سيڪشن؛  سيڪشن

ڪتاب: عجيب طلسم

باب: 1

صفحو : 3

باب پهريون

پردو پهريون

محلات 

] ’نيڪي‘ ۽ ’بدي‘، زناني صورت ۾ داخل ٿين ٿيون.[

نيڪي:                (ڳائي ٿي) نظم_

خدايا، سڻ منهنجي پڪار، رحم ڪر مالڪا، ري.

چوان مان هر گهڙي سؤ سؤ وار، خير ڪر خالقا، ري.

دکياري، ناچاري، پڪاري روئي، رڙي،

سائين تو بن دور نا دکڙا، ڪوئي ڪري.

ڪٽ مشڪل ڏاتار_ خدايا، سڻ.....

باري خود تو ڪيا پيدا: شاهه و گدا، خاصا مدا،

سڀ جوڙ هيءَ آهي تنهنجي پڻ تنهنجي ناهي ابتدا.

فرض ادا ڪريون سدا، رهون فدا توتي خدا،

ڪا نهايت ناهي تنهنجي، پڻ تنهنجي ناهي ابتدا.

هدايت: وڏائي خدا جي، جو هر طرح پاڪ ۽ لاشريڪ آهي، اهو رحمان ۽ رحيم، جو آدم جي سرڪش ۽ نافرمان اولاد کي پيءُ وانگي پيار ڪري ٿو. نيڪبخت آهي اَهو انسان، جو ساديءَ دل ۽ پوريءَ سچائيءَ سان انهيءَ جي بندگي ڪري ٿو. اي گمراه هستي، جا انڌي ۽ ديواني ٿي خرابيءَ جي غار ۾ ڊوڙندي وڃين، سا انهيءَ اونداهيءَ کان نڪري روشنائيءَ ڏي آءُ! خدا جو رحم توکي پري کان وڏي آواز سان پيو سڏي ۽ سندس مهرباني ۽ شفقت تنهنجي لاءِ محبت جي جهولي کوليو ويٺي آهي؛ اچي منجهس پؤ، ۽ پناهه وٺ.

نظم

جنهن هنڌ کڏون کوٻا هجن، سا واٽ اصلي تون نه هل،

ڏوهن خطائن ۾ متان، اثڌا پوين، پهچئي خلل.

چوگرد اونداهي اٿئي، ڪر هوش، اک پٽ پهر پل،

ايمان جي فانوس ۾ رک شمع جان پنهنجو عمل:

هر دم خدا کي ياد ڪر، ٿي محو اُن جي نانءُ ۾،

آرام ۽ راحت سدا آهي خدا جي ڇانءَ ۾.

بدي:     آرام ۽ راحت آءٌ آهيان، دنيا جي خوشي ۽ فرحت آءٌ آهيان.

نيڪي:                تون دنيا جي مصيبت آهين، خدا ۽ انسان جي وچ ۾ وڏي ڀت آهين!

بدي:     دنيائي عيش عشرت منهنجي سڄي هٿ ۾ آهي ۽ انهي جي ڪنجي منهنجي کٻي هٿ ۾. اوهين، جي بهشت جي اُميد ۾ هتي عذاب پيا کائو ۽ هِن مزي جهڙي دنيا کي پنهنجي لاءِ دوزخ ٿا بنايو، سي سڀ مون ڏي منهن وراي ۽ اچي منهنجو در کڙڪايو، ته آءٌ پنهنجيءَ سخا جو مينهن وسائي اوهان جون جهوليون موتين ۽ ماڻڪن سان ڀريان ۽ حاجتمند مان ڦيرائي طاقتمند ڪريان!

نظم

دل ۾ بيفڪري هجي، مال ۽ زر هو ئي بيقياس،

طعام عمدو هوئي اڳيان، بت تي هو ئي عمدو لباس،

يش عشرت جو هجي سامان هردم آسپاس،

مَي به هو ئي، ساقي به هو ئي ۽ خوش هجن پنج ئي حواس:

بس بهشت آهي اهو، ٻيو آهي، جيڪي وهم آهه،

کاءُ، پيءُ، ڪر عيش هردم، جي ڪو تو ۾ فهم آهه!

نيڪي:                ڪوڙي، تون ماڻهوءَ کي خواريءَ ۽ خرابيءَ، ڏک ۽ مصيبت، گنهگاريءَ ۽ موت کان سواءِ ٻيو ڪي ڏيئي نٿي سگهين!

بدي:     چپ ڪر، تون ئي آهين جا منهنجن گراهڪن کي پاڻ ڏي سڏين ٿي، منهنجو شڪار منهنجي هٿان وڃائين ٿي!

نيڪي:                تون ئي آهين، جا چڱي رستي تي هلڻ وارن کي گمراهه ڪري ڇڏين ٿي؛ ۽ جهنم جي غار ۾ ڪيرائين ٿي!

بدي:     جي تون نه هجين، ته جيڪر دنيا ۾ بهشت جي لذت اچي ها!

نيڪي:                ۽ جي تون نه هجين، ته جيڪر خدا دوزخ ئي پيدا نه ڪري ها!

بدي:     نيڪي، تون لڙائي ڇڏي ڏي!

نيڪي:                بدي، تون برائي ڇڏي ڏي!

    ارڙ، ارڙ..... ڇڏ ڙي تون، بدي، برائي!

    آها ها ها ها ها، اهو هو هو هو هو، ٻڌ تون

                                                    منهنجي ڳالهه، ڳالهه، ڳالهه،

    ڇڏ تون لڙائي، سک تون سچائي، رهين سدا

                                                               خوشحال حال.......!

بدي:     دنيا حرص وارن جي بازار آهي. انهيءَ ۾ ڪو منهنجو خريدار آهي، ڪو تنهنجو طلبگار آهي:

                جي نفرت آهي منهنجن عاشقن کي، تنهنجيءَ صورت کان، ته ڇو مون سان وڙهين ٿي، وڙهه وڃي تون پنهنجيءَ قسمت سان!

نيڪي:

اڄ ڏينهن، جي ٿا ڄاڻن، دنيا جي حور توکي،

دل سان ڏنو آهي جن عقل ۽ شعور توکي.

جنهن ڏينهن روشنيءَ ۾ ڏسندا سي شڪل تنهنجي،

نفرت سان نت ڌڪيندا، سي نيٺ دور توکي!

بدي:     ائين ڪڏهن نه ٿيندو. نادان، توکي اها خبر ناهي ته دنيا جي مِٽي لالچ ۽ خودغرضيءَ جا پاڻيءَ سان ڳوهيل آهي؟

جيسين سڀ ڪنهن شيءِ ڏيڻ جي لاءِ آهيان آءٌ تيار،

تيسين ٿيندا منهنجا هو طالب ۽ نت مون تي نثار!

نيڪي:               

ڪُوڙي، تنهنجو دلبو ڏسي هر ڪوئي ڀُلي ٿو،

دنيا جو چمن منهنجي ئي ڪوشش سان کُلي ٿو!

بدي:    

بس، بند ڪر پنهنجو قيل قال،

هاڻ ڏس منهنجي عاشق جو حال!

*          *          *

                ]ٺڪاءُ سان پردو ڦاٽي ٿو. ’عماد‘ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، هو ويٺو شراب پيئي، ڳائڻ واريون ويٺيون ڳائين.[

                ڏٺئه منهنجن عاشقن جي حالت،

                هاڻ ڏس پنهنجن خريدارن جي ذلت ۽ مصيبت.

نيڪي:                ڀلي ڏس، پاڻهي پڇاڙيءَ ۾ خبر پوندي ته آءٌ سچي يا تون سچي!

                (ٺڪاءُ ٿئي ٿو، ۽ شاهه بانوءَ جي محلات جي درٻار نظر اچي ٿي.)

چوبدار:         جلال همراه، ڪمال همدم، جمال حاصل ۽ تاج برسر!

ٻيو نوڪر:   زمانو حامي، فلڪ محافط، جهان بندو، ستارو چاڪر!

چوبدار:         نصيب دربان، قضا نگهبان، قدر ثنا خوان ۽ بخت ياور!

ٻيو نوڪر:   بحر سخا جو، ڪڪر جو اُپائي گوهر، وسائي نت زر!

چوبدار:         تجلو چمڪي ٿو نور جو هت، ٿو گيت هرڪو ڳڻن جا ڳائي!

ٻيو نوڪر:   حضور ملڪـ جي آهي تشريف، هر ڪو حاضر ٿي ٿو سر جهڪائي!

                        (گرگين، شفيق کي زنجيرن م پيل وٺي اچي ٿو.)

شاهه بانو:    هو ڪمبخت باغي ڪٿي آهي؟

گرگين:         حضور، هن پنهنجو ضد ۽ تڪبر اڃا نه ڇڏيو آهي.

شاهه بانو:    انهيءَ ضدي ڪتي کي منهنجي اڳيان آڻ. ڪنهن سان ٿو ضد ڪري_ اُنهيءَ زال سان، جا ڪاوڙ مهل سمنڊ وانگي پيئي گجي! جي هو سنئين رستي تي نه ايندو، ته هن دنيا ۾ جيئري رهڻ جي اميد لاهي ڇڏي. ڪيئن شفيق، تنهنجو ڪهڙو حال آهي؟

شفيق:          ڪهڙو حال آهي؟_ جهڙو شينهن جو لوهه جي پنجوڙ ۾ احوال آهي!

شاهه بانو:    ڇو پنهنجي عزت آبرو ٿو وڃائين ۽ ڏنگو رستو ڇڏي سنئين رستي تي قدم نٿو اٺائين؟

شفيق:          دنيا ۾ سچو ۽ سنئون رستو فقط نيڪيءَ جو آهي، جو قبر جي دروازي مان نڪري، قيامت جي ميدان مان لنگهي وڃي بهشت جي در تي ٿو بيهي؛ باقي ٻيو سڀڪو رستو، ڌڪا کارائي، ڪنڊن منجهان گهلائي، دوزخ جي غار ۾ وجهي، ڏکن ۽ عذابن جي جانڊهه ۾ ٿو پيهي!

                        پرواهه نه آهه اڄ جي زمانو خلاف آهه،

                        وٺندس اُهائي واٽ، جا سڌي ۽ صاف آهه.

                        ڇا آهن هي ڏک ۽ خوف به منهنجي نگاهه ۾،

                        ويندس بيباڪ ٿي، ته به نيڪيءَ جي راهه ۾!

شاهه بانو:    آءٌ نٿي سمجهان ته نيڪي ڪهڙي چيز آهي، جا توکي ۽ تو جهڙن ٻين ڪن بيوقوفن کي اهڙي عزيز آهي!

شفيق:          نيڪي هڪڙو پاڪ نور آهي، جو انسان جي لاءِ نهايت ضرور آهي؛ نيڪي هڪڙو خدا جي هٿ جو جڙيل ڪوٽ آهي، جو شيطاني فوج سان وڙهڻ لاءِ انسان جي پناهه ۽ اوٽ آهي.

شاهه بانو:    ديوانو ٿيو آهين!

شفيق:          برابر، ديوانو آهيان، مگر شڪر آهي ته حرص جو ٻانهو ۽ خدا کان بيگانو نه آهيان، يا شيطان جو غلام، بيرحم تمام، خوني خون آشام، ۽ نيڪحرام نه آهيان!

شاهه بانو:    بس ڪر، اي بدنام، منهنجي روبرو بي ادبيءَ جو اهڙو ڪلام!

شفيق:          آءٌ انهن ماڻهن مان نه آهيان، جي ڪنهن جي پرپٺ گلا ڪندا آهن؛ آءٌ بهادر آهيان ۽ بهادر هميشه منهن تي ڌڪ هڻندا آهن ۽ وڙهندا آهن!

                        صاف دل ماڻهو اُهي، سچ ٿا چون جي صاف صاف،

                        آرسي جهڙيءَ طرح سچ چئي ٿي منهن تي صاف صاف!

گرگين:         شفيق، جيڪڏهن تون ضد ڇڏي ڏيندين، ته آءٌ ايمان سان ٿو چوان ته..........

شفيق:          ايمان! چپ ڪر، جنهن پاڪ شيءِ جو ذرو به تنهنجي ناپاڪ جثي ۾ ڪونهي، تنهن جو نالو نه وٺ. اوهين ٻيئي، شيطان کان زياده ايمان جا دشمن آهيو!

شاهه بانو:    بيشڪ آهيون، مگر اهو هن لاءِ جو اهو ايمان گرم کي سرد، مرد کي نامرد ۽ کنهبي رت کي زرد ڪريو ڇڏي.

شفيق:          جهڙيءَ طرح خدا تعاليٰ جسم جي لاءِ جان جي شمع پيدا ڪئي آهي، تهڙيءَ طرح هن وري جان جي ايمان جو ڏيئو خلقيو آهي.

شاهه بانو:    پر جي آءٌ هونديس، ته ضرور اهو ڏيئو اُجهائينديس!

شفيق:          تون ڇا اُجهائيندينءَ _ جي ساريءَ دنيا ۾ شيطان جا ٻالڪا گڏجي ڪوشش ڪن، ته به نه اُجهائي سگهندا. رحم ۽ انصاف جي روشني هميشه جهان ۾ چمڪندي رهندي!

شاهه بانو:    شفيق، توکي خبر ناهي ته آءٌ ڪهڙي قسم جي زال آهيان؟

شفيق:          توکي زال ڪير ٿو چوي؟ زال اُها آهي، جنهن جي دل نرم هجي، جنهن ۾ حيا ۽ شرم هجي، جنهن ۾ سچائي هجي، اندر جي صفائي ۽ پارسائي هجي، جنهن جي ملائڪن جهڙي طبيعت ۽ حور جهڙي پرهيزگاري ۽ وفائي هجي. توکي زال ڪير چوندو؟ جيئن تو ويچاري معصوم شهزادي جو حق دغا سان کسي ورتو آهي، تيئن زال جو نالو به تو زبردستيءَ سان کڻي هٿ ڪيو آهي!

شاهه بانو:    شفيق ٻڌ: آءٌ اُها اڙدها آهيان، جنهن جي ساهه کڻن سان باهه جا اُلا نڪرندا آهن؛ آءٌ چڙيس، ته ساڙي ٻاري رکنديسانءِ!

شفيق:          اهڙن دڙڪن کان ڊڄي، آءٌ سچ ۽ انصاف جو رستو نه ڇڏيندس!

                        منهنجي رونءَ رونءَ منجهان هي قول سدا جاري آهه:

                        جان پياري ناهي دنيا ۾، وفا پياري آهه!

شاهه بانو:    بيزار ٿين، جي ضد ڇڏي کڻي هائو ڪرين، ته جيڪر شاهي مهربانين سان دولت ۾ دنيادار ۽ عزت ۾ نامدار ٿين!

شفيق:          مون کي اهڙي مهرباني درڪار ناهي.

      اي حرص جا غلام، ياد رک هي ڪلام:

      ڏينهن ٿورا آهه دولت جو خمار،

      موت جي ترشي نشو لاهيندئي، يار!

      جڏهن جنازو تنهنجو کڻندا دوستدار،

      تڏهن مَلي هٿ چوندين پيو تون بار بار:

      ڇا اچي ڪيو مون، وڃان ٿو هاڻ لڏي،

      هوم جيڪي، سو وڃان ٿو هت ڇڏي!

شاهه بانو:    بس، بس. اهو پنهنجو وعظ چرين ۽ ديوانن جي لاءِ رکي ڇڏ، اصغر کي اسان جي حوالي ڪر، تاج جو تابعدار ٿي، نه ته موت جي لاءِ تيار ٿي!

شفيق:          ڇا، هن ويچاري معصوم شهزادي کي اوهان ڪاسائين جي هٿن ۾ ڏيان، ته وڃي ڪهوس! رحم ۽ انصاف جو خون ڪريان، تخت ۽ تاج جي لُٽيندڙن کي تعظيم ڏيئي ممنون ڪريان؛ شيطان کي بهشت جو مالڪ ۽ وارث ڄاڻي پنهنجو ايمان زبون ڪريان؟ نه نه، وفادار شفيق کان ائين ڪڏهن ڪين ٿيندو!

گرگين:         مکر ائين ضرور ڪرڻو ٿيندو!

شفيق:          ڇو؟

شاهه بانو:    اسان جو حڪم آهي!

شفيق:          تنهنجو حڪم ڪو خدا جو حڪم نه آهي!

شاهه بانو:    آءٌ شاهي حڪم ٿي ڏيان!

شفيق:          آءٌ تنهنجي شاهيءَ جو انڪار ٿو ڪريان!

تير، تلوار، تبر، نيزا ۽ خنجر ڪڙڪن،

زهر، خون، باهه مصيبت ڀلي هر هر ڪڙڪن؛

اڀ مان وڄ ڪڙڪي ۽ ڏونگر مان جي پٿر ڪڙڪن،

ساري دنيا جون بلائون کڻي برسر ڪڙڪن:

جيڪا پوڻي هجي، پئي رنج مصيبت مون تي،

پر جي ايمان چري منهنجو، ته لعنت مون تي!

شاهه بانو:    ڏس شفيق، ڏس وري به ويچار ڪر، نه ته پنهنجي جان نثار ڪر.

شفيق:         

        مصيبت جي ڊپ، موت جي هول کان،

        بهادر ڦرن ڪينڪي قول کان.

        خدا نئي يا تون نين، ته جان آهي هڪ،

        مگر ڳالهه هڪ، ۽ زبان آهي هڪ!

شاهه بانو:    چڱو، تڏهن مون کي لعنت آهي، جي توکي جيئرو ڇڏيان..... وڃي هن کي ماري، هن جي سسي کڻي اچو!

(شاهه بانو اُٿي ٿي.)

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو --گذريل صفحو

ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17

هوم پيج -- لائبريري ڪئٽلاگ

 

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com