|
* |
|
يَتيمن جـــــــــي زندگـــــــــي، |
آ عجب سندو اُهڃاڻ |
|
رَب جڏهن راضي ٿئي، |
ته هَر هنڌ ٿئي واکاڻ |
|
سُنت ۾ ته سڀ کان آهي، |
پَهريون نمبر پـــــــــاڻ |
|
ٻُڌو جڏهن ڪَريم جـــــــــو، |
رَچي ويهي رِهـــــــــاڻ |
|
آمنه جي گهر پُهتو، |
ٻنهي جهانن جو اڳواڻ |
|
مَڪي ته موج ٿـــــــــي، |
پکڙي ويئي سُرهـــــــــاڻ |
|
حَليمان جـــــــــي هَنج ۾، |
پَليا آهـــــــــن پـــــــــاڻ |
|
جڳ سَڄو روشن ٿيو، |
جهڙي چَمڪ آ چانڊاڻ |
|
آخرت ۾ اُمت جـــــــــو، |
ساٿـــــــــي رَهندو ســـــــــاڻ |
|
غَفلت ڇَڏ تون ’گل‘ ڪُنڀر، |
ڄاڻين ٿو سَڀ ڄـــــــــاڻ |
|
اهڙي ڪَر رِهاڻ، |
جو ڪَم اچي وقت ۾. |
|
* |
|
قُرب منجهان ڪوجهل کي، |
نيڻن ســـــــــاڻ نِهـــــــــار |
|
پاڻي بِنـــــــــا پريـــــــــن
جـــــــــا، |
وِکريـــــــــل ڏِٺـــــــــم وار |
|
پاڻي سندي پريـــــــــت ۾، |
پِيا ڏونگـــــــــرن ۾ ته ڏار |
|
جِت رَهن پيا مِرگهلا، |
ساري ســـــــــڀ ڄَمـــــــــار |
|
مِرگهه اک محبوب جـــــــــي، |
آ دُنـــــــــيـــــــــا ۾
دَرڪـــــــــار |
|
سائيناڻي شُڪر ڪَر، |
توکي واهَه جي مِلي وَڻڪــــار |
|
ايندو ويندو عُمر ڀَـــــــــر، |
ڏِسندو رَهجان يـــــــــار |
|
اَرمـــــــــان ســـــــــان
اُٿڻـــــــــو آ، |
ته پو ويهي ڪَر ويچار |
|
ڏُکـــــــــن بِـــــــــنـــــــــا
سُکڙا، |
هوندا آهن بيڪـــــــــار |
|
ڪَٽ لڳل آ قَلب کـــــــــي، |
تَنهن کي ڪَلمي جي ڏي مار |
|
ڪَلمون پَڙهي قُرب مـــــــــان، |
ٿي سُهڻن منجهه شُمار |
|
وَڻ لڳائِج واٽ تـــــــــي، |
جنهن جي گِلا ڪَرڻ بيڪار |
|
ڦل لڳي ٿو جنهن ۾، |
مِـــــــــٺـــــــــڙو
مـــــــــزيــــــــــــــــــدار |
|
قُرب جي ته ڪوٺ ڏيئي، |
بيهجان مَنجهه قطـــــــــار |
|
رنگ رَچائي رَب ٿـــــــــو، |
تَنهن کي پَل پَل پيو پُڪار |
|
ضرور ٻُڌندو ٻاجهه سان، |
ڪَـــــــــرم ڪندو ڪلتـــــــــارَ |
|
وَسيلو جهَلجان رسول جـــــــــو، |
ٻنهي جَهانن جو سَـــــــــردار |
|
سائيناڻي سامروٽي جـــــــــو، |
دِل ۾ رَکجان پيـــــــــار |
|
ڪَرم ڪندو ڪَلتار، |
قُربَئون هِن ’ڪُنڀار‘ تي |