سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

باب: --

صفحو :1

ايشيا جون لوڪ ڪهاڻيون

مراد علي مرزا

ڇپائيندڙ پاران

 

سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ترقيءَ ۽ سڌاري جي حوالي سان عام طرح هر محفل۽ مجلس ۾ خدشن جو اظهار ٿيندو رهي ٿو. خاص طرح نئين نسل ۾ سنڌي ٻوليءَ جي گهٽجندڙ واهپي ۽ ٻين ٻولين ڏانهن وڌندڙ لاڙي تي هر با شعور سنڌيءَ کي ڪيئي تحفظات آهن . جيڪڏهن انهيءَ ڏس ۾ ٿيندڙ الڪن ۽ خدشن تي سنجيدگيءَ سان نظر وجهبي ته اهي اجا يا يا بي سبب نظر نه ايندا ....اها حقيقت آهي  ته وقت گذرندي هر نئين نسل جو سنڌي ٻوليءَ سان سنٻنڌ ۾ وڌندڙ خال بلڪل واضح نظر ايندو.

 

اها حقيقت تسليم ڪندي به بهر حال انهيءَ سچائيءَ کان ڪنڌ نه ڪڍائي سگهبو، ته اهڙي صورتحال کي پيدا ڪرڻ ۾ نئين نسل کان وڌيڪ انهن حلقن جو قصور آهي ، جن ننڍڙن”ٻارن جي ذهني تربيت ۽ فڪري راهبريءَ بابت سنجيدگيءَ نه ڏيکاريندي ، ٻاراڻي ادب کي اهم وٿ“ طور ڳڻڻ ڇڏي ڏنو آهي. بازار ۾ دستياب دڪانن تي نظر ڦيرائيندي پتو پوندو ته اتي موجود سڀني سنڌي ڪتابن جو ڏهه سيڪڙو به ٻارن جي لکڻين لاءِ وقف ٿيل ناهي. سنڌ جي ادبي، علمي ۽ ثقافتي ادارن جي ڪارڪردگيءَ جو جائزو وٺندي به لڳ ڀڳ ساڳي صورتحال نظر ايندي. ٻيو ته ٺهيو والدين ۽ عزيزن وٽ به پنهنجن ٻچڙن جي ذهني اوثر ۽ تربيت لاءِ اونو ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهيو آهي.

 

اهڙي صورتحال ۾ جناب مراد علي مرزا جي هيءَ ڪارائتي ڪوشش گهٽ ۾ گهٽ به مبارڪباد جي لائق آهي. هن ڪتاب جو مترجم گذريل چاليهه سالن کان سنڌ جي ادبي آڪاس ۽ علمي تحريڪ جو هڪ اهڙو روشن ستارو آهي . جنهن پنهنجن تخليقي ۽ تنقيدي مضمونن سان ئي ڪلا کيتر ۾ نالو پيدا نه ڪيو آهي. پر ترجمي نگاريءَ ۾ پڻ مرزا صاحب هڪ ممتاز مقام رکي ٿو.

سندس ڏات ۽ ڏان ءَ سنڌ جي ڪئين نسلن کي موهيو آهي ۽ سنڌ جا ڪيترائي ناميارا ليکڪ کيس پڙهي ليکڪ بڻيا آهن.

 

مراد علي مرزا صاحب جي اها سموري حاصلات ذهن ۾ رکندي به جڏهن ٻاراڻي ادب ۾ سندس بهري جو تذڪرو ڪجي ٿو ته کيس خصوصي سلام پيش ڪرڻ لاءِ دل گهري ٿي . ماٺيڻي ۽ محترم شخصيت رکندڙ مراد علي مرزا هن ڪتاب ۾ ڏور ايشيا، ڏور اوڀر ايشيا ۽ ننڍي کنڊ سميت نار جي ملڪن سان لاڳاپيل تحريرن جو لاجواب ترجمو ڪري سنڌ جي نئين نسل کي جيڪو املهه تحفو آڇيو آهي . سو ايندڙ ڪئين ڏهاڪن تائين سنڌ جي نئين نسل جي لکين ذهنن ۽ دلين تي اثر انداز ٿيندو رهندو.

 

هن ڪتاب جي مقبوليت جو اندازو انهيءَ ڳالهه مان به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪتاب جو هر ڇاپو چند مهينن اندرئي کپي ٿو ۽ سڄي سنڌ مان ڪتاب نئين سر ۽ وڏي تعداد ۾ ڇپرائڻ لاءِ مطالبا ٿيندا رهيا. بورڊ ۾ ذميواريون سنڀاليندي ئي ڪتاب گهر جي انتظاميا ۽ ايجنٽ حضرات طرفان هيءُ ڪتاب مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ زور ڀريو ويو. مون ڪتاب جي علمي . اصلاحي ۽ تفريحي پهلوئن کي ذهن ۾ رکندي فورن انهن مطالبن ورنائڻ جون هدايتون ڏنيون.....۽ اڄ هڪ دل ڇُهندڙ ڪتاب جي صورت ۾ اهڙين هدايتن جي ساڀيا ڏسندي پاڻ کي نهايت ئي ڀاڳ ڀريو محسوس ڪريان ٿو . اميد ته لائق پڙهندڙ پڻ انهيءَ  خوشيءَ ۾ مون سان ڀاڱي ڀائيوار ٿيندا.

 

 

ڄام شورو

22 مارچ 2004

انعام الله شيخ

سيڪريٽري

سنڌي ادبي بورڊ

 

 

 

 

 

 

 

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12  13 14 15 16 17
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org