| 
								 
								
								ماڳ جو نالو: جراکيا 
								
								(Jarakheya)
								 
								
								
								(ڏسو خاڪو 23) 
								
								
								جاءِ وقوع: ڳوٺ ڪيريا 
								
								(Keriya) 
								تعلقو امرالا. 
								
								
								پکيڙ: 
								
								150 x 275 
								ميٽر. هن ماڳ جو ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن کان اٽڪل ٽي 
								ڪلوميٽر پري آباد ۽ غير آباد زمينن ۾ نظر اچي ٿو. 
								
								
								ڳوٺ جي ٻڌجڻ جو زمانو: 
								
								RPW 
								ٿانون وارو دؤر 
								
								
								ببلوگرافي: نه 
								
								
								1. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- اندرئون ۽ ٻاهرئون ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ - اندريون ۽ ٻاهريون پاسو چمڪدار - چڪ وسيلي 
								ٺهيل. قطر جو پتو ڪونه پئجي سگهيو هو. 
								
								
								2. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								
								 - رَءِ پڪل - ٿانءَ جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6). 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 YR 5/8) 
								ڌاءُ. قطر 12 س.م چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								3. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- رَءِ پڪل - ٿانءَ جو اصل رنگ ڪارسرو ڀورو 
								
								(7.5 YR 4/4) 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(2.5 YR 4/6) 
								ڌاءُ - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان چمڪدار. قطر 12 
								س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								4. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessd) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڪارسرو ڳاڙهو 
								
								(10 R 3/6) 
								ڌاءُ - ٻاهرئين پاسي کان چمڪندڙ - چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								5. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس جهڙو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- وچولو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو
								
								
								(5 YR 4/4) 
								اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا 
								مليل - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهسرو ڦڪو مٿاڇرو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								. قطر 14 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								6. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ - پڪل ٻاڙو - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 5/4) 
								اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا 
								مليل - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي چمڪدار - چڪ وسيلي 
								ٺهيل. قطر 16 س.م. 
								
								
								7. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ چاهين رنگ جو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ چانهون 
								
								(10 R 6/1) 
								- اندر هلڪو ڪارو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا 
								تاندورا مليل - 
								
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڦڪو ڳاڙهو 
								
								(5 YR 5/6) 
								ڌاءُ. اندريون پاسو چمڪدار - چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 
								20 س.م. 
								
								
								8. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندر ۽ ٻاهر ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. قطر 14 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								9. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ 
								
								ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 3/2) 
								ڌاءُ. قطر 10 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
 
								  
								
								  
								
								
								  
								
								
								        10. 
								
								ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو يا چانهون. ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو 
								ڳاڙهو ڀورو 
								
								(2.5 YR 4/6) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 5/4) 
								قطر 18 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								11. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو
								
								
								(5 YR 5/4) 
								- اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا 
								مليل - اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. اندرئين پاسي کان چمڪدار. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								قطر 16 س.م. 
								
								
								12. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو - ڀورو
								
								
								(5 YR 5/4) 
								اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو 
								
								(Dark) 
								. واريءَ جو ليئهُ چڙهيل - اندران ۽ ٻاهران ڳاڙهو
								
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 30 س.م. 
								
								
								13. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس جهڙو ڳاڙهو ٿانءُ، پيالو - وچولو پڪل - ٺڪر 
								جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو(5 
								YR 7/8) 
								اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو 
								
								(Dark) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								هٿ جو گهاڙ- قطر 20 س.م. 
								
								
								ماڳ جو نالو: جيواڻي - نو - ڍورو 
								
								(Jivani No Dhoro) 
								
								
								(ڏسو خاڪو 23) 
								
								
								جاءِ وقوع: ڳوٺ ونگڌرا - تعلقو امرالا 
								
								
								پکيڙ: 
								
								160 x 420 
								ميٽر. ٺڪراٺو ڪالوڀر نئن جي ڪناري سان ڳپل پنڌ 
								تائين ڏسبو. هن پراڻي ماڳ مان مٽي ڪڍي بند ٻڌو ويو 
								هو. 
								
								
								ڳوٺ ٻڌڻ جو زمانو: 
								
								 RgP
								
								
								II 
								ق.م ۽ 
								
								RPW 
								جو دؤر 
								
								
								ببلوگرافي: 
								
								IAR 
								61 - 1960ع، ص. 8 - 
								
								EAR 
								ص. 205 
								
								
								1. سنڌو تهذيب جو ڳاڙهو ٿانءُ - پيالو-  رءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڪارسري - چاهين 
								
								(7.5 YR 3/2) 
								چٽسالي. قطر 20 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								2. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ پيالي جي ڪڙي جي بو 
								نبي. 
								رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڀورو چانهون 
								
								(10 YR 6/2) 
								- اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڦڪو ڳاڙهو 
								
								(5 YR 5/6) 
								ڌاءُ. ڪارسري چاهين 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								رنگ جي چٽسالي چمڪدار.  
								
								
								3. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رَءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو مٿاڇرو 
								
								(5 YR 6/6) 
								قطر 60 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								4. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رَءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو- ٻاهرئين پاسي کان ڪارسـُـري چانهين 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								رنگ جي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 34 س.م. 
								
								
								5. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڪوناري. رَءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 YR 5/8) 
								ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو. ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چاهين رنگ 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								جي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 32 س.م. 
								
								
								6. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي - رءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								- اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. ٻاهرئين پاسي ڪارسري چاهين 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								رنگ جي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 16 س.م. 
								
								
								7. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Jar) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 YR 5/8) 
								ڌاءُ. ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو- ٻاهرئين پاسي کان ڪارسـُـري چاهين 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								رنگ جي چٽسالي. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 8 س.م. 
								
								
								8. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي - رءِ پڪل - 
								ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 36 س.م. 
								
								
								9. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ ڦيلهي يا ٿالهي - 
								رءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو  
								
								
								(5 YR 6/6) 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 34 س.م. 
								
								
								10. سنڌو سڀيتا جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو
								
								
								(5 YR 5/4) 
								ٻاهرئين پاسي کان هلڪي ڳاڙهي 
								
								(2.5 YR 4/6) 
								رنگ جو ڌاءُ - اندرئين پاسي جو مٿاڇرو ڳاڙهسري 
								ڀوري 
								
								
								(5 YR 5/4) 
								رنگ جو- ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چاهين 
								
								(Dark grey) 
								رنگ 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								جي چٽسالي. قطر 14 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								11. سنڌو سڀيتا جي ڳاڙهي ٿانءُ جو ترو 
								
								(Base) 
								- ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								- ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو. قطر 24 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								12. سنڌو تهذيب جو جڏو سڏو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو چاهون 
								
								
								(7.5 YR 3/0) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڪارسري چاهون 
								
								
								(7.5 YR 3/0) 
								مٿاڇرو اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان چمڪدار - چڪ 
								وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م. 
								
								
								13. سنڌو سڀيتا جو سادو 
								
								(Coarse) 
								ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو- ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو  
								
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو. قطر 20 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								14. سنڌو سڀيتا جي کـُـرچ لکت 
								
								(graffiti) 
								- ٺڪر رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. اندرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو مٿاڇرو 
								
								(5 YR 6/6). 
								ٻاهرئين پاسي کان چمڪدار- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								15. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جو ڳاڙهو ٿانءُ نيسارو 
								
								(Spout) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- ٻاهرئين پاسي کان ڪارسرو ڳاڙهو 
								
								(10 R 3/6) 
								ڌاءُ. اندر پاسي جو ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو - ٻاهريون پاسو چمڪندڙ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 
								جو تعين ڪري ڪونه ٿو سگهجي. 
								
								
								16. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- ٻاڙو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 6/6) 
								مٿاڇرو. قطر 18 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								17. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- ٻاڙو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو
								
								
								(5 YR 5/4) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل - 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 YR 5/8) 
								ڌاءُ. قطر 12 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								18. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- ٻاڙو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو
								
								
								(5 YR 6/6) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 18 س.م 
								
								
								19. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان واڳيل ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڀورو
								
								
								(7.5 YR 4/4) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل - 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي وارو مٿاڇرو هلڪو ڪارو 
								هلڪو ڀورو 
								
								(10 YR 6/2) 
								رنگ. اندرئين پاسي کان ڪارسري چانهين 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								رنگ جي چٽسالي. اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي کان 
								چمڪدار. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 20 س.م. 
								
								
								20. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ چاهين رنگ جو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل ٻاڙو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو چاهون
								
								
								(7.5 YR 3/0) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڪارسرو چانهون 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								مٿاڇرو - اندريون ۽ ٻاهريون پاسو چمڪدار - چڪ 
								وسيلي ٺهيل. قطر 18 س.م. 
								
								
								21. ڳاڙهو چمڪدار ٿانءَ 
								
								RPW 
								جي جنس سان تعلق رکندڙ چاهين رنگ جو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- ٻاڙو پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسـُـرو چانهون
								
								
								(Dark grey)
								
								
								(7.5 YR 3/0) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو ڪارسرو چانهون 
								
								(7.5 YR 3/0) 
								- اندران ۽ ٻاهران، چمڪدار. چڪ وسيلي ٺهيل. قطر 14 
								س.م. 
								
								
								  
								
								  
  
								
								
								ماڳ جو نالو: جوڻي لکاڻڪا 
								
								
								(Juni Lakhanka) 
								
								
								(ڏسو خاڪو 24) 
								
								
								جاءِ وقوع: ڳوٺ لکڻڪا - تعلقو گڊهڙا 
								
								
								پکيڙ: 
								
								100 x 200 
								ميٽر. ٺڪراٺو زرعي زمين ۾ موجود ۽ گهيلو نئن جي 
								ڪناري سان گهڻي پنڌ تائين پکڙيل. 
								
								
								ڳوٺ ٻڌجڻ جو زمانو: پويون تاريخي دور 
								
								
								ببلوگرافي: نه 
								
								
								1. پوئين تاريخي دؤر سان تعلق رکندڙ ٿانءُ پيالو - 
								پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو 
								
								(2.5 YR 6/6) 
								اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا 
								مليل - اندريون ۽ ٻاهريون پاسو هلڪو ڳاڙهو 
								
								(2.5 YR 8/6) 
								هٿ جو گهاڙ - قطر 40 س.م. 
								
								
								2. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								
								(5 YR 7/8) 
								واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل - 
								اندريون ۽ ٻاهريون پاسو ڪارسرو ڳاڙهو 
								
								(10 R 4/6) 
								رنگ. قطر 14 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								3. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچولو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڀورو
								
								
								(7.5 YR 4/4) 
								- اندر 
								
								(Core) 
								ڪارسرو. واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا 
								مليل. اندريون ۽ ٻاهريون پاسو ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 5/4) 
								- قطر 24 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								4. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڦڪو ڀورو 
								
								
								(10 YR 10/4) 
								ڪنهن حد تائين هلڪو ڀورو چانهون 
								
								(10 YR 6/2) 
								- واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل - 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. قطر 22 س.م- چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								5. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو، ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچٿرو. ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								
								(5 YR 7/8) 
								. واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا تاندورا مليل. 
								اندرئين ۽ ٻاهرئين پاسي ڳاڙهسرو ڦڪو 
								
								(5 YR 7/8) 
								رنگ. قطر 20 س.م چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								6. پوئين تاريخي دؤر جو ڳاڙهو ٿانءُ - ڦيلهي يا 
								ٿالهي. پڪل وچٿرو. ٺڪر جو پنهنجو رنگ هلڪو ڳاڙهو
								
								
								(2.5 YR 6/6) 
								اندر ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا 
								تاندورا مليل - اندريون ۽ ٻاهريون مٿاڇرو هلڪو 
								ڳاڙهو 
								
								(2.5 YR 6/6). 
								قطر 16 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								7. پوئين تاريخي دؤر سان تعلق رکندڙ ڳاڙهو ٿانءُ
								
								
								(Vessel) 
								- رَءِ پڪل - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڪارسرو ڳاڙهو
								
								
								(10 R 4/6) 
								- ٻاهرئين پاسي کان ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/8) 
								ڌاءُ. اندريون مٿاڇرو ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 5/4) 
								- ٻاهرئين پاسي کان ڀوري چاهين 
								
								(10 YR 6/2) 
								رنگ جي چٽسالي. قطر 14 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								
								8. پوئين تاريخي دؤر جو ٿانءُ 
								
								(Vessel) 
								- پڪل وچٿرو - ٺڪر جو پنهنجو رنگ ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								
								(5 YR 5/4) 
								اندر ڪارسرو - واريءَ جو ليئهُ ڏنل ۽ گاهه جا 
								تاندورا مليل. ٻاهرئون ڳاڙهو 
								
								(10 R 5/4) 
								ڌاءُ. اندر ڳاڙهسرو ڀورو 
								
								(5 YR 5/4) 
								قطر 40 س.م. چڪ وسيلي ٺهيل. 
								
								   |