سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: چُهنڊڙيون

باب --

صفحو :4

 

 

1956ع


 

 

 

•

نمازي ملڪ ۾ ٿورا ٿا ڏسجن،

ٺلهي سجدي ڪرڻ وارا گهڻائي.

ڪو دل وارو هزارن ۾ به مس اهه،

جي نه ته اڪثر مڙيئي نانوائي.

 

•

نه بتخانن ۾ سا اڄ بت پرستي،

نه ميخوارن کي ميخانن ۾ مستي.

نه مسجد ۾ اهي پرهيزگار اڄ،

ترقّي جي عيوض هر جاءِ پستي.

 

•

رسي خوشبوءِ گيسوئ صنم جي،

نسيمِ صبح تنهنجي مهرباني.

طبيعت مضمحل ڏاڍي هئي پر،

ٿي لحظي ۾ وئي تازي تواني.


 

 

 

•

محبّت جي خبر ناهي ته ڇا هي،

مگر هو مذهبن کان پاڪ آهي.

يقيناً آهه خودمختار و خوددار،

محبّت رسم جي پابند ناهي.

 

•

ڳنڊي الفت ڇنڻ مان ڪونه ڄاڻا،

ڏنل دل کي وٺڻ مان ڪونه ڄاڻا.

مان آهيان طالب الموليٰ اي يارو،

ته دنيا جو ٿيڻ مان ڪونه ڄاڻا.

8 سيپٽمبر 1956ع

ڪراچي

 

•

محمّدّ مير تنهنجا جڳ سلامي،

کنيم تنهنجي غلامن جي غلامي.

مٺا محبوب تنهنجو ئي ته آهيان،

سوا تنهنجي نه منهنجو ڪو به حامي.

15 سيپٽمبر 1956ع

ڪراچي

 

 

•

سياست رنگ بدلايو نه ڪهڙو،

عمل ۾ ٿي وئي وعده خلافي.

وزارت جي ضرورت وقت هر دم،

وٺڻ هر دم معافي تي معافي.

ڊسمبر 1956ع

 

•

هجن جنهن جا گهڻا معبود هردم،

ڪڏهن ان جو يقين محڪم نه رهندو.

اصول آهي ته هڪ هڪ جوئي ٿيندو،

گهڻن جو ٿئو ته ان ۾ دم نه رهندو.

 

•

محبّت سان ڪري ٿو سرڪشي جو،

ٿئي ٿو خود بخود سو نيست، نابود.

محبّت جو فقط مقصود هڪڙو،

بنائي ٿي فقط هڪڙوئي معبود.

 

 

1957ع

 

 

•

جو پنهنجي تندرستي ڏي نه ڏسندو،

ڪري ٿو سو امانت ۾ خيانت.

مليو هي جسم آهي ٿي امانت،

ڪبي هر حال ۾ ان جي حفاظت.

 

•

اهوئي طالب الموليٰ ٿئي ٿو،

جو مولا کان سوا ٻي ڏي نه راغب.

ٿيو الله جي آڏو جو مغلوب،

جهان ۾ سڀ ڪنهين تي سوئي غالب.

 

•

هي ٻن آنن جا پڙهڻا ڪوڙ آهن،

ڀلا اخبار ۾ ٻيو ڇا رکيو آهه.

جي ايڊيٽر کي ڪو رشوت ڏئي ٿو،

گلا پرچي ۾ ان جي پو ڪڏهن ناهه.

 

 

•

اسانجي سنڌ ون يونٽ ڳهي وئو،

ورائي شل وري واحد وطن کي.

خزان کان بعد ايندي موسمِ گل،

ڪندو سر سبز مولا هن چمن کي.

1957ع

 

 

1958ع


 

 

•

اسان وٽ ڪانه جمهوريت آهي،

انهي پردي ۾ سچ پچ بادشاهت.

يا اڄ ڊڪٽيٽري جو دور سمجهو،

ٿئي ٿي ان کان هر ڪنهن کي ڪراهت.

1958ع

ايوبي دور

•

جو دنيائي خدا ان جو نه آهي.

خدا جو جيڪو ان جي سڀ خدائي،

چئي آيو هتي آهين ”بليٰ“ تون،

انهي وعدي سان وعده رفائي.

1958ع

•

سياست ۾ اهو اڄ ڪامياب آهه،

جو ملڪ و قوم جو غدّار ٿيندو.

زماني ۾ انهي جي ٿيندي عزّت،

وڏن ماڻهن اڳيان سجدا جو ڏيندو.

21 اپريل 1958ع

 

 

•

ٿئي ٿي فون تي نصف الملاقات،

رهي حيثيّتِ خط ڪانه باقي.

جڏهن ٽيليوزن ايندو اسان وٽ،

ٿبو محبوب سان اڪثر ملاقي.

1958ع

•

نه ٿا جيڪي پڙهي ۽ پو پروڙن،

اهي بلڪل دوستا ڄٽ چئبا.

پڙهن ٿا پيٽ پارڻ لاءِ جيڪي،

اهي ويچارا آخر ڀٽ چئبا.

21 اپريل 1958ع

•

سياست ناهه ڏاڙهي پٽ آهي،

فقط غدّار جي هِتِ کٽ آهي.

نه ات ڪو جوڙ ضرب ۽ ونڊ موجود،

رڳو هر ڳالهه ۾ ئي ڪٽ آهي.

21 اپريل 1958ع

 

 

1960ع

 

 

•

اڄوڪو پير ڄڻ دگران آهي،

اڄوڪو مولوي هامان آهي.

برهمڻ پادري ملّا وغيره،

سڀن وٽ ساڳيو سامان آهي.

 

•

جا دل ۾ هئي زبان تي ڳالهه آئي،

کٽي قسمت ڪئي مون بي ريائي.

رُپي وارو ڳهي ڪئين روز مسڪين،

مگر ڏي ٿو نه هڪڙي اوگرائي.

 

•

اندر واري حقيقت هي ٻڌائي،

اسان وٽ آهه رشوت راڄَ ٻائي.

مذّڪر جي حڪومت ڪانه آهي،

اڃا تائين نه غيرت ڪنهن کي آئي.

 

 

•

ڍِلن پيٽان ڍلا اڪثر هجن ٿا،

مثال اهڙا هزارين ئي ملن ٿا.

هي هڪڙو حادثو يا واقعو آهه،

ڀلن پيٽان ڀلا ٿورا ٿين ٿا.

 

•

ٻيو سڀ ڪجهه فنا ٿي ويندو آخر،

مگر انسان لءِ پائندگي آهه.

حياتي جو سفر پورو نه ٿيندو،

مرڻ کانپوءِ به هڪڙي زندگي آهه.

12 جون 1960ع

دادو

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org