سيڪشن؛ لوڪ ادب

ڪتاب: سنڌي پھاڪا ۽ محاورا

باب: --

صفحو :1

سنڌي پھاڪا ۽ محاور

مرليڌر جيٽلي

 

مھاڳ

 

سنڌي پھاڪا ۽ محاورا گڏ ڪرڻ طرف سنڌي عالمن ۽ تعليمدانن جو ڌيان گذريل صديءَ ۾ ڇڪيو. سن ١٨٤٣ع ۾ انگريزن سنڌ فتح ڪرڻ بعد، برطانيھ سرڪار ملڪي ۽ سماجي سڌارن سان گڏوگڏ، سنڌي ٻوليءَ ۾ ساھت جي واڌاري لاءِ بھ ڪوششون شروع ڪيون. انھيءَ سلسلي ۾ سن ١٨٥٣ع ۾ سنڌ جي تعليم کاتي طرفان عالمن جي ھڪ ڪاميٽي مقرر ڪئي ويئي، جنھن سنڌيءَ لاءِ ڪتب ايندڙ عربي- فارسي لکت کي معياري روپ ڏنو. انھن اکرن جي آڌار تي سنڌيءَ لاءِ ٻاونجاھھ اکري پٽي يا الفا بيٽا تيار ڪئي ويئي، جيڪا اڄ تائين واھپي ۾ اچي رھي آھي. انھيءَ لکت ۾ پوءِ اسڪولن لاءِ سنڌيءَ ۾ درسي ڪتابن تيار ڪرڻ جي بھ شروعات ٿي. انھيءَ ۾ شڪ نھ آھي تھ عربي- فارسي اکرن سان گڏ، ديوان ناگري- سنڌي، گرمکي ۽ ھندو سنڌي (سئنڌوي) اکرن جو بھ واھپو سنڌي لکڻ لاءِ چالو رھندو  آيو. جيتوڻيڪ ان جو دائرو تمام محدود ھئو.

سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جا مجموعا

ديوان ڪوڙومل چند نمل کلڻاڻي (١٨٤٤-١٩١٦) پھريون سنڌي تعليمدان ۽ نثر نويس ھئو، جنھن پنھنجي مادري زبان جا پھاڪا گڏ ڪري ھڪ ننڍو ڪتاب سنڌي پھاڪا نالي سان سن ١٨٨٩ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان ۾ اٽڪل ٻارھن سؤ سنڌي پھاڪا الف-بي وار ڏنل آھن. انھن جي سمجھاڻي ڏنل نھ آھي. ڪتاب جي مھاڳ ۾ پاڻ ان لاءِ سبب ڄاڻايو اٿس تھ اصل ھر ھڪ پھاڪو ڪيئن چوڻ ۾ آيو ۽ ڪھڙي وقت ۽ ڪيئن ڪم آڻجي، انھن جي بيان ڏيڻ جو ارادو ھوم..... پر ائين ڪجي ھا تھ غريب غربو يا ڇوڪر ٻاڪر وٺي ڪين سگھي ھا. ظاھر آھي تھ ڪتاب جي وڌي وڃڻ جي ڊپ کان ھن پھاڪن جي معنيٰ نھ سمجھائي آھي. ٻيو تھ منجھس ڪجھھ پھاڪا اڌورا ڏنل آھن. مثال طور،

ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن

ان جو سڄو روپ ھن ريت آھي.

ڀائر ڪوٽ جا ڪنگر، پٽ گھر جي سونھن،

ويٺا ڪن رورنھن، ڏڄڻ ڏوران ئي ڏري.

جيئن تھ ديوان ڪوڙو مل کلڻاڻي پھريون عالم آھي، جنھن ھن موضوع تي ڪتاب لکي شايع ڪيو، ان ڪري سندس ڪتاب ۾ ڪٿي ڪٿي ڪجھھ اوڻايون نظر اچن ٿيون. ان ھوندي بھ ھن انھي زماني ۾ ايترا سنڌي پھاڪا گڏ ڪري لاشڪ جس جوڳو ڪم ڪيو آھي.

حقيقت ۾ ڏسجي تھ حيدرآباد سڌ جي ھڪ ٻئي عالم ديوان ڪيولرام سلامتراءِ آڏواڻيءَ انيھ ڏس ۾ ديوان ڪوڙومل کان بھ اول قدم رکيو ھئو. ھن سرڪاري کاتي مان ١٨٦٤ع ۾ رٽائرڊ ٿيڻ بعد، سال ١٨٦٩ع ۾ گلشڪر نالي سان سنڌي پھاڪن جو ھڪ مجموعو لکي تيار ڪيو ھئو. ھن پنھنجن ٻين ٻن ڪتابن گل ۽ سوکڙي سان گڏ ڪل ٽي دستخط سرڪاري تعليم کاتي کي ڇپائڻ لاءِ ڏنا. افسوس جي ڳالھھ آھي جو  اھي ٽيئي دستخط پنجٽيھن کن سالن کان بھ وڌيڪ عرصو سرڪاري دفتر جي ڪٻٽن ۾ بند پيا ھئا. نيٺ ڪنھن سرڪاسي علمدار جو ان طرف ڌيان ويو، جنھن سن ١٩٠٥ع ۾  گل شڪر ۽ پوءِ ٻيا ڪتاب بھ ڇپائي ظاھر ڪيا. گل شڪر ڪتاب ۾ ٥٧٠ سنڌي پھاڪا سمجھاڻيءَ سان گڏ ڏنل آھن. ان ڪتاب جي خوبي اھا آھي تھ ليکڪ سنڌي پھاڪن جي ڀيٽ، ھندي، فارسي ۽ ڪن ٻين ٻولين جي پھاڪن سان بھ ڪئي آھي. اوائلي سنڌي نثر جي عبارت جو بھ ان ڪتاب مان چڱيءَ طرح اڀياس ڪري سگھجي ٿو.

گذريل صديءَ جي آخري ڏھاڪي ۾ روچيرام گجومل ڪرپالاڻيءَ پڻ انگريزيءَ ۾ ھڪ ڪتاب سن ١٨٩٢ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ان جو  نالو آھي اي ھئنڊ بوڪ آف سنڌي پراوربس (A Hand Book of Sindhi Proverbs). ان ڪتاب جو مکيھ مقصد ھئو، انھن انگريزي عملدارن کي سنڌي پھاڪن جي ڄاڻ ڏيڻ، جيڪي سنڌ ۾ نوڪري ڪرڻ سببان لازمي طور سنڌي سکندا ھئا. ان ڪتاب جي پھرئين ڀاڱي ۾ سنڌي پھاڪن جي ڀيٽ ھم معنيٰ انگريزي پھاڪن سان ڪيل آھي. ٻئي ڀاڱي ۾ سنڌي ٻولءَ جا خاص چونڊ پھاڪا ڏنل آھن. ڪتاب ۾ اٺ سو کان بھ مٿي سنڌي پھاڪا انگريزي ترجمي سان گڏ ڏنل آھن. ان ڪتاب جا پوءِ چار کن ڇاپا ڇپيا آھن.

ويھين صديءَ جي شروعات ۾ پڊعيدن جي رھاڪوءِ گھنشامداس رامنداس ڀڳت جو سنڌي محاورا يا اصطلاح گڏ ڪرڻ طرف ڌيان ويو. ھن عالمسنڌي ٻوليءَ جي سونھن (يعني سنڌي ورجيسون ۽ اصطلاح) نالي سان ھڪ مجموعو، حيدرآباد سنڌ مان سن ١٩١٠ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. ھي سنڌي محاورا يا اصطلاحن جو اھو پھريون مجموعو آھي. ان ۾ اٽڪل سوا ٻھ ھزار سنڌي محاورا معنيٰ سان گڏ ڏنل آھن ۽ جملن ۾ انھن جو استعمال بھ ڏيکاريو ويو آھي. ان مجموعو جي ٻي خوبي اھا آھي تھ منجھس ڪيترائي جھونا ۽ ٺيٺ سنڌي اصطلاح گڏ ڪري داخل ڪيل ويا آھن.

ويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جا ٻيا بھ ڪجھھ مجموعو شايع ٿيا. انھن ۾ مکيھ آھن: مرزا قليچ بيگ جو تيار ڪيل پھاڪن جي حڪمت (١٩٢٥) جنھن ۾ سنڌي پھاڪن کان سواءِ جدا جدا بابن اندر ٻين ٻولين جا بھ چونڊ پھاڪا سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪري رکيا ويا آھن. سنڌيءَ جي مشھور نثر نويس ۽ عالم ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ پھاڪن جي پيرھھ نالي ھڪ ننڍڙو ڪتاب لکي حيدرآباد سنڌ مان ڇپايو. انھيءَ ۾ ھن ھر ھڪ پھاڪي جي بنياد تي روشني وڌي آھي. ڪتاب ۾ ڪل ھڪ سو ٻائيتاليھھ سنڌي پھاڪا سمجھاڻيءَ سان گڏ ڏنا ويا آھن. انھيءَ کان پوءِ ڀيرومل ٻيو بھ ڪتاب گلقند نالي سان ٻن ڀاڱن ۾ شايع ڪيو. ان جي پھرئين ڀاڱي ۾ نو سؤ ٻارھن (٩١٢) سنڌي پھاڪا الف- بي وار داخل ڪيل آھن. ڪيترن ھنڌن تي ھم-معنيٰ پھاڪن کي گڏ رکيو ويو آھي. ڪتاب جي ٻئين ڀاڱي ۾ (١٤٥٠) اصطلاح معنيٰ سميت ڏنل آھن. ڀيرومل جو ھيءَ مجموعو ڀارت ۾ اچڻ کانپوءِ ديوناگري سنڌي لپيءَ ۾ بھ ڇپايو ويو آھي. روچيرام جي نقش- قدم تي ھلي، موھن لال جوتسنگھھ شھاڻيءَ ڪراچي مان سنڌي اڊيمس (Sindhi Idioms) نالي سان ھڪ ڪتاب آزاديءَ کان ڏھاڪو کن سال اڳ ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. انھيءَ ۾ ھڪ ڪالم ۽ سنڌي محاورا يا اصطلاح ڏنل آھن ۽ سامھون ٻئي ڪالم ۾ انھن جي انگريزيءَ ۾ معنيٰ يا ھم- معنيٰ انگريزي اصطلاح ڏنل آھن. ھن ڪتاب جو مکيھ مقصد آھي سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ترجموپ ڪندڙن جي رھنمائي ڪرڻ. اھو ڪتاب خاص طور شاگردن لاءِ گھڻو ڪارگر ثابت ٿيو آھي.

ديس جي آزاديءَ کانپوءِ سنڌ توڙي ڀارت ۾ ڪي اھڙا سنڌي عالم نڪتا آھن، جن انھيءَ کيتر ۾ اڳتي وک وڌائي آھي. سنڌ ۾ غلام اصغر  سن ١٩٥٦ع ۾ سنڌي کٽمٺڙا نالي سان محاورن جو ھڪ مجموعو حيدرآباد مان ڇپائي ظاھر ڪيو. اھيءَ ۾ سنڌي محاورن جي سمجھاڻيءَ سان گڏ انھن جو جملن ۾ استعمال بھ ڏنل آھي. سنڌ جي عالمن ۾ ھن کيتر ۾ لاڙڪاڻي جي پروفيسر عبدالڪريم سنديلي خوب پاڻ ملھايو آھي. کيس فقط پھاڪن ۽ محاورن جي مجموعو تيار ڪرڻ مان سک نھ مليو. سندس کوجنيڪ من جو لاڙو لفظن جي ويتپتيءَ ڳولھڻ وانگر، ھر ھڪ سنڌي پھاڪي ۽ اصطلاح جي بنياد جاچڻ طرف بھ ٿيو. ان ڪري ھن پھاڪن جي پاڙ (١٩٦٦) ۾ چونڊ سنڌي پھاڪا کڻي، ھر ھڪ جي بنياد ۾ آيل لوڪ ڪٿا، آکاڻيءَ، تواريخي واردات، وغيرھ جي سھڻي نموني اپٽار ڪئي آھي. ساڳئي طرح، پنھنجي ٻئي ڪتاباصطلاحن جي اصليت (١٩٨٧) ۾ ھن چونڊ سنڌي محاورن جي بنياد  ۽ انھن سان گڏ واسطو رکندڙ ٻين ڳالھين تي بھ روشني وڌي آھي.

آزاديءَ کانپوءِ ڀارت ۾ سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جا ننڍڙا مجموعو چڱي تعداد ۾ نڪتا آھن. انھن جو مکيھ مقصد اسڪولي شاگردن کي انھيءَ موضوع جي ڄاڻ ڏيڻ آھي. انھن کان سواءِ ٻيا مجموعو اھي شايع ٿيا آھن، جن جو مقصد سنڌي پھاڪن ۽ محاورن کي گھڻي ۾ گھڻي تعداد ۾ گڏ ڪري، سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ساھت جا گھڙا ڀرڻ آھي. انھيءَ زمري، اندر شايع ٿيل ڪتاب ھن ريت آھن:

1)         پھاڪن جي پاٻوھھ: تيرٿداس پيسومل ھاٿيراماڻي (بمبئيءُ مان ١٩٧٣ ۾ ڇپيل).

2)        دردن جي دٻلي (ٻن ڀاڱن ۾ پھاڪا۽ چوڻيون): سترامداس جڙياسنگھاڻي سائل (احمد آباد مان ١٩٨٢ ۾ ڇپايل)

3)        ماڻڪ موتي (ٻن ڀاڱن ۾ ورجيسون ۽ محاورا): سترامداس جڙياسنگھاڻي سائل (احمدآباد مان سال ١٩٨٢ع ۽ ١٩٨٣ع ۾ شايع ڪيل).

4)        سنڌي اصطلاح (ٻن ڀاڱن ۾) ليکراج ڪشنچند عزيز (پھريون ڀاڱو سال ١٩٧٣ ۽ ٻيو ڀاڱو سال ١٩٧٨ ۾ بمبئيءُ مان ڇپيو).

انھن ڪتابن ۾ پھاڪن ۽ محاورن جي معنيٰ پڻ سمجھايل آھي.

وشوناٿ دنڪر نروڻي نالي مھاراشٽر جي ھڪ عالم ۽ منھنجي گھري دوست سال ١٩٧٠ع ڌاري ھڪ وڏي رٿا جي شروعات ڪئي. ھن ان وقت ڀارت جي جوڙجڪ ۾ تسليم ڪيل مکيھ ادبي زبانن جي پھاڪن جي تقابلي اڀياس ڪرڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيو. ان رٿ اندر ڀارتييھ ڪھاوت ڪوش نالي سان پھاڪن جي ھڪ وڏي ڊڪشنري ٽن ڀاڱن ۾ تيار ڪري ڇپائي ظاھر ڪيائين. پھرين ٻن ڀاڱن ۾ الڳ الڳ موضوعن موجب سڀني ٻولين جا پھاڪا ڏنا ويا آھن. ٽئين ڀاڱي ۾ ھر ھڪ ٻوليءَ جا خاص پھاڪا چونڊ ڪري داخل ڪيا ويا آھن. ھر ھڪ پھاڪي جي سمجھاڻي ھنديءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڏنل آھي. انھي مجموعي ۾ اٽڪل ٻارھن سو چونڊ سنڌي پھاڪا، ھندي ۽ انگريزي ترجمي سان مون کيس لکي ڏنا آھن. ڀارت جي پھاڪن جو مشابھتي اڀياس ڪرڻ جي ڏس ۾ اھو پھريون ۽ نھايت اھم قدم آھي. ان مجموعي جا ٽيئي ڀاڱا ترويڻي سنگم پوني طرفان شايع ڪيا ويا آھن. (پھريون ڀاڱو ١٩٧٨ع؛ ٻيو ڀاڱو ١٩٧٩ع؛ ٽيون ڀاڱو ١٩٨٣ع).

سنڌي پھاڪن ۾ محاورن جو وڏو ڪوش تيار ڪرڻ جو جس سنتداس پنھونمل ڪشناڻيءَ کي آھي. سنڌيءَ ۾ ھيستائين جيڪي بھ مجموعا شايع ٿيا آھن، انھن ۾ اھو وڏي ۾ وڏو مجموعو آھي. ان ۾ اٽڪل ٻارھن ھزار سنڌي پھاڪا ۽محاورا سمجھاڻي سان گڏ ڏنا ويا آھن. ڪوش کي صحيح ڍنگ سان ترتيب ڏيئي، ڇپائي پڌرو ڪرڻ جي ذميواري منھنجي سر تي ھئي. اھو ڪوش سال ١٩٩٣ع ۾ پي. وي. ڪشناڻي ٽرسٽ، پوني طرفان شايع ڪيو ويو آھي.

سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جو اڀياس

سنڌيءَ ۾ شايع ٿيل پھاڪن ۽ محاورن جي مکيھ ڪتابن جا ھتي جيڪي تفصيل پيش ڪيا ويا آھن، انھن مان صاف ظاھر آھي تھ سنڌي عالمن جي ھيستائين فقط اھائي ڪوشش پئي رھي آھي تھ سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جا مجموعا تيار ڪري ڇپائجن. انھيءَ کيتر ۾ عبدالڪريم سنديلي جا ڪتاب ٻين مڙني کان نرالا ۽ اھميت ڀريل آھن، جن ۾ ھن پھاڪن جي بنياد ۽ اصطلاحن جي اصليت تي بھ روشني وڌي آھي، جن ۾ ھن پھاڪن جي بنياد ۽ اصطلاحن جي اصليت تي بھ روشني وڌي آھي. اھا سچ پچ گھڻي تعجب جي ڳالھھ چئبي جو انھن مجموعن جي گذريل صديءَ ۾ ڪيل شروعات کان وٺي، ھڪ سؤ سالن کان بھ وڌيڪ عرصو گذري چڪو آھي، پر ڪنھن سنڌي عالم پھاڪن ۽ محاورن جي جدا جدا پھلوئن جو اڀياس ڪرڻ طرف ڌيان نھ ڏنو آھي. انھي ساڳئي دور ۾ ئي يورپ جي عالمن توڙي ڀارت جي جدا جدا ٻولين جي ودوانن پھاڪن ۽ محاورن جي سماجي، تھذيبي، لساني، وغيرھ خاصيتن جو باريڪيءَ سان اڀياس ڪري، وڏا وڏا مقالا لکي شايع ڪيا آھن. انھن تي ڪيترن کي ڊاڪٽر آف لٽريچر جون ڊگريون بھ حاصل ٿيون آھن.

سال ١٩٦١ع ۾ مان ڊيڪن ڪاليج، پونا جي سنڌي علم الم لسان ۾ ريسرچ فيلو طور مقرر ٿيس. تڏھين اتي جي لائبرريءَ ۾ ٻين ٻولين جي پھاڪن ۽ محاورن جي اڀياس تي شايع ٿيل مقالا نظر مان ڪڍيم. ان کيتر ۾ منھنجو چاھھ تھ اڳيئي ھئو، ڇاڪاڻ جو سنڌي پھاڪن ۽ محاورن جي گڏ ڪرڻ جي شروعات اڳ ۾ ئي ڪري چڪو  ھوس. ان ڪري انھن جي جدا جدا پھلوئن جي اڀياس ڪرڻ جو ڪم ھٿ ۾ کنيم. وقت بوقت الڳ الڳ ادبي مخزنن ۾ انھن موضوعن تي تحقيقي مضمون بھ لکڻ شروع ڪيم. ھن مقالي ۾ انھيءَ اڀياس جو تت يا سار پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويئي آھي.

ھيءَ مقالو حقيقت ۾ سنڌي پھاڪا ۽ محاورا نالي ڪوش (تيار ڪندڙ: سنتداس پنھونمل ڪشناڻي ۽ مرتب: مرليڌر جيٽلي) جي مھاڳ جي روپ ۾ شايع ٿيو آھي. انھيءَ ڪري ان جي محدود دائري کي ڌيان ۾ رکندي، ڪيترن ئي پھلوئن تي تفصيل سان بحث ڪرڻ کان ڪنارو ڪيو ويو آھي. مثال طور، شاعريءَ جي علم جي اصولن مطابق سنڌي پھاڪن ۽ محاورن ۾ النڪار ن (رنگين زباني)، لفظي سگھھ طرف اشارو ڪيل آھي. انھيءَ کان سواءِ سماجي پھلو، تھذيب ۽ ثقافت جي اڀياس جو پھلو، لساني خاصيتن جو پھلو، اھي اھڙا اھم موضوع آھن، جن مان ھر ھڪ تي الڳ تفصيل سان بحث ڪري سگھجي ٿو.  مثال طور، منھنجي ھڪ دوست ڊاڪٽر مھالنگم تمل پھاڪن ۾ گھريلو  جيوت جو چتر موضوع تي مقالو لکي، ڊاڪٽر آف فلاسافيءَ جي ڊگري حاصل ڪئي آھي. ان مان صاف ظاھر آھي تھ ھتي جن الڳ الڳ پھلوئن طرف فقط اشارو ڪيو ويو آھي، انھن مان ھر ھڪ تي تفصيل سان اڀياس ڪري لکي سگھجي ٿو.

آخر ۾ ھن مقالي جي مقصد کي چٽو ڪندس. ھتي پھاڪن ۽ محاورن جي اڀياس جي فقط ھڪ جھلڪ پيش ڪئي ويئي آھي، جنھن جو مقصد اھو آھي تھ سنڌيءَ ٻوليءَ ۽ ادب جي شاگردن جو انھيءَ موضوع تي گھرو ۽ تفصيل سان اڀياس ڪرڻ طرف ڌيان ڇڪائجي. جيڪڏھن ھن مقالي مان اتساھھ حاصل ڪري، سنڌي ٻوليءَ جي ڪن سائقن انھيءَ راھ تي اڳتي وک وڌائي، تھ پنھنجو پورھيو سڦلو سمجھندس.

 

مرليڌر جيٽلي

ڊي- ١٢٧، وويڪ وھار،

دھلي- ١١٠٠٩٥

٢٧ آگسٽ، ١٩٩٣ع.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16
هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

 Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.com