سيڪشن؛ مضمون

ڪتاب: سچل سائين

باب :1

صفحو :8

اترادي ٻولي

سڌ جي مختلف حصن ۾، جيڪا سنڌي ٻولي ڳالهائي وڃي ٿي،ان جو لهجو ۽ نحوي ورجيسون مختلف آهن. ٿلهي ليکي لاڙ، وچولي ۽ اترادي جا لهجا مروج آهن. انهيءَ کان علاوه ڪيترن ماهرن وچولي جي ٻوليءَ جي تعريف ڪئي آهي ۽ ڪاڪي ڀيرومل وري شڪار پوري سنڌيءَ جي ساراهه ڪئي آهي. حضرت شاهه ڀٽائيءَ جي ڪلام تي به لاڙي اثر چيو وڃي ٿو، جيتوڻيڪ سندس ڪلام سنڌ جي ڪهڙي به ڀاڱي جو ماڻهو پڙهندو، ته کيس اها پنهنجي ديس جي ٻولي پيئي نظر ايندي.

پر سچل سائينءَ پنهنجي ڪلام ۾ سنڌي ٻولي اها ڪم آندي آهي، جيڪا سنڌ جي سري يعني اتر ۾ استعمال ٿيندي آهي. اهڙي طرح سندس ڪلام واري ٻوليءَ ۾ نحوي ورجيسون، سنڌ جي عام ٻوليءَ کان مختلف ڏسڻ ۾ اينديون، جيئن اترادي سنڌي ٻوليءَ جو دستور آهي. نموني طور ٻه چار مثال پيش ڪجن ٿا.

1-     تنهنجي طالب آهيان محب مون تان ميثاقي.

2-    اوهان ٻاجهون دلبر سائين آهيون اُداسي اسي.

3-    ڪاٿئين ٻڍڙو پير ٿيو ڪاٿئين ٻولي ٻار.

4-    اڄ هوتن ريءَ هت هاڻ، ٻيا ڪير لهن مون ساران.

5-     منصور جي منزل اُتي ڏاڍا تماچا تهمتان.

6-    مران تا نابر ناهيان پنهنجي ڪڍَ قطارج ميان.

مروج گرامر جي قانون موجب جڏهن زمان حال ۽ زمان مضارع واري فعل جو فاعل ضمير متڪلم هوندو تڏهن اتر ۾ ’مان‘ لفظ ڪم ايندو آهي، مگر لاڙ ۾ ’مون‘ ۽ ’آئون‘ ڪم آڻيندا آهن. انهيءَ کانسواءِ، حرف جر ۽ ظرف مڪان جا لفظ به اترادي ورجيسين موجب ڪم آندا اٿس، جهڙوڪ کون(کان) اوڏاهون(اتان) ڏنهن (کان)، مون (منجهان)، تون (تان)، ڪاڏي، جاڏي، تاڏي، ڪاٿئين، جاتي وغيره.

خود شناسيءَ جو جذبو

انسان ذات جي ارتقا ۽ بقاءَ جي مختلف مرحلن ۽ منزلن ۾ هڪ ئي جذبو ڪار فرما رهيو آهي ۽ اهو آهي خود شناسي، خود آگهي يا پاڻ سڃاڻڻ جو سعيو- اهوئي جذبو قبيلن ۽ قومن جي بقا جو سبب بڻيو آهي ۽ انهيءَ جذبي سببان امن آشتي جي فضا سازگار ٿئي ٿي، جنهن ماحول ۾ انسان، پاڻ ۾ موجود الاهي نور کي استعمال ڪرڻ سان ڪائنات جي رازن تان پردو پاسيرو ڪري ٿو ۽ سڀني عالمن جي مخلوق لاءِ بيپناهه نعمتون ۽ مسرتون مهيا ڪري ٿو.

انسان ۾ اهڙيون الاهي صفتون آهن، جن سببان ملڪن کيس سجدا ٿي ڪيا. انسان اڻڄاڻيءَ، جهالت ۽ ٻيائيءَ سببان انهيءَ منزل ۽ منصب کان دور ٿيندو رهي ٿو. سچل سائين، آدم جي حقيقت کي عيان ڪندي، کيس غفلت مان جاڳائڻ ٿو چاهي. چوي ٿو:

ٻول نه ٻئي ڪنهن ڀل، تون ته آدم ناهين!

لڪيو ٿو لاتيون ڪرين، جيئن باغ اندر بلبل.

مَلڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو مُل.

احد منجهارون عبد سڏايئه، هئين تان پاڻ اصل!

سچل جو سنيهو

سچل سرمست جو سنيهو وحدت جي وائي آهي. سڀ ڪجهه اصل ۾ هڪ آهي ۽ انهيءَ هڪ جو پرتو چوڏس چوڌار نروار آهي. آسمان تي ڪڪرن جا بيشمار روپ آهن، پر اصل ۾ اُهو سڀ پاڻي آهي: سج پاڻيءَ کي ٻاڦ ۾ تبديل ڪريٿو؛ ٻاڦ، ڪڪر بڻجي، زمين جي سطح کان مٿي وڃي ٿي، جتي ٿڌ سببان برف بڻجي هيٺ ڪري ٿي ۽ گرميءَ سببان مينهن جي ڦڙن جي شڪل ۾ وري پاڻي ٿي پوي ٿو. گويا سمنڊ، ڇولي، بخار، ڪڪر، برف ڦڙو ۽ جر ڦوٽو ساڳئي پاڻيءَ جون مختلف صورتون آهن ۽ انهن جي اصليت هڪ آهي اهي سڀ بنيادي طرح پاڻي آهن.

سچل سائين جي هڪ فارسي ڪلام جو ادي شمشيرالحيدري سنڌيءَ ۾ موزون ترجمو ڪيو آهي. ان جو موضوع ۽ مضمون پاڻي آهي.

ٿل: بحر اُتئون جا لهر اڀي ٿي، موٽي ٿيو مهراڻ.

1-     لڙ منجهون ٿيو اڇو ڪارو، اصل سو درياهه، ميان ،

بيحد رنگ گهڻا ٿيا ٻاهر ، هرڪو ٿيو گمراهه، ميان!

2-    برف ۽ پاڻيءَ جو هڪڙو آهي حال ،

جئن قمر ۽ بدر جو آهي مثال .

3-    برف آڏو منهن ڪڍي ٿو آفتاب ،

سا ڳري پاڻي ٿي بڻجي پئي شتاب .

4-    اصل پاڻي هو ، اهو ئي برف ٿيو ،

برف مان پاڻي بڻيو ، جو تو ڏٺو .

5-     برف هئي جيتر منجهس هستي رهي ،

پنهنجي هستيءَ کي وڃائي اصل ٿي .

6-    آب کان نڪري حباب آهي بڻيو ،

آب ۾ آيو ، ته آب آهي بڻيو .

7-    بحر ۾ آيو ، حباب ۽ لهر ٿيو ،

لهر مان ساڳيو ڦري ۽ بحر ٿيو .

آب بسته همچان چون بنده است

آب جاري خواجهء فرخنده است

هيءُ آهي اُهو وحدت جو پيغام ، جيڪو انساني ڪثرت کي پنهنجي اصليت ۽ عظمت کان آگاهه ڪندي، محبت ۽ مساوات، امن ۽ انسانيت جي دعوت ڏئي ٿو ، ۽ اهو ئي سنڌ جو سچو ۽ صحيح سنيهو آهي اقوام عالم لاءِ، جيڪي موجوده مادي ماحول ۾ دربدر ۽ گمراه ٿي، امن ۽ سڪون جي تلاش ۾ سرگردان آهن.

(روزنامه ’هلال پاڪستان‘، ڪراچي؛ 21-9-1975ع)

دم دم جا ديدار

سنڌ کي اهو فخر حاصل آهي جو هتي خداوند ڪريم جا گهڻيئي برگزديده بندا، ولي ۽ رهنما، درويش ۽ صوفي سڳورا هميشہ لاءِ آرامي آهن. انهن بزرگن پنهنجي حياتيءَ ۾ قول ۽ فعل جا اهڙا نظارا ڏيکاريا جن سببان سوين سڪايل طالب سون ٿي پيا. جهالت ۽ بدعتن جون صدين کان پراڻيون اونداهيون سوجهري ۾ تبديل ٿي ويون ۽ سماج مان ڏاڍ، زور آوري ۽ پرماري حرڪتن جو تڏو صفا ٿي ويو.

سج ٻه پاڇا- هينئر اهو سمو ئي ڪونه رهيو آهي. مادي رجحانن انسان کي پنهنجي اصلي منزل ۽ منصب کان ڪوهين دور  ڪري وڌو آهي ۽ اهڙي نفسانفسيءَ جي عالم ۾، فقط ماضيءَ جا درخشان داستان آهن. جن جي آسري تي انسان زنده رهڻجي ڪوشش ۾ سرگردان آهي.

سچل سائين سنڌ جو اهو ’وهائو تارو‘ آهي جنهن پنهنجي ڪلام جي روشنيءَ سان سوين ماڻهن جون دليون ڌوئي، ڪلفت ۽ فساد جي براين کان پاڪ ۽ صاف ڪري، وحدت، محبت ۽ مساوات جو پيغام ڏنو. اهو پيغام ايترو ته واشگاف، آشڪار ۽ نروار نموني جو هو، جو ڪيترا سالڪ انهيءَ سوجهري جي تاب جي سگهه نه ساري سگهيا ۽ هڪ طرف منهن ڪري، زندگيءَ جي ٻين رخن کان منهن موڙي ويٺا.

سچل سائين جي زندگي دنيا ۽ آخرت ٻنهي منزلن ۾ محبوب جي مشاهدي ماڻڻ واري عملي زندگي هئي. سندس پيغام تي اڄ تائين ڪو خاص توجهه ڪونه ڏنو ويو آهي، جنهن لاءِ سڄي سنڌ جا رهواسي مورد الزام آهن. انهيءَ صورتحال کي تبديل ڪرڻ لاءِ انفرادي ڪوشش سان گڏوگڏ اجتماعي جدوجهد ڪرڻ لازم آهي درويش جا عرس ميلا پيا لڳندا رهندا پر زندگيءَ جي ميلي لاءِ به ته ڪا همه تن ڪوشش ڪرڻ جڳائي .

سچل سائين جي ڪلام جو مطالعو ’دم دم جا ديدار‘ جو عملي تفسير آهي. اڄوڪي مختصر صحبت ۾، سندس ڪلام بلاغت نظام جو ڪجهه ذڪر ڪجي ٿو.

حضرت سچل سائين کي سنڌ وارا ته ’منصور ثاني‘، ’حافظ درازي‘ ۽ ’عطار سنڌ‘ ڪري سڏين ٿا. سندس ڪلام سنڌي، هندي، سرائڪي عربي ۽ فارسي ۾ هئڻ ڪري کيس قادر الڪلام شاعر سڏيو ويندو آهي. کيس ’سرمست‘ جي لقب سان انهي ڪري ياد ڪيو ويندو آهي جو پاڻ ابدي الفت ۽ الاهي عشق جي نشي ۾ هميشہ مست ۽ مدوهوش رهندو هو.

سچل سائين توحيد ۽ معرفت، صلح ۽ امن جو سبق ڏنو آهي. هن جو ڪلام انسان ذات لاءِ محبت جو پيغام آهي. هن جي نظر ۾ يار سڀ صورت منجهه سمايل آهي. هڪ هنڌ فرمايو اٿس:

پاڻ پنهنجو پاڻهي، صورت منجهه سڃاڻ ،

اللہ اللہ ڇو چوين، پاڻ ئي اللہ ڄاڻ ،

تون ئي ٻڌندڙ، تون ئي ڏسندڙ، شاهد آ قرآن ،

ناهي شڪ گمان، ’سچو‘ سائين هيڪڙو .

حضرت سچل سرمست وٽ ذات پات جو ڪوبه فرق ڪونه هو. انسان ذات جي خدمت سندس شيوو هو. تعصب ۽ ڪوڙي ڏيکاءَ جي سيني ۾ سندس ڪلام هڪ تکي تير جي مثال آهي:

نا مئن ملا ، نا مئن قاضي ، نا مئن سبق پڙهايان ،

نا مئن ڪعبه ، نا مئن قبله ، مڪي مول نه جاوان ،

نا مئن سني ، نا مئن شيعه ، نا مئن سيد سڏايان ،

نا مئن نانڪ ، نا مئن لڇمڻ، نا مئن تلڪ لڳايان ،

يار ته ميڏا درس درازين ، ’سچل‘ نانءُ سڏايان .

سچل سرمست معرفت جون رمزون سمجهائڻ سان گڏ جنگ جهيڙي ۽ فساد کان پري رهڻ جي هدايت ڪئي آهي. امن، خلوص ۽ رواداري جي هر هنڌ تلقين ڪئي اٿس. پنهنجي سرائڪي ڪلام ۾ فرمائي ٿو :

عاشق رند ڪٿان نه لڀسين، جي لڀسين تو پوتل هوسين رب سين، ’سچل‘ عشق دي خبر تو تڏاهن پوسين. جڏاهن صلح هوسين سڀ سين . پنهنجي فارسي ڪلام ۾ چيو اٿس :

از جنگ و جدل نبود حاصلات يک ذره ،

مرد شو با صلح دم ني همچون زن ابکار باش .

ترجمو : جنگ جهيڙي ڪرڻ مان توکي ڪو ذرو به فائدو نه ٿيندو، تنهنڪري مردن وانگر صلح برقرار رک ۽ عورتن وانگر جهيڙو نه ڪر.

اڳتي فرمائي ٿو :

لطف کن چندان که بيگانه سود همچو غلام ،

نزد اعليٰ تا به ادنيٰ با عزت باوقار باش .

يعني مخلوق خدا سان اهڙو سٺو برتاءُ ڪر جو دشمن به دوست ٿي پوي ۽ توکي اعليٰ خواه ادنيٰ جي اڳيان عزت ۽ وقار حاصل ٿئي.

دم دم جا ديدار

ٿل: دَم دَم جا ديدار ، وو ، اَپر اسان جي نارَ تي !

بگا ڏاند ٻڌائون ٻيئي، تن جي ڳالهه ڪريان آءٌ ڪيهي،

وهن ڌارو ڌار ، وو ، ڳاڌيءَ جي ڳٽڪار تي.

ٻاروني هڪڙي چڪريون ٻيئي.آرا انهن جا آهن اهي ئي،

وهن بارو بار ، وو ، لٺ واري للڪار تي.

ڦرهيون ونگڙون آهن اوڀاريون، اِرڙيون سونهن مالهه موچاريون،

جهلڻ جا جهلڪار ، وو، لوٽن واڙيءَ ڌڌڪار تي.

ڍڍي چونڪ جوئر جا نسري ، ڳنا تنهن جا ماکي مصري.

کيرن جا به خمار، وو، آهن پيهي واريءَ پونجار تي.

ڪانگن ڪانگيرو،وهين واهيرو، ڪٻرن، ڳيرن ڪيو اچي گهيرو،

ڳوڙهن جا وسڪار، وو، جهرڪين جي جنسار تي.

آيو نيسَر پاڙڇ ۾ پاڻي ، مرشد اچي ٿيڙم ساڻي،

سا جوئر پڇايم جار، وو، آهن ڪم ’سچل‘ جا ڪلتار تي.

***

 

سارنگ، ساري رات، رڻن مٿي ريج ڪيا،

پکن پرڙا سوئيا ، پره ڦٽيءَ پرڀات،

پٽن تي پڌرا ٿيا ، گل ڦل ڀاتون ڀات،

وائي سڀڪنهن وات، ’سچل‘ سارنگ ساٺ جي.

*   *    *

اول آنڌي آئي، پويانٿي برسات،

رعد جي رڙين ۾ ، ڀيڻي نه هئي بات،

ويچارين ورن جي ، وائي هيڙي وات،

مٿان وسڻ هيٺان چڪڻ، سيءَ ميون سڀ رات،

پره ڦٽي پرڀات ، ڪڻڪان ڪانڌين کڏيون.

*    *    *

ڇڏي چاه چناب جو ، راويءَ ڏانهن رويو،

مرليون، سرليون، ونجهليون، وڄائيندو ويو،

ٿانيڪو ٿيو ، سو نانگو نورنگپور ۾.

لوئي جي لڄ

کڻي ساڻ کٿي ، جا آنديم ملڪ ملير ڏنهن،

سا اڄ توڻي تا سرتؤن ، لحظو ڪين لٿي،

لوئيءَ سنديءَ لڄ کؤن، مون ڍڪيا پٽ نه ٿي،

هت سورن آهه سٿي ، ائين ٿيون ڏور يا ڏيو!

*  *  *

هت ڏسان ڏو-ٿيڙن جون ، ويٺي واٽڙيون،

هُت پون پنهوارن تي ، مٺيون ماٽڙيون،

ياد اُتي جون مون پيون ، ڇوهيون ڇاٽڙيون،

توڙي چار ڪنڊان لوئيءَ جون ، هٿ ڦاڪين ڦاٽڙيون،

تان ڀي وڃان اوڏهين ، جتي کنوڻيون کاٽڙيون،

مونکي لوهن لاٽڙيون ، تن سانگن سنديون سومرا !

بي خبريءَ جو بيان

نڪو آدم اتهين، نڪو جسم جان،

نڪا جزا جاءِ تهين، نا رت جو سامان،

نڪو قدر، نڪو جبر، نا خوشي نا ارمان،

بيخبريءَ جو بيان؛ ’سچل‘ ڪندين ڪيترو؟

* * *

هُت تا ڪير هياس، ٿي آيس هِت ڪير، نه ڄاڻان،

نانءُ ٻيو هُت هو منهنجو ، هِت ٻئي نانءِ  ٿياس.

* * *

جا چون جيهي ناه، سائي ڪيئن چوان،

ڳجهي آهي ڳالهڙي، ڪنهن ڪل نه آهي ڪاءِ،

اوڏي ناه پروڙ کي، ويجهي نه ويساه .

خود شناسي

تو ڪيئن وڃايو پاڻ، ڳولي لهج پاڻ کي،

مکڻ، آکر هيڪڙو، سوئي کير سنڀاڻ.

* * *

جيئن سج آهي پريشان، سوئي ڳولي سج کي .

مڇلي جيئي آب سان، آب پڇي طغيان .

تارو پڇي نجم کي، موج پڇي مهراڻ .

ڦڙي پڇي مينهن کي، شاهه ڳولي سلطان .

هو مڙيئي پاڻ ٿيو، ڪير ٿيا حيران !

’سچو‘ جي صفت ۾، اهو باريءَ ڪيو بيان .

* * *

ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، تون هين مالڪ ملڪ جو !

” لاخير في عبدي “، اهو اٿئي اهڃاڻ .

پاڻ پنهنجو پاڻهين، صورت منجهه سڃاڻ .

’سچو‘، سائين هيڪڙو، ناهي شڪ گمان .

سڄڻ پاڻ سڃاڻڻ آيو، ڪم نه هيڙس ڪو ٻيو !

پاڻون ڄاڻي پاڻ سان، هت لنو ته لائڻ آيو .

عرش منجهارون اُلهي، هت وره وسائڻ آيو .

’سچو‘ ري سنسار ۾، هت پير گهمائڻ آيو .

* * *

عاشق اکيون پٽي ڏسين، آهي مڙوئي يار ميان .

جنهنکي پسڻ هِت پرين جو، هُت ڀي تنهين ديدار ميان .

سالڪ صحي ڪيتا ڪرين، صورت سندو گلزار ميان .

ٻانهون ٻڌين ڇو ٻين کي، آهين سپهه سالار ميان .

من ۾ محبوب جو مشاهدو

محبوب ڳولي ڏس من ۾، من ۾ ، من ۾ تون، ڏس دل ۾ .

واهه ڪاريگر ساز بنايئه ،” ڪن فيڪون “ جي ڪن ۾ .

بي فائدو بازار گهمين ٿو ، گل ڦل باغ بدن ۾ .

چوريءَ چوريءَ سير ڪرين ٿو ، تنهنجو چاه چمن ۾ .

’سچل‘ ، سائين صحي ڪر ڄاتم ، يار گڏيو ڪک پن ۾ .

* * *

ڳالهه ’سچل‘ جي سالڪ سمجهن ، لوڪ ليکي ٻيو ڇا هي ؟

سچي سڪ

سڪ سچي کؤن ڪو نه ڪو ، سبق سور سکن ،

اکر لکن ٽه دل تي ، ٿا ڪاغذ ڪارا ڪن ،

مس ڪاريءَ جان من کي ، ٿا ڪاري ڪارو ڪن ،

مدعا جنهن مام جي ، تنهن اوڏو ڪين وڃن .

جو فرمودو فائق جو ، تاڏي ڪن نه ڪن .

’سچو‘ سارو سچ ٿيو ، منجهان ڪثرت ڪل ،

الف مؤن آدم ٿيو ، ڪري هنگامو هل ،

هندو مومن سو ٿيو ، ڀول نه ٻي ڪنهن ڀل ،

”خلق الاشياءِ فهو عينَها “، اهو آڻ عمل ،

ٿج گلابي گل ، مو مار نئي منصور جان .

 

قال توڙي حال ساڳي ڳالهه ڄاڻ ، حق ٻنهي آهي تون ويساه آڻ. اڳ ۾ ڏس منصور ڪئن پنجاه سال، هر ڳليءَ ۾ پاڻ ڪئي ٿي قيل قال. هن سليو ٿي راز سڀ توحيد جو ، جئن پوي مخلوق کي اُن جو پتو . نيٺ اُن تي حال جو غلبو ٿيو ، تنهنڪري هن دم اناالحق جو هنيو. قال بهتر آهي بر ويساه سان ، حال ۾ آڻي ٿو جيڪو راه سان.

(’رهبر نامو‘ صفحو 118)

( روزنامه ’نواءِ انقلاب‘، سکر - 21-9-1975ع )

سچل – ڪافي گو شاعر

سنڌ جي ادبي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته نثر جي مقابلي ۾، سنڌي نظم ، مواد ۽ معيار جي لحاظ کان گهڻو دلچسپ ۽ وڌيڪ اثر وارو آهي .

ٻن ٻولين جي ادبي ورثي وانگر، سنڌي ادب جي ابتدا به نظم سان ٿي ۽ مختلف دورن ۾، مختلف پيراين ۾ پرورش پائي ، سنڌي نظم ڪافي جي صورت اختيار ڪئي. هينئر سنڌي ادب ۾ ڪافي پنهنجي مضمون، طرز ادا، راڳ ۽ اثر سببان، هڪ منفرد ۽ جداگانه حيثيت رکي ٿي ۽ سنڌ جي سڀني ڪافي گو شاعرن ۾ سچل سائين جي منزل اوچي ۽ عظمت واري آهي.

پس منظر

 سچل سائين سال 1739ع ۾ پيدا ٿيو. اهو سال نادر شاه جي هندستان ۽ سنڌ تي حملن، ماڻهن جي قتل عام ۽ مدد خان پٺاڻ طرفان ڪيل ڦرلٽ سببان، ڏکن ڏولائن جو سال هو. سنڌ ۾ ميان نور محمد ڪلهوڙي کان پوءِ، هڪ ٻئي پٺيان ست ڪلهوڙا حڪمران ٿيا، تانجو سال 1782ع ۾، هالاڻي وٽ، ٽالپرن ڪلهوڙن کي شڪست ڏيئي، حڪومت جون واڳون سنڀاليون.

مير فتح علي خان(وفات 1802ع) پنهنجي ٽن ڀائرن سان گڏجي، چوياري قائم ڪري، حيدرآباد ۾ حڪومت شروع ڪئي. خيرپور جي علائقي جو حاڪم مير سهراب خان( وفات 1830ع) بڻيو ،جيڪو هالاڻي جي جنگ ۾، مير فتح علي خان جو مددگار هو.

سچل سائين سال 1827ع ۾ وفات ڪئي ۽ انگريزن سال 1843ع ۾ سنڌ فتح ڪئي. ميرن جو زوال، انگريزن جون سنڌ ۾ سازشون ۽ خود ٽالپرن جون پاڻ ۾ رنجشون، سنڌ واسين جي زندگي تي اقتصادي ۽ سماجي طور تي، بري نموني ۾ اثر انداز ٿيون.ازانسواءِ ٽالپرن ٻاهران ماڻهو گهرائي ، رياست ۾ آباد ڪيا. کين زمينون ۽ ٻيون بخششون ڏنيون ۽ اهڙي طرح سنڌي معاشري جي اوسر کي گهڻو نقصان پهتو .

مذهبي ۽ ادبي طور تي، سچل سائين جو زمانو وڏي فضيلت وارن عالمن، بزرگن ۽ بلند پايه فارسي ۽ سنڌي شاعرن جو دور هو. راڻيپور ۽ گمبٽ ۾ مقيم جيلاني خاندان جي بزرگن جو علائقي ۾ اثر رسوخ هو ۽ ٻنهي شهرن جي وچ ۾، سائين سچل جو مسڪن، درازا شريف هو. گمبٽ ڀرسان کهڙن جا مخدوم هئا، جيڪي قضا ۽ شرعي تعزير ۾ سخت گير هئا. حڪمران طبقي جو شيعه عقائد سان تعلق هو جنهن جو حڪومت جي معاملن تي ڪو اثر ڪونه پوندو هو. منجهن چڱا شاعر ۽ راڳ جا رسيا به هئا.

خانداني ورثو

سچل سائين جو ڏاڏو، خواجه محمد حافظ عرف ميان صاحبڏنو موراڳي فاروقي (وفات 1192ھ) هڪ صاحبدل بزرگ ۽ صوفي شاعر هو. سندس هڪ ڪافي جا ٻه بند ملاحظه ڪيو:

ٿل- سور سختيون عاشقن ڏي يار مهماني مڪا،

اهنج اوکيون سالڪن ڏي يار مهماني مڪا .

1-     ڪم نه آهي ڪودڪن جو بره ۾ هت بات ڪا ،

سر ڏيڻ ، سوري چڙهڻ، ليءَ دوستن ڌوڻا ڌڪا ،

         4- ’صاحبڏنا‘ سڪ سوز ۾ ٻي نا وٺج تون راهه ڪا

        ريءَ اسم اللہ جي ٻولي نه ٻولج ٻي ڪا .

(سيد عطا حسين موسوي : ڪج ڪوڏيون صفحه 80)

اهڙي طرح سندن چاچو ۽ مرشد خواجه عبدالحق ( وفات 1213ھ) وڏو اهل اللہ تصوف جو وڏو عارف هو. سندس ٿورو گهڻو پارسي ۽ سنڌي شعر ملي ٿو، جنهن مان سندس موزون طبع ۽ دلي لاڙن جي گواهي ملي ٿي. خواجه صاحب جي هڪ بيت تي، ’بيدل‘ فقير وڏي شرح لکي آهي ۽ حقيقت به اها آهي ته اهو بيت ، اهڙي ئي توجهه ۽ توقير جي لائق آهي. اهو بيت هن ريت آهي :

جامن تي جامان ، پرين  پهري  آئيو ،

کامان ڙي کامان ، ته ڪيڏو لڪ ڪريم ڪيو .

(تذڪره لطفي جلد 2 صفحه 205)

ڊاڪٽر حامي هن بيت کي سخي قبول محمد اول سان منسوب ڪيو آهي (’سچل سرمست‘ صفحو 22)، پر مولوي محمد صادق راڻيپوري ان کي سائين مقبول محمد ٻئي جو بيت لکيو آهي .(سرائيڪي ڪلام صفحه 14)

ڪافي

سنڌ جو قديم نظاماڻو ورثو ته ڏوهيڙن ، بيتن ، واين ۽ ڪبت تي مشتمل آهي. ڏوهيڙن جي ترقي يافته شڪل بيت ۽ وائيءَ جي سڌريل صورت ڪافي آهي. غزل ۽ ڪافيءَ جي هيئت ۽ مضمون هڪ جهڙا آهن، پر ٻنهي جي ڳائڻ ۾ وڏو فرق آهي. ڪافي موسيقي کانسواءِ بي مزي لڳي ٿي. اهڙي طرح اسان وائيءَ کي ڪافي چئي نه ٿا سگهون ڇو ته ٻنهي جي مضمون ۾ حسن ۽ عشق ، درد ۽ سوز، جملن ۽ معنيٰ. تصور ۽ تخيل ۾ جيتوڻيڪ ڪو خاص فرق ڪونهي پر هيئت ۾ ٻئي مختلف آهن. ڪافي ۾ ٿل کانسواءِ گهٽ ۾ گهٽ ٽي مصرعون ٿين ٿيون، پر وائيءَ جو ٿل يا مصرع هڪ سٽو آهي. انهيءَ عام روش جي خلاف شاهه جي رسالي ۾، هڪ اهڙي وائي آهي جنهن ۾ هر هڪ مصرع ۾ ٻه ٻه سٽون آهن :

ٿل- ملت ٿي ميهار يار ! ساهڙ سائر سير ۾ .

1-اونها ڪن ، اتانگهه تڙ ، اولئن ڏي آڌار،

ڏينهن ڏهلا ڏم سين، آئون آهيان ڌار؛

يار ! ساهڙ سير ۾ .

1-ڪاري رات، ڪچو گهڙو ، توڏي ڪي تنوار

سنڀوڙو سيڻاهه سين ، سگهو رس سنگهار ؛

يار ! ساهڙ سير ۾ .

 (ٽر مپ – سر سهڻي : فصل ۽ صفحو 208 بحواله ’ڪافي ‘ از طالب الموليٰ)

ڪافي جي شاعر لاءِ صحيح جملا، صحيح پهاڪا،

تڪن جي پورائي جو خيال، گهاڙيٽن جي سمجهه ۽ ڳائي ڄاڻڻ يا گهٽ ۾ گهٽ ڳائڻ کي ڪنهن حد تائين سمجهڻ ضروري آهي. اهڙي طرح ڪافي جو مضمون ٿل (مطلع) کان وٺي نالي واري مصرع (مقطع) تائين ، مربوط ٿئي ٿو ، ۽ ان ۾ غزل وانگر وچ ۾ ڪو به ٻيو خيال ۽ احوال نٿو اچي . ٻي حالت ۾ مضمون جو سلسلو ٽٽي پوندو ۽ ڪافي ٻڌڻ ۾ ڪو لطف حاصل ٿي نه سگهندو.

ڪافي ۾ تهذيب، اخلاق ۽ نيڪ نيتي جي مضمون جو عنصر قوي ٿئي ٿو . حسن ۽ عشق، هجر ۽ وصال، محبت ۽ صحبت جا مضمون به ڪافي  جي دائري ۾ اچن ٿا مگر اهڙي ته پاڪ ۽ سهڻي نموني ۾، جو اهي ڪافيون هر هنڌ بنا حجاب جي ڳائي ۽ ٻڌائي سگهجن ٿيون. ڪافي مان شائستگي ۽ حسن اخلاق  نڪري ويو ته پوءِ اها ته محفل ۾ ڳائڻ جي لائق رهندي ۽ نه ڇاپڻ جي.

لفظي معنيٰ

ڪافي بابت ڳالهه ٻولهه سڀ کان پهريائين سنڌي  ادب لاءِ مرڪزي صلاحڪار بورڊ  جي طرفان منعقد ڪيل هڪ ادبي محفل ۾ ٿي. چوٿين نومبر سنه 1944ع تي ميرپورخاص ۾، سيد ميران محمد شاه مرحوم جي صدارت هيٺ اهو ميڙ ٿيو هو. آزادي کان پوءِ جڏهن پنهنجي ۽ پرائي جو سوال پيدا ٿيو، تڏهن ادبي صنفن جو به جائزو ورتو ويو. ڪافيءَ بابت گهڻن عالمن پنهنجا خيال ظاهر ڪيا ته آخر صنف سخن جو اهو اظهار پنهنجي معنيٰ ۽ مطالب ۾ ديسي آهي يا پرڏيهي! سنڌي ٻوليءَ جي اڄ تائين  نه ڪا مستند ۽ جامع لغت آهي ۽ نه وري ڪا قاموس تيار ڪئي ويئي آهي. انڪري ڪافي جي معنيٰ لاءِ ٻيا ماخذ تلاش ڪرڻا پوندا ۽ مختلف عالمن ۽ محققن جي تاويلن  ۽ تعبيرن جو تجزيو ڪرڻو پوندو.

’جامع اللغات‘ ۾ ڄاڻايل آهي ته ڪافي هڪ راڳ جو قسم آهي يا پنجابي ٻوليءَ ۾ هڪ شعر جو قسم. اهڙي طرح ’غياث اللغات‘ وارو صاحب لکي ٿو ته ڪافي هڪ راڳڻي آهي، ۽ وري موسيقي واري باب ۾ ڪافي، کي ديپڪ راڳ جي شاخ ڄاڻايو اٿس، جيڪا سارنگ سان گڏ ڄيٺ ۽ آکاڙ مهينن ۾ ڳائبي آهي. جيئن ته سنڌ  ۾ مينهن جي کوٽ آهي ۽ ڪافي سارنگ سان لاڳاپو رکندڙ راڳڻي آهي، انڪري فقيرن ان کي خوب ڳايو ۽ گهڻو ڪري سڀني سرن ۾ ڳايو جن ۾ اهڙيون راڳڻيون به آهن جن جو ديپڪ سان ڪو واسطو ڪونهي.

سيد عطا حسين شاه موسوي مرحوم  پنهنجي ڪتاب ’ڪچ ڪوڏيون‘ (صفحو 77) ۾ لکيو آهي ته ڪافي جو اصل عربي ۾ ’ڪفہ‘ يعني دڦ جي ڪاٺي جنهن ۾ گهنگهرو پيل هجن ۽ ’استڪفوا‘ يعني خيرات وٺڻ يا خيرات گهڻ لاءِ هٿ ڊگهيرڻ  آهي. ان جو مطلب اهو ئي ٿيو جيئن اسان وٽ عام طور فقير ڪافي ڳائيندا آهن ۽ سندن ڳائڻ جو انداز به ائين آهي جيئن موسوي صاحب ڄاڻايو آهي. انڪري ڪافي کي عربي اثر جو مظهر چئي سگهجي ٿو.

مخدوم محمد زمان ’طالب الموليٰ‘ پنهنجي ڪتاب ’ڪافي‘ ۾ آخوند ربڏني جو رايو  نقل ڪيو آهي ته ” لفظ ڪافي ’ڪفي‘ مان نڪتل آهي جنهن جون ٻه معنائون آهن: هڪ ته ساهميءَ جي ٻنهي پڙن جو برابر هئڻ ۽ ٻيو شعر جي قافين ۾ ڪو نه ڪو اختلاف هجڻ. اهو اختلاف لفظي هجي يا معنوي، عرفي هجي يا اصلاحي يا اعرابي. اختلاف  جي برخلاف اتحاد  هجي ته ان حالت ۾ قافيو نه بلڪ ان کي رديف چئبو. امڪان آهي ته شعر جي ٻنهي مصرعن جي هموزن ۽ توري تڪي تڪن ٺاهڻ کي ’ڪفي‘ مان ڪافي ٿي ويو هجي“.

”لفظ ڪافي جي مادي جو اشتقاق آهي ’ڪفو‘، جنهن جي معنيٰ به ٿيندي ساهمي جا ٻئي  پڙ برابر. تنهنڪري اصطلاح ۾ انهيءَ معنيٰ جي لحاظ سان ڪنهن خاص نظم جو نالو ’ڪافي‘ رکيو ويو آهي، ڇو ته هر هڪ مصرع جون حرڪات، سڪنات ۽ وزن هڪ جيترا ۽ هموزن آهن. انهيءَ ڪري اصطلاح ۾ لفظ ’ڪافي‘ صحيح ۽ فصيح آهي.“ (تسهيل العربيه: مطبع الله بخش، قاديان)

سنڌي جي ادبي تاريخ  جي مطالعي مان معلوم ٿو ٿئي ته هر دور ۾ ادبي محفلون، مشاعرا، ڪچهريون ۽ رهاڻيون ٿينديون رهنديون هيون. انهن محفلن ۾ نه رڳو عربي، فارسي، اردو ۽ هندي زبانن ۾ ڪلام ڳايو ويندو هو پر سنڌي ڪلام  پڻ پيش ڪيا ويندا هئا.

تاريخي شاهدين مان معلوم ٿو ٿئي ته شاه لطيف کان گهڻو اڳ ڪافي راڳ جي هڪ  قسم وانگر نه فقط رواج ۾ هئي پر ان کي عام مقبوليت حاصل هئي. اهڙي طرح  سنڌي شاعري جي هڪ صنف وانگر به، ڪافي صدين کان رواج ۾ هئي پر ان وقت جي ادبي ذخيري نه ملڻ سببان، ان جو فني تجزيو ڪري نه ٿو سگهجي.

فريد بکري پنهنجي شاهڪار  ڪتاب ’ذخيرت الخوانين‘ ۾ مير محمد معصوم شاه بکري  جي ننڍي ڀاءُ فاضل بکري جو ذڪر ڪندي لکيو آهي ته ”هو ڪافي قسم جو شعر چوندو هو جيڪو فصاحت سببان عوام ۾ مقبول هو“. فاضل بکري ڏهين صديءَ جو بزرگ هو.

ڪافيءَ جو ثبوت يارهين صدي جي شروعات ۾ پڻ ملي ٿو. ارغونن جي ڏينهن ۾، سندن ظلم ۽ تشدد کان بيزار ٿي ڪيترا سنڌي عالم ۽ بزرگ  لڏي وڃي برهانپور ۾ آباد ٿيا جن مان گهڻن جو تعلق پاٽ شريف (ضلع دادو) سان هو. انهن مان هڪ بزرگ لاڏ جيئو (وفات 1007) جي محفلن ۾، سندس چيل  ڪافيون سر ۽ ساز سان ڳايون وينديون هيون. کيس سنڌي موسيقي  ۾ ڪامل مهارت حاصل هئي. خاص طور ڪافي، جيڪو سنڌ جو مقبول عام راڳ آهي، سو اهڙي درد ۽ سوز سان ڳائيندو هو، جو ٻڌندڙ ويٺا جهومندا هئا ۽ هو پاڻ به مست ٿي ويندو هو.

قاضي قادن بکري (وفات 1551ع) کان وٺي، شاهه لطيف  (وفات 1752) تائين، سنڌي شاعري، مواد ۽ هيئت جي لحاظ کان گهڻو مٿي اسري چڪي هئي. اهڙيطرح ڪافيءَ جي صنف پڻ عام مقبوليت حاصل ڪئي. اها مقبوليت راڳ تائين محدود ڪا نه هئي پر ڪافي جي هيئت ۽ مواد ۾ به گهڻيئي ڪامياب تجربا  ڪيا ويا. سچل سائين انهن روايتن کي نه فقط اڳتي وڌايو پر ڪافي کي نئون اسلوب عطا ڪيو.

هونئن به درٻار ۾ ڪافي جو نالو نشانو ڪو نه هو. اميرن ۽ خوشحال خاندانن وٽ راڳ ۽ وڄت جا ٻيا نمونا ۽ طور طريقا مقبول هئا. تذڪره نويسن  پڻ ڪافي گو شاعرن کي ڪا اهميت ڪا نه ٿي ڏني. اهڙين حالتن ۾، سچل سائين هن ديسي شاعري جي اعليٰ  صنف کي نئون رنگ ۽ اوچو مقام عطا ڪيو.

سچل سائين جا تجربا

سچل سائينءَ  انهيءَ صنف سخن ۾ وڌيڪ تجربا ڪيا ۽ سڀني مروج راڳڻين ۾، ان کي ڳائي، وڌيڪ مقبول عام بڻايو. اهڙو ڪو ورلي سر، راڳ يا راڳڻي هوندي جنهن ۾ سچل سائين هر قسم جون ڪافيون نه ٺاهيون آهن. سندس ڪافين ۾ وڏي خوبي اها آهي، جو انهن کي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪهڙي به سريا راڳڻي ۾ ڳائجي سگهجي ٿو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
 ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17
 هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org