سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :14

[5]'

ٿلهه:   آيو منهنجو جانب جلويدار الا، آيو منهنجو نرمل نيڻن ٺار الا.
1.      تاب حسن محبوب جي، سج چنڊ ٿيا شرمسار الا،
        سونهن سچي سردار جي، ڪيو هردو جهان گلزار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

2.      آهي ساري عالم ۾، نور سندن نروار الا،
        سر صدقي ڪيان يار سڄڻ تان، سر ڪيان سؤ سؤ وار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

3.      ساٿ ڀري راهي ٿيو، حضرت شام طرف تير الا،
        آيو ڪيائين واٽ تي، ان ڏهون آزار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

4.      آهيان سڪايل سڪ ۾، شل جلد ٿئي ديدار الا،
        ڏسڻ ساڻ عجيب جي، ٿئي تن من باغ بهار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

5.      ايندو ڏينهن حشر جي، گهوڙي تي هسوار الا،
        بخشائيندو سڀ اُمت کي، هن قادري کي سردار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

6.      احمد لاٿو اُٺ تئون، عربي اچي آزار الا،
        تنهن ناقہ تي نيٺ نبي، نرمل ٿيو هسوار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

7.      پرين پيراندي مونکي، ڪيو پنهجي پاڙيدار الا،
        ته عمر اکڙين ساڻ ڏسي، دوست سندو ديدار الا.
                        آيو منهنجو جانب جلويدار الا....

[6]

ٿلهه: سيّد سام پيو، مون سان حامي هوت ٿيو.
1.      تو بنا تک تار ۾، مون سان ٻيلي ناهه ٻيو.
        همراهيون هيڻن سان، قادر پاڻ ڪندو.
2.      ڏسيئي پير پل صراط تي، اچي عربي اُڀندو،
        سڪ لنگهائيندو ساٿڙو، اچي نِباهي نيندو.
3.      ويچاريءَ کي ور ري، هتي ويهڻ وهه ٿيو،
        سا ڪيئن سمهي سرتيون! جنهن جو هاڙهي هوت ويو.
4.      پائي عيب پلاند ۾، اچي پنڻو پيش پيو،
        عيبن جو عمر چئي، مون کي ڪلمون ڪوٽ ٿيو.

[7]'

ٿلهه: ڏيج سنيهڙو ساري، پانڌي پير ڀري،
                        عربي احمد کي.

1.      ماندو اوهان لئي مصطفيٰ ڳهلو ٿو به ڳري.
2.      مهندان محشر ماڳ ۾ حضرت هٿ ڌري.
3.      عاصي هن عمر تي وهلو وير وري.

[8]

ٿلهه: نيڻن سان نروار، پسان آ محمّد مير مهندار.
1.      سمنڊ سير مونکي اُڪارئين، ڪوس دنبن جا مونکي ڏيکارئين،
                        هادي تون هڪوار....

2.      مڪي مديني مونکي رهائين، حج حاجين سان مونکي پڙهائين،
                        زمزم پاڪ پيار....

3.      هيڪر هادي! مونکي هلائين، من ڪا منهنجي آس پڄائين!
                        عالم جي آڌار....

4.      عرض عمر جا آگا اگهائين، پنجتن مونکي پاڪ پسائين،
                        چارئي يار ڏيکار....

[9]

ٿلهه:   سرهي خاڪ چمان پيزار پڻي، ملندم دوست ڌڻي.
1.      اجارو عالم جو آيو خاص کڻي.
2.      ’التحيات الله‘ واحد کي به وڻي.
3.      رکندو هوت حساب کان ڪامل قدم کڻي.
4.      عمر نجو اوڏهين، جو جنّت جاءِ ڌڻي!

[10]

ٿلهه: اڪنڊ عربيءَ ڄام جي، سدا ساهه سنڀار.
1.      فائق فرقان موڪليو، غني ربّ غفّار،
        اتي امتي تنهنجا ڇُٽا کان ڀلڪار!
2.      ماءُ پيءُ ڏينهن محشر جي، ڀڄي ٿيندا بيزار،
        سيّد ڏيئي سجدو، ڪرائيندو معاف ميار.
3.      کوءِ زريون، ٻن زينتون، جانب ري جنسار،
        مونکي مليو مصطفيٰ، هوت هنئين جو هار.
4.      نيلون نرمل جي نور جون، ڏيکاريون ڏاتار،
        عمر چمي چپن سان پرين جا پيزار.

[11]

ٿلهه:   يا خدا رکجان اندر ۾، ساڻ سرور جيءُ جڙي.
1.      مير مرسل، نور نرمل، ساڻ منهنجي دل اَڙي،
        عمر ساري، هاڻ منهنجي، رمز رانجهن سان رهي.
2.      شان هيڏو اي شفيع! قادر ڪيو قرآن ۾،
        والشمس، طٰہٰ، والضحيٰ، واليل واحد کي وڻي،
3.      منڊبو ميزان ميدان ۾، جت ايندا عملن جا پنا،
        ڪر مدد اُت مير مرسل! آءُ آجها تون اَنوري.
4.      ”عمر“ عاشق آ نماڻو، ڪر مدد تنهن سان ڌڻي!
        ساڻ محابي محب محمّد، ڪرڪا منهنجي رهبري!

[12]'

ٿلهه:   سڪنديءَ کي محب ڪڏهن ملندا؟
        مون تي وارث وڙ ڪندا.
1.      ويٺي آهيان واٽ تي، هتان منهنجا هوت ايندا،
        دلاسو دلگير کي، ڏسڻ سان ڏيندا.
2.      وَحٌده لاشَريڪَ لَہ، چٽو هيئن چوندا،
        جن مڃيو محمّد ڪارڻي، سي جنت جاءِ ڪندا.
3.      ڏاڍو ڏينهن قيام جو، ماڻهو جت مڙندا،
        عمر پرتو اٿئي احمدا! سختي ۾ سيّدا.

[13]

ٿلهه: مل محبوب اسان کي، خاصا دوست خدا!
                        جانب جيءَ گهُوريا!

1.      ملائڪ محمّد مير کي، چيو هيئن چوندا،
        پوئواري پوين جي، توريءَ ڪير ڪندا؟
2.      پرين سندي پار جي، اٿم سڪ سدا،
        ڌَڻيم! دوست ديکائين، ڪارڻ لڳ خدا.
3.      رکيو حب حبيب جي، هتان جي هلندا،
        ڇُٽِي سي ڇِيهن کان، آجا ٿي ايندا.
4.      پلؤ پايو پنڻو، ٿو سائل ڪري صدا،
        احمد ڄام! عمر کي، مرڪايو موليٰ.

[14]

ٿلهه:   حامي حمايت هاشمي، رسندو سوڙهيءَ ۾ سرور.
1.      ڏسي عيب عاجز جا، ڀڄي ويا ڀائر،
        توري منهنجي سيّدا! ڪير لهندو ڪر.
2.      منهنجي مَٺاين جا، ڪارا ٿيا ڪاڳر،
        ساري منهنجا سيّدا! اچي ميٽائج دفتر.
3.      حضرت گهمائج هٿڙا، ٿيان تازو ۽ طاهر،
        اڳوڻي کان اڳرو، قرارو ڪثر.
4.      اهائي امداد ٿئي، چمان چانئٺ چوڌر،
        پاڙي رهائج پنهنجي، ڪل اُمّت سان عمر.

[15]'

ٿلهه:   رس يا رهنما رهبرا سردارا، مل تون مرسل موچارا منٺار!
1.      مير محمّد اجها احمد، سڻ تون حال سونهارا سردارا!
2.      شائق پهچن شوق مؤن شافع، قرب مان ڪامل ڪيو قطارا!
3.      واحدبر ۾، ڇا ڇپر ۾، هردم تنهنجي پير پچارا!
4.      هادي هدايت ڪرڪا شفاعت، ڪر ڪي ڀال ڀلارا!
5.      عمر پرتَوَ احمدا انهنکي، ڏينهن حشر جي ڪجو وهارا.

[16]

ٿلهه:   اَجهو عالم جو آهين تون عربي! توتي راز ربي.
1.      صفت ثنا چئو مير جي، حمد چئو حسبي،
        مدح محمّد مير جي، ڪس ڪَٽي قلبي.
2.      وارئون سنهي واٽڙي، باهه مٿي مَنٌڊبي،
        امّت تنهنجي هاشمي! لحظي ۾ لنگهي.
3.      پٽ بيزاري پيءُ کان، ماءُ ڌيءُ کان مٽبي،
        توريءَ اتي يا نبي! ڪنهن کي ڪوڪ ڪبي.
4.      دوزخ ٿو دانهون ڪري، جوش منجهان جنبي،
        دامن تنهنجي دلبرا! ويل تنهن وٺبي.
5.      ثمر کنيون سڃ ڏي، نيڪي ساڻ نِبي،
        عمر چئي اٿم آسرو، اتي عيد ڪبي.

[17]

ٿلهه: عالم جا آڌار! ڪر ڪا سڄڻ سرداري!
1.      مُنهن محمّد ڄام جو، موتي مڻياداري.
2.      سڪو وڻ سائو ٿيو، گلن ڪئي گلزاري.
3.      واريءَ وڻڪار سونهي، ڪامل ڪلاداري.
4.      عاجز هن عمر کي، دوست! ڏي دلداري.

[18]

ٿلهه: سرور ڄام سدا مون ساريو، مونکي ڏاتر نيئي ڏيکاريو.
1.      سيّد تنهنجيءَ سِڪ ۾ مون جانب ٿي جر هاريو،
        موٽج مير! مران ٿي، مون تان گوندر ڏينهن گذاريو.
2.      سيانڊو سڪرات جو، ٻجهي ڀؤ وڏو ڀلڪارو،
        اتي رسج يا نبي! جاتي اوندهه گهُٽَ انڌارو.
3.      لنگهائج لَڪن تئون، سمونڊ جو ساندارو،
        ماندا ڇڏج نه مصطفيٰ! جتي ڪُنن جو ڪڙڪارو.
4.      وهمن ويڙهيو جندڙو، ڏوهن ۾ ڏهڪايو،
        صفا صيقل سان ڪري، منهنجو عربي قلب اُجاريو!
5.      مرشد مڙني مصطفيٰ، آهي مرسل سو موچارو،
        هادي! هدايت جو، ڪر ڪو عمر ڏانهن اشارو.

عبدالستار

[1]'

ٿلهه:   پيغمبر پاڪ دين وڌايو، پنجتن پاڪ آڳہ آيو.
1.      چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پسايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

2.      جيڪي دشمن دين جا، ٻڌي ائين ٻوڙايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

3.      علي شاهه جي اولاد تان، هم غم هور وڃايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

4.      حَسن مير حُسين شاهه، پرور پاڻ پسايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

5.      پارائي پاند ڳچيءَ ۾، گولي کي به گهرايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

6.      آگا! عبدالستار کي، ڪلمي ساڻ لٽايو،
                        پيغمبر پاڪ دين وڌايو....

لَــــــــــڌو

[1]'

ٿلهه: يا رسول الله، سيّدا، صلي الله هُوَ الله!
1.      اول تنهنجو آسرو، آخر تون آهين،
        ڏاتر ڏيهه ڌڻين جو، پرور پاڻ پسائين!
2.      آيا مَلڪ الله جا، تائب ٿي تو ڏانهن،
        پاڻ ڌڻيءَ پيدا ڪيا، نُوري نُور منجهان.
3.      اَڀ تُتا ڀونءِ ٽامڻي، تپي ڪندي تاءُ،
        اتي رسج مصطفيٰ! ساري توکي ساهه.
4.      لڳس لام لڌو چئي، سيّد! تو ساريو،
        رکج پاڪ پناهه ۾ جيسين جياريو!

[2]'

ٿلهه:   يا نبي يا محمّدا! سُڻ تون حضرت منهنجي صدا.
1.      ڏاڍو ڏينهن قيام جو، تپي ڪندو تاءُ،
        اُلهي هيٺ اُڀن کان، ڏيندو سج ٺڪاءُ.
2.      پنجئي وقت نماز جا، روزو جي رکندا،
        ڏيندا قرض ڪريم کي، ڇيهن کان ڇٽندا.
3.      ايندئي مَلڪ الله جا، تائب ٿي تنهنجا،
        پهرين حرف حساب جو، پاڻ اچي پڇندا.
4.      لڳس لام لڌو چئي، سيّد کي ساري،
        رکجئين پشت پناهه ۾، جانسين جياري
 

ڪالُو

[1]'

ٿلهه:   ڪامل ڪيچ ڌڻي، پرين پاڻ آيا،
        سرهو ساٿ ڌڻي، جانب جيءُ آيا.
1.      سوين سوداگر سپرين، سڄڻ سانگ هليا،
        سودو تيڙو سڦرو، کٽي سي ويا.
2.      بيبي بنگلي چڙهي، ڏورئون محب ڏٺا،
        ساٿ سلامت آئيو، آيا محب مٺا.
3.      مال خزانا ماڙيون، بيبي بخش ڪيا،
        مالڪ ٿيم مصطفيٰ، جنهن لک لٽايا.
4.      چارئي يار رسول جا، خالق خاص ڪيا،
        مجلس ۾ محبوب جي، موليٰ مرڪايا.
5.      قادر! هن ڪالُو جي، آس اميد پڄاءِ،
        مير محمّد مصطفيٰ، موليٰ محب ملاءِ!

[2]'

ٿلهه:   سچو سرور گهوٽ عالم ڄڃان، مٺو مرسل گهوٽ عالم ڄڃان.
1.      آ تنهن پرينءَ رسول تئون، گهوري گهوري وڃان.
2.      ڪچو ڪوٽ ڪفار جو، مومن ڀڃندا اڃان.
3.      آڻي جا عيد رسول ڏي، اُمّت ڪارڻ اڃان.
4.      جيڪي دشمن دين جا، دُز جهليندا ڌڃان.
5.      جاڏي احمد عربي، آ به تاڏي وڃان.
6.      چارئي يار رسول جا، محب سي ئي مڃان.
7.      ڪلمي سان ”ڪالو“ چئي، ڪفر ڀيڻي ڀڃان.

[3]'

ٿلهه:   نماڻيءَ نصيب ڪريو، پاڙو پرين جو،
        پاڙو پرين جو، شل ديکان در دوستن جو.
1.      هلان حُب حبيب جي ساٿين سان سهنجو.
2.      ويٺڙي آهيان واٽ تي هتئون محب اچي ملندو.
3.      چارئي يار رسول جا ديدار پسان تن جو.
4.      منجهان حوض حبيب جي پيان پاڻي زمزم جو.
5.      ڏاڙهيءَ سان جهاڙو ڏيان، ميڙيان اڱڻ عجيبن جو.
6.      ڪلمي سان ”ڪالو“ چئي، منهنجو ساهه ڪڍو سهنجو.

[4]

ٿلهه:   آهي جان ۾ جاءِ جانب جي، آهي من ۾ ماڳ محبن جو.
1.      اورڻ آهي اندر ۾، عشق عجيبن جو.
2.      راضي پاڻ رسول ٿيو، مالڪ ملڪن جو.
3.      پسيم حضرت پير کي، مطلب ٿيو من جو.
4.      ڪاهل ”ڪالو“ ڪيئن ڇڏي، پاڙو پرين جو.

وفا

[1]'

ٿلهه:   جاڪون جيئري جال، ٿيم جار مديني،
        آ ته ڇيهي پچان پانڌين کؤن پار مديني.
1.      جاڪون جيئري جاڙ، ڪيم نفس ندوري،
        لهندو منهنجي دل جو، هي آزار مديني.
2.      هت هوت بنا هيڪل، حيران هينئون هي،
        آهه دوست منهنجي دل جو، دلدار مديني.
3.      ڪيئن گولن کي اچي سک هت سنڌ ۾،
        من مير ڪوٺي مرسل، مختيار مديني.
4.      اکڙيون پنڌ ۾ پار، رکان پيش پرين ڏي.
        شل آ اکين سان ڏسان، بازار مديني.
5.      هادي حرمت حضرت، محبوب مڪي جا،
        پهچاءِ ”وفا“ پيش پرين، پار مديني.

مشتاق

[1]'

ٿلهه:   لهه سار سندم سيّد، سردار نبي جيءُ!
        ڪريو غور سندم غاور، غمخوار نبي جيءُ!
1.      دامن تنهنجي دوست، لڳا ڏاهه ڏوهاري،
        ڪريو ڪرم اتي، عاصين آڌار نبي جيءُ!
        لهه سار سندن سيّد، سردار نبي جيءُ ....
2.      آهيان سَرور ڄام، اوهان لاءِ سِڪائيو،
        ڏيان روح اڳيان روضي ڏاتار نبي جيءُ!
        لهه سار سندم سيّد، سردار نبي جيءُ ....
3.      ڪؤڙين ڪيڙم عيب، گهڻا ڏوهه مٺايون،
        بخشائي ڪا باري بدڪار، نبي جيءُ!
        لهه سار سندم سيّد، سردار نبي جيءُ ....
4.      مشتاق آهيان مير، تنهنجي مُحب مِلڻ جو،
        پسان شل توکي حضرت هيڪار نبي جيءُ!
        لهه سار سندم سيّد، سردار نبي جيءُ ....

[2]

ٿلهه:   آهيم شوق شافع! ڪريو مهر اوهين ڪا.
        ڏٺي ڏينهن آنکي پرين مون ٿيا،
        ميڙائي ملڻ ڪاڻ، محب اهنجي،
        وڏا وس عاصي، هلي مون ڪيا.
1.      سنڀايو سفر کي، سمهي ڪام سرتيون،
        ستي رات ساجن، وٺي مون ويا،
        ڇلن جي ڇپر ۾، جني جوش جاڳيو،
        بنا درد دل جي، ٻجهن ڇو ٻيا.
2.      هنيون ناهي هٿ مون، بنا دوست دل جي،
        ڳجهي ڳالهه دل جي، ڪنهن کي چوان،
        ماريو مير “مشتاق” کي شوق اهنجي،
        پسيو رات روح ۾، رويو ٿي رئان.

[3]'

ٿلهه:   روئان راتو ڏينهان ڏک ۾ پسيو هن سال ابتر کي.
1.      اسڙ ڪن، انتظارن ۾ عمر گذري وئي منهنجي،
        ڪڏهن پسنديون سندم اکيون محمد گهوٽ گوهر کي؟
2.      وڇوڙو ورهه جو وڌندو وڃي ٿو هاڻ هر حد کان،
        رسائج حال هي هيڻو سچي صديق اڪبر کي.
3.      سڪن سارين هنجهون هارين هردم هي اکيون منهنجون،
        ٻُڌائج عجز آزي سان عمر عادل مبّشر کي.
4.      نه ڪي هڙ ۾ نه ڪي هنج ۾ نه ڪي همت هئين پيرين،
        سڻائج سائلن وانگر سخي عثمان انور کي.
5.      ڏکن تي ڏک، غمن تي غم، گهڻا گهاٽا مٿي آيا،
        چئج مشڪلڪشائي جي علي ڪرار حيدر کي.
6.      اجها آڳهه سندم آهيو وسيلا بي وسيلن جا،
        مدد ”مشتاق“ جي ڪريو ملي مرسل منور کي.

[4]

ٿلهه:   ڀلي ڄائين سچا سيّد سونهارا يا رسول الله!
        تنهنجي ڄائي ٿيا سڀ ڏيهه سڪارا يا رسول الله!
1.      قلعي قصريٰ سندا ڪنگرا، ڪريا چوڏهن سڄا هڪدم،
        ڪيا حيران تنهن مانجهي، موچارا يا رسول الله!
2.      مديني ميڙ مون مرسل، پاڙي پانهنجي رهائج،
        هئان حاضر اندر مجلس، پارا يا رسول الله!
3.      سڪو پاڻي سندو ساوڪ، وهي سارو درياءُ ويو،
        اجهائي آگ فارس جي، سچارا يا رسول الله!
4.      اها ”مشتاق“ کي حسرت، ڇڏي جنهن وقت دنيا کي،
        پڙهن شل ڪوڏ مان ڪلمون، پيارا يا رسول الله!

[5]

ٿلهه:   سيّد سونهارل ڀلي آيو مرسل.
1.      بيبي ڏٺو خواب ۾ عجب رنگ آفتاب،
        هلي آيم هُجري لاهي نوري نقاب، مورت موچارل.
2.      ورقة وينجهاري چيو ڏسي خواب جو بيان،
        اَجهو عالم عارڻي سو ملندئي مهربان پرين پيارل.
3.      سڀ پرئين سهڻو سو تان نوري سندس نور،
        ساڻ سهائي سوجهري ملڪ ڪيائين معمور، جيءَ جو جيارل.
4.      اٿي ويٺي ان لاءِ سو تان من رکج ”مشتاق“،
        گهڻي ٿوري ڏينهڙي فنا ڄاڻج فراق، ايندو سيّد سونهارل.

ڪريمداد

[1]'

ٿلهه:   اي الا محمّد گهوٽ موچارا!
1.      حامي حضرت هاشمي، اي جيءُ، محب مٺا منٺارا،
        تو ساماڻي ميان سيّدا، لٿا ملڪن تان مونجهارا،
                        اي الا! محمّد گهوٽ موچارا....

2.      قادر قرب قرآن ۾، آنٌهنجو آگي ڪيو اظهارا،
        سورة طٰہٰ ياسين ۾، اي جي، مذڪور سندن موچارا،
                        اي الا! محمّد گهوٽ موچارا....

3.      مولي رات معراج جي، آنٌ کي ڏيج ڏنا ڏاتارا،
        صاحب کي سجدا ڪري، اُتي بخشائيندو بدڪارا،
                        اي الا! محمّد گهوٽ موچارا....

4.      ڪاهل ڪريمداد چئي، سَڻ تون ربّ جليل جبارا،
        مونکي ڏيکارين ڏيهه ڌڻي، موٽي محمّد جا به منارا،
                        اي الا! محمّد گهوٽ موچارا....

[2]

ٿلهه:   ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام،
        مير محمّد ڄام کي، منهنجا ساري ڏيج سلام.
1.      ابوبڪر صديق هو منجهه غار رفيق،
        تنهن ورنهه وير وريام کي منهنجا ساري ڏيج سلام،
        ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.
2.      قاتل ڪفارن، ڌُئو ڏيهه ڌڻين،
        تنهن عادل عمر امام کي منهنجا ساري ڏيج سلام،
        ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.
3.      ادب وي سين عثمان، جنهن جمع ڪيو قرآن،
        تنهن عالم علم علام کي، منهنجا ساري ڏيج سلام،
        ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.
4.      علي شير انور، جنهن فتح ڪيو خيبر،
        تنهن دانا دل آرام کي، منهنجا ساري ڏيج سلام،    ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.
5.      حاجي وڃي حرمين، حال چئج حسنين،
        تنهن مديني جي مقام کي، منهنجا ساري ڏيج پيغام،
        ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.
6.      ڪريمداد ملاح، محبن جو به مداح،
        تنهن پڙهايو پينام کي، منهنجا ساري ڏيج سلام،
        ساري ڏيج سلام، پانڌي ڏيج پيغام.

[3]'

ٿلهه:   گل ڦل ٽڙي گلزار ٿيو، جيئن آيو نبي گلشن ۾.
1.      گل مڙئي گڏ ٿيا کڙي کٽڻهار ٿيو،
        گل محمّد مصطفيٰ، نُور الهديٰ نروار ٿيو.
2.      عطر عنبير اعليٰ پگهر ۾ پلڪار ٿيو.
        رنگ رسولي گل گلابي، سرهو سندن سردار ٿيو.
3.      مهتاب منهن محبوب جو ڏس سج جئن سينگار ٿيو،
        منجهه چمن چوڌار چوڏهين ڌنڊ جئن چمڪار ٿيو.
4.      جبرئيل جليب ۾ ايلچي سردار ٿيو،
        عرش ڪرسي آسمان، تائب اچي تڪرار ٿيو.
5.      ڪلمي ساڻ ڪريمداد چئي منهنجي قلب کي قرار ٿيو،
        حاصل تن حضور ڪيو جن دوست جو ديدار ٿيو.

[4]

ٿلهه:   اي هاشمي حضرت! ماريس اوهان جي محبت،
        سونهارا سرور ماريس اوهان جي محبت.
1.      قادر ڪئي قرآن ۾ ايڏي سيّد جي صفت،
        سورہ طٰہٰ ۾ ياسين جي ڪير لهي ڪُنيت؟
2.      موليٰ ڏني مهر سان ايڏي قريشيءَ کي قدرت،
        مُئا جياري مصطفيٰ ساڻ هاديءَ جي حڪمت.
3.      سج چنڊ ڪنان سهڻي اهڙي سيّد جي صورت،
        پسي حُسن حبيب جو پئي حُورن ۾ حيرت.
4.      ڪوٺي ڪريمداد کي ڏيو احمد ڄام عــزّت،
        ٿين مقصود ملاح جا پئي عالم منجهه عبرت.

[5]'

ٿلهه:   محب مٺا منٺار، اديون! شل ايندم اکڙين ٺار.
1.      سرور هليو ساٿ سان، محب وٺي ته مهار،
        پٺيءَ لڳا رينءَ جي، ڪرهل ڪوڏ قطار...
2.      بودو پيڙو بر ۾، اوکي سو آزار،
        حضرت ڦيريس هٿڙا، موليٰ جي مختيار...
3.      ٿرن برن تي ٿيڙا، ڏاڍا مينگهه ملار،
        جهرمر جهمڪوريون ٿيون، ڪيئي گجن گوڙ غبار....
4.      عاصيءَ آهي اوهان جو آسرو گهڻو آڌار،
        قيامت ۽ محشر  ۾، لڳس دامن تو دلدار....
5.      قادر! ڪريمداد کي، يا ربّ! ميلين يار،
        سڪا وڻ ساوا ٿيا، کليا باغ بهار....

[6].

ٿلهه:   منهنجا نيڻ ٺريا نروار، پسي حُسن حبيب جو.
1.      شهر مدينو شال ڏسان، جتي گل چمن گلزار،
        نيلون منارا نُور جا، سرس سندن سينگار.
2.      وڏا طالع تن جا، جن حُسن ڏٺو هڪوار،
        مومن ڏيو مبارڪون، جن درس ڏٺو ديدار.
3.      روضي مهندان رسول جي، ڪيم ڪيرتون زاروزار،
        پڙهي صلوات رسول تي، ڪيم تعظيمون تڪرار.
4.      ڪُل سان ڪريمداد چئي، يا ربّ! ميڙئين يار،
        مشفق پنهنجو منگتو، پڙهايو پينار.

[7]

ٿلهه:   منهنجو مرسل آيو ڪريان جان قربان، منهنجو محمّد آيو.

1.      ويهي ورقة سان بيبيءَ ڪيو خواب جو بيان،
        جهولي چنڊ جُهلي پيو منهنجي ماڳ مڪان.
2.      ڪڍي ڪتاب توريت جو درست رکيو ڌيان،
        ڪانڌ قريشي کٽيو ٿيو سر زمين جو سلطان.
3.      پرڻي رات رسو جي سهسين ٿيا سامان،
        حورن هيرا ٿي ڏنا شاهه جو وڌيو شان.
4.      ڪريمداد اوهان جو گولو آهي غلام،
        پريم اوهان کان ٿو گهران دين ايمان جو دان!

[8]

ٿلهه:   گهوٽ مڪي جو سدا ويٺي ساريان ڏاتر شال ڏيکاريندو!
1.      بار کڻي آ بندر تي چڙهندي نول ناکئن سان،
                آ جا ٻڏندي تار منجهان ربّ تاريندو!

2.      حضرت حامي حشر ۾ ٿيندو ڏان ڏوهارين کي ڏسڻ سان ڏيندو،
                احمد ڄام انهن کي اڪاريندو!

3.      جبل عرفات تي آ جا چڙهندي حجّ حاجين سان آ پڙهندي،
                زمزم پاڪ پياريندو!

4.      ڪريمداد سان ڪرم جو ڪيائون تنهن کي پاڻ ڪوٺيائون،
                پاڙي پرين پنهنجي رهائيندو!

[9]

ٿلهه: اَن کي سڪان ٿو سيّدا! من ۾ مچ مچن.
1.      منارا مير مرسل جا ڏوران ٿا ڏسجن،
        هڪڙي راحت روح کي ٻيون اکڙيون عيدون ڪن.
2.      سامي سفر هليا ٻيون ڏيئي پن،
        طمع ڇڏيائون طعام جي لوچي لاهوتن.
3.      ويرو وڃي ٿي وريو جت ڪُن ڪپر ڪَڙڪن،
        ٻيڙا سلامت آڻيئين سندا حاجيڙن.
4.      ڪريمداد فقير تي من ڪو نظر ڪن،
        پاڙي رهائج پنهنجي ڪوٺي سان قربن.

[10]

ٿلهه: ڏٺم منارا مير مرسل جا اکڙين سان اظهار.
1.      اُلا جي عشق جا اُلٽيو ڪن الغار.
2.      جيئس جيئس جيڏيون! آيم جيءُ جيار.
3.      سيّد اڳهين سهڻو، مون ۾ عيب اپار.
4.      ڪوٺي ڪريمداد کي قرب ڏيو ڪلتار!

[11]

ٿلهه:   اوهين پڙهو مومنو! ڪلمون ڪوڏ منجها،
        حضرت ڪندو شفا مون تي مهر منجها،
1.      اوّل نور نبيءَ جو پيدا ڪيو پاڻ خدا.
2.      جهُلندو ڇٽ رسول تي مومن فخر ڪندا.
3.      مرضن مون ماريو ٿيڙم جان جدا.
4.      ڪريمداد فقير تي شفقت مهرر ڪندا.

[12]

ٿلهه: منهنجي سڻو سرور صدا، يا سيّدا! نام خدا.
1.      مشتاق اوهان لئي ٿو مري، تنهن کي رسج ڀيرو بري،
        ڪم ڪاڄ سڀ تنهن جو سري، من جي ڪريو پوري مدّعا!
2.      حضرت پسو هي حال مون، ڪريو نظر سان نهال مون،
        آنٌ کي اُتو احوال مون، عربي آجها يا احمدا!
3.      هيڪر پرين آنٌ کي پسان، راتو ڏينهان سڪ ۾ سڪان،
        ڪنهن رمز سان آنٌ کي رسان، منهنجي قبوليو استدعا!
4.      ڪرم ڪر ڪريمداد سان، الله لڳ امداد سان،
        ڪر داد مون بيداد سان، نرمل نبي نور الهديٰ!

[13]

ٿلهه:   سڻ فرياد يا رسول ڏي دلاسو دلبر!
1.      اوّل نُور نبيءَ جو پيدا ڪيو پرور،
        ٻي سڀ جوڙ جهان ٿيو آن کان پوءِ سرور!
2.      ڪر حمايت هاشمي! ٿي حامي منجهه حشر،
        لطف ساڻ لنگهايين احمدا! ڏئي آڌر.
3.      مڪو مدينو مشرف ٿيو، ساماڻي سرور،
        ساڪن منهنجا سپرين رهن مديني منّور.
4.      ڪريمداد فقير تي رحم ڪريو رهبر!
        پاڙي رهائج پنهنجي هن سائل کي سرور!

[14]

ٿلهه:   انهنجو ملڻ ڪڏهن ٿيندو سيّد سچا!
        مونکي سڪندي سال ٿيا، احمدا سيّد سچا!
1.      دردن منهنجي دل تي ٿري ٿاڪ ڪيا، سيّد سچا!
2.      توکي ساريو سيّدا. حال مون هيڻا ٿيا، سيّد سچا!
3.      ڪاهل ڪريمداد چئي، مون تي ڪامل! ڪرم
                                        ڪجا! سيّد سچا!

[15]

ٿلهه:   منهنجا سلام ساري، وڃي چئو حضرت هوت حبيب کي.

1.      حضرت هوت حبيب جي، مونکي محبت ٿي ماري،
        قسمت سندي قيد ۾ گهايل دل ٿي گهاري.
2.      ايءَ پَر احمد ڄام جي، جو عاصي اُڪاري،
        ڏيئي ٻانهون ٻار مان، تار منجهان ٿو تاري.
3.      شاهه مديني شهر ۾، گوهر ٿو به گذاري،
        هاءِ ته منهنجي حال کي، ويٺس وساري.
4.      ڪوٺي ڪريمداد کي، نيئي مديني ماري،
        مجلس محمّد مير جي، مونکي ڏاتر ڏيکاري!

[16]

ٿلهه:   آيو مير مديني جو ڄام، آ تان جيئس جيڏيون!
1.      اچي اتر پار کان، پرين جو پيغام،
        سرهي ٿيس سرتيون، سڻي سيّد جو سلام.
2.      محمد مرڪب تي چڙهي، شاهه سڏايو شام،
        خبرون وٺي خير جون، آيو عالم جو اِمام.
3.      بيبي ٻانهن سان ڪيو اصلئون ايءُ انجام،
        پسندي پاڪ رسول کي آنٌ کي ڪنديس انعام.
4.      ڪريمداد اوهان جو، مدحي آهي مدام،
        حضرت! هٿانئون پنهنجي، پرهايو پينام.

[17]

ٿلهه:   سرهو ٿيو سردار، سڀ احمد کي آگي ڪيو اختيار.
1.      لوح قلم ۾ لکيو، نالو نُور سندو، آگي ڪيو اظهار.
2.      جيڪا جوڙ جهان ۾، نُور منجهان نروار.
3.      پرور پاليو پيغمبر کي، منجهان محبت موچار.
4.      ڪريمداد سان قيامت ۾، والي ڪندو وهار.


' [5] ’مجموعہ مولود‘ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

' [7] کان [11] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [12] کان [14] تائين مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [15] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘، بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘ بمبئي ڇاپو، سنه 1892ع تان ورتل.

' [2] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ’مجموعہ مولود‘ بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل.

' [2] علي محمد اڄڻ جي ڇپيل چوپڙي تان ورتل.

' [3] حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] مجموعہ مولود بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل.

' [1] مجموعہ مولود بمبئي ڇاپو سنه 1893ع تان ورتل.

' [2] مولودي دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [3] کان [5] تائين مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [1] ۽ [2] 1ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبع فيض سبحاني ڪوٽڙي سنه 1312هه تان ورتل.

' [3] ۽ [4] ‘مجموعہ مولود’ بمبئي ڇاپو  سنه 1892ع تان ورتل.

' [5] ‘مجموعہ مولود’ مطبوع اسلاميه پريس لاهور تان ورتل.

.[6] دوست محمد ڪيريي جي قلمي بياض تان ورتل

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org