| 
								
								 
								
                                 حيدرآباد شهر جون تاريخي جايون 
                                
                                  
                                
                                اوائلي ثقافتي ۽ تاريخي جاين ۾؛ پڪي قلعي واري علائقي ۾ قلعي جي 
                                ديوار، ميرن جي پراڻي آفيس تجر (ٽريزري)، ٽالپر جا 
                                حرم، آرڪيالوجي ميوزم (جيڪو هڪڙي لساني تنظيم جي 
                                ڪارڪنن طرفان لُٽڻ ڦُرڻ ۽ باهه ڏيڻ واري واقعي کان 
                                پوءِ هاڻي سنڌ ميوزم ۾ منتقل ڪيو ويو آهي)، فقير 
                                جي پڙ ۾ مائي خيري مسجد، گلزار گهٽيءَ ۾ رحماني 
                                مسجد، قلعي جي ايراضي ۾ طاهر بازار، قلعي جي چوڪ 
                                وٽ 37- 835 نمبر جڳهه، جاءِ نمبر 840 ۽ طاهر بازار 
                                وٽ 822 نمبر جاءِ، ٺوڙهي چاڙهي تي فائر برگيڊ 
                                اسٽيشن، ڏتل شاهه جي چاڙهيءَ تي سنڌ هوميوپيٿڪ 
                                ميڊيڪل ڪاليج، گرلس اسڪول (پرائيويٽ)، ڌلاڻو مل 
                                تولارام گرلس اسڪول ۽ ڪي. بي حاجي محمد اڪرم 
                                مارڪيٽ (1934ع)، فقير جي پڙ ۾ لوڪومل سترامداس 
                                مهتاڻي بلڊنگ (1922ع)، 363-391 نمبر جاءِ، هوم 
                                سٽيڊ چاڙهي تي هوم اسٽيڊ هال ۽ مکي هائوس، قلعي 
                                چوڪ لڳ نئو گزا قبر، مائي شهر بانو مسجد، اسٽيشن 
                                روڊ تي حبيب بينڪ زونل آفيس، ليڊي ڊفرن اسپتال، 
                                ديهه ناريجا ۽ ڪچو قلعو ۽ حيدرآبادي ريلوي اسٽيشن، 
                                ٽنڊو آغا ۾ شاهه شجاع الملڪ مسجد، شهداء مري روڊ 
                                تي مسلم هاءِ اسڪول ۽ سٽي ڪاليج، آفندي ٽائون ۾ 
                                اولڊ آفندي هائوس، ٽيئن نمبر تلاءَ پشوري پاڙي ۾ 
                                گُرو مندر، گاڏي کاتي ۾ ڪچهري بلڊنگ (سيشن ڪورٽ)، 
                                سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس، ميران محمد شاهه روڊ تي 
                                بيسنت هال، حيدرآباد پريس ڪلب، ڏيئل داس ڪلب، ڪي. 
                                بي عظيم خان بلڊنگ (1934) ۽ مختيارڪار آفيس، 
                                سوسائٽي علائقي ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول، اسٽيشن روڊ 
                                تي شاهاڻي بلڊنگ، تولارام بلڊنگ اسٽيٽ لائيف، راحت 
                                محل، فوجداري روڊ تي پرتاب محل، ڪنوار جمعدار روڊ 
                                تي مظفر محل ۽ راحت سئنيما ويجهو 366 نمبر بلڊنگ، 
                                قاضي عبدالقيوم روڊ تي گانڌي ايڊووڪيٽ بلڊنگ، 
                                فوجداري روڊ تي حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي 
                                پٺيان 302 نمبر بلڊنگ، شاهراهه فاطمه جناح روڊ تي 
                                باجراڻي هائوس فردوس سئنيما لڳ، ديوان ڍالو مل 
                                لاج، ۽ 1280 نمبر دواخانو، فوجداري روڊ تي بلڊنگ 
                                نمبر 324، اسٽيشن روڊ تي سلطان هوٽل، ڪوهنور 
                                سينيما سامهون اقبال لوڌي ايڊوڪيٽ بلڊنگ، رسالا 
                                روڊ تي سنڌ گورنمينٽ لا ڪاليج، پوهه کياڻي بلڊنگ، 
                                مسلم ڪمرشل بينڪ بلڊنگ، لطيف بلڊنگ (ڪيفي جارج)، 
                                8/1339 نمبر بلڊنگ، قلعو چوڪ تي جهمٽ مل قيمتراءِ 
                                بلڊنگ، اسٽيشن روڊ تي پکا پير سامهون ڄيٺمل ۽ 
                                تيجومل محل، اسٽيشن روڊ تي 883/882 نمبر بلڊنگ، 
                                رسالا روڊ تي 810 نمبر بلڊنگ، گاڏي کاتي ۾ 81/1279 
                                نمبر بلڊنگ، ۽ 6-3/1314 نمبر بلڊنگ، شاهراهه هوش 
                                محمد شهيد تي نُور بلڊنگ (1919ع) ڪينٽونمينٽ 
                                علائقو، فوجداري روڊ تي چرچ ۽ سينٽ بوناوينچر هاءِ 
                                اسڪول نذرٿ گرلز ڪاليج، تلڪ چاڙهي تي پولي ڪلينڪ 
                                بلڊنگ، ڪلهوڙا ڪالوني ۾ ميان غلام شاهه ڪلهوڙي جو 
                                مقبرو، ميان غلام نبي ڪلهوڙي جو مقبرو، عبدالنبي 
                                ڪلهوڙي جي مسجد، نبي جي چئن زالن جي قبرن سميت 
                                سندس ماءُ جي قبر، هيرآباد جي اُتر ۾ مير ڪرم علي 
                                خان جو مقبرو، مير ڏاکڻي پاسي مير محمد خان جو 
                                مقبرو، سرفراز ڪالوني ۾ ميان سرفراز خان جو مقبرو، 
                                مارڪيٽ علائقي ۾ نولراءِ مارڪيٽ ڪلاڪ ٽاور، اسپتال 
                                روڊ تي لياقت ميڊيڪل ڪاليج (يونيورسٽي) بلڊنگ، 
                                اسڪول روڊ مارڪيٽ علائقي ۾ نورمحمد هاءِ اسڪول، 
                                سلاوٽ پاڙي ۾ سلاوٽ پاڙو جامع مسجد، تلڪ چاڙهي تي 
                                جامع عربيه هاءِ اسڪول، جيڪب روڊ تي گورنمينٽ 
                                ٽيچرز ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد، جامع مسجد روڊ تي 
                                مسجد جي بلڊنگ، چوئٿرام روڊ تي بلڊنگ، ڀرڳڙي روڊ 
                                تي 154 نمبر بلڊنگ، جيل روڊ تي سينٽرل جيل 
                                حيدرآباد، سلاوٽ پاڙي ۾ حاجي شير محمد بلڊنگ 
                                (1936ع) اسڪول روڊ مارڪيٽ سامهون آزاد محل (مُکي 
                                هوتچند کيمچند بچومل ۽ واڌو مل) (1925ع) ، مارڪيٽ 
                                علائقي ۾ 1،2،3/1646 بلڊنگ، جيل روڊ هيرآباد ۾ 
                                ليڊيز ڪلب، جامع مسجد روڊ سلاوٽ پاڙي ۾ رئوف منزل، 
                                جامع مسجد روڊ اسلاميه ماڊرن هاءِ اسڪول، مارڪيٽ 
                                علائقي ۾ ٿانورداس ڌرمداس ميلواڻي ڪملا ڪاٽيج 
                                (1940ع) ايلائيٽ سئنيما سامهون 2609 نمبر بلڊنگ، 
                                تلڪ چاڙهي تي روپچند تولاسنگهه هائوس، حسين آباد ۾ 
                                سر ڪائوسجي جهانگير انسٽيٽيوٽ آف سائيڪياٽري 
                                حيدرآباد، لطيف آباد يونٽ چار ۾ ميرن جون حويليون، 
                                حسين آباد ۾ سر چارلس نيپيئر جو ايس. ايس فتح 
                                مبارڪ فليگ شپ ۽ ديهه گدو ۾ 1843ع ۾ ٺاهيل برطانوي 
                                ڇانوڻيءَ  جا ٿنڀا شامل آهن. گڏوگڏ هيرآباد ۽ صدر 
                                ۾ انيڪ اهڙيون جايون آهن، جيڪي تاريخي ۽ عمارتي 
                                جاين جي کاتي ۾ شامل ڪري سگهجن ٿيون. 
                                
                                
                                 
  
                                
                                حيدرآباد جا آڳاٽا تعليمي ادارا ۽ سندن هاڻوڪا نالا 
                                
                                ميونسپل آر. ايس بولچند (هاڻي سيٺ ڪمال الدين سنڌي اسڪول)، آر. 
                                ايس. ڊاڪٽر تاراچند (هاڻي قاضي محمد اڪبر هاءِ 
                                اسڪول)، نمبر ٽيون، فيض محمد سلاوٽ، ٽيڪيچند 
                                هاسوسنگهه (هاڻي سيٺ غلام علي ميمڻ اردو اسڪول)، 
                                قاضي عبدالقيوم اسڪول، روچيرام ٿانورداس (هاڻي دُر 
                                محمد ميمڻ اردو اسڪول)، رامچند عالمچند (هاڻي سيد 
                                قُطب شاهه سنڌي ۽ اردو اسڪول)، خان محمد اسڪول 
                                (هاڻي سيٺ حاجي احمد سنڌي اسڪول)، سوڀراج شيوارام 
                                اسڪول (هاڻي ڪمال الدين هاءِ اسڪول)، ٿانورداس 
                                بصرمل ويسٽ ڪچا (هاڻي گجراتي اسڪول)، ڪوٽومل 
                                هاريپنڌاڻي (ايسٽ ڪچا) (هاڻي جڙيل خان غلام حسين 
                                اردو اسڪول). 
                                
                                عالم گوپالداس گرلس اسڪول (هاڻي نانا غلام علي گرلس اسڪول 
                                هيرآباد)، قاضي عبدالقيوم (ميمڻ پاڙو)، پشوري 
                                پاڙو، سرسوتي ٻائي گرلس اسڪول (هاڻي سيد لُطف علي 
                                شاهه گرلس اسڪول، ٽنڊو آغا) ٽنڊو آغا گرلس اسڪول، 
                                مکي پوهو مل گرلس اسڪول (هاڻي ٽنڊو ٺوڙهو گرلس 
                                اسڪول)، شوقيرام چانڊومل گرلس اسڪول (هاڻي لياقت 
                                علي بوائز اسڪول)، ديوان ٽيڪيچند گلاب راءِ گرلس 
                                اسڪول (هاڻي محمد شاهه گرلس اسڪول)، هيرآباد 
                                اسڪول. 
                                
                                  
                                
                                مددي ڪتابن جا حوالا 
                                
                                  
                                
                                جنرل هيگ: ’سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو‘؛ سنڌيڪار: عطا محمد 
                                ڀنڀرو، سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 
                                1995ع 
                                
                                سنڌيڪار عطا محمد ڀنڀرو، حاشيو: ’سنڌوءَ جي ڇوڙ وارو علائقو‘ ص 
                                267-265 سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو حيدرآباد، 
                                1995ع 
                                
                                سر ايليئٽ: ’سنڌ جي تاريخ: مورخن جي زباني‘؛ سنڌيڪار عطا محمد 
                                ڀنڀرو، نيشنل بُڪ فائونڊيشن اسلام آباد، 2000ع 
                                
                                
                                ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ: ’سنڌ جي تاريخ: عرب دور‘؛ سنڌي 
                                ادبي بورڊ حيدرآباد، 1978ع 
                                
                                علي حامد ڪوفي: ’فتح نامه سنڌ عرف چچ نامو‘؛ سنڌيڪار: مخدوم 
                                امير احمد، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1954 
                                
                                مير علي شير قانع: ’تحفةالڪرام‘، سنڌيڪار: مخدوم امير محمد،  
                                سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1957ع. 
                                
                                هينري ڪزنس: ’سنڌ جا قديم آثار‘ سنڌيڪار:  عطا محمد ڀنڀرو، سنڌي 
                                ادبي بورڊ ڄامشورو،1995ع. 
                                
                                
                                ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ: ’حيدرآباد شهر‘ ٽماهي. 
                                ”مهراڻ“ جنوري – مارچ ، 1962ع، سنڌي ادبي بورڊ  
                                ڄامشورو 1962ع ۽ ’سنڌي ناٽڪ  صدي 1980-1880ع‘، 
                                مهراڻ آرٽس ڪائونسل حيدرآباد، ڊسمبر 1980ع 
                                
                                اشتياق انصاري: ’سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا‘، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 
                                1996ع 
                                
                                
                                ’ميان غلام شاهه ڪلهوڙو (سنڌ جو شاهجهان)‘ – 
                                سهيڙيندڙ: اسلم عباسي، عباسي ڪلهوڙا اتحاد 
                                حيدرآباد، 2002ع 
                                
                                
                                 ليفٽيننٽ هينري پاٽنجر: ’سنڌ ۽ بلوچستان جو سير 
                                سفر‘؛ سنڌيڪار محمد حنيف صديقي ۽ سومار علي سومرو، 
                                سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1993ع 
                                
                                
                                 جيمس برنس: ’سنڌ جي درٻار‘؛ سنڌيڪار: محمد حنيف 
                                صديقي، سنڌي ادبي بورڊ حيدرآباد، 1964ع 
                                
                                اليگزينڊر برنس: ’سنڌوءَ جو سفر – 1831ع‘، سنڌيڪار: عطا محمد 
                                ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، ٻيو ڇاپو، 1998ع 
                                
                                
                                 پرمانند ميوارام: ’گل ڦل‘؛ سنڌي ادبي بورڊ 
                                حيدرآباد، 1956ع 
                                
                                
                                 ايڇ. ٽي. پوسٽنس: ’سنڌ جيئن مون ڏٺي‘، سنڌيڪار: 
                                عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 1997ع 
                                
                                
                                 جيمس مئڪمرڊو: ’سُکاري سنڌ، ڏُکارا ماڻهو‘؛ 
                                سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي، 
                                1998ع 
                                
                                
                                 سر رچرڊ برٽن: ’سنڌ ۽ سنڌو ماٿريءَ جا قبيلا‘ 
                                سنڌيڪار: محمد حنيف صديقي، سنڌي ادبي بورڊ 
                                حيدرآباد، 1995ع 
                                
                                
                                 لُطف الله سورتي: ’اڻهاروين صدي کان هندستان‘؛ 
                                ترجمو: ڊاڪٽر مبارڪ علي، فڪشن هائوس لاهور، 1996ع 
                                
                                
                                 نائومل هوتچند: ’يادگيريون‘، سنڌيڪار: محمد حنيف 
                                صديقي، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1996ع 
                                
                                
                                 ڊاڪٽر ايس. پي. ڇٻلاڻي: ’سنڌ جي اقتصادي تاريخ‘؛ 
                                سنڌيڪار: سراج الحق، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو، 
                                1995ع 
                                
                                
                                 ڊاڪٽر قمر جهان مرزا: ’ٽالپري دور ۾ حيدرآباد 
                                شهر‘، ڇپائيندڙ: امداد علي مرزا، ٽنڊو آغا، 
                                حيدرآباد، 1987ع 
                                
                                
                                 اي. پي. ايسٽوڪ: ’نئينءَ مصر جا پراڻا ورق‘؛ 
                                سنڌيڪار: ڊاڪٽر ممتاز حسين پٺاڻ، سنڌي ادبي بورڊ 
                                حيدرآباد، 1978ع 
                                
                                
                                 اي. ڊبليو. هيوز: ’سنڌ جو گزيٽيئر‘، انڊس 
                                پبليڪيشن ڪراچي، ٻيو ڇاپو، 1996ع 
                                
                                
                                 ڏيارام گدومل شاهاڻي: ’هيرانند – سنڌ جي آتما‘؛ 
                                سنڌيڪار: مولچند منگهومل واسواڻي، نولراءِ – 
                                هيرانند اڪيڊمي گولڊن جوبلي فنڊ حيدرآباد، ڇاپو 
                                پهريون، آڪٽوبر 1938ع 
                                
                                
                                 پروفيسر شيوارام نرسنگهداس ڦيرواڻي: ’راج رشي 
                                ديوان ڏيارام گدومل جو جيون چرتر‘ ڪوڙومل سنڌي 
                                ساهتيه منڊل، کاهي رستو، حيدرآباد، سنڌ، 1938ع 
                                
                                
                                 مرزا قليچ بيگ: ’يادگيريون‘ سنڌ يونيورسٽي پريس 
                                حيدرآباد، 1958ع 
                                
                                
                                 مرزا قليچ بيگ: ’زينت‘ ناول، سنڌي ادبي بورڊ 
                                ڄامشورو، ڇاپو نائون 1995ع 
                                
                                
                                 مرزا قليچ بيگ: ’ سائو پن يا ڪارو پن‘، سنڌي ادبي 
                                بورڊ ڄام شورو/ حيدرآباد، 1988ع 
                                
                                
                                 ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ’سنڌ جو سيلاني‘، ڀارتواسي 
                                پريس، حيدرآباد، 1923ع 
                                
                                
                                 ڀيرومل مهرچند آڏواڻي: ’سنڌ جي هندن جي تاريخ‘ 
                                ڪوڙومل ساهتيه منڊل، حيدرآباد، 1946ع 
                                
                                
                                 نارائڻ داس رتنمل ملڪاڻي: ’آتم ڪهاڻي‘، گانڌيڌام 
                                ڪڇ، هندستان، 1972ع 
                                
                                
                                 اي. جي. اُتم: ’سنڌي ساهت جا سرجڻهار – منگهارام 
                                ملڪاڻي‘، ساهتيه اڪيڊمي نئين دهلي،  1985ع 
                                
                                
                                 لوڪرام ڏوڏيجا: ’منهنجو وطن، منهنجا ماڻهو‘، 
                                نيوفيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1993ع 
                                
                                
                                 پوپٽي رامچنداڻي: ’منهنجي حياتيءَ جا سونا روپا 
                                ورق‘، لوڪ سر پبليڪيشن بمبئي، 1992ع 
                                
                                
                                 ڪيول ملڪاڻي: ’سنڌ ڪهاڻي‘، سنڌيڪار: تاج جويو، 
                                روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 1991ع 
                                
                                
                                 محمد اسماعيل عرساڻي: ’سکر سيئي ڏينهن‘ (آتم 
                                ڪهاڻي)، ڪتابي دنيا حيدرآباد، 1985ع 
                                
                                
                                 جي. ايم. سيد: ’جنب گذاريم جن سين‘؛ سنڌي ادبي 
                                بورڊ ڄام شورو، پهريون ۽ ٻيو جلد، 1967ع 
                                
                                
                                 رئيس ڪريم بخش نظاماڻي: ’ڪيئي ڪتاب‘ (جلد پهريون 
                                ۽ ٻيون)، نيو فيلڊس پبليڪيشن حيدرآباد، 1994ع 
                                
                                
                                 پير علي محمد راشدي: ’اُهي ڏينهن اهي شينهن‘، جلد 
                                ٽيون، سنڌي ادبي بورڊ ڄام شورو، 1981ع 
                                
                                
                                 ڊاڪٽر مبارڪ علي: ’در در ٺوڪر کائي‘، فڪشن هائوس، 
                                1996ع 
                                
                                
                                 ڊاڪٽر حبيب الله مرزا: ’انگريزن جي دور ۾ شاهي 
                                بازار‘، انسٽيٽيوٽ آف سنڌيالوجي ڄام شورو، جلد 7، 
                                نمبر 1 ۽ 2، 1983ع. 
                                
                                
                                 سيد معراج الحسن نقوي: ’شاهه لطيف ٽه – روزه قومي 
                                ڪانفرنس‘، سنڌي لينگويج اٿارٽي، حيدرآباد، سووينئر 
                                2000ع 
                                
                                
                                 غلام نبي مغل: ’اوڙاهه‘، نيوفيلڊس پبليڪيشن 
                                حيدرآباد، 1993ع 
                                
                                
                                 رضا علي عابدي: ’سنڌوءَ جي سفر جي ڪهاڻي‘؛ 
                                سنڌيڪار: گل حسن ڪلمتي، سنڌ پبلشنگ هائوس ڪراچي، 
                                1999ع 
                                
                                
                                 بدر ابڙو: ’سنڌوءَ جو سفر – 1989ع‘، سنڌيڪا 
                                اڪيڊمي ڪراچي، 1994ع 
                                
                                
                                 شيخ عزيز: ’شاهه لطيف ٽه – روزه قومي ڪانفرنس‘ 
                                سنڌ لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سووينئر 2000ع  |