو. 
								
								بيت 
								
								رليا رقابت رِيسَ کان- ڀَر نه پنهنجو ڀَڀُ 
								
								ڪيڏا هڻين ڪوڙَ ٿو- ڄَڻ ٿو ڦاڙين اُڀُ 
								
								سڄڻ سمجهن سڀ- رٿون تنهنجي روح جون. 
								
								بيت 
								
								ڪر نه پڌرا پانهنجا- لُوٺا تون لڇڻ 
								
								سمجهن سڀ سڄڻَ- رِٿون تنهنجي روح جون. 
								
								2 جولاءِ 1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								رِٿون هر ڪنهن روح جون- سڄڻ ٿا سمجهن 
								
								پر ڇني گُلُ ڏين- مُور نه ڪنهن کي مُنهن ۾. 
								
								بيت 
								
								رولي لاءِ رقيبَ وڏا وس هلائيا 
								
								پر هِڪُ نه ڪڏهن حبيبَ- ٻڌيس مُدعا من جي.   
								
								بيت 
								
								جي رهيا روز رقيب ٿي- ڪينَ آيا سي سالِ 
								
								پائيَ ۾ ڪوهه پئين- تون پنهنجو پاڻ سنڀالِ 
								
								پنهنجي اندر پالِ ”مائلَ“ محبت محب جي. 
								
								2 جولاءِ 1961ع، هالا 
								
								عنوان: سُورَ 
								
								بيت 
								
								سڄڻ تنهنجا سورَ- سهڻا پيا ساهه کي 
								
								جانب جدائيَ ۾- پلٽيو پون پُور 
								
								ڪيا مون قُرب ۾- ڪهڙا آهن قُصورَ 
								
								مٺا مون ”مائلَ“ کان- وڃين ڇو وهلُور 
								
								ڏکيون کان ڏُور- ڪڏهن ٿجي ڪين ڪي. 
								
								بيت 
								
								دلڙي دلبر يار تو- وڌي سُورَن منجهه سَٽي 
								
								سوز سوايو روز ٿئي- ڪنهن پر ڪينَ هَٽي 
								
								مون کان ڇو منهنجا پرين- وئين محب مَٽي 
								
								ڪَچايُون سڀ ڪَٽي- مِلُ اچي تون ”مائلَ“ سان. 
								
								بيت 
								
								سڄڻ مُڪئي سورَ- قرب منجهان ڪيئي 
								
								توڙي ڏنئون ڏيلَ کي- اچي سختيون سوين ئي 
								
								ته به پرين آئون پيئي- سانڍيان تن کي ساهَه ۾ 
								
								1961ع، هالا 
								
								بيت 
								
								سڄڻ تنهنجا سُورَ- سانڍيم ساهَه سنوان 
								
								پرين تنهنجي پُورن کي- ٿي پيرين روز پوان 
								
								جونئين سِج نوان- ٿو ”مائلَ“ ڏي تون موڪلين. 
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ ڏي تو موڪليا- سورَن سَوَ هزارَ 
								
								ڳڻڻ ڳاڻيٽو ناهِه ڪو- آهن اڪيچارَ 
								
								ٿا لاهين لَحِمُ لَنڱن تان- ڳُجهڙِي وِجهو ڳَارَ 
								
								ساڙن ايئين سَريرَ کي- جيئن کُوريَ ٻرن اڱارَ 
								
								ته به پرين تنهنجا پيارَ- ڀايان سي پئي بِرهه ۾.  
								
								بيت 
								
								”مائلَ“ ڏي تو موڪليا- سڄڻ سوين ئي سُورَ 
								
								پاليان پيو آئون پِرِت مان- پرين تنهنجا پُورَ 
								
								جو اندر منجهه اَنبُورَ- وڌَئونِم تنهنجي وِرهه 
								جا. 
								
								بيت 
								
								پَسيو پنهنجا سُورَ- وڃن پَراوا وسريو 
								
								پُورن مٿي پُورَ- چڙهن سدائين چِتَ تي. 
								
								1961ع، هالا |