| 
								 
                                
                                
                                سرڪاري عملدارن ۾ رشوت عام هئي، رشوت لاءِ ماڻهو 
                                کي مجبور ڪيو ويو، رسائي ۽ لاپي جو عام رواج هو، 
                                جيڪڏهن ڪو وڏو ڪامورو ڪنهن هنڌ منزل ڪندو هو ته 
                                زميندار ان لاءِ بندوبست ڪندا هئا. يا ننڍن ڪامورن 
                                کي خرچ ۽ سامان مهيا ڪندا هئا. ”جڏهن ڪامورا گشت 
                                تي نڪرندا هئا، تڏهن سندن منزلن وقت وڏا انتظام 
                                ٿيندا هئا. زميندارن طرفان کير، ڇيلا، مکڻ، بيضا، 
                                گاهه وغيره پهچايا وينداهئا. عام ماڻهن کي هنن 
                                لاءِ رستا ٺاهڻ، تنبن کوڙائن، گاهه ميسر ڪرڻ، پاڻي 
                                ڀرائڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ٻين اهڙن ڪمن لاءِ بيگر ۾ 
                                وهايو ويندو هو. سختيءَ سان ڪم وٺڻ ۽ موچڙي مار 
                                ڪرڻ کان پوءِ به کين ماني ڪا نه کارائي ويندي هئي. 
                                پٽيوالن، نائيڪن ۽ ڪلارڪن کي خرچيون ڏيڻيون 
                                پونديون هيون، منزل جي لاءِ سيڌي سامان، ميوي، 
                                شراب ويندي برف تائين. سڀ شيءِ جو انتظام روينيو 
                                يا ٻئي کاتي جي مڪاني ملازمن کي ڪرڻو پندو هو. 
                                انهيءَ واسطي هر هڪ آباد نمبر تان سرڪاري ڍل وٺڻ 
                                مهل، هڪ رقم الڳ ورتي ويندي هئي، جا لاپي جي نالي 
                                سان مشهور هئي، اها رقم تعلقي آفيس ۾ ڪٺي ٿيندي 
                                هئي، جنهن جو حساب ڪتاب رکيو ويندو هو. سنڌ ڄڻ 
                                ڪامورن جي شڪارگاهه ۽ مرغزار بڻيل هئي. 
                                مٿيان سڀ ڪم گهڻو ڪري مسلمان زميندارن کان ورتا 
                                ويندا هئا. حسام الدين راشدي جي چوڻ موجب هندو هر 
                                لحاظ سان مسلمانن کان ترقي يافته هئا. پيسي ۾، 
                                تعليم ۾ ملازمتن ۽ واپار ۾ سياسي خواه سماجي طرح 
                                سجاڳ ۽ سياڻا به. هنن ڪو به اڳ پوءِ ڪو نه جاچيو، 
                                الله لڳ ڳالهه ڪبي مسلمانن جي غيرتعليم يافتگي مان 
                                ۽ زميندارن جي جهالت ۽ اڍنگن خرچن مان هنن نهايت 
                                ئي اجوڳ فائدا ورتا. هنن تي ملڪي هئڻ سبب، وڌيڪ 
                                سڌريل ۽ سمجهدار قوم هئڻ ڪري ڀائيپيءَ جا، 
                                برادريءَ جا، پاڙيسريءَ جا وڏ ننڍائي جا جيڪي انگ 
                                ۽ ننگ هئا. سي هنن پورا ڪو نه پاڙيا بلڪه هلندي 
                                هلندي مسلمانن جون ڪيئي زرعي زمينون به قرضن ۾ 
                                ورتل ۽ اڻ ورتل کنڌن ۽ وياجن جي مٿان وياجن ۾ 
                                پنهنجي هٿ ڪري ويا. شهر ته اڳئي سندن قبضي ۾ هئا، 
                                زمين وٺڻ بعد ٻهراڙيون به گهڻي قدر سندن هٿ هيٺ 
                                اچي ويون، هنن پوءِ سياسي ٻڌيون ڪري، هندستاني 
                                هندن سان جوڙ توڙ ڪري، مها سڀا ۽ ڪانگريس جا پلو 
                                پڪڙي سياسي طرح به مسلمانن کي اهڙيءَ طرح ڪيرائڻ 
                                جي ڪوشش ڪئي، جيئن هو پنهنجي ملڪ اندر به بيوس ۽ 
                                ويچارا ٿي رهن. 
                                ”صديءَ جي شروعات کان پوءِ ته کين الائي ڇا ٿي 
                                ويو! گويا کين مسلمانن سان گڏ رهڻو ئي ڪين هو، ۽ 
                                هڪ ٻئي سان سندن ڄڻ ڪڏهن ڪو واسطو ۽ وجهه ئي  ڪو 
                                نه هو. جيئن جيئن سياسي شعور وڌندو ويو ۽ هندستاني 
                                سياست سنڌ تي حاوي ٿيندي ويئي، تئين تيئن تفريق 
                                وڌندي ويئي ۽ جنهن کي جڏهن موقعو مليو تڏهن ٻئي کي 
                                تهس نهس جا ويچار ٿيندا رهيا. 
                                
                                
                                
                                        مسلمانن جي لاءِ نوڪرين جا دروازا بند ڪيا 
                                ويا، جيڪڏهن نوڪري ملندي هئي ته بيلدار، پٽيوالو 
                                وغيره شهري پٽيوالي جون 
                                نوڪريون 
                                به هندن لاءِ مخصوص رکيون ويون، هندو سنڌي هر هڪ 
                                کاتي ۾ اڳتي هو. ”سنڌ جو عوام چوٽيءَ کان پيرن 
                                تائين هندوءَ وٽ گروي هو، زمينون انهن وٽ گروي، 
                                سنڌي ڪڙميءَ جي ڪمائي، سڄي انهن جي گهر ۾، هر ڪنهن 
                                قسم جي تجارت انهن جي قبضي ۾، شهر، تعليمي ادارا، 
                                ملازمتون، مطلب ته سنڌ جا حقيقي مالڪ اهي ئي هئا ۽ 
                                باقي مخلوق محض هنن جي رحم ڪرم تي هئي، جنهن تي 
                                افسوس آهي ته هنن ڪڏهن به رحم و ڪرم ڪو نه ڪيو، 
                                جنهن جو نتيجو نه ڇڙو پاڻ لوڙيائون بلڪه سندن 
                                ڪرتوتن جي بلا وري به مستقل طرح سنڌي مسلمانن کي 
                                ئي لوڙڻي پئي آهي. 
                                اڳتي سنڌ جي ڪجهه ملازمتن جا انگ اکر ڏجن ٿا جنهن 
                                ۾ هندو مسلمانن جو تناسب واضح آهي. 
                                
                                
                                ضلع وار ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽرن، سندن نائبن ۽ 
                                انگريزي اسڪولن ۾ هيڊ ماسترن ۽ نائبن جو تفصيل 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                        
                                      
                                      
                                      ضلع  | 
                                      
                                       
                                      
                                        
                                      
                                      
                                      هيڊماستر  | 
                                      
                                       
                                      
                                        
                                      
                                      
                                      نائب ماستر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      ڊپٽي
                                      
                                      ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      اسسٽنٽ ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                         | 
                                      
                                       
                                      
                                      هه     م  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هه      م  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هه      م  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هه      م  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڪراچي  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      43   6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3     --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      حيدرآباد  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      11   2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2     --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      نوابشاه  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --    1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --   9  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ٿرپارڪر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --   --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2     --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      لاڙڪاڻو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      15   3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2     1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      سکر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      10   3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2     1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اپر سنڌ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1    --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --   --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --     1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1     --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      پوري سنڌ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4    1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      79   23  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6     1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13     3  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                  
                                  
                                  
                                  سڌي لوڪل بورڊن اسڪولن ۽ ميونسپالٽين ۾ ماسترن 
                                  جو تفصيل ۽ فقط لوڪ بورڊ اسڪولن ۾ ماسترياڻين جو 
                                  تفصيل  
                                
                                
                                
                                ضلع   ماسترن جو تفصيل    ماسترياڻين جو تفصيل 
                                
                                  
                                  
                                  
                                                  هيڊ ماسترياڻيون       
                                  
                                          
                                  
                                  نائب ماسترياڻيون  
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                         | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڪراچي  | 
                                      
                                       
                                      
                                      269  | 
                                      
                                       
                                      
                                      145  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      حيدرآباد  | 
                                      
                                       
                                      
                                      151  | 
                                      
                                       
                                      
                                      137  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      نوابشاه  | 
                                      
                                       
                                      
                                      182  | 
                                      
                                       
                                      
                                      128  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ٿرپارڪر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      130  | 
                                      
                                       
                                      
                                      25  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      لاڙڪاڻو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      301  | 
                                      
                                       
                                      
                                      255  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      سکر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      308  | 
                                      
                                       
                                      
                                      181  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اپر سنڌ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      64  | 
                                      
                                       
                                      
                                      126  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                      
                                       
                                      
                                      --  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      پوري سنڌ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1405  | 
                                      
                                       
                                      
                                      997  | 
                                      
                                       
                                      
                                      18  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      25  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                     
                                   
                                 
                                
                                
                                
                                رپورٽ: سنڌ محمدن ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس حيدرآباد 
                                1924 
                                
                                
                                
                                سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ هندو مسلمان ملازمن جو تناسب. 
                                
                                  
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      عهدو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      جملي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڊاريڪٽر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      انسپيڪٽر گرل  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      مرد ڪلاس 
                                      
                                      II  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                      
                                       
                                      
                                      10  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      عورتون ڪلاس 
                                      II  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      9  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اسسٽنٽ ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      9  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      9  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اسسٽنٽ ماسٽر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      15  | 
                                      
                                       
                                      
                                      63+2 پارسي  | 
                                      
                                       
                                      
                                      80  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اسسٽنٽ ماسترياڻيون  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڊرائينگ ماستر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڊرائينگ ماسترياڻيون  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      راڳ ماسترياڻيون  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ورزش ماستر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      عربي ماستر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      2  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڀرت ماسترياڻيون  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ميٽرن  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڪلارڪ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      19  | 
                                      
                                       
                                      
                                      26  | 
                                      
                                       
                                      
                                      45“  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      زراعتي کاتو سڪرنڊ ڪاليج  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      عهدو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      جملي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      پروفيسر گزيٽيڊ   | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      سينئر ليڪچرار  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      جونيئر ليڪچرار  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      9  | 
                                      
                                       
                                      
                                      10  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      لئباٽري اسسٽنٽ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڪلارڪ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                        
                                      
                                      
                                      
                                                     زراعتي کاتو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      گزيٽيڊ آفيسر گريڊ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          11   | 
                                      
                                       
                                      
                                      16  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      گريجوئيٽ فرسٽ“    | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          14  | 
                                      
                                       
                                      
                                      17  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      گريجوئيٽ سيڪنڊ“  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          14  | 
                                      
                                       
                                      
                                      18  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      گريجوئيٽ ٿرڊ گريڊ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          26  | 
                                      
                                       
                                      
                                      33  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      نان گريجوئيٽ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      20  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          22  | 
                                      
                                       
                                      
                                      42  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ڪاٽن ڪميٽي آفيسر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      مارڪيٽنگ آفيسر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                                          3  | 
                                      
                                       
                                      
                                      3  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      انجنيئري کاتو  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      عهدو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      جملي  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      چيف انجنيئر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      0  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ايس- اي  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      انجنيئر  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      27  | 
                                      
                                       
                                      
                                      28  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      ٿرڊ ڪلاس ملازم  | 
                                      
                                       
                                      
                                      437  | 
                                      
                                       
                                      
                                      725  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1162  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      فورٿ ڪلاس  | 
                                      
                                       
                                      
                                      506  | 
                                      
                                       
                                      
                                      473  | 
                                      
                                       
                                      
                                      979  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      50 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      137  | 
                                      
                                       
                                      
                                      576  | 
                                      
                                       
                                      
                                      713  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      120 روپيه کان وڌيڪ پگهار کڻندڙ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      19  | 
                                      
                                       
                                      
                                      134  | 
                                      
                                       
                                      
                                      153  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      200 کان مٿي پگهار کڻندڙ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      18  | 
                                      
                                       
                                      
                                      159  | 
                                      
                                       
                                      
                                      177  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      انجنيئري کاتي ۾ هندن کي پگهارون هڪ لک چوهٺ 
                                      هزار هڪ سئو ويهه روپيا مليا ۽ مسلمانن کي 
                                      ستيتاليهه هزار ۽ پنجاسي روپيا مليا. 
                                      
                                       
                                      
                                      
                                      
                                        
                                      
                                      
                                      روينيو کاتو 
                                      
                                      
                                      مختيارڪار     مسلمان     خالي     هندو     ٻيون 
                                      قومون   ٽوٽل 
                                      
                                      
                                      
                                                          19       2        
                                      56        5        82 ٽوٽل 
                                      
                                        | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      اڪائونٽ ۽ سينيئر اڪائونٽنٽ  | 
                                      
                                       
                                      
                                      مسلمان  | 
                                      
                                       
                                      
                                      هندو  | 
                                      
                                       
                                      
                                      جمله اڪائونٽنٽ  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                      سال   1925  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1926  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1927  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1928  | 
                                      
                                       
                                      
                                      5  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1929  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1930  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1931  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1932  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1933  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1934  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1935  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1936  | 
                                      
                                       
                                      
                                      6  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1937  | 
                                      
                                       
                                      
                                      1  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      8  | 
                                     
                                    
                                      | 
                                       
                                      
                                      
                                             1938  | 
                                      
                                       
                                      
                                      4  | 
                                      
                                       
                                      
                                      7  | 
                                      
                                       
                                      
                                      13 
                                      
                                        | 
                                     
                                    
                                    
                                      | 
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                      
                                          | 
                                     
                                    
                                   
                                 
                                
                                
                                
                                تعليمي ڪارڻ 
                                
                                
                                
                                ميرن جي دور ۾ ديني تعليم جو رواج عام هو، جنهن ۾ 
                                عربي، فارسي ۽ سنڌي جي تعليم پڻ ڏني ويندي هئي. 
                                ”مسلمانن کي ديني ۽ ٻي تعليم سنڌ جا سيد ڏيندا 
                                هئا، هندو ٻارن کي تعليم هندو عامل ڏيندا هئا. 
                                عاملن کي معاوضو هندو ڦوڙي ڪري ڏيندا هئا، ۽ 
                                مسلمان ڇهه ماهي ۾ جڏهن ڪو فصل کڻندا هئا ته هو 
                                گهر مان اناج ۽ ڪجهه ڪپڙا ڏنا ويندا هئا ڳوٺن ۾ 
                                مدرسہ عالم ۽ خاص سيد هلائيندا هئا، اهي ادارا 
                                گهڻو ڪري وقف جي امداد سان هلندا هئا ۽ سيد جن کي 
                                مقرر پگهار نه ملندو هو، تن جو گذر
                                بخشش ۽ وقف جي 
                                آمدني وسيلي ٿيندو هو. انگريزي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ ٽن قسمن جا اسڪول هئا، مسلم 
                                پرائمري اسڪول (ديني مدرسہ)، هندي اسڪول جتي 
                                خداودي ۽ ٻيا سنڌي مضمون پڙهايا ويندا هئا، حساب 
                                پڻ سيکاريا ويندا هئا، حالانڪ ڪيترا ڇوڪرا خداودي 
                                ۽ حساب ڪتاب جي تعليم پنهنجي گهر يا دڪان ۾ سکندا 
                                هئا. ٽيون قسم عربي ۽ فارسي تعليم جا اسڪول هئا، 
                                جتي مسلمان ۽ هندو عامل پڙهائيندا هئا. انهن 
                                اسڪولن ۾ اڪثر ڪري سيد يا آخوند  استاد هوندا هئا.
                                
                                ماسترن کي معاوضي ڏيڻ جو طريقو هر هنڌ مختلف هو، اسڪول زميندارن جي مدد سان 
                                هلندا هئا، ملا اسڪولن ۾ جڏهن به ڇوڪرو قرآن شريف 
                                ۽ ٻي ديني تعليم مڪمل ڪندو هو ته شاگرد جا مائٽ 
                                استاد کي پيسا ۽ سوکڙيون ڏيند اهئا. ٺٽه ۽ روهڙيءَ 
                                جي سيدن کي تعليم جي ڪم لاءِ جاگيرون مليل هيون ۽ 
                                ٻين کي به حڪومت طرفان انعام ۽ زمينون ڏنيون 
                                وينديون 
                                
                                هُيون، جئن اهي اسڪول ۽ مدرسہ هلائي 
                                سگهن. ”1852ع ۾ اسڪولن جو حساب لڳايو ويو ته سنڌ ۾ 
                                643 اسڪول هئا جن ۾ 7443 شاگرد تعليم حاصل ڪندا 
                                هئا، جن ۾ 1/9  حصو ڇوڪريون هيون. ديني تعليم جا 
                                مدرسہ 278 هئا جن ۾ 1906 شاگرد هئا. عربي ۽ فارسي 
                                جا اسڪول 275 هئا، جن ۾ 4252 شاگرد زير تعليم هئا. 
                                فارسيءَ کان سواءِ ٻيا 52 اسڪول هئا جن ۾ 321 
                                شاگرد هئا. هندو ۽ مسلمان گڏ فارسي پڙهندا هئا. 
                                هندو سرڪاري نوڪري خاطر پڙهندا هئا، انهن اسڪولن ۾ 
                                گهڻو ڪري مسلمان استاد هوندا هئا، خداودي جي 23 
                                اسڪولن ۾ 803 شاگرد پڙهندا هئا. 
                                
                                
                                
                                انگريز سرڪار تعليمي ادارن جي همٿ افزائي ڪانه 
                                ڪئي، فارسيءَ کي ختم ڪيو ويو، مسلمان صرف ديني 
                                تعليم ڏانهن متوجه رهيا، اهي به مختصر ماڻهن جي 
                                مدد سان هلي رهيا هئا. مسلمانن جي تعليمي زوال جو 
                                سبب حڪومت برطانيه جي سامراجي تسلط هو، ايسٽ انڊيا 
                                ڪمپنيءَ، جو مقصد صرف تجارت هئي، جنهن هندستان کي 
                                لٽ جو مال سمجهي لٽيو، ڪمپنيءَ جا اهلڪار ڏسي چڪا 
                                هئا ته آمريڪا ۾ تعليم ڏيڻ جي ڪري برٽش سرڪار جي 
                                خلاف بغاوت ٿي، اهو ئي سبب هو ته ڪٿي هتي جي 
                                ”سونهي جهرڪي“، هندستان، هنن جي هٿن مان نڪري نه 
                                وڃي. انگريزن ديسي تعليمي طريقا به ختم ڪرڻ شروع 
                                ڪيا.  جڏهن به ڪا قوم غلام بنائي ويندي آهي ته سڀ 
                                کان اول ان قوم مان تعليم ختم ڪئي ويندي آهي. علم 
                                ۽ ادب کي تباه ڪيو ويندو آهي. ڇاڪاڻ ته  علم ۽ 
                                غلامي ڪڏهن به گڏ رهي نه ٿا سگهن. جنگ آزادي کان 
                                پوءِ جي حالت تي طفيل احمد بنگلوري جي ڪتاب ”روشن 
                                مستقبل“ جي حوالي سان مولانا غلام محمد گرامي رقم 
                                طراز آهي ته ”جنگ آزاديءَ بعد نتيجو اهو نڪتو جو 
                                خاندانن جا خاندان جيلن ۾ بند ڪيا ويا، مسجدون ۽ 
                                درسگاهون ناس ڪيون ويون، مسلمانن جون ملڪيتون ضبط 
                                ڪيون ويون، مسلمانن کي نوڪرين کان جواب ڏنو ويو، 
                                تاجر پيشه مسلمانن کي ڏوه ۽ رشوت ۾ قابو ڪري 
                                سزاياب ڪيو ويو، عالمن ۽ ليڊرن کي جيل ۾ نپوڙيو 
                                ويو، شاهي خاندان کي تباه ڪيو ويو، شهنشاه هند
                                
                                
                                بهادر شاهه 
                                ظفر کي قيد ڪري سندن شهزادن کي هن جي موجودگي ۾ گولي هڻي 
                                ماري، سندن خون وحشي انگريز ڪمانڊرن پيتو. بهرحال 
                                مسلمانن کي زندگي جي هر شعبي ۾ تباه ۽ پائمال ڪيو 
                                ويو. 
                                مسلمانن جي تباه حالي کي ڏسي، مسلمان اڳواڻ انهن 
                                جي تعليمي سڌاري لاءِ سوچڻ شروع ڪيو، انهيءَ مقصد 
                                لاءِ آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنسون سڏايون 
                                ويون. ”آل انڊيا مسلم ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جي تاريخ 
                                1886ع کان شروع ٿئي ٿي.“ جڏهن سر سيد احمد خان 
                                مسلمانن م تعليم پکيڙڻ جي جدوجهد شروع ڪئي، تڏهن 
                                سنڌ ۾ سر سيد احمد خان جي نصب العين تي مرحوم 
                                خانبهادر حسن علي آفندي جيڪا جدوجهد ڪئي، ان جي 
                                نتيجي ۾ ”سنڌ مدرسة السلام“ اڄ به اوچو ڳاٽ ڪري 
                                بيٺو آهي. هن مدرسہ جي تشڪيل ۽ تعمير ۾ جن مخلص 
                                اراڪين جا نالا اچن ٿا، تن ۾ هيٺيان قابل ذڪر آهن 
                                جيڪي مرحوم آفنديءَ سان ٻانهن ٻيلي رهيا؛ مثلاً 
                                خانبهادر ميان غلام حسين، غلام حسين ڇاڳلا، امراءُ 
                                خان، دستگير، علي ڀائي ڪريم جي، مرزا آصف، سردار 
                                بهادر محمد يعقوب، رئيس شمس الدين بلبل، مولوي 
                                الهه بخش اٻوجهو، خانبهادر قادر داد خان، طيب جي، 
                                مرزا مخلص علي ۽ مرحوم حسن علي آفنديءَ جو 
                                صاحبزادو ولي محمد خان وغيره 
                                آل انڊيا ايڊيوڪيشنل ڪانفرنس جا اجلاس هر سال 
                                ٿيندا رهيا. سال 1902ع ۾ آل انڊيا ايڊيوڪيشنل 
                                ڪانفرنس زير صدارت سر آغا خان جي دهليءَ ۾ منعقد 
                                ٿي، ان اجلاس ۾ علي محمد خان دهلوي بئريسٽر 
                                ڪراچيءَ واري سنڌ جي طرفان نمائندگي ڪئي ۽ سنڌ جي 
                                رهنمائن  سنڌ جا دورا ڪري ڪانفرنس کي رپورٽ ڏني. 
                                هن ڪانفرنس جي پاس ڪيل ٺهراءُ موجب مدرسو نوشهرو 
                                هاءِ اسڪول تعمير ڪرايو. هنن ٻين مدرسن کي انگريزي 
                                هاءِ اسڪولن جي طرز تي قائم ڪرڻ لاءِ جدوجهد شروع 
                                ڪئي. هن مدرسن کي قائم ڪرڻ ۽ ان سان گڏ هاسٽل جي 
                                تعمير لاءِ پنجاه هزار جي گهرج ظاهر ڪئي، جن مان 
                                ڇهه هزار خيرپور  رياست ڏنا باقي ويهه هزار عام 
                                چندن مان گڏ ٿيا، تعليمي ادارن سان گڏوگڏ هاسٽل پڻ 
                                تعمير ڪرڻ جو پروگرام رٿيو ويو. 
                                
                                 |