سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: ما ڻهو

باب؛ --

صفحو ؛ 5

 

نيندرٿال

ٽئين انٽر گليشئل دؤر ۾ نيندرٿال نسل ۽ شايد پرڀاتي ماڻهو (Eoanthropus) جا ڪجهه ننڍا گروهه يورپ ۾ گهمندا ٿيا وتيا. انهن ڪي نشان نه ڇڏيا سواءِ چقمقي پٿرن مان ٺهيل اوزارن جي. ٿي سگهي ٿو ته ساڳئي زماني ۾ اوزار يا هٿيار ٺاهيندڙ اڃا به ڪا ٻي مخلوق وجود رکندي هجي، پر في الحال اهڙو ڪوبه ثبوت نه آهي. اهي قبيلا پٿر کان سواءِ ڪاٺ ۽ هڏين مان به هٿيار ٺاهيندا هوندا. گهڻو ڪري ته هنن پهرين ڪاٺ ئي ڇليو هوندو ۽ پوءِ پٿر ڇلڻ تي آيا هوندا. پر، ڪاٺ جو ڪوبه اوزار باقي سلامت نه بچيو آهي. ٽئين انٽر گليشئل دؤر ۾ اولهه ايشيا ۽ يورپ جي جاگرافيائي حالت اڄ کان بنهه مختلف هئي ان دؤر ۾ اتر ۽ اولهه جا اڪثر علائقا جيڪي هاڻي ايٽلانٽڪ سمنڊ هيٺ آهن، تڏهن خشڪ ڌرتي هئا. آئرش سمنڊ ۽ اتريون سمنڊ درياهي واديون هيون. ان کان پوءِ انهن اترين علائقن تي هوريان هوريان عظيم برفاني تهه چڙهندو، موٽ کائيندو ۽ پکڙبو ويو. بالڪل ايئن جيئن اڄ مرڪزي گرين لينڊ ڍڪيل آهي. اتر ۽ ڏکڻ قطبن تي پکڙيل عظيم برفاني تهن تي پاڻيءَ جو وڏو زخيرو ڄمي ويو، جنهن ڪري سمنڊن جي سطح گهٽجي وئي. ان تبديليءَ سبب ڪافي زمينون ظاهر ٿيون هيون، جيڪي هاڻي وري غرق ٿي چڪيون آهن. ان دؤر ۾ ڀونءِ وچ (Mediterranean) وارو علائقو ٿڌو هوندو. اڄوڪو عظيم صحارا وارو علائقو ان وقت ڪاراٺيل جبل ۽ اڏامندر واريءَ سان ڀريل نه هوندو، اهو وڏو زرخيز ۽ پاڻيءَ سان آباد سٺو علائقو هوندو.

بهرحال، لڳ ڀڳ 50 هزار سال اڳ چوٿون برفاني دؤر هو. عظيم برفاني دؤرن سبب زمين تي آيل موسمي ۽ جاگرافيائي تبديلين انساني نسل جي ابن ڏاڏن کي يقينن خوفناڪ هاڃا ڏيکاريا هوندا. انهن جي سختين ۽ تفصيلن بابت ڪا گهڻي ڄاڻ ڪٺي نه ٿي آهي، پر اها ڳالهه يقيني آهي ته ڌرتيءَ تي ٻئي جيوت سان گڏ انسان به وڏي لڏپلاڻ ڪئي هوندي.

 

 

ان زماني ۾ نيندرٿال انسان موجود هو، جنهن جي وجود جو ثبوت هڪ لک سال اڳ کان چاليهه هزار سال اڳ جي وچ ۾ ملي ٿو. ماهرن کي هن انسان جون هڏيون نيندرٿال نالي هڪ ماڳ تان مليون، جيڪو جرمنيءَ جي رائين نديءَ تي آهي. ان کان پوءِ ساڳئي قديم انسان جا آثار جبرالٽر، فلسطين، مالٽا، اوڀر آفريڪا، روس ۽ جاوا مان به مليا. انهن جي کوپڙين سان گڏ چقمقي پٿر وارا ٺهيل هٿيار به مليا آهن. نيندرٿال شڪاري ماڻهو هئا. ان نسل جا هڏا سڀ کان پهرين 1856ع ۾ لڌا ويا.

 

1908ع ڌاري ڏکڻ فرانس جي هڪ غار ”لي موسٽيئر“ مان نيندرٿال ماڻهوءَ جي کوپڙيءَ سان گڏ هڪ سٺي گهڙيل ڪهاڙي ملي، جنهن مان اندازو هنيو ويو ته اڄ کان گهٽ ۾ گهٽ 25 هزار سال اڳ جي ماڻهن پٿر مان سٺا هٿيار ٺاهڻ جو ڏانءُ حاصل ڪري ورتو هو.

نيندرٿال ماڻهوءَ جي قد ڪاٺ ۽ ذهانت بابت ماهرن جو خيال آهي ته سندس چهرو ڀولڙي وانگر ڪجهه ڊگهو ۽ ويڪرو هو، هيٺئين ڄاڙي مضبوط پر نالي ماتر هئس. هن جي دماغ جو اڳيون حصو ۽ پيشاني ننڍي ۽ ويٺل هئي. ڀرون گهاٽا ۽ ڏند تکا هئا. سندس ڪلها ۽ ٻانهون ڀولڙي وانگر ٿورو جهڪيل هيون، هو ٿورو جهڪي هلندو هو، قد جي لحاظ کان ساڍن پنجن فٽن کان گهٽ هو.

نيندرٿال ماڻهن جو اصل وطن ڪهڙو هوندو؟ ان تي ماهر مُنڌل آهن. ڪجهه محققن جي خيال موجب لڳ ڀڳ هڪ لک سال اڳ اهو نسل وچ ايشيا ۽ يورپ طرف ويو هوندو. پر اها ڪا قطعي ڳالهه نه آهي، ڇاڪاڻ ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي ته انهن جي اڪثريت اولهه يورپ ۾ رهندي هئي.

 

ڇا نيندرٿال ۽ ڪروميگنان جو نسلي ۽ ثقافتي ميلاپ ٿي ويو؟

غارن ۾ رهندڙ قديم انسانن تي هڪ رپورٽ جيڪا ’نيوز ويڪ‘ رسالي ۾ (مئي، 1996ع ۾) ۾ ڇاپي وئي، دنيا جي سڀ کان بڇڙي شڪل پر مضبوط هڏ ڪاٺ واري نسل نيندرٿال بابت ياد ڏياريو ويو ته ان انسان جا هڏا سڀ کان پهرين جرمنيءَ مان هڪ چن پٿري غار مان 1856ع ۾ مليا هئا. ان نسل جي کوپڙي پنڊ پاهڻ حالت ۾ ملي هئي. ان کان پوءِ ماهرن راءِ ڏني ته هي نسل اڄ کان هڪ لک سال اڳ کان 35 هزار سال اڳ تائين هن ڌرتيءَ تي ويجهي اوڀر کان وچ ايشيا ۽ اسپين جي ائٽلانٽڪ ڪنڌين تائين پکڙيل هو.

جسماني بيهڪ جي لحاظ کان اهي اڄڪلهه جي باشعور ماڻهوءَ جهڙا هئا، سواءِ ان جي ته سندن پٺاڙا اڀريل هئا، کاڏي مختصر هئي ۽ ڀروئن جو اُڀار ايڏو ئي وڌيڪ هو ڄڻ ڇاپرو! سائنسدان اهو به ڄاڻن ٿا تهنيندر ٿال روايتي وحشي ڪونه هئا. هو پنهنجا مُردا ڏاڍي احتياط سان دفن ڪندا هئا ۽ بيمارن توڻي معذورن جي پرگهور لهندا هئا. ان هوندي به سائنسدانن کي نيندرٿال ماڻهن بابت گهو ڪجهه معلوم ڪونهي. مثال طور نيندرٿال ماڻهن جو ٻين سڌريل انسانن سان ڪهڙو لڳ لاڳاپو هو؟ ڪروميگنان نسل کانئن سڌريل هو، جيڪي ماڻهو سندن وقت ۾ ئي ويجهي اوڀر ۽ يورپ ۾ ڪيئي سؤ صدين تائين موجود هئا. ڇا هنن جا نسل پاڻ ۾ جنسي طور ميلاپ ۾ آيا؟ ڇا سندن وچ ۾ جنگيون لڳيون؟ ڇا هو هڪٻئي کي علائقن مان ڌڪي ڇڏيندا هئا؟

ان ڏس ۾ هڪ اڌورو جواب هاڻي هڪ ڳتيل ٽاڪرو اَجهن ۽ غارن واري ماڳ مان مليو آهي. اهو ماڳ 1950ع واري ڏهاڪي ۾ فرانس جي علائقي آڪسيري (Auxerre) وٽ لڌو ويو. اتان لڌل پٿري ۽ هڏين جا اوزار، توڻي جانورن جا گهڙيل ۽ سوراخ ڪڍيل ڏند ۽ عاج جون چوڻيون، اهڙيون ئي آهن جهڙون ڪروميگنان لوڪن جي استعمال ۾ هيون. پر اڃا تائين ڪوبه خاطريءَ سان چئي نٿو سگهي ته 34- هزار سال اڳ انهن غارن ۾ ڪهڙي نسل جا ماڻهو رهندا هئا؟ نيٺ انساني هڏ ڪاٺ جي هڪ ماهر فريڊ اسپور (Fred Spoor) جنهن جو يونيورسٽي ڪاليج آف لنڊن سان تعلق هو، پنهنجي کوجنا بابت چيو ته اهو نيندرٿال جهڙو آهي.

ان ماهر کي جيڪي انساني هڏيون مليون هيون، سندس خيال ۾ اهي بي ڊولي نيندرٿال جي ڪَن جون اندروني هڏيون هيون. هن انهن نمونن جي هڪ خاص قسم جي اسڪيننگ ڪئي ۽ اها رپورٽ (مئي 1996ع ۾) هڪ جرنل “Nature” ۾ شايع ڪرائي، جنهن ۾ تصديق سان چيو ويو ته آرڪي سُر ڪيور (Arcy-Sur-Cure) واريون باقيات بالڪل نيندرٿال جون ئي آهن.

يورپ جا آخري نيندرٿال ڪهڙا هئا؟ جيڪي ختم ٿي رهيا هئا ۽ جيڪي اهڙا اوزار ۽ زيور استعمال ڪري رهيا هئا، جهڙا ڪروميگنان جا هئا؟ اسرائيل جي غارن مان آرڪيالاجسٽن کي نيندرٿال جون هڏيون مليون آهن، جن وٽ جديد نسلن (Sapiens) جهڙا پٿري اوزار هئا. پر اهي ماڳ 60 هزار سالن کان 92 هزار سال پراڻا آهن ۽ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته، ”Sapiens وٽ وقت جي ايتري وٿي هئي ئي ڪونه، جو اهي نيندرٿال لوڪن کان وڌيڪ سڌريل پٿري ٽيڪنالاجي حاصل ڪري سگهن ها!“

يورپ هڪ ٻي آکاڻي ٻڌائي ٿي، اها غارن ۾ چترڪاريءَ جي آهي. ان چترڪاريءَ جا پڙاڏا هن ڪتاب ۾ هنڌ هنڌ توهان ٻڌندا ايندا. چٽسالي ڪندڙ ڪروميگنان ثقافتي اڪيلائي ۾ رهندڙ هو. پر ”آرڪي سُر ڪيور“ ابتڙ تجويز ڏئي ٿو. آرڪيالاجسٽ جين جيڪئس هبلن (Jean-Jacques Hublin) جنهن جو تعلق ”ميوزي دي ايل هومي“ پئرس سان آهي، جو چوڻ آهي ته، ”نيندرٿال لوڪ، ڪروميگنان هنرمندن جو نقل ڪونه ڪندا هئا، پر هنن جا ساڻن سرگرم واپاري ناتا ٿي سگهن ٿا.“

ٻن تمام مختلف انساني نسلن جي باهمي ناتن، هڪجهڙن اوزارن جي استعمال ۽ ثقافتي ميل ميلاپ بابت آرڪيالاجسٽ اڃا تائين فقط ذاتي ڪچهرين ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪن ٿا، پر فريڊ اسپور جو چوڻ آهي ته: ”هاڻي اها ڪا راز جي ڳالهه نه آهي، سندن باهمي ناتن جون ڪي حدون هيون، ايئن ٿو لڳي ته هو ٻئي نسل هڪٻئي ۾ شاديون نه ڪندا هئا. اها ڳالهه ان حقيقت مان پڌري آهي ته ڪروميگنان نسل ۾ نيندرٿال مهانڊا ڪونهن.“ هو وڌيڪ چوي ٿو ته، ”بهرحال ڪا ڳالهه هئي جو هو جسماني تعلق جي سلسلي ۾ هڪٻئي کان پري هئا.“

سائنسدانن کي حيرت آهي ته نيندرٿال نسل ڇو ختم ٿي ويو. جيتوڻيڪ هنن وٽ به بقا جي جنگ لاءِ تهڙا ئي هٿيار ۽ اوزار هئا، جهڙا ڪروميگنان لوڪن وٽ هئا! ان ئي بنياد تي سائنسدان چون ٿا ته سندن نسل جي خاتمي جا ضرور ڪي ٻيا سبب به هئا ۽ اوزار سندن بقا لاءِ ڪافي ڪونه هئا.

 

ماڻهوءَ جو ڪٽنب

اسان ماڻهوءَ جي ارتقائي ڏاڪن تي پڻ نظر وجهي چڪا آهيون. سوال آهي ته هن وقت ڌرتيءَ تي پکڙيل انساني نسلن جي ورڇ ڪيئن آهي؟ ڪجهه ماهر هن وقت انساني ڪٽنب کي گهٽ ۾ گهٽ 12- نسلن ۾ ورهايل سمجهن ٿا. ان ورڇ کي هو جينياتي گروهه بندي (Genetic grouping) سڏين ٿا. جن کي ٿلهي ليکي جاگرافيائي حوالي سان نالا ڏنا ويا آهن. هيڏن نسلن جي بابوجود انهن سڀني کي هڪ ئي جديد انساني (Homo Sapiens) درجي بنديءَ ۾ آندو ويو آهي.

1-     بانتو (Bantu) گروهه آفريڪا جي هيٺئين اڌ ۾ رهي ٿو.

2-    سان (San) نسل آفريڪا جي بنهه ڏکڻ واري حصي ۾ اولهندي ڪنڊ ۾ آهي.

3-    ايفروايشيائي نسل اتر آفريڪا ۽ عربستان جي اپٻيٽ تي رهي ٿو.

4-    ڪوهه ڪاف (Caucasion) وارو نسل سڄي اپکنڊ ۽ يورپ جي ڳچ حصي تي پکڙيل آهي. ٻين لفظن ۾ هي اُهي علائقا آهن جن تي، جيئن چيو وڃي ٿو ته، آرين ڪاهون ڪيون.

5-     آمريڪي نسل سڄي آمريڪي کنڊ ۽ ايشياجي بنهه اتر واري ان ٽڪري تي رهي ٿو، جنهن کي جديد دنيا الاسڪا ۽ ايشيا کي ڳنڍيندڙ بيرنگ پل سڏي ٿي.

6-    آرڪٽڪ نسل اتر طب ۽ ان کي ويجهن يورپي علائقن ۾ رهي ٿو.

7-    اتر اوڀر وارو ايشيائي نسل منگوليا ۽ آرڪٽڪ نسل جي وچ ۾ آهي.

8-    چيني ۽ منگول نسل کي هڪ خاني ۾ رکيو وڃي ٿو. اهي هندستان جي اتر ۽ اوڀر پاسي واريون قومون آهن.

9-    ڏکڻ ايشيائي نسل ۾ ويٽنامي، ڪمپوچيائي ۽ ٿائي وغيره آهن، توڻي جو اهي لڳ ڀڳ چيني نسل لڳن ٿا.

10-پئسفڪ ٻيٽن جا رهاڪو نسل آفريڪا جي وڏي ٻيٽ مڊاگاسڪر کان وٺي هندي وڏي سمنڊ جي سمورن ٻيٽن کان پئسفڪ سمنڊ جي الهندي ٻيتن تي رهن ٿا، سواءِ ان جي ته آسٽريليا جي اتر ۾ واقع نيوگني ٻيٽ تي رهندڙ نسل جدا بيهڪ ۽ قد ڪاٺ رکن ٿا.

11- آسٽريليائي نسل فقط آسٽريليا کنڊ تي ئي آهن.

12-سنيوگنين نسل جيڪو آسٽريليا جي اتر ۾ جديد زماني کان ڪٽيل حالتن ۾ رهي ٿو.

جيئن ته انسان اوائلي وقتن کان دنيا جي هڪ ڪنڊ کان ٻي ڪنڊ تائين لڏپلاڻ ڪئي آهي ۽ نسلي ميلاپ ٿيا آهن، ان ڪري اڄ اهو چوڻ تمام مشڪل آهي ته دنيا ۾ ڪو هڪ اهڙو نسل بچيو هوندو، جيڪو مڪمل طرح ”خالص“ هجي! اهڙي دعويٰ ته شايد نيوگنيءَ جا پاپون لوڪ ۽ ڏکڻ ايشيائي به ڪري نه سگهن، پر ان هوندي به جرمن لوڪ پاڻ کي ”خالص آريا“ سمجهن ٿا.

بهرحال، هاڻي بحث جو هڪ رخ اهو آهي ته هاڻوڪي ماڻهو، جنهن جو جنم ته آفريڪا ۾ ٿيو، هوريان هوريان سڄي دنيا ۾ پکڙجي ويو ۽ اڳوڻي ماڻهوءَ جي جاءِ وٺي ڇڏيائين. بحث جو ٻيو رخ اهو آهي ته هر هنڌ مقامي انسان پنهنجي ليکي جدا جدا ارتقا ڪئي آهي ۽ پوءِ هڪٻئي سان ميل ميلاپ سبب ويجهو ٿيو آهي. انهن ٻنهي بحثن کي ڪجهه هن ريت به ملايو ٿو وڃي ته جديد ماڻهوءَ جي نسل ارتقا ته آفريڪا ۾ ٿي، پر جڏهن اهو نسل سڄي دنيا ۾ پکڙيو ته ان مقامي ماڻهن سان نسلي ميلاپ ڪيو، جنهن سان هاڻوڪا نسل پڌرا ٿيا آهن.

 

 

 

 

 

سائنسي بنيادن تي جڏهن ”نسل“ جي وصف بيان ڪبي ته ايئن چئبو ته هڪ اهڙي آبادي جهن جي جينياتي خاصيت ساڳي هجي، مقرر ڪري سگهجي ۽ ٻين کان مختلف هجي. پر هاڻي ايئن ڪونه رهيو آهي. ان بنياد تي ڪجهه سائنسدان ته ايئن به چون ٿا ته دنيا ۾ سڀ انسان هڪٻئي کان مختلف آهن. ان ڪري اهو چوڻ ته سڀ انسان برابر آهن، درست نه آهي. اها تشريح سائنسي طور تي ڀلي ته وزن رکندي هجي پر ثقافتي ۽ سچي انساني جذبي جي وڏي توهين آهي ۽ اها ورڇ ڪوڙي نسل پرستي آهي، جنهن کي گوري چمڙيءَ وارن پنهنجي نسل برتريءَ لاءِ دليل طور استعمال ڪيو آهي.

حياتيات جي اصولن جي گهرائيءَ ۾ وڃبو ته خود انهن دليلن جي نفي ٿيندي نظر اچي ٿي. انسان جي رنگ جي تبديلي جسم جي جيو گهرڙن تي اُس جو اثر آهي، جنهن سبب جسم ۾ ڪي خاص مادا متحرڪ ٿي ماحول موجب چمڙيءَ جي رنگت يا ڪم بدلائين ٿا. اهڙيءَ طرح قد ڪاٺ جو فرق به آهي، جنهن جا سڀ تفصيل چڱيءَ طرح سامهون نه آيا آهن.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org