سيڪشن: رسالا

ڪتاب:مهراڻ 01/ 2013ع مخدوم طالب الموليٰ خاص نمبر

باب:

صفحو:15 

ذوالفقار سيال

 

 

 

مخدوم طالب الموليٰ- ٽرينڊ سيٽر

مخدوم محمد زمان ”طالب الموليٰ“ سنڌ جو اهو ٻهڳڻو شاعر، ۽ اديب آهي، جيڪو پنهنجي وقت ۽ انداز جو نمائندو رهيو آهي. هر وقت ۽ دور جا پنهنجا موضوع ۽ لهجا هوندا آهن، ترڪيبون، تشبيهون ۽ استعاره به پنهنجا ئي هوندا آهن، جن جو سنئون سڌو واسطو موضوع سان ٿئي ٿو.

مخدوم ”طالب الموليٰ“ جي شاعريءَ ۾ هڪ خاص ۽ منفرد پهلو اهو به آهي جو سندس شاعريءَ ۾ فارسي انداز کان هٽي ڪري به، ڪلاسيڪل انداز سمايل آهي.

مخدوم صاحب جي دور ۾ ”ڪافي“ نه صرف مقبول صنف هئي، پر ان جا موضوع پڻ وسيع ٿيندا هئا، جنهنڪري ڳائڻ واري ان انداز کي هڪ خاص ۽ اهم پذيرائي ملي. ڪافي، جيئن ته راڳ جو ٺاٺ به آهي ۽ شاعري جي صنف به، پر مخدوم طالب الموليٰ صاحب ان تي ڪتاب لکي، جيڪا فني، ادبي ۽ موسيقيءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي آهي، ان جو ڪو جواب ئي ڪونهي ۽ ڪتاب ”ڪافي“ علم و ادب هڪ مڪمل ۽ ڪامل ريفرنس طور پيش ڪجي ٿو، هونئن به هالا ۽ ٽکڙ سنڌي شاعريءَ جون نرسريون رهيون آهن.

مخدوم صاحب جي شاعريءَ جو اهو به ڪمال آهي ته سندس ٻولي عام، سليس پنهنجي ڌرتيءَ جي حوالي سان مڪمل آهي. سندس شاعريءَ جو ڪتاب ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ پنهنجي دور جو هڪ اهم باب آهي. جيڪو پنهنجن نظرين، فني رُخن ۾ مڪمل آهي، اهوئي سبب آهي جو مخدوم صاحب کان متاثر ٿي ڪيترائي شاعر پيدا ٿيا ۽ سنڌي شاعريءَ ۾ هڪ ”سروري لهجو“ اُڀريو. جنهن سنڌي علم ۽ ادب جي آبياري ڪئي. مخدوم صاحب نه صرف بلند پائي جو شاعر هو، پر پاڻ سٺا نثرنگار به هئا، سندس پاران لکيل خاڪن جو ڪتاب ”يادِ رفتگان“ پڻ وڏي اهميت رکي ٿو، ۽ تاريخ ۾ ريفرنس بڪ طور ڪم اچي ٿو.

مخدوم صاحب جو اهو ڪمال آهي ته پنهنجن وڏڙن جي رنگ ۽ انداز کي قائم رکندي، سندس فرزندن پڻ ان کي قائم رکيو آهي ۽ هينئر ٽئين پيڙهي ان کي اڳتي وڌائي رهي آهي. جيڪا خوش آئينده آهي.

اديبن ۽ شاعرن کي البت هڪ شڪايت ضرور رهي آهي ته مخدوم طالب الموليٰ سياست (بيوفا محبوبا) کي ايترو گهڻو وقت ڏنو، جو هن جو ادب وارو حصو گهٽجي ويو. پر جيڪڏهن اهو وقت اڃا ادب کي ملي ها ته سندس تشبيهون، ترڪيبون ۽ استعارا نج ۽ عام فهم آهن. ٻين ٻولين جي شاعريءَ ۾ موضوعاتي تڪرار رهيو آهي، پر سنڌيءَ ۾ مخدوم سائين، عقل ۽ عشق، اکين ۽ پيرن جو جيڪو تڪرار چِٽيو آهي، ان ۾ علم، فن ۽ ردم ايترو آهي جو اهو فيصلو نٿو ڪري سگهجي ٿو ته ڪير کٽندڙ ۽ ڪير هارائيندڙ آهي. علامه اقبال وٽ شڪوه، جواب شڪوه جو هڪ پنهنجو انداز آهي، پر مخدوم طالب الموليٰ وٽ عقل ۽ عشق اکيون، پيرن جو، تڪرار جو رنگ ڏاڍو دلچسپ ۽ رنگين آهي. جنهن ۾ هڪ عام ۽ سادي ماڻهوءَ جي سوچ آهي، پر جيڪڏهن اُن کي اڃا غور سان ڏٺو وڃي ته هڪ وڏو فلسفو ۽ علم آهي.

مخدوم ”طالب الموليٰ“ جي شاعريءَ ۾ ايتري ته رواني ۽ موسيقي آهي جو سندس هر شعر هر راڳ ۾ ڳائي سگهجي ٿو. سنڌي شاعرن ۾ اهڙي ورائٽي تمام گهٽ شاعرن وٽ آهي.

مخدوم صاحب جو شاعراڻو انداز اهڙو ته دلڪش آهي، جو ان جو اثر انسان جي روح ۾ پيهجي وڃي ٿو ۽ اندر مان احساسن جي هڪ نئين روشني ڦُٽي نڪري ٿي، اڃان ڪيترائي خوبصورت تحقيقي ڪتاب ۽ شاعري سان سنڌي ٻولي ۽ ادب مالامال هجي ها.

بهرحال ان ۾ ڪوبه وڌاءُ ڪونهي ته مخدوم طالب الموليٰ پنهنجي رنگ، انگ ۽ انداز جو هڪ منفرد ۽ ٽرينڊ سيٽر شاعر آهي. جنهن نه صرف شاعريءَ ۾ تجربا ڪيا، پر شاعرن لاءِ موقعا ۽ پليٽ فارم به پيدا ڪيا، جنهن ۾ بزمِ طالب الموليٰ ۽ سروري جماعت شامل آهن.

مخدو ”طالب الموليٰ“ پنهنجي ٻاجهاري شخصيت وانگي سنڌي شاعريءَ جو هڪ مڪمل اڻ مٽ حوالو آهي.

احمد خان آصف مصراڻي

 

 

 

طالب الموليٰ جو ديوان آ، مطالع مون ڪيو

 

سنڌ سڳوريءَ ۾ صدين کان وٺي شاعري جو شغل ۽ شغف، شوق ۽ ذوق جاري ۽ ساري آهي. شاعرن جي به ڪمي ڪانهي، ڏينهون ڏينهن شاعرن جي شمار ۾ اضافو ايندو ٿو رهي، مگر حقيقت هي آهي ته اهڙا شعراء ڪرام، جن جا نام ۽ ڪلام مقبول خاص و عوام ٿيا هجن، ۽ جيڪي ”الشعراء تلاميذ الرحمان“ جي زمري ۾ اچي ٿا وڃن، تن جو تعداد بلڪل ٿورو آهي، انهن ٿورن ۾ ”اصحاب دواوين“ شعراءَ ته بنهه ٿورڙا ۽ آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس ٿا ملن.

ڇو ته صاحب ديوان شاعر ٿيڻ، .ڪا اڪ جي ماکي لاهڻي نه آهي. ديوان، جنهن جو جمع دواوين آهي، عربي زبان جو لفظ آهي. جنهن جي لغوي معنيٰ آهي، ”شعرن جو ڪتاب يا دفتر“ مگر شاعرانه ۽ اديبانه اصطلاح ۾ ديوان انهيءَ خاص ڪتاب کي ڪوٺبو، جنهن ۾ الف بي وار رديفن تي غزليات يا اشعار جي ترتيب ڏنل هجي. هن وقت تائين سنڌي ٻولي ۾ جيڪي دواوين زيور طبع سان آراسته پيراسته ٿي چڪا آهن، سي هي آهن:

  1. ديوان گل مصنف خليفو گل محمد هالائي.

  2. ديوان آسو مصنف شري آسورام ماستر هالائي.

  3. ديوان قاسم مصنف آخوند محمد قاسم هالائي.

  4. ديوان انجم مصنف حاجي عبدالرحمان هالائي

  5. ديوان فاضل مصنف فاضل شاهه حيدرآبادي.

  6. ديوان خاڪي مصنف شري ليلارام وطن مل حيدرآبادي.

  7. ديوان صورت بهار مصنف ديوان صورت سک حيدرآبادي.

  8. ديوان واصف مصنف مرحوم محمد بخش واصف حيدرآبادي.

  9. ديوان حافظ مصنف مرحوم حافظ حيات شاهه گجراتي ثم حيدرآبادي.

  10. ديوان سانگي 2 جلد مصنف مرحوم مير عبدالحسين سانگي حيدرآبادي.

  11. ديوان قليچ مصنف مرحوم مرزا قليچ بيگ حيدرآبادي.

  12. ديوان حامد يا (ارمغانِ حامد) مصنف حافظ حامد ٽکڙائي.

  13. ديوان احسن مصنف استاد الشعراءَ حافظ محمد احسن دادو.

  14. ديوان بلبل مصنف مرحوم شمس الدين بلبل ميهڙ.

  15. ديوان نجفي مصنف مرحوم هدايت الله نجفي لاڙڪاڻو.

  16. ديوان قادري مصنف مرحوم فقير علي محمد قادري لاڙڪاڻو.

  17. ديوان سام مصنف ا- ا- جئسنگهاڻي لاڙڪاڻو.

  18. ديوان ساغر مصنف مولابخش سانگي لاڙڪاڻو.

  19. ديوان اثر مصنف مرحوم مولانا عبدالله اثر لاڙڪاڻو.

  20. ديوان مفتون مصنف مرحوم مولانا عبدالغفور همايون سکر.

  21. ديوان بيدل مصنف مرحوم فقير بيدل روهڙي.

  22. ديوان بيڪس مصنف مرحوم فقير بيڪس روهڙي.

  23. ديوان مجروح مصنف مرحوم عزيزالله مجروح سکر.

  24. ديوان اظهر مصنف سيد اظهر گيلاني گهوٽڪي.

  25. ديوان فدا مصنف مهراڻ خان بجاراڻي جيڪب آباد.

  26. ديوان قمر مصنف مولانا رحيم بخش قمر نواب شاهه.

  27. ديوان ڪوجهي مصنف مرحوم محمد بخش ڪوجهي روهڙي.

  28. ديوان اڪبر مصنف مرحوم قاضي علي اڪبر درازي روهڙي.

  29. ديوان حفيظ مصنف قربان علي وارهه.

  30. ديوان فراق مصنف فراق ٺٽوي.

  31. ديوان  تاج، 32- ديوان جتوئي، 33- ديوان اصغر، 34- ديوان ثنائي. اهي منهنجي نظر مان نه گذريا آهن، مگر پراڻين فهرستن ۾ انهن جا نالا درج آهن.

  32. ديوان طالب المولي مصنف قبله مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ هالا

دواوين جي مٿين لسٽ تي نظر وجهڻ سان هيٺيان نڪتا نروار ٿين ٿا:

الف:- پهريون سنڌي ديوان لکڻ جو رواج هالا جي شاعرن کان شروع ٿيو.

ب:- پهريون سنڌي ديوان هالا جي شاعر خليفي گل محمد پاڻ بمبئيءَ ۾ ڇپرايو.

ت:- چوڏهين صدي هجري جو پهريون سنڌي ديوان ”ديوان گل“ هالا جي شاعر سنڌ کي ڏنو ته پندرهين صدي هجري پهريون غزلن جو ديوان، طالب الموليٰ به هالا جي شاعر قبله طالب الموليٰ سنڌ وارن کي ڏنو.

ٺ:- شايع ٿيل دواوين مان، پنج ديوان، هالن جي شاعرن کان حاصل ٿيا. جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته هالائي شعراءَ جو دواوين جوڙڻ ۾ ڪيترو نه هٿ ۽ حصو آهي.

د:- هن وقت تائين شايع ٿيل دواوين ۾ پهريون خواهه پويون، ٻئي ديوان هالائي شاعرن جا آهن.

نوٽ:- ڪليات گدا- مصنف غلام محمد شاهه گدا حيدرآبادي، ڪليات عزيز آنجهاني ليکراج عزيز، ڪليات مسافر- مصنف محمد صديق مسافر ۾ اول اشعار ديوان جي ترتيت تي، الف بي وار رديفن تي ڏنا ويا آهن، بعد ۾ ٻيا اشعار درج ڪري، ڪليات جو نالو ڏنو ويو آهي، ورنه مٿيان شاعر به اصحاب دواوين شعراءَ ۾ شمار ٿي سگهجن ٿا.

ديوان طالب الموليٰ:

ديوان طالب الموليٰ تي لکڻ کان اڳ ۾، صاحبِ ديوان، قبله طالب الموليٰ صاحب بابت چند الفاظ لکڻ جي جرئت ڪريان ٿو. سائين طالب الموليٰ همه گير شخصيت جو مالڪ آهي، سندس شخصيت، بابرڪت جا ڪيترائي روشن پهلو آهن، جن تي ڪما حقہ روشني وجهڻ منهنجي وس ۽ وت کان ٻاهر آهي، آءٌ فقط اُهي چند ڳالهيون لکندس، جن جو سندس شاعريءَ سان گهڻو، گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي. ڳالهيون لکندس، جن جو سندس شاعريءَ سان گهڻو، گهاٽو ۽ گهرو تعلق آهي.

پاڻ صاحبِ فيض والفتوح، غوث الحق، سرور سائين مخدوم نوحؒ جي درگاهه، فيض- بارگاهه جو سجاده نشين، نو لکي گودڙي جو سائين، ۽ نه رڳو سروري جماعت، بلڪ سنڌ ۾ سهسين، سڪايلن جو رهبر، روحاني پيشوا ۽ پير روشن ضمير آهي، جيئن ديوان ۾ فرمائي ٿو:

باوجود ان جي، خاڪسار آهيان،

سر تي دستار  سروري آهيان.

طالب الموليٰ، خوددار، مستقل مزاج، اعليٰ سياستدان، ملڪ، ملت ۽ قوم جي اعليٰ ۽ مقتدر هستي آهي. هن عهدي جي ڪرسي کي ڪرسي (بي مزي) ڪري پئي سمجهيو آهي. سندس نظر ۾ ”سياست يعني هر انسان فراموشي جو ٻيو نالو“ آهي. غريب پروري، بنده نوازي، سخاوت ۽ خدمتِ جو هميشه هميشه جذبو هوندو اٿس.

اگر خدمت ڪرڻ جي ناهه طاقت طالب الموليٰ،

ته پوءِ مخدومي دنيا ۾ وڏو منصب نه ڪونهي ڪو.

هو صاحب مخدوميءَ کان خدمتِ خلق کي وڏو ۽ مٿانهون سمجهي ٿو.

ڪجهه نه ڏيندي فائدو افراط زر

تون سخاور مان سخي سردار ڦٻ.

دولت تي سخاوت کي ترجيح ڏئي ٿو. طالب الموليٰ راڳ رنگ، ساز آواز ۽ موسيقيءَ ۾ وڏي مهارت رکي ٿو. ڪجهه سال اڳ پاڻ ”ٽوڙي زماني“ ايجاد ڪري، ڀري محفل ۾ ڳائي ٻڌائي هئائين. موسيقي جا ڪيترا الفاظ اشعار ۾ آندا اٿس مثلاً:

اڄوڪي محفل ۾ ذڪر مولا ٿا عيب سمجهن جهان وارا

انهن جي مجلس جو زيب زينت، خيال، ٺمري، ٽپه، ترانا.

خيال، ٺمري، ٽپه، ترانا موسيقي جا الفاظ ڪهڙي ناقدانه ۽ ناصحانه نموني ۾ بيان ڪيا ويا آهن.

شڪار سان به دل وندرائيندو آهي، شعر ۾ شڪارانه الفاظ به عجيب نموني ڪم آڻي ٿو:

مرغ- دل واسطي پريشان زلف

دام، ڦاهي، دوال ڇا چئجي.

طالب الموليٰ، سنڌي ٻولي ۽ ان جي ادب جو عاشق شيدائي، محافظ عظيم الشان عالم، فاضل ۽ اديب آهي. منهنجي هن دعويٰ جو دليل، سندس اُهي تصنيفون ۽ تاليفون آهن، جن جو ذڪر، ديوان طالب الموليٰ ۾ محترم انور هالائي ڪيو آهي. اڃا به هڪ ڪتاب ”مثنوي عقل و عشق“ جو ذڪر نه ڪيو اٿس. ان کانسواءِ تازو، طالب الموليٰ جي تازي مثنوي ”آءُ ڪانگا ڪر ڳالهه“ به شايع ٿي آهي. ”سنڌي مخففات“ متعلق سندس ڪتاب به جلد شايع ٿيڻ وارو آهي.

طالب الموليٰ متعلق باقي هڪ ڳالهه لکندس، اُها هيءَ ته، پاڻ پشتان پشت شاعر آهن. سندس عالي نسب جو سلسلو، غارِ يار، خليفي اول حضرت ابوبڪر صديق ﷦ سان وڃي ٿو ملي. حضرت صديق اڪبرؒ، خود عربي زبان جو مڃيل شاعر هو.

خذبا طفک يا الاهي من الہ زاد قليل

اين موسيٰ اين عيسيٰ اين يحيٰ اين نوحؒ

انت يا ”صديق“ عاص اتب اليٰ لموالجليل.

سڄي سنڌ ۾ وڏي سڪ سان پڙهي ويندي آهي. انهيءَ دعا جا سنڌي نظم خواهه نثر ۾ ڪن شاعرن ترجما به ڪيا آهن. تازو محترم منصور ويراڳي هالائي جو نظمي ترجمو هڪ ڪتاب ۾ شايع ٿيو آهي. آءٌ اڄوڪي محفل جو فائدو وٺندي، سروري پبليڪيشن جي سرواڻ سائين عاطف صاحب کي سڪ سان صدا هڻان ٿو ته دعا صبوحي جو متن ۽ ترجمو پبليڪيشن طرفان شايع ڪرائين. سنڌ ۾ سندن وڏي ڏاڏي سرور سائين غوث الحق مخدوم نوحؒ جي شاندار شاعري مان ڪجهه ابيات هٿ آيا آهن. هڪ بيت ٻڌو:

متان  ڏسي موهجين، دنيا وارو ڌڄ

جدا ڪجئين جودئون، ڇائي کي ٿي ڇڄ

نرمل نوح فقير چئي، ڪر رب سان ريجهي رڄ

اڄ نه ٿئي صبحاڻ، صبحاڻ نه ٿئي اڄ

مٺيون ڀيڙي ڀڄ، وقت وڃئي ٿو ويسلا.

حضرت غوث الحق جي هڪ پوٽي لاکي لطف اللهؒ جا بيت، ٻئي پوٽي ميان فتح محمد جو رسالو فتحي، سائين پکن ڌڻي مخدوم امين محمد رحمة الله عليہ جي ڪليات امين، هن خاندان جي ٻين فردن، نيڪ مردن، ميان غلام نبيؒ، ميان غلام حسينؒ، ميان غلام الرسولؒ، ۽ مخدوم طالب الموليٰ جي والد ماجد حضرت مخدوم غلام محمدؒ، جا فارسي اشعار، سنڌي سه حرفي ۽ ڪافيون ثابت ڪن ٿيون ته شعر و شاعري جو جيڪو سلسلو هن خاندان ۾ صديق اڪبرؒ کان شروع ٿيو آهي، سو هلندو رهي ٿو ۽ هلندو رهندو. طالب الموليٰ جي شاعري ته ولايتون واسي ڇڏيون آهن. سنڌ جو چپو چپو، سندس شاعري جي شعاع سان روشن ٿي چڪو آهي. هند ۾ به هن شاعر جي هاڪ ۽ هوڪ آهي. ڀلي پار يعني العربيه السعوديه جي شهرن، جده، طائف، مڪي، مدينہ ۽ رياض ۾، جتي به سنڌ واسي آهن، اتي سندس ڪلام ٻڌجي سڻجي ٿو. لنڊن ۽ اُردن ۾ به سندس ڪلامن جا ڪيسٽ موجود آهن. هن وقت طالب الموليٰ جي فرزندن ارجمندن مان مخدوم زاده فهيم صاحب، خليق صاحب، عاطف صاحب ۽ پوٽو جميل صاحب پنهنجي شاندار شسته ۽ شگفته شاعريءَ سان، سنڌي شاعريءَ کي اوج ۽ عروج تي آڻي رهيا آهن. ڀاڳين جا ڀاڻ خالي نه ٿيندا آهن. انشاءالله اهو سهڻو تاقيامت دائم قائم رهندو.

”مان دعا لئه هٿ کڻان ٿو، ۽ اوهان آمين چئو.“

ديوان طالب الموليٰ کان اڳ سال 1971ع ۾ طالب الموليٰ جي ابيات ۽ ڪافين جو مجموعو ”ڇپر ۾ ڇڙيون“ شايع ٿي چڪو آهي، ان ۾ طالب الموليٰ مختلف تخلصن (طالب، طالب الموليٰ، صديقي ۽ قريشي) سان جدا جدا، مگر جديد ۽ نون نڪورن عنوانن هيٺ نهايت ئي خوبصورت فڪر انگيز ۽ اثر آميز ڪلام چيو آهي. منهنجو والد مرحوم چوندو هو ته ڇپر ۾ ڇڙيون، مان فقط ٻن عنوانن ”سان سدائين سهڻا ۽ عورت ڏنگي پاسري“ پڙهي ۽ ان تي اڄڪلهه جا مرد ۽ عورتون جيڪر عمل ڪن ته، پوءِ نه غيرتمند مردن جي غيرت کي ٽڪو لڳندو ۽ نڪي عصمت ماب عورتن جي دامن تي داغ ايندو.

”ڇپر ۾ ڇڙيون“ جو ديباچو لکندي مرحوم اسدالله شاهه ٽکڙائي لکيو آهي، ته طالب الموليٰ بنيادي طور حسن و عشق جو شاعر آهي. اها راءِ بيشڪ وزنائتي آهي، مگر آءٌ چوندس ته هرڪو شاعر، حسن و عشق جو شاعر آهي. عشق کان سواءِ شاعر، شاعر بڻجي نٿو سگهي، ڪنهن شاعر ڪهڙو نه سهڻو چيو آهي:

عشق بنان شل آدمي، ڪو ماڻهو ڪونه مري

مومن جي مقام تنهن کي ڪونه ڌري

ڪر پليت پري، متان اڳين کي آزار ڏئي.

خود طالب الموليٰ به فرمايو آهي:

هجي پير مخدوم يا مولوي، بنان عشق آهي اهو جانور.

هيئن به چيو اٿس:

عشق ري انسان هميشه بي امانو ٿو ٿئي.

حسن رڳو ظاهر رنگ ۽ اعضا جي تناسب جو نالو نه آهي، صحيح حسن ڇا آهي ان لاءِ طالب الموليٰ اجهو هينئن ٿو چئي:

حسن صورت کي وڌائي حسن سيرت ٿو سدا

يار منهنجا! ڪير ٿو چئي سونهن سامانن ۾ آهه.

عشق ۽ الفت بابت سندس هي ارشاد نهايت ئي قابل توجهه آهي:

مٿين مثالن مان معلوم ڪري ويا هوندا ته طالب الموليٰ ڪهڙي حسن ۽ عشق جو شاعر آهي. طالب الموليٰ نه رڳو حسن و عشق جو شاعر آهي، مگر هو محب وطن، قومي، ديني ۽ اخلاقي اقدارن جو پڻ شاعر آهي، هو نه رڳو شاعر آهي پر هڪ قادرالڪلام، پرگو ۽ بسيار نويس شاعر پڻ آهي. حيرت ٿي لڳي ته هڪ ئي تاريخ تي طالب الموليٰ بيت به لکي ٿو ته غزل به ٺاهي ٿو. مثلاً هو تاريخ 3- جنوري 1962ع تي ٽنڊومٺا خان ۾ مقيم آهي ۽ هي بيت لکي ٿو:

هو جيئن ڪالهه هئا، اڄ نه ساڳيا سپرين

ڪهڙو پہ پين جو وريا ڪين، وئا

دور ڪيائون دل کان، نکٽ ڪنهن نئا

ورهه ويهي تن سان، مون وڏا قرب ڪئا

اڳ ها حبيب هيڪڙا، هاڻ ٻهڳڻ ٿيا ٻئا

وڃي ٿاڪ ٿئا، طالب ڇڏي طلب ۾.

(ڇپر ۾ ڇڙيون، ص 120-121)

ساڳي تاريخ تي چيل سندس غزل ملاحظه ڪريو:

ڪڏهن ڀريل نه ڇڏينداسون ساقي پيمانا

اسان جي دم سان ئي آباد رهندا ميخانا

اهوئي طالب الموليٰ اداس اداس آهي

جي هو نه آهي ته بي رنگ سڀئي افسانه.

(ديوان طالب الموليٰ، ص 14-15)

ساڳي طرح پاڻ 13- جولاءِ 1955ع هالا شريف مان حيدرآباد روانو ٿئي ٿو، انهي وچ ۾ عاليشان ڪافي، جنهن سنڌ اندر وڏي شهرت حاصل ڪئي، تيار ٿي وڃي ٿي:

انهن مثالن مان معلوم ٿئي ٿو ته، طالب الموليٰ جي طبع جو شهباز، سنڌ جي ڪلاسيڪي شاعري (دوهن، بيتن، ڪافين وغيره تان) اڏامندي، موزون ۽ عروضي شاعري، جنهن کي پرديسي شاعري به چئجي ٿو، جي سڀني صنفن، رباعي، نظم، مثنوي، غزل، مخمس وغيره تان پرواز ڪندي اُفقِ شاعري جي بلندين تي پهچي ويو آهي. مطلب ته طالب جهانِ شعر جو هيرو ٿو ڀانئجي هاڻي ديوان طالب الموليٰ جو مطالعو شروع ڪريون ٿا:

ديوان جو سرورق نهايت دلڪش، جاذب النظر ۽ رنگين آهي. انتساب ۽ اعتراف ۾ صاحبِ ديوان ڪسر نفسي کان ڪم ورتو آهي، ورنه سندس ڪلام بلاغت نظام ۽ فرحت فرجام آهي. مصنف جي تصوير جا تنوير ڏسي تاجل بيوس جو هي مصرعه ياد اچي ٿو:

تنهنجو ڪو ناهي جواب، تارن ۾ تون چنڊ لڳين ٿو.

هن کان پوءِ مهاڳ شروع ٿئي ٿو. مهاڳ جي لکڻ وقت طالب الموليٰ نه رڳو هڪ اديب، عالم، ۽ فاضل معلوم ٿئي ٿو پر هو هڪ ماهر لسانيات به لڳي ٿو، جنهن ڪيترن لساني مسئلن ۽ نڪتن ڏانهن ڌيان ڇڪايو آهي. مهاڳ جي مطالعي مان ڪم از ڪم هيٺيان نڪتا نروار ٿين ٿا.

  1. ٻولي (يا ٻوليون) اصل ۾ آواز، پڙاڏا، پڙلاءَ، ڪوڪون، ڪيهون، رڙيون ۽ ريهون، اشارا هيون، اڳتي هلي اُهي ٻولڻ ۾ آيا جن اڳتي هلي ٻوليءَ جو روپ ورتو. (منهنجي راءِ) اهو نظريو مغرب وارن جو به آهي، سنڌ ۾ ان کي سراج ميمڻ پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي جي تاريخ ۾ به آندو آهي. قرآن شريف ۾ چيو ويو آهي، ته آدم عليہ السلام کي نالا (لفظ) سيکاريا ويا هئا. جڏهن حضرت آدمؑ نالا سکيو ته ان آدمين يعني پنهنجي اولاد کي به اُهي الفاظ سيکاريا هوندا. تڏهن چئبو ته آدمي اصل کان گهڻي ڀاڱي ٻولي سکيل هو، باقي آوازن ۽ اشارن وارا لفظ پوءِ سکيو هجي.

  2. ٻوليءَ ۾ قدرتي طور ڦيرگهير ٿيندي رهي ٿي، تنهنڪري ڪيترا نوان لفظ ٻوليءَ ۾ داخل ٿين ٿا، ته ڪيترا الفاظ متروڪ ٿي وڃن ٿا.

  3. ڪنهن به ٻوليءَ سان هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي، يعني ته ان ۾ زور مس سان نوان لفظ بڻجن، نه وري استعمال ٿيندڙ لفظن کي ڪڍڻ گهرجي.

  4. اردو جي پرورش ۽ نيپاج به سنڌ ۾ ٿيو آهي. اهڙي دعويٰ جي دليل ۾ نقاش ڪاظمي، حبيب الرحمان شيرواني ۽ سيد سليمان ندوي جي راين ۽ ليکن جا نقش ڏنا ويا آهن.

  5. طالب الموليٰ جي هيءُ صلاح به تمام سهڻي آهي ته، ديسي شاعري يعني بيتن، ڪافين، واين ٺاهڻ وقت ڀلي سليس سنڌي ٻولي ڪم آڻجي ۽ پرديسي يعني عروضي شاعري وقت ڀلي عربي ۽ پارسي ٻولين جا الفاظ آندا وڃن.

  6. عربن ۽ ايرانين جا لاڳاپا سنڌ وارن سان صدين کان وٺي آهن. ائين به بلڪل برابر آهي. ديوان پهريائين عربن لکيا پوءِ انهن جو رواج ايران ۾ پيو، جتان اسان سنڌ ۾ اهو رواج آندو.

  7. مهاڳ جي خاص ڳالهه آهي، سنڌي الف ب ۾ ٻين حرفن جهڙوڪ: مهه، لهه، ڻهه، نهه، ڙهه، وڌائڻ، انگن مان (6) کي ڇ يا ڇهه لکڻ، نون غنه. تنوينن ۽ مخففات کي صحيح نموني استعمال ڪرڻ.

مٿين ڳالهين بابت آءٌ بابت آءٌ پنهنجي معلومات پيش ڪريان ٿو. 1853ع ۾ سنڌي الف- ب ٺاهڻ لاءِ هندن ۽ مسلمانن عالمن جي ڪاميٽي ويهاري ويئي هئي، هندن جوزور هو، ته سنڌي صورتخطي ”ديوناگري“ لکت ۾ ڪئي وڃي، مسلمانن جو ارادو هو ته سنڌي صورتخطي عربي سنڌي نموني لکي وڃي، آخر مسلمان ان ۾ ڪامياب ٿيا، ته وري هندن اعتراض اُٿاريو ته سنڌي الف- ب مان حرف گهٽايا وڃن. سندن چوڻ هو ته جڏهن ”ا“ الف موجود آهي ته ”ع“ نه هجي ”س“ آهي ته پوءِ ”ث- ص“ اکر نه وجهجي، ”ت“ قائم رکجي ته ”ط“ نه هجي، ”ز“ موجود آهي ته پوءِ ذ، ظ، ض، ڪم نه آڻجن. انهيءَ ڳالهه تي وڏو بحث ۽ هندن جو ضد هليو هو، مگر جيئن ته هندن جا اعتراض بي بنياد ۽ علمي نه هئا ۽ مسلمان عالمن کين لفظن جا مثال ڏيئي ثابت ڪيو، ته جيڪڏهن ان طرح حرف ڪڍيا ويندا ته لفظ صحيح لکي نه سگهبا، خصوصاً مسلمانڪا نالا ته بلڪل غلط ۽ بي معنيٰ ٿي ويندا مثلاً عبدالعزيز نالو آهي، اُهو هندن جي چوڻ موجود ابدالازيرُ ڪري لکجي ها، جو بلڪل غلط هو. بهرحال هندن جي ڳالهين کي غلط ٺهرائي موجوده سنڌي الف ب ٺاهي ويئي. اعرابن مان زير، زبر، پيش ڪم آندا ويا ۽ تنوينن مان ٻه زيرون = ان بدران ۽ ٻه پيش ـٌ اون بدران اِين ۽ اُون ڪري ڪم آندا ويا. چيائين = چياءِ. ڪيائون = ڪياءٌ ڪري لکبو ۽ پڙهبو هو، تنوينن جا اها ترتيب غلط هئي. ديوان طالب الموليٰ ۾ سائين بدران ساءِ، تائين بدران تاءِ لکيا ويا آهن، اها ترڪيب آوازن جي خيال کان غلط آهي.

طالب الموليٰ جن حرفن وڌائڻ لاءِ گهر ڪئي آهي، اُها بلڪل واجبي ۽ ضروري آهي. اڳ ۾ به اهڙي قسم جا بحث مباحثا ٿيا آهن، حروف وڌائڻ لاءِ ڪجهه اعتراض هن ريت ڪيا ويندا هئا.

الف:- سنڌي الف ب ۾ اڳ ۾ ئي 52 حروف آهن، وري لکڻ وقت هر حرف جون ٽي صورتون، مُنڍ، وچ ۽ پڇاڙي ٿين ٿيون، يعني ته 150 کن حرف ٿي وڃن ٿا، جن کي لکڻ، پڙهڻ لاءِ خاص ڪري معصوم شاگردن کي وڏي تڪليف ڪرڻي پوي ٿي، جيڪڏهن اڃا به حروف وڌائبا ته انهن تي وڌيڪ بوجو پوندو. ٽائيپ به نئين سر ٺهرائڻي پوندي.

ب:- هن وقت پرائمري اسڪولن مان الف ب ۽ هجي وارو پڙهائڻ جو طريقو ختم ڪيو ويو آهي، سڌوسنئون لفظ سيکاريا وڃن ٿا، انڪري هن وقت الف بي جي پٽيءَ جي ضرورت ئي نه رهي آهي.

ث:- جيڪڏهن مٿيان اکر لهه نهه ڻهه وغيره داخل ڪيا وڃن، ته پوءِ ٽ ۽ ڊ جنهن جو آواز ٽر ۽ ڊر به هوندو آهي. اهي ٻئي حرف ٽ ٽر ڊ ڊر به شمار ڪيا وڃن. انهن ۽ اهڙن دليلن کي وزن ڏيئي ڪجهه سال اڳ سنڌي پهرئين ڪتاب مان الف ب پٽي ختم ڪئي ويئي هئي، مگر هاڻي وري ڏني ويئي. اعتراض ڪهڙا به هجن پر علمي نڪتو اهو آهي، ته اهي حرف جڏهن ته ديسي خواه ٻين ڪتابن ۾ ڪم اچن ٿا، تنهنڪري آءٌ به طالب الموليٰ صاحب ۽ انور هالائي صاحب جي راءِ سان بلڪل متفق آهيان، ته اهي حروف سنڌي الف بي جي تختي ۾ ضرور ڏنا وڃن، انگن مان 6 بابت منهنجو رايو آهي ته ڇ نه، پر ڇہ ڪري لکجي ۽ پڙهجي اهڙو بحث تعليم اخبار ۾ جاري آهي، مون به هڪ مضمون لکي موڪليو آهي، مگر خبر ناهي ته ڇپائي ڇڏيندا يا ڇپائيندا.

اعرابن مان تنوينن بابت اهو عرض آهي ته تنوينون، اُهي نشانيون آهن، جيڪي حرفن جي مٿان يا هيٺان اچي ”نون“ جو آواز پيدا ڪن ٿيون، اُهي بذات خود حرف  نه آهن، انهن کي جدا حرفن جيتري حيثيت ڏيئي رديف طور ڪم آڻڻ جو مسئلو اڃا به بحث طلب آهي.

لفظن جا مخفف ڪم آڻڻ، پڙهڻ خواهه لکڻ سڀني ٻولين ۾ رائج آهن، انگريزي ۾ خانصاحب لکڻ مهل K.S لکبو آهي عليہ السلام لکڻ مهل ”ع“ ڪم آڻبو آهي رحمت الله بدران رحه لکبو آهي. شعر ۾ مخفف ڪم آڻڻ ته ضروري هندا آهن، مگر ايترو ضرور خيال رکبو ته مخفف جا مخفف نه ڪم آڻبا. مثلاً ”آهي“ لفظ جي ”ي“ ڪيترائي آه ڪري ڪم آڻبو پر ”ه“ به ڪيترائي ”آ“ ڪري ڪتب آڻڻ کي مرحوم جمع خان غريب، مرحوم حاجي محمود خادم ۽ استاد الشعراءَ قبله احسن صاحب عيب ۾ شمار ڪن ٿا. جيڪي مخفف طالب الموليٰ صاحب ڄاڻايا آهن، جيئن صدين = صدن. ندين = ندن. انهن مان صدين بدران صدن تي ڪنهن دوست اعتراض واريو ته صدين بدران صدن ڪم آڻڻ غلط آهي. منهنجي نظر ۾ اهو اعتراض خود غلط آهي، ڇو ته جڏهن ڪنهن لفظ جو مخفف ڪم آڻينداسين ته ضرور ان مان ڪو حرف گهٽائڻو پوندو. مخفف جي معنيٰ ئي آهي تخفيف ڪرڻ ته پوءِ صدين ۽ ندين مان ”ي“ ڪڍي صدن ۽ ندن ڪم آڻڻ صحيح ٿيندو.

جناب طالب الموليٰ، تعليم کاتي وارن کي اپيل ڪئي آهي، ته اُهي مٿين مسئلن تي ڌيان ڏيئي خصوصاً حرف الف ب واري تختي ۾ جلد رائج ڪن… ان لاءِ منهنجو عرض آهي، ته تعليم کاتي وارا، اهڙن ڦندن ۾ ڦاٿل آهن، جو وٽن فندن جي هميشه کوٽ هوندي آهي. مٿيان مسئلا وري به طالب الموليٰ پاڻ سلجهائي سگهي ٿو. ان لاءِ منهنجو عرض آهي ته:

الف:- سنڌ جي لسانيات جي ماهرن، جهڙوڪ جناب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صاحب، ڊاڪٽر غلام علي الانا صاحب، ڊاڪٽر عبدالمجيد سنڌي صاحب، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو صاحب، ڊاڪٽر خليل صاحب، ڊاڪٽر علي نواز جتوئي صاحب کي دعوت ڏيئي هڪ ڪانفرنس ڪوٺائي انهن ڳالهين کي حل ڪرائجي.

ب:- جيستائين اِها ڪانفرنس ڪوٺائجي ان کان اڳ ۾ بزمِ طالب الموليٰ سنڌ، طرفان ڪارڊ بورڊ تي الف بي جي پٽي (جنهن ۾ مٿيان حروف به هجن) تيار ڪرائي تعليم کاتي جي وڏن آفيسرن، يونيورسٽي، ڪاليجن، اسڪولن ۽ بزمِ طالب الموليٰ جي سڀني شاخن جي آفيسن ۾ آويزان ڪيون وڃن.

مان سمجهان ٿو ته ديوان طالب الموليٰ جي مهاڳ تي لکندي منهنجي مضمون جو مهاڳ به گهڻو وڌي ويو آهي. تنهنڪري اڳتي مختصر طور عرض ڪرڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

طالب الموليٰ جي شاعرانه حيثيت تي محترم انور هالائي صاحب جو لکيل مضمون، نهايت ئي موزون ۽ بوقلمون آهي. انور صاحب، طالب الموليٰ جي شاعري جي ارتقا کي ڌيان ۾ رکي، چار ادوار مقرر ڪري، مثالن ذريعي سهڻي سمجهاڻي ڏني آهي ۽ ڀرپور تبصرو ڪيو آهي. غزل جي شاعري ڏاڍي ڏکي آهي، غزل کي رنگِ تغزل سان رڱڻ ٻيا لوازمات بنائڻ سڀ ڪنهن شاعر جي وس ۽ وت جي ڳالهه نه آهي، هيءَ به حيرت جي ڳالهه آهي، ته طالب الموليٰ هن وقت تائين ٻارهن سؤ غزل لکي حد ڪري ڇڏي آهي، مون نثر ۾ ٻه تاريخي مادا ڪڍيا هئا:

  1. محمد زمان طالب بادشاهه تغزل: 1982

  2. طالب آ غزل جو بادشاهه: 1402

جي سندس غزل جي شاعري تي پورا ٺهڪي ٿا اچن. شاعر جو لکيل مهاڳ ۽ انور هالائي جو مضمون جملي 40 صفحا والارن ٿا. هن کان پوءِ ديوان جو مٿن شروع ٿئي ٿو جو 458 تي پورو ٿئي ٿو. ان کان سواءِ معنيٰ جي پٽي ڏني ويئي آهي، جا شاعر صاحب جي ڪلام سمجهڻ ۾ وڏي واهر ڪري ٿي. ص 481 تي مون ناچيز جا تاريخي قطعا ڏنا ويا آهن، جا شاعر صاحب جي خاص عنايت آهي. ديوان جي پوين پيجن ۾ درست نامون ۽ انگريزيءَ ۾ تعارف به ڏنل آهي.

ديوان طالب الموليٰ ۾ جملي 451 غزل ڏنا ويا آهن، مطالع ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو، ته هر هڪ غزل، رنگِ تغزل سان ته ضرور رڱجي ريٽو ٿيل آهي، پر هر غزل ۾ ٻيا به ڪيترا نادر نڪتا سمايل ۽ سموهيل نظر اچن ٿا، جي غزل کي گونا گوني وسعت بخشين ٿا. پهرين غزل جا چند مصرع مطالع ڪريو:

  1. - جي آيا تنهنجي  محفل ۾ اُهي قربان ٿي نڪتا      

  2. وڏا دانا ۽ بينا پڻ اُتان حيران ٿي نڪتا.

  3. مليون جي مائٽن، جون ۽ ٿيون استاد کان حاصل

  4. مون سمجهيو ٿي جفائون، پر اُهي احسان ٿي نڪتا

  5. تجارت جي سٺي سان جي ويا مڪي مديني ۾

  6. خدا جي گهر مان اهڙا ڪيئي بي ايمان ٿي نڪتا

محبوب جي محفل ۾ دانائن ۽ بينائن جو حيران ٿي نڪرڻ، نه رڳو حيران ٿي نڪرڻ پر قرباني ۽ صدقي ٿي وڃڻ جي جذبي سان سرشار ٿيڻ، استاد، ۽ مائٽن جي سختين کي اڳتي هلي احسان سمجهڻ، تجارتي حاجين جي ايمان کسجڻ جي نادر نڪتن کي پيش ڪري شاعر پنهنجي بلند خيالي جو اظهار ڪيو آهي، تنهن کان سواءِ دانا بينا ۽ سٺي سان، لفظ شاعرانه ڪاريگري سان ڪم آندل آهن.

نازڪ خيالي، شاعر جي خاص خوبين مان هڪ آهي. سڄي ديوان ۾ ڪيترائي اشعار طالب الموليٰ جي نازڪ خيال شاعر هجڻ جي ثابتي ڏين ٿا. هڪ مثال ملاحظه فرمايو.

منهنجا لب ميرا ڏسي محبوب حيران ڪين ٿي

تنهنجي در پهچي قدم پنهنجا چمي آيو آهيان.

هن شعر جي تشريح ڪرڻ لاءِ چڱي خاص مضمون جي ضرورت آهي، مختصر طور هيئن چئبو، ته اي محبوب منهنجا چپ انهيءَ ڪري ميرا ٿيا آهن جو تنهنجي در تي پهچڻ کان پوءِ مون پنهنجي پيرن کي چميون ڏنيون آهن. ڇو ته منهنجا پير، تنهنجي در تي پهچڻ کان پوءِ وڏي قدر ۽ قيمت رکن ٿا. تنهن ڪري تون عجبنه کاءُ.

شاعري جي شطرنج جي سارين ۽ مهرن يعني عابد، زاهد، شيخ، برهمڻ، مُلان، مولوي، مفتي، محتسب، شراب، ڪباب، مَي، ميخانه، ميخوار، پيماني، ساقي، صراحي، پير مغان وغيره سان سڀني شاعرن راند رچائي آهي، توحيد تصوف، فلسفي کي به ڳايو وڄايو آهي، مگر طالب الموليٰ روايتي انداز کان هٽي، نين تشبيهن، استعارن ۽ نئين اسلوب بيان سان اهڙي انداز ۾ پيش ڪيو آهي، جو سندس ڪلام منفرد حيثيت حاصل ٿو ڪري. عابد زاهد کي ٻار سان تشبيہ ڏني اٿس.

سمجهائجي ڇا، عابد و زاهد کي رمز عشق

آهن اُهي، جهانِ محنت ۾ ٻار ٻئي.

پاڻ خير سان پير روشن ضمير ۽ مخدوم المخاديم آهي. تاهم پيري، مريدي، مريدي، مخدومي، سجاده نشيني، عيا ۽ قبا کي جنهن نموني ديوان ۾ ادا ڪيو اٿس، سا سندس جرئت ۽ حق سچ واري شاعري آهي، جا سندس شاعرانه درجي کي بلند ۽ بلا ڪري ٿي. ديوان ۾ قافيه به ڏاڍا عجيب ۽ انوکا ڪم آندل آهن. جيئن ته: چَهَڙ، لَغَڙ، الڙ، اقتباس، قرين قياس، مهوش، ميڪش، ترڪش، بارش، ڪاوش وغيره وغيره رديفون به اهڙيون نيون نڪور ۽ عجيب رنگ ۽ ڍنگ سان ڪم آندل آهن، جن جو نمونو. اڳين دواوين ۾ ڪونه ٿو ملي. مون کٽيو تب تو کٽيو. تو کٽيو تب مون کٽيو. جورو جفا روئي ڏنو، جورو جفا بيٺي کليو. خريد ڪيم. وڪڻي ڇڏيم!! وغيره وغيره انهن ۾ صنعت متضرين جو پهلو پنهان آهي.

هڪڙو نه ٻيو، ڪجهه مان ٿو رڙهان ڪجهه تون به رڙهه. نالو رکيو، ڪجهه هن طرف ڪجهه هُن طرف وغيره وغيره. اصطلاح ۽ پهاڪا، نظم ۾ آئين هوندا آهن جيئن منڊي ۾ ٽڪ، هڪ ئي غزل مان چند مثال پيش ڪجن ٿا.

اٿارئين اندر عشق وارا اُمڙ

سندم يار جاني، اٿم اوٽ اڙ

پوءِ واعظ ڏئين ڇو ٿو چڙ مان چهڙ

ڏٽا ڏيئي لالڻ، ٻڌي ڪي لغڙ

ڪياڙي قلم ڪونه وهندو ڪڏهن.

لکيل آه سڀ ڪجهه سڄڻ منجهه نرڙ

مٿين مصرعن ۾ ”عشق وارا اُمڙ اٿارڻ، اوٽ اڙ ٿيڻ چڙ مان چهڙ ڏيڻ ڪي لغڙ ٻڌڻ، عمدا اصطلاح يا وڻندڙ ور جيسون آهن. ڪياڙي قلم..... مشهور پهاڪو آهي. چونڊ ڪبي ته ديوان طالب الموليٰ ۾ اهڙين چڱين چوکين چوڻين جو، چڱو چوکو انداز ملندو ۽ ڪيئي پهاڪا پڙ پوندا جيئن ته مضمون حد کان وڌندو وڃي ٿو، تنهن ڪري هاڻي ان کي اختتام تي آڻڻ لاءِ اختصار کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪريان ٿو.

مشرق جي اديبن ۽ شاعرن تي اهو الزام هوندو آهي ته اهي شخصيت پرست هوندا آهن. انهيءَ ڪري الزام کان بچڻ لاءِ چند اهي ڳالهيون به لکان ٿو جي مون کي ککي رهيون آهن.

مهاڳ ۾ طالب الموليٰ دعويٰ ڪئي آهي، ته نون رديفن تي غزل ڏنا ويا آهن. حالانڪ ص 274 تي ڻهه رديف تي فقط مطلع ڏنو ويو آهي چئبو ته ڻهه رديف ڪم آڻڻ اوکي آهي، ساڳي طرح نهه رديف جو استعمال به اوکو ضرور آهي، محب لفظ محب آهي، ديوان ۾ محب ڪري ڪم آندل آهي. شد جو خيال رکڻو آهي. اهڙا لفظ، جن جي نون غنه پٺيان ”د“ هوندو، انهن جو غنه کائڻو نه آهي يعني ته سڪندر کي سڪدر، مندر کي مدر، اندر کي ادر ڪري شعر ۾  ڪم آڻڻو نه آهي،  مگر ديوان ۾ اندر کي لفظ ادر ڪري استعمال ڪيل آهي. عرض، قرض ۽ فرض لفظن جي ”ر“ ساڪن ۽ مرض، غرض جي ”ر“ متحرڪ هوندي آهي، مگر ديوان طالب الموليٰ جي ص 136- 137 واري غزل ۾ عَرض کي عَرض ڪري استعمال ڪيو ويو آهي. ساڳي طرح منع بروزن شمع آهي مگر رديفن ۾ ”ن“ کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. بهرحال اهي اهڙا چند خار اهڙا آهن، جيڪي ديوان جي هيڏي ساري گلستان ۾ ڪا حيثيت ڪانه ٿا رکن.

هن ديوان جون چند منفرد ڳالهيون هي آهن: اڳين دواوين ۾ وڌ ۾ وڌ 52 حرفن جون رديفون ڪم آندل آهن، مگر هن ديوان ۾ 52 کان مٿي حرفن کي رديف بڻائي غزليات ڏنا ويا آهن. هن ديوان ۾ گهڻي ۾ گهڻا غزل ڏنا ويا آهن ۽ اڳين سڀني دواوين کان صخيم آهي. هن ديوان ۾ اهڙا نوان ۽ انوکا الفاظ ڪم آندل آهن، جيڪي اڳين ڇپيل دواوين ۾ ڪونه آهن مثلاً، هل، افراط زر، وغيره. هر غزل هيٺان تاريخ ۽ هنڌ به ڏنو ويو آهي، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته شاعر جي طبع رسا، سفر خواه حضر ۾ روان ۽ دوان آهي، تاريخن مان شاعر جي شاعري جي ارتقائي منزلن جي به خبر پوي ٿي.

مان هن راءِ جو آهيان، ته ديوان طالب الموليٰ شاعريءَ جو معتبر مجموعو ۽ هڪ عظيم الشان علمي ۽ ادبي ڪتاب آهي، جنهن کي يونيورسٽي جي اديب جي امتحانن، ايم- اي ۽ پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن لاءِ لازمي يا مددي ڪتاب طور منظور ڪيو وڃي. منهنجو هي پيغام بزمِ طالب الموليٰ سنڌ جي سڀني شاخن تائين به پهچايو وڃي ته هرهڪ شاخ پنهنجي عنقريب ٿيندڙ محفل ۾، اهڙو ٺهراءُ منظور ڪري، ڪتاب جي لازمي يا مددي طور منظور ڪرائڻ لاءِ تعليم کاتي ۽ ٻين وس وارن کي موڪلي ڏي. هن کان پوءِ ديوان جي صدف مان چند موتي ميڙي اوهان وٽ پيش ڪريان ٿو:

ڪلام الله

ڪلام الله ئي دنيا ۾ هڪ نور الهديٰ آهي،

صراط المستقيم ۽ رهبر هرد وسريٰ آهي

فضيلت هن کان وڌ ڪهڙي ڪلام الله جي ٿيندي

فضيلت هن کان وڌ ڪهڙي ڪلام الله جي ٿيندي

حبِ رسول پاڪ ۾ مان آهيان خود ڪفيل

مون لئه رهِ مدينه ۾ سو زادِ راه آهي

عنوان دين

عنوان دين آه شهادت حسين جي

قرآن سريا سمجهه هدايت حسين جي

بوُ تراب

چوڏهن صديون به هرگز، پيدا ڪري نه سگهيون

نالي علي ته پدمين، پر بو تراب ڪونهي

ديوان طالب الموليٰ هڪ اونهي سمنڊ مثال آهي، جنهن ۾ غواص جيترو غوط زن ٿيندو، ايترو ملهائتن موتين جو مال ميڙيندو.

آءٌ جناب طالب الموليٰ سائين کي صدقِ دل سان مبارڪون ڏيان ٿو، جو پاڻ ههڙو ۽ هيڏو ديوان سنڌ وارن جي سپرد ڪيو اٿن، سو به اهڙي وقت ۾ جڏهن ديوان لکڻ، تڪلف ۽ تصنع ۾ شمار ٿئي ٿو.

سروري پبليڪيشن جو سرواڻ مخدوم عاطف صاحب ۽ سندس سڀئي ساٿي به مبارڪن جا مستحق آهن، جن زر ڪثير خرچ ڪري، هي ديوان، عاليشان ۽ سهڻي نموني شايع ڪيو آهي. بزمِ طالب الموليٰ هالا جا اراڪين به وڌون وڌواڌاين جا حقدار آهن، جن هي قابلِ قدر جلسو ڪوٺائي، ديوان جي رونمائي ۽ مشاعري جي محفل منعقد ڪرائي.

آءٌ ذاتي طور قبله طالب الموليٰ صاحب، مخدوم زاده عاطف صاحب ۽ مهترم انور هالائي صاحب جو شڪر گذار آهيان جن صاحبن مون کي هن مبارڪ محفل ۾ مهمان خصوصي هئڻ ۽ ديوان طالب الموليٰ جي رونمائي ڪرڻ جو شرف بخشيو آهي.

ٿورا نه ٿورا- مون تي ماروئڙن جا

ڀلايون ڀيرا- ڳڻي ڳڻيان ڪيترا

سچي ڳالهه هيءَ آهي، ته ديوان طالب تي مون صحيح تبصرو نه ڪيو آهي، مون کي منهنجون اوڻايون معاف ڪندا. بقول طالب الموليٰ:-

مڃان ٿو مان ڪوتاهيون پنهنجون سڀ

اوهين عيب پوش آهيو اهلِ هنر

(ڪتاب ”مون مطالع سپرين“ بزمِ طالب الموليٰ سنڌ تان ورتل)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org