سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: مولود

 باب:

صفحو :5

[29]

ٿلهه:   اوهان جي لڙهه لڳو آهيان لام،
        اوهان جي سرڻ پيو آهيان سام،
                        ور مير محمّد ڄام!

1.      اجها عالم ڪارڻي! تنهنجو ڀلارو نام،
        اسين تنهنجي آسري، تون عالم جو آنٌ امام،
                        ور مير محمّد ڄام!

2.      ڪيم ڪوڙ ڪچائيون، ڪوجها ڪرت تمام
معافي ڪرئين مصطفيٰ! منهنجو خطائون خام،
ور مير محمد ڄام!

3.      شفاعت تو شفيع جي، عاصين ڪاڻ آهي عام،
آهون عبدالرؤف جون، آهن اوهان لئي وريام،
                ور مير محمّد ڄام!

[30]

ٿلهه:   سرور! سائين لڳ مون تي، ٻيهر ٻاجهه ڪريو،
1.      ڪامل آهين ڪل جو، ٻهون ٻاجهه ڀريو،
        عاصي اُمتي آنٌهنجو، ڪڏهن ڪين اڙيو.
2.      دل نه منهنجي وس ۾، جيئن مون نه ٿيو،
        جي جياريم ته تان جيان، نه ته وڃان ٿو به مريو.
3.      ڦڪيون ستيون ٻاجهه جون، منهنجون ڪيم ڪريو،
        تون ئي آهين ويڄ طبيب، هيڻن هٿ ڌريو.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، ڪامل! قرب ڪريو،
        عيبن ڀريو آهيان، ڇپر ڪيم ڇڏيو.

[31]

ٿلهه:   پانڌي پرين پار جا، پڙهندي وبڙا سي صلوات.
1.      مُلڪ مديني شهر جي، مٺي آ مبوات،
                پڙهندي ويڙا سي صلوات....

2.      پڙهه لبيڪ هل ته هلون، مومن ويڙا سي عرفات،
                پڙهندا ويڙا سي صلوات....

3.      خاوند خير ڏياريين، خالق مون خيرات،
                پڙهندا ويڙا سي صلوات....

4.      عاصي عبدالرؤف چئي، وائي ڪلمي وات،
                پڙهندا ويڙا سي صلوات....

[32]

ٿلهه:   شال وڃان عرب ولايت، صحيح پڙهان صلوات،
        آهي اوهان جي مونکي، تن اندر منجهه تات.
1.      آنٌ کي ساريو سيّدا! روئان ساري رات.
2.      جدي شريف کان لنگهان، پرهه ڦٽيءَ پرڀات.
3.      اوکا لڪ لنگهائيين، سَولي ڪر سڪرات.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، وائي ڪلمي وات.

[33]

ٿلهه:   شاهه مڪي مديني سونهارا، آءُ مٺا مل مير موچارا!
1.      اول نُور نبيءَ جو پرور ڪيو پيدا،
        جهلي دامن دوست جي عاصي سڀ ڇٽندا.
2.      مَلڪ محمّد مير سان هلندا لک هزارا،
        جهلي ڪنجڪ نبيءَ جي، رڪيب سان رڙهندا.
3.      حَسن مير حُسين هئا پرور کي پيارا،
        فرزند عليءَ شير جا، ڏيهن جا ڏاتارا.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، وهاڻي ويل واهر ڪجا،
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي، پويان دم پڄاءِ.

[34]

ٿلهه:   صدقي صدقي محمّد تان، لهندو سار سنڀار.
1.      مونکي اي محبوب مٺا، هن تار منجهان تار!
2.      آڏا لڪ لنگهائيين، عربيءَ جي آڌار.
3.      آنٌ کي ساريو سيّدا! سڪيس سڀ ڄمار.
4.      پسان پنجن تنن کي، چوکا چارئي يار.
5.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي مديني مار.

[35]

ٿلهه:   قرب ڪندا مون تي ڪامل، ڪانڌي اچي ٿيندا،
        دوست اچي هن دل کي، نيٺ دلاسو ڏيندا.
1.      جنازو هن يتيم جو، روضي پاس رکائيندا.
2.      گناهه هن غريب جا، مديون ميٽائيندا.
3.      مهندان محشر ماڳ ۾، اڙيا ڇڏائيندا.
4.      عاصي عبدالرؤف تي، حضرت! هٿ ڌريندا.

[36]

ٿلهه:   ور ميان سّيد! تولاءِ منهنجو ساهه سڪي،
                        ٿيئڙم ڏينهن ڏٺي.

1.      ويٺڙي آهيان واٽ تي، ايندم هوت هتي.
2.      وندر جي وڻن ۾، بيڪس پيو لُٽڪي.
3.      چونديس حال حبيب کي، پائي باند ڳچيءَ پٽڪي.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي موليٰ ميل مَڪي.

[37]

ٿلهه:   پنجئي پاڪ پيارا، هيڻي جا هموارا،
        عاصين جا آڌارا! خاوند خاص خلقيا سرور سوڀارا.
1.      شفاعت ڪارڻ شفيع سي، ٿيندا محشر ۾ مهندارا،
        عاصي تنهنجي آسري، اي جيءُ محمّد موچارا!
2.      سختيءَ رس سپرين اچي، سرور شاهه سونهارا!
        مرڪڻ مانجهي مصطفيٰ، مونکي سوڀ ڏيو سردار.
3.      مدعي ماري مات ڪيو، حيدر شاهه هڪوارا،
        بيبيءَ پاڪ بتول جي، آهيان آڌارا.
4.      ترت رسو تن کي، جي آنٌ جي وسيلي ويچارا،
        حمايت شاهه حسنين جي، ٿيو هيڻن هموارا.
5.      اوکيءَ اميرالمومنين! ڪريو ولهن تي وهارا،
        حضرت مير حُسين جي، آهيان سام لڳو سردارا!
6.      ورنَهه! ويري ماريو، مون سان ڪريو مدد موچارا،
        پنجئي آيا پاڪ سي، ٿي حامي هاڪارا.
7.      عاصي عبدالرؤف چئي، آن جي پلئه لڳو پينارا،
        برڪت ساڻ ڀلن جي، شل بخش ٿين بدڪارا.

[38]

ٿلهه:   ڍڪ ڍڪيندو، تان نه ڇڏيندو،
        شفيع شافع سپرين، ڍڪون منهنجون ڍڪيندو!
1.      آڻي طنبو تاءُ ۾، عاصين ڪاڻ اڏيندو،
        طهورا تتن کي، پانڊپ پياريندو.
2.      جي ڏوهارين ڏاکڙا، لڪ سڀ لنگهائيندو،
        وٽان ويچارن جي، داڙو ٿي دڙيندو.
3.      اَنڌا اُونڌا اوکڙا، سڀ نباهي نيندو،
        نُور ناڪارو نه ڪري، محمّد منٿ مڃيندو.
4.      رحمة اللعالمين اڳيان آڳهه ٿيندو،
        عاصي عبدالرؤف چئي، حضرت هٿ ڌريندو.

[39]

ٿلهه:   رس محمّد تار ۾، ڪرت نه ڄاڻان ڪار.
1.      سختي سير سمونڊ جي، مونکي احمد ڄام اڪار!
2.      لڏان لهرين وچ ۾، تري نه ڄاڻان تار
3.      مهندان ڏينهن قيام جي، سڌ نه پيڙم سار.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي مديني مار.

[40]

ٿلهه:   نبي تنهنجي نالي تان، گهوريس سؤ لڱا سردارا!
1.      چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پيارا.
2.      ماڻڪي محمّد مير جي، ڏيکارين مون ڏاتارا.
3.      چمان چانئٺ رسول جي، پرينءَ جي پيزارا.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، سار لهج سردارا!

[41]

ٿلهه:   ڪرم پِنان ٿو يا ڪريم! رحمت ڪر يا رحيم!
1.      يا ربّ ياور يا الله، توکان عفو پِنان يا عظيم!
2.      هيءُ جو مرض من جو، تنهن جي حڪومت ڪر حڪيم!
3.      دارون منهنجي درد جو، سو تان ساري ڏيج سليم!
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، توکان عفو پنان ٿو فهيم!

[42]

ٿلهه:   ڪر ڪو داد منهنجو، يا مير مرسل مصطفيٰ!
1.      رس رسول الله جا، سردار سرور سيّدا!
        ور وسيلا ولهن جا، مهندار مرسل مصطفيٰ!
2.      سهسين صلواتون سلام، لکين درود اوهان تي دائما،
        رحمت جا رک هاشمي! هٿڙا ڪرم سان قائما.
3.      شرف اوهان کي يا شفيع! آگي ڏنو ايڏو اعليٰ،
        ٻئي جهان جتيءَ سان، ماڳ نه اچن ملها.
4.      عاصي عبدالرؤف جا، سچا سڏڙا اوهان ڪي سُئا؟
        سام اَنٌهنجي سيّدا! مون جِها ڪوڙين پيا.

[43]

ٿلهه:   سائين سچا سردار، پِيَڙس اَنٌهنجي سام.
1.      آيو محمّد عربي، مير مديني ڄام.
2.      ڏينهن قيامت جي الا، محمّد ٿيندو امام.
3.      جُهلندو ڇٽ رسول تي، گهوڙي چڙهندو ڄام.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، گولو آهيان غلام.

[44]

ٿلهه:   ساريو سيّد کي ميان، وجهلان واٽڙين تي.
1.      الله اوٺي آڻيين، پار پرينءَ رسول جي،
                        وجهلان واٽڙين تي....

2.      سڪان ساريان اُن ڏيهه کي، منهنجي جانب رهن جتي.
                        وجهلان واٽڙين تي....

گهنگهر ڏينهن گذاريان، ساريو سڄڻن کي.
                        وجهلان واٽڙين تي....

4.      عاصي عبدالرؤف کي، محمّد ميل مڪي،
                        وجهلان واٽڙين تي....

[45]

ٿلهه:   منهنجو هينئڙو هوت حبيب کي، سڪيو ٿو ساري.
1.      پنڌ آڻانگا پٽيون، مونکي ڪوهيارل ٿو ڪاري،
        منهنجو هينئڙو هوت حبيب کي، سڪيو ٿو ساري.
2.      پڃرو پاڪ رسول جو، مونکي ڏاتر ڏيکاري،
        منهنجو هيئڙو هوت حبيب کي، سڪيو ٿو ساري.
3.      حيف ته منهنجي حال کي، جو ويٺس وساري،
        منهنجو هينئڙو هوت حبيب کي سڪيو ٿو ساري.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي مديني ماري،
        منهنجو هينئڙو هوت حبيب کي سڪيو ٿو ساري.

[46]

ٿلهه:   هيڪر پاڻ پسايو، نبي سالار مون مَ سڪايو!
1.      چارئي يار رسول جا، پنجتن پاڪ پسايو.
2.      منجهان حوض حبيب جي، پاڻي پاڪ پياريو.
3.      ماڻڪي محمّد مير جي، چشمن ساڻ چمايو.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، نيئي محبن ساڻ ملايو.

[47]

ٿلهه:   سيّد سچي جا، ڏٺم منارا،
        ٺريا پئي منهنجي نيڻن جا نارا.
1.      سڪ ۾ شفيع جي آيا ويچارا،
        مليا محمّد حاجين کي هزارا.
2.      قربئون جي ڪوڏا، آيا جي اوڏا،
        لهرين جا لوڏا، احمد اڪاريا.
3.      ڏاتر ڏيکاري، حرم جي حجرا،
        ماڙيون مديني جون، محلا موچارا.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، سيّد سڳورا!
        اچي مل مون سان، مشفق موچارا!

[48]

ٿلهه:   اي محبتي مستان، محمّد! مل مشتاقن کي،
        ڪوڙين ٿيا قربان، محمّد! مل مشتاقن کي.
1.      سِسيون ڪيائون سُنتون، جانب لاءِ جوان،
                        اي محبتي مستان....

2.      جيڏين گهڻو جهليو، مڃيم ڪنهن جي ڪانه،
                        اي محبتي مستان....

3.      وطن جن ڇڏيو، مرڪيا منجهه ميدان،
                        اي محبتي مستان....

4.      پتنگ پرينءَ رسول جا، جليا منجهه جولان،
                        اي محبتي مستان....

5.      عاشق احمد ڄام تان، ڪُسي ٿيا قربان،
                        اي محبتي مستان....

6.      عاشق عبدالرؤف چئي، شرف مناسب شان،
                        اي محبتي مستان....

[49]

ٿلهه:   مرضن آءٌ نه ماري، ماريس آنٌ جي محبت.
1.      عشق آزادي آهيان، سڄڻ ٿئي صحت،
        مون گهر اچين جي پرين، لهي درد دقت.
2.      وڃن سور سنڌو ڪيو، روح اچي راحت،
        سَنڌ سَنڌ منهنجو سيّدا! فاني ڪيو فرقت.
3.      جي مِلين تون جانبا! زوردئون وڃي زحمت،
        ڍڪي ڍاڪون سورن جو، ڏاج مڪو حضرت.
4.      چُمي چايم سر تي، آهون امانت،
        عاصي عبدالرؤف چئي، جاءِ ڏيو جنّت.

[50]

ٿلهه:   مونکي محمّد گهوٽ ملائين، موليٰ! منهنجو عرض اگهائين.
1.      اٿم شوق شفيع جو، مونکي مدني مير ملائين،
        ڌڻيم! دوست ڏيکارينم، جنهن کي ساري ساهه سدائين.
2.      سختي جا سڪرات جي، سولي ڪرئينم سائين!
        ڪلمي ساڻ ڪريم جي منهنجا پويان دم پڄائين.
3.      ڪڙڪا ڪُن ڪپار جا، مونکي ثابت سڀ لنگهائين،
        اُڪاري تنهن آر مان، پَريون پار پسائين.
4.      عاصي عبدالرؤف جون، پرور! سڀ پڄائين،
        پيراندي پرين رسول جي، مونکي راهب نيئي رسائين.

[51]

ٿلهه:   سدا ٿيون سارين، منهنجون اکڙيون محمد ڄام کي.
1.      ويچاريون واٽن تي، نئين سج نهارين.
2.      دليئون دوست رسول کي، ويل نه وسارين.
3.      ساريو سپرين کي، روز هنجهون هارين.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، گهنگهر ڏينهن گهارين.

[52]

ٿلهه:   آ گهنگهر ڏينهن گهاريان، ڪنهن کي چوان، آ تان شال ملان!
                        اوهان جو شوق شفيع، يا عربي آهي اڃا.

1.      مديني جي واٽ تي، شل رڙهيو ساهه ڏيان!
2.      تو ڌاران ڪارڻي! ڪنهن کي حال ڏيان؟
3.      اکيون عرب پار ڏي، کڻيو آ ڏسان.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، پرين پيش پوان.

[53]

ٿلهه:   ساريو هوت حبيب کي، منهنجا نيڻ سڪن،
        هندوري حبيب جي، هنجهه هونگارون ڪن.
1.      چَتون مور باغن ۾ ليمن پاس لُڏن،
                        هنجهه هونگارون ڪن....

2.      ڪعبي مهندان ڪريم جي نميو نفل پڙهن،
                        هنجهه هونگارون ڪن....

3.      منجهان حوض حبيب جي پاڻي پاڪ پين،
                        هنجهه هونگارون ڪن....

4.      عاصي عبدالرؤف چئي ڪلمون پاڪ پڙهن،
                        هنجهه هونگارون ڪن....

[54]

ٿلهه:   حاضر شهر مديني منوّر ۾، هميشہ هوندياس.
1.      صلواتون شفيع تي، پانڌين سان پڙهندياس.
2.      ڪعبي مهندان ڪريم جي، نِوڙيو نفل پڙهندياس.
3.      ڳجهه اندر جون ڳالهڙيون، سرور ساڻ سلندياس.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، ڪلمون پاڪ پڙهندياس.

[55]

ٿلهه:   هلي مدينو شال ڏسان، اکڙين ساڻ اتي،
                        مير محمّد آهي جتي.

1.      پڙهيون صلواتون رسول تي، حجرن، شجرن ٿي.
2.      عمر مير عثمان کي، ٿيئڙم ڏينهن ڏٺي.
3.      بيبيءَ خواب لڌو، سرتيون رات ستي.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، جنّت جاءِ جتي.

[56]

ٿلهه:   مونکي مدينو الله ڏيکاري، اکڙيون سڪن، هينئڙو ساري.
1.      تکي سير سمونڊ جي، مونکي الله اڪاري.
2.      منجهان حوض حبيب جي، پاڻي پاڪ پياري.
3.      ڪعبي مهندان ڪريم جي، صاحب سجدو ڪاري.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي مديني ماري.

[57]

ٿلهه:   روز هنجهون هت هاريان، سنڀاريان سردار سچي کي.
1.      مديني جي مير لئي، کڻيو نيڻ نهاريان.
2.      حرم هوت حبيب جو، ڏاڙهيءِ ساڻ ٻهاريان.
3.      لنگهي باب السلام کان، پڃرو پاڪ ديداريان.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، گهنگهر ڏينهن گهاريان.

[58]

ٿلهه:   اي جيءُ وڃي چئج عالم جي امام کي، منهنجا سلام ساري.
1.      مونکي سڪ سردار جي، سا تان تن ۾ روز تنواري،
        ويندس، رهندس ڪينڪي، اهڙو هوت وساري.
2.      منهنجو دم درياءَ سان، سو ته موجون ٿو ماري،
        ويندس در دوستن جي، ساڻ ارواح جي آري.
3.      واٽون گلن ڇانئيون، سو ته ايندم هوت اوتاري،
        ڪارون ڪندس ڪيتريون، ساڻ پنهل پياري.
 4.     پنڌ اڙانگا آهن اوکا، سوکا اڪاري،
        روضو پاڪ رسول جو، شل ڏاتر ڏيکاري.

[59]

ٿلهه:   مرڪن موڙ، ٽلن ٽونٌر مناري، گهوٽ محمّد ڌاري.
1.      مير مڪي جا پاتڻي، سير اڪارج ساري.
2.      لڳو نغارو دين جو، ڪافي ٿيا منهن ڪاري.
3.      سرها ٿيا سرير ۾، حاجي حج گذاري.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، نيئي مديني ماري!

[60]

ٿلهه:   مير مڪي مدني! مونکي منارا ڏيکار، نيڻن سان نروار.
1.      جيئس جيئس جبڏيون! آيم جيءَ جيار.
2.      سيّد اڳهين سهڻو، مون منجهه عيب اپار،
3.      چمان چانئٺ رسول جي، چشمن سان چوڌار.
4.      عاصي عبدالرؤف چئي، نيئي مديني مار!

[61]

ٿلهه:   مونکي ٿو ماري، سڪڻ ٿو ساري،
        اوهان جو شوق شفيع! مونکي ٿو ماري.
1.      ويچاري واٽن تي، نئين سج نت نهاري،
        سڳر ڪو ساٿن جو، ڏاتر ڏيکاري.
2.      سنڌ گذارڻ سور سين، عربيءَ جي آري،
        ڀٽي هن ڀٽن ۾، گهايل ٿو گهاري.
3.      قسمت قيدالماءَ جي، کهيل کي کاري،
        نماڻي بي نصيب هي، ويئڙي جر هاري.
4.      عاصي عبدالرؤف کي، واحد من واري،
        پيراندي پرينءَ رسول، مولو نئي ماري.

[62]

ٿلهه: منارا مير مرسل جا، ڏسان شل ڏيهه سڀ ڏوري.
1.      هلي هالا، مٽيان مسڻ، انڙپور کي ڇڏيان اوري،
        مٽيارين جي ڪعبي کان، گهليون، مانجهند ڇڏيان گهوري.
2.      ڪوٽ، ڪوٽڙي، کها، کوکر سونڊا، سيريون ڇڏيان سيري،
        ننگر بندر ۽ باگاڻا، ڪاچيءَ کان وڃان ڪوري.
3.      مسقط، مطر ۽ مربالون، ڪو مڪلان مٽيان موري،
        حدودي مان هلان هل سان، جدي ۾ جاءِ ويهان جوڙي.
4.      هلان جدي منجهان مڪي، ڪريان طواف ڪعبي جو،
        پيان پاڻي سندو زمزم، ڇڏيان احرام ات ڇوڙي.
5.      مديني جي خاڪ سڀ سرمون، وجهان اکين ڀتر ڀوري،
        عبدالرؤف چئي سر ڪريان صدقو، رکان ڪرسي اڳيان ڪوري.

[63]

ٿلهه:   نور نرمل جا، ڪامل قريشي جا، آ شال موٽي منارا پسان.
1.      حاجين ساڻ هلان الا، حاجين ساڻ هلان،
        لنگهي سير سمونڊ جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
2.      پريون پار پسان، عربي ڏيهه ڏسان،
        چمان چانئٺ شفيع جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
3.      ڏوران ٿا ڏسجن، ڏوران ٿا ڏسجن،
        منارا محبوب جا، آ
شال موٽي منارا پسان.
4.      قسمت جا ڪنگرا، جن تي جلوا جوهر ڪن،
        حرم مٿي حبيب جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
5.      ڪوڙين قنديل ٻرن، سونين ساڻ سنگهرن،
        حرم منجهه حبيب جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
6.      نِوڙيو نفل پڙهن الا، نِوڙيو نفل پڙهن،
        روضي پاس رسول جي، آءُ شال موٽي منارا پسان.
7.      ماڻڪي ٿي مرڪي الا، وريون ورن ڪري،
        منبر مهندان محبوب جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
8.      اُڀي عرض چوان الا، اُڀي عرض چوان،
        اڳيان پڃري پاڪ رسول جي، آ
شال موٽي منارا پسان.
9.      آگا! تون آس پڄاءِ الا، آگا تون آس پڄاءِ،
        عاصي عبدالرؤف چئي، آ
شال موٽي منارا پسان.


' [29] ۽ [30] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [32] مولودي محمد رحيم مڱڻهار جي قلمي بياض تان ورتل.

' [33] کان [36] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [40] مولودي حاجي لونگ خواجي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [41] ۽ [43] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [44 ۽ [46] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [48] ’مجموعہ مولود‘، بمبئي ڇاپو سنه 1892ع تان ورتل.

' [50] کان [61] مولودي يار محمد مهاڻي جي قلمي بياض تان ورتل.

' [61] ۽ [62] ’ٽيهه اکري سنڌي ميين عيسي جي‘ مطبوع فيض سبحاني ڪوٽڙي سنه 1312هه تان ورتل.

' [63] ۽ [64] ’مجموعہ مولود‘ بمبئي ڇاپو 1892ع تان ورتل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org