سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڪڇ جو رڻ

باب؛ --

صفحو ؛ 1

ڪڇ جو رڻ

 مصنف: محمد سومار شيخ

واڌارو : عبدالحفيظ قريشي

 

ڇپائيندڙ پاران

’ڪڇ‘ قديم دؤر کان وٺي، سنڌ جو سرسبز، آباد ۽ اهم ماڳ رهيو آهي. جنهن ۾ نهايت خوبصورت شهر آباد هئا، ۽ هتان جا ماڻهو ڏاڍا سـُـکيا ستابا هئا. دريائن جي رُخ مٽجڻ کان پوءِ سنڌ جو اهو خوبصورت ۽ شاداب حصو رڻ ۽ ويراني ۾ بدلجي ويو ۽ هن ڀاڱي تاريخ ۾ رڻ طور سڃاڻپ حاصل ڪري ورتي. ڪتاب: ’ڪڇ جو رڻ‘ تحقيق جي اعتبار کان هڪ يگانو ڪتاب آهي، جنهن تي جناب محمد سومار شيخ نهايت محنت ۽ جاکوڙ سان ڪم ڪري مواد تيار ڪري سنه 1966ع ۾بورڊ جي حوالي ڪيو. لکڻ ته هونئن ئي ڏکيو ڪم آهي پر جڏهن اهو تاريخ جي موضوع تي لکجي ته هيڪاري ڏکيو ٿيو پوي، ڇو ته هن ڪم جي پورائي لاءِ ليکڪ کي هڪ ته تاريخي ماخذن جو چڱيءَ ريت جائزو وٺڻو پوي ٿو ۽ ٻيو اُن موضوع سان کيس غيرجانبدار به رهڻو پوي ٿو. ڪتاب: ’ڪڇ جو رڻ‘ ۾ محترم ليکڪ بيشڪ ڪڇ بابت ثقافتي نقطئه نظر سان تفصيلي ڄاڻ مهيا ڪئي آهي. هن ڪتاب کي نامياري عالم ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي صاحب ڏٺو ۽ هن تي ٻه اکر لکيا آهن. بورڊ جي انچارج ايڊيٽنگ سيل مسٽر عبدالحفيظ قريشي ڪتاب جي متن ۾ تاريخي حوالن سان وڌيڪ واڌارا سڌارا آڻي، هن ڪتاب تي تاريخي ۽ قديم آثارن، جي کوجنا وارن حوالن سان ڀرپور مهاڳ لکي، هن ڪتاب کي وڌيڪ معلوماتي بڻائڻ ۾ محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي صاحب جي رهنمائي ۾ چڱو خاصو ڪم ڪيو آهي. بورڊ جي ڪمپوزر محترم فرحان ڀٽي انهيءَڪم کي سهڻي نموني اُڪلايو. اميد ٿي ڪجي ته ڪڇ جي رڻ بابت هيءُ ڪتاب پنهنجي مقبوليت ضرور ماڻيندو ۽ اسان جي محنت صاب پوندي.

 

ڄام شورو، سنڌ                                           اعجاز احمد منگي

جمع، 9- ذي القعد 1427هه                                سيڪريٽري

بمطابق 1- ڊسمبر 2006ع                               سنڌي ادبي بورڊ

 


 

 

ليکڪ پاران

پاڪ و هند ۾ اپريل 1965ع کان ڪڇ جي رڻ ۾ خونخوار لڙائي شروع ٿي. انهيءَ وقت کان وٺي مون ”ڪڇ جي رڻ“ لاءِ ڌار ڌار ڪتاب مطالعو ڪرڻ شروع ڪيا، انهن مان رڻ جي تاريخ سان واسطو رکندڙ نوٽس ورتم ۽ انهن جي ئي آڌار تي هيءُ ڪتاب پيش ڪري رهيو آهيان.

هن ڪتاب ۾، مون تاريخ جي روشنيءَ ۾ اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته جنهن کي اڄ رڻ ٿو چيو وڃي، سو اڳي رڻ ڪونه هو، پر سنڌ جو آباد ۽ وسندڙ ٽڪرو هو. اُن ۾ سهڻا شهر هئا، بي انداز عوام رهندو هو. سهڻا درياءَ وهندا هئا ۽ زندگيءَ جي هرڪا چـُـرپر اتي نظر ايندي هئي.

گهڻو پوءِ ڪڇ جي اڀرندي تان ۽ راجستان ڀرسان رڻ ڦهليو ۽ دريائن به منهن مٽيو ته انهيءَ رڻ سنڌ جي انهيءَ آباد ٽڪر کي به هڙپ ڪيو ۽ اڄ اهو ويران ”رڻ“ ٿو سڏجي. جيئن ته اِهو ويرانو ڪڇ کان ڦهليو، اُن ڪري، انهيءَ تي ”ڪڇ جو رڻ“ نالو رکيو ويو.

مون کي ايڏا وسيع وسيلا ڪونه هئا جو انهن ماڳن مڪانن ۽ شهرن جي کنڊرن کي وڃي اکين سان ڏسان ۽ انهن جي صحيح جڳهه معلوم ڪريان، جن جو مون هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو آهي، جي آءٌ اُهي جايون وڃي ڏسان ها ته هوند صحيح نقشو پيش ڪري سگهان ها. هن ڪتاب ۾ مون جيڪي نقشا پيش ڪيا آهن، انهن ۾ هي عيب آهي جو آءٌ پنهنجن نقشن ۾، صحيح شهر يا ڪنهن ماڳ ۽ مڪان جي ڀيڻي ڏيکاري نه سگهيو آهيان ٿي سگهي ٿو، منهنجن نقشن جي ڏيکاريل جاين جي هنڌن ماڳن جي جاءِ وقوع اُتي نه هجي ۽ انهيءَ جي ڀرپاسي ۾ هجي، پر آءٌ ٻي هنڌ ڏيکاري ويٺو هجان، انهيءَ عيب کان سواءِ ٻيو هن ڪتاب ۾ ڪوبه عيب نه آهي، ڇوته مون جيڪو احوال پيش ڪيو آهي، سو حوالن سان پيش ڪيو آهي ۽ اِهي حوالا هر ڪنهن مضمون جي موزون جاين تي ڏنا اٿم. نقشن لاءِ ايترو عرض وري به ڪندس ته وس آهر مون صحيح جڳهه تي نشان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اگر ڪا غلطي ٿي ويئي هجي ته ڪرم جي قلم سان سڌاري ڇڏيندا.

 

پير عالي شاهه جو ڪوٽ،

بدين، سنڌ.                                 محمد سومار شيخ

24- اپريل 1966ع


 

 

ٻه اکر

ماستر محمد سومار شيخ لاڙ جو هڪ بي سرو سامان اديب هو. هن وٽ جيڪو سرمايو هو سو سندس جذبو هو. محمد سومار (1935ع - 1986ع) جو اصل ڳوٺ قرهيو ڀانڊاري آهي جو بدين کان اٽڪل 55 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ سمنڊ جي ويجهو آهي. ڪتاب ”ڪڇ جو رڻ“۾ ليکڪ پاڻ ڳوٺ کي رڻ ۾ شامل ڏيکاريو آهي. محمد سومار پهرين جنوري سن 1935ع تي هن ئي ڳوٺ ۾ شيخ الله بچائي جي گهر ۾ جنم ورتو جيڪو هڪ محنت ڪش ۽ غريب ماڻهو هو. هـُـو زندگيءَ جون تڪليفون سهندو هڪ هنڌان ٻئي هنڌ روزگار سانگي لڏپلاڻ جو شڪار رهيو. سن 1946ع ۾ ڳوٺ گولي منڌري ۾، ۽ 1947ع ۾ لڏي ساماري ويو. اُتي به گهڻو نه جاليائين ۽ واپس ڳوٺ گولي منڌري ۾ 1948ع ۾ لڏي بدين آيو. شيخ الله بچايو شاعر به هو. سندس بيتن مان ڪي پوءِ محمد سومار ڇپايا.

ولادت جي لحاظ کان آءٌ محمد سومار جو هم سال آهيان. ساڻس تعلقات سن 1954ع کان رهيا. اِهوئي سال اسان ٻنهي جي ادبي زندگيءَ جي ابتدائي سالن مان آهي. اٽڪل 8 سال بدين ۾ گڏ به رهياسين ۽ هڪ ٻئي جي ابتدائي ادبي زندگيءَ جا رنگ به ڏٺاسين. مون سن 2001ع ۾ محمد سومار جي سوانح ۽ ادبي خدمتن جي باري ۾ هڪ ڪتاب ”محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو“ لکي خود سندس قائم ڪيل اداري ”لاڙ ادبي سوسائٽي“ جي پاران شايع ڪيو. پنهنجي اُنهيءَ ڪتاب جي آڌار تي مرحوم دوست جي زندگيءَ ۽ ادبي تخليقن جي باري ۾ ڪي انگ اکر پيش ڪريان ٿو. محمد سومار پنهنجي مڪمل سوانح 26 - جلدي تصنيف ”منهنجو افسانو“ ۽ ڪن ٻين ڪتابن ۾ ڏني آهي. اُهي سندس جذباتي زندگيءَ جي بيان ۾ آهن.

سوانح بابت اُنهن جي مهاڳن ۽ صاحبڏني شيخ جي لکيل مقالي مان ڪجهه احوال معلوم ٿيو سو هي آهي:

محمد سومار بدين تعلقي جي مختلف اسڪولن ۾ پڙهيو ۽ سنڌي فائنل پاس ڪري ماستر ٿيو. عربي، فارسي به پڙهيو. سن 1952ع ۾ ئي سنڌي ماستر مقرر ٿيو. سن 1967ع ۾ اديب فاضل جو امتحان پاس ڪيائين. سندس پهرين شادي سن 1948ع ۾ ٿي. اُن کان پوءِ ٻي شادي به ڪيائين. کيس ٻن پٽن ۽ هڪ نياڻيءَ جو اولاد آهي. وقت کان اڳ رٽائرمينٽ ورتائين ۽ بدين ۾ پريس قائم ڪيائين. نوڪريءَ واري دؤر ۾، توڙي پوءِ به هو تيز رفتاريءَ سان لکندو رهيو، هـُـو ڏکڻ سنڌ جو رڻ، دڙا، پراڻن واهن ۽ دريائن جا نشان ۽ ڀانڊا توڙي ٻيا ماڳ مڪان ڏسڻ لاءِ مسلسل سفر ڪندو رهيو. ٻه ڀيرا ڪڇ جي رڻ واري رستي اُٺن جي قافلن سان لـِـڪي ڪري ڀـُـڄ ۽ ڪڇ جي ٻين شهرن ڏي ويو. اُتان جي ذريعن مان شاهه جا بيت به آندائين. 50 - 60 صفحن جو ڪتاب ته هـُـو هڪ ڏينهن ۾ لکي وٺندو هو. زندگيءَ جي آخري دؤر ۾ سائيڪل جو ساٿ حاصل ٿيس. تتيءَ ٿڌي ۽ آنڌي مانجهي سفر ڪرڻ ڪري ماستر صاحب جي صحت ڪري پيئي. هـُـو سائيءَ جي بيماريءَ جو شڪار ٿي ۽ آخر ۾ جيري جي ڪئنسر وگهي، 24 آڪٽوبر 1986ع تي 51 سالن جي عمر ۾ ساڍي پنجين وڳي صبح جو [لياقت ميڊيڪل ڪاليج هاڻ ميڊيڪل يونيورسٽي] حيدرآباد ۾ گذاري ويو.

ماستر محمد سومار شيخ جي جاکوڙ مثالي هئي. هـُـنَ ڪم جي مقابلي ۾ نه ڪپڙي لٽي کي اهميت ڏني نه ماني ٽڪر کي اوليت ڏنائين. ملي نه ملي يا جيڪي مليو ٻه گرهه ڀري ورتائين. هر وقت ڳولا ۽ جستجو، سفر ئي سفر! لکڻ ويٺو ته صبح کان شام ٿي وڃي، نه مانيءَ جي سار نه پاڻيءَ جي گلاس جي طلب! اِن حالت ۾ مون هن کي ڪيترائي ڀيرا ڏٺو.

محمد سومار بلاناغي ڪتاب لکندو رهيو. مقالا هن گهٽ لکيا. اُهي به گهڻو ڪري سندس لکيل ننڍا ڪتاب هئا. هن زندگيءَ ۾ ٻه ڀيرا پنهنجي لکيل ڪتابن جون فهرستون مڪمل ڪيون. پهرين فهرست سن 1969ع ۾ تيار ڪري ليٿو ۾ ڇپايائين. هن ۾ سندس ڇپيل، اَڻ ڇپيل ۽ ٻين کي ڏسڻ لاءِ ڏنل ڪتاب درج ٿيل آهن. ڪتابن جو ڪل تعداد 200 آهي. ٻي فهرست اَڻ ڇپيل رهي. هن ۾ باقي عرصي ۾ لکيل ڪتاب درج آهن. هيءَ فهرست  29- جون 1986ع تي وفات کان چار مهينا اڳ مڪمل ٿي. هـِـن ۾ باقي 122 ڪتاب درج آهن. يعني ڪل 32 ڪتاب لکيائين. جن مان اٽڪل 50 ڪتاب ڇپيل آهن. 23 ڪتاب مختلف اديبن کي ڏسڻ ۽ ڇپائڻ لاءِ ڏنائين. جنهن بابت ناليوار فهرست مون ڪتاب- ”محمد سومار شيخ: هڪ مطالعو“ ۾ ڏني آهي (ص 54-55) چار سال گذرڻ کان پوءِ اڃا ڪنهن به ماڻهو هي ڪتاب موٽايا نه آهن ۽ نه اُهي انڪار ڪري سگهيا آهن!

افسانوي ادب ۾ ڪهاڻين، ناولن، ناٽڪن کان سواءِ محمد سومار اسلامي ڪتاب، اڪابرن، شاعرن ۽ ولين بابت لکيل ڪتابن جو هڪ چڱو موچارو تعداد ڇڏيو آهي. سندس لکيل شعرن جا ڪتاب ان کان سواءِ آهن.

سندس لکيل ڪتابن ۾ هڪڙا خاص سلسلا اهڙا آهن جن تي هن هڪ کان ڏهن تائين به ڪتاب لکيا آهن. اُهي هي آهن:

1. سنڌي ادب جي تاريخ

2. لاڙ جي ادبي تاريخ

3. سنڌي زبان

4. شاهه عبداللطيف

5. سنڌ بابت معلومات

6. ڪڇ جو مطالعو

سنڌ جي ادبي تاريخ بابت هن جا ننڍا وڏا پنج ڪتاب آهن، جيڪي سڀ اڃا پڻ اَڻ ڇپيل آهن. البت لاڙ بابت هن جا ڪتاب ڇپيا، جن ۾ تاريخ شعراءِ لاڙ، بدين ضلعي جو مطالعو ۽ بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ، اهم آهن. هن سلسلي جا ڪل ڪتاب 29 آهن. سنڌي زبان جي اصل نسل بابت لکيل ڪتابن مان سنڌي ۽ پراڪرت، ۽ آوازي تبادلا اهم آهن. ايئن شاهه جو رسالو الف - ب وار ترتيب ڏنائين جو اڃا اڻ ڇپيل آهي. شاهه جا گم ٿيل بيت ڪڇ مان هٿ ڪري آيو، اُهي ڇپيا آهن. شاهه عبداللطيف جو لاڙ ۾ اچڻ ۽ مختلف هنڌن تي وڃڻ، اُنهن واقعن جي نشاندهي ڪئي اٿس اُهو ڪتاب ڇپيو آهي. شاهه صاحب بابت ٻيا به ڪي ننڍا ڪتاب لکيائين.

سنڌ مطالعو، به محمد سومار جي تصنيفن ۾ اهم آهي. سندس هيءُ ڪتاب ان سلسلي ۾ اهم آهن:

1. سنڌ جون قديم قومون

2. سنڌ جون تاريخي ڪهاڻيون

3. سنڌي مهرون

4. سنڌ جا زيور (ڇپيل)

5. سنڌ جا رنگ

6. سنڌي مهينا

7. سنڌ جي هنري لغت

8. ڪاٺ جي هنرمندن جي لغت

9. سنڌ جا هنر مند (6 جلد)

ڪڇ به، محمد سومار جي ذهن ۾ هڪ خوابن جي دنيا مثل هئي. هن ڪڇ بابت جيڪي ڪتاب لکيا اُنهن مان ڪڇين جا قول سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪري چڪو آهي. ٻيا ڪتاب هي آهن:

1. ڪڇ جا ڪي سنڌي شاعر

2. ڪڇ جا اولياء شاعر

3. ڪڇ جا شاعر ۽ سنڌ

4. اَملهه موتي

5. ڪڇ جو رڻ (زير نظر ڪتاب)

سنڌي زبان، ادب، ثقافت ۽ سنڌ جي تاريخ تي محمد سومار شيخ گهڻو ڪم ڪيو. هن جي محنت جو اندازو لڳائڻ لاءِ هن جو ڪتاب سنڌي ٻوليءَ جا پنج هزار سال (1963ع) ڌيان ڇڪائي ٿو. ڪن اردو ڪتابن جي مدد سان هن سنڌي ۽ سنسڪرت ۽ سنڌي ۽ پراڪرت جو به جائزو ورتو.

تصنيف تاليف کان سواءِ محمد سومار شيخ کي ٻيو جيڪو شوق دامنگير ٿيو هو سو ميوزيم قائم ڪرڻ ۽ لاڙ جي وَٿـُـن کي اُن ۾ ترتيب سان رکڻ. سن 1980ع کان هـُـو ضلعي ڪائونسل ۽ بدين ميونسپل جي ارباب اختيار کي اهڙيون گذارشون ڪرڻ لڳو. لاڙ ثقافتي ميلن لڳائڻ ۾ ضلعي انتظاميا مدد ڪئي ۽ ماڻهن جو ڌيان به هن طرف ويو. پهرين ميونسپل آفيس ۾ هڪ ننڍو ڪمرو مليو ۽ پوءِ هڪ ٻن ڪمرن جي جڳهه لاڙ ميوزيم جو بار کڻي بيٺي. تان جو سن 1991ع ۾ ثقافتي ميلي جي موقعي تي سنڌ جو سخي سردار، ڄام صادق علي خان، وزير اعليٰ طور آيو پر ڄام مٺا خان ثاني هجڻ جو به پورو ثبوت ڏنائين. ڄام صاحب جي سخا جي نتيجي ۾ لاڙ ميوزيم جي موجوده ٻه ماڙ خوبصورت عمارت جـُـڙي راس ٿي. ميوزيم ۾ مولوي احمد ملاح لائبريري سن 2004ع کان ڪم ڪرڻ شروع ڪيو آهي ۽ ميوزيم لاءِ محمد سومار شيخ جيڪي نوادرات جهرجهنگ مان هلي هٿ ڪيا، اُهي به هن سال جي وچ ڌاري پوري حسن سان نون شو ڪيسن ۾ جلوه گر ٿيندا. هن سڄي جاکوڙ جو هاڻي سهرو محترم سيد ممتاز علي شاهه صاحب جي سر تي سونهي، جنهن محمد سومار شيخ جي ميوزيم واري خواب کي ساڀيان ڪيو آهي.

زير نظر ڪتاب ’ڪڇ جو رڻ‘ به محمد سومار جي علمي جدوجهد جو هڪ زنده مثال آهي. هن پنهنجي سمجهه آهر تاريخ جي دؤرن ۾ ڪڇ، سنڌ ۽ ڪڇ جي حوالن سان نشاندهي ڪئي آهي. اُنهن جا تضاد ۽ ورجاءُ به هنڌ هنڌ اچن ٿا. ڪيتريون ڳالهيون مليل روايتن ۽ زباني حوالن مان آنديون اٿس. مختلف واقعات ڏند ڪٿائن موجب بيان ٿيل آهن. محمد سومار جو موقف به مقامي زباني روايتن موجب آهي. ڪڇ جي آباد علائقن جو رڻ ۽ ويران بنجڻ اُن صورتحال جو تسلسل آهن جيڪا اڄ ڪلهه ايل. بي. او. ڊي. (L.B.O.D.) جي حوالي سان ڪئي پئي وڃي. وڳهه ڪوٽ، روپاه ماڙي ۽ ٻيا آباد شهر ۽ ڳوٺ ويران بڻجي ويا. اُنهن ماڳن جي ليکڪ پنهنجن مليل ذريعن سان اُپٽار ڪئي آهي. ڪيتريون ڏند ڪٿائون اڄ اعتبار ۾ نه اينديون پر ديومالائي ڪلچر جي حـصي طور بيان ٿيون آهن. جيئن سامي ڏنگڙو ڏياناٿ ۽ ڪيناهه جو ڪـُـن وغيره. ڪڇ ۽ سنڌ جي سياسي تاريخ ليکڪ هڪ ئي ڪڙيءَ طور بيان ڪئي آهي. ڪڇ ۽ سنڌي زبان جي مدنظر به هڪ آهن. ڪڇي زبان يا ڪڇي محاورو سنڌي زبان جو ايئن حصو آهي جيئن لاڙي محاورو. بدين ۽ ڀـُـڄ جي وچ ۾ ڀلو وهٽ ڏينهڪ پهچندو هو. اڄ به ڪڇ ۾ سنڌي مسلمان موجود آهن ته لاڙ ۾ (بلڪ ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ به) ڪڇي موجود آهن. ماضيءَ ۾ سڱابنديون ٿيون. ايئن لاڙي ۽ ڪڇي ماڻهو هڪ آهن،ٻه ڌريون ناهن.

محمد سومار هڪ ڀيرو لکي وري پنهنجي ڪنهن به ڪتاب تي نظرثاني نه ڪندو هو. بجاءِ معياري زبان جي پنهنجو ذاتي محاورو لکي ويندو هو. مون بورڊ جي ارباب اختيار جي حڪم موجب ڪتاب جي مواد ۾ زبان ۽ بيان جون به درستيون ڪيون آهن ۽ ڪٿي ڪي غلطيون هيون ته اُهي به درست ڪيون اٿم. بورڊ وٽ مرحوم جا ٻيا به ٻه ڪتاب موجود آهن ۽ سندس ذخيري ۾ به ڪيترا اهم ڪتاب موجود آهن. انشاءَ الله اُنهن جي به پوئواري ڪبي.

محمد سومار شيخ، سنڌ جي لاڙ واري حصي ۽ ڪڇ بابت ڪيترائي مقالا ۽ ڪتاب لکيا آهن. زيرنظر ڪتاب ”ڪڇ جو رڻ“ انهن ۾ نمايان آهي. هي ڪتاب هن گهڻو اڳ سنڌي ادبي بورڊ کي ڏنو هو. اُن جي اشاعت جو موقعو هاڻي پيدا ٿيو آهي. هي ڪتاب ثقافتي پهلوءَ کان به اهم آهي، پر اُن جي تاريخي پهلوءَ کي بورڊ جي ڪارڪن محترم عبدالحفيظ قريشي گهڻي پيار، پاٻوهه ۽ محنت سان مڪمل ڪيو آهي. هيءُ ڪتاب عبدالحفيظ قريشيءَ جنهن سطح تي مڪمل ۽ مرتب ڪيو آهي، اُن جو داد نه ڏيڻ صريح ناانصافي ٿيندي. ايئن مڃڻ ۾ پڙهندڙ حق بجانب ٿيندا ته ڪڇ جي رڻ جي تاريخ، سنڌ جي تاريخ جي پسمنظر سان هيءُ ڪتاب بنيادي معلومات مهيا ڪري ٿو.

اُميد آهي ته پڙهندڙ هن ڪتاب جي مطالعي سان تاريخ جي هن باب ۽ ڪڇ جي رڻ جي اصل حقيقت کان واقف ٿيندا.

 

شهريار منزل

ضلعو بدين، سنڌ                                      عبدالجبار جوڻيجو

19- آڪٽوبر 2005ع


 

 

مهاڳ

جاگرافيءَ جو اڀياس ٻـُـڌائي ٿو ته ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات کي پاڻ ۾ ڳنڍيندڙ علائقو رهيو آهي. ڪڇ جو رڻ ڪلر ۽ لوڻ سان ڀريل آهي، ڪڇ جي الهندي گهاٽن (gates) وارو علائقو ساڳ (Indian Teak) جي ٻيلن سان ڇانيل آهي. جڏهن ته ڪڇ سان لڳو لڳ گجرات جي جاگرافيائي بيهڪ اُپٻيٽ جهڙي آهي. جنهن جي اُتر ۽ اوڀر طرف اراولي جابلو سلسلو (Aravalli Range) آهي. جڏهن ته اولهه کان ڪڇ جي نار (gulf of Katch) ۽ اوڀر کان کنڀات واري نار (gulf of Khanbhat)  ڏکڻ ۽ اولهه کان سمنڊ ڦريو بيٺو آهي، جيڪو هن علائقي کي ڏسڻ ۾ ڀارت کان ڌار ڪيو بيٺو آهي. جيالاجيءَ جي حساب سان هن ۾ موجود ٻرندڙ جبلن جي ڏاکڻي پٽي (Deccan Trap) ڪوڙڪي جهڙي شڪل جوڙي، هن علائقي کي اُپٻيٽ بڻائي ٿي، انهن جبلن جي ڪڇ واري حصي کي ڪارا ڏونگر چيو ويندو آهي. سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪنڌيءَ وارو  ڪارونجهر جبل ظاهري طرح سان هڪ منفرد ۽ وکري تخليق- پيالي جي شڪل ۾ نظر اچي ٿو، پر اندروني طرح سان هن جو ڳانڍاپو انهي ٻرندڙ جابلو سلسلي سان آهي جيڪي گجرات ۽ ڪڇ کان ٿيندا، سمنڊ جي اندر تائين وڃن ٿا. بدين، ڪڇ ۽ گجرات جي تاريخ ۾ آيل تمام زلزلا ۽ ڀونچال انهيءَ ٻرندڙ جبلن جو قدرتي عمل آهي.

جيئن ته ڪڇ، سنڌ ۽ گجرات جو قدرتي زميني ڳانڍاپو رهيو آهي. انهيءَ ڪري ثقافتي نقطئه نظر سان ڪڇ ۾ سنڌ ۽ گجرات جا گڏيل ڳڻ صاف نظر ايندا. ڪڇ جي ٻولي ۽ محاوري تي سنڌي ۽ گجراتي جو اثر چٽو نظر ايندو.
هونئين به نسلي طرح سان گجرات ۽ ڪڇ کي آباد ڪندڙ آڳاٽا مالوند، سنڌي لوڪ ئي هئا، جي قديم زماني کان وٺي پاڻي ۽ جالاري جـُـوءِ جي ڳولا ۾ هنن ڏورانهن ماڳن تان ڀيرا پيا ڀريندا هئا.

ڪڇ جو رڻ، قديم زماني ۾ اُڀرندي ناري وسيلي آباد ٿيندو هو. اهو اُڀرندو نارو/هاڪڙو جيڪو قديم سنڌ (سنڌو سؤوير) جي آبپاشي نظام جو هڪ اڻ ٽٽ حصو هو، انهيءَ اُڀرندي ناري کي سرسوتي، چتانگ سان گڏ سنڌونديءَ مان به ڳپل لٽ ۽ ڪـُـجهه پاڻي پڻ ملندو هو.

ڪڇ جو رڻ، ساروئي اُتر گجرات، سامونڊي پٽي وارو گهڻو حصو ۽ سوراشٽر وارو سامونڊي پٽ دريائي لٽُ جو ٺهيل آهي ۽ ٻيو علائقو پاڻيءَ جي ڇاڇر سان ڇانيل آهي، جيڪو تمر (Mangroves) جي وڻن سان ڍڪيل آهي. انهيءَ دريائي لٽ مان ڪڇ وارو اهو حصو جـُـڙيو، تاريخ جي هڪ وڏي عرصي تائين اُڀرندو نارو/ واهند ساگر، سنڌوءَ مان به ڪـُـجهه پاڻي کڻي ڪڇ کي سرسبز رکندو پئي آيو. سنڌو ماٿريءَ جي اوڀر وارن علائقن ۾ موجود ٻاويهه هزار (22000) ڍنڍون ۽ ڍورا هن درياءَ جي شاهي چاڙهه جون ثابتيون ڏين ٿا. ڪڇ جي اوڀڙ (Flora) ۾ سنڌ ۽ گجرات وارا قـِـسـَـم/انواع شامل آهن.

جيالاجيءَ جي حوالي سان ڪڇ، ڏاکڻي پٽي (Deccan Trap) جو اولهه وارو ڀاڱو آهي. هتي جي ماڻهن جا گجرات ۽ سنڌ ٻنهي علائقن سان اهم ثقافتي ۽ اقتصادي ناتا رهيا آهن، اهي سمورا ناتا تاريخ جي شعور واري اک پٽجڻ کان اڳ کان قائم رهيا آهن. اهڙن ثقافتي، اقتصادي ۽ سماجي تعلقات جو تفصيل، سنڌوماٿري، ڪڇ ۽ گجرات جي قديم ماڳن جي کوٽاين مان مليو آهي. اهي سمورا تعلقات پٿر واري دؤر کان وٺي سنڌو سڀيتا جي آڳاٽن لوڪن جي معاشي جاکوڙ وسيلي جڙيا آهن، اهي تعلقات ۽ ناتا ڪلهوڙا ۽ ٽالپر دؤر تائين به نظر اچن ٿا.

سنڌوسڀيتا جي آڳاٽن لوڪن، چراگاهن جي تلاش ۾ اهي ماڳ اٽڪل 10000-8000 ق.م. ڌاري ڳولي لڌا هئا، ڇو ته چوپائي مال ۾ ڪي اهڙا جانور به آهن، جن جي پالنا ۽ سارسنڀال تمام خبرداريءَ سان ڪئي ويندي آهي. هنن سانگي لوڪن اوڀر پنجاب، ڏکڻ راجسٿان، ڪڇ ۽ گجرات وارن ڏورانهن علائقن کي پنهنجي معاشي چرپر لاءِ ڳولي هٿ ڪيو هو. اهي سمورا علائقا سنڌو سڀيتا جي سرحدن اندر هئا، انهن ماڳن تان ساڳيءَ ريت معاشي ڀيرا ڏکڻ اولهه ڀارت ۽ لاڙ [ڏکڻ سنڌ] جي آهيڙي ۽ ڏوٿي لوڪن به ڪيا هوندا. پوءِ جڏهن آهيڙي، ڏوٿي ۽ مالوند لوڪن ٿانيڪو ٿي ڪري وسنديون جوڙڻ ۽ پوکي راهي وارو ڌنڌو شروع ڪيو ته سپت سنڌو، [هاڪڙو، ستلج، بياس، راوي، چناب، جهلم ۽ سنڌو] ۽ انهن جي پاڇاڙ وارين ڇاڙن سان گڏ قديم زرعي سماج جوڙيندڙن جون ابتدائي وسنديون قائم ٿيون. دريائن، ندين ۽ برساتي نئن سبب سرسبز ۽ شاداب، سنڌ جي زرعي اقتصاديات وارا اهي مرڪزي علائقا سنڌوسڀيتا جا ڀرجهلا هئا. گريگوري ايل. پوسيل جي چواڻي ته ”گجرات ٻه هزار ق.م ۾ سنڌو سڀيتا جو ڏاکڻيو صوبو ۽ هڪ لازمي اقتصادي جـُـز هو.“

جن علائقن جي ماڻهن ترقي يافته شهري ثقافت  (Mature urban culture) کي جوڙيو، تن ۾ هڙاپا (پنجاب)، جڏير جو دڙو (جيڪب آباد)، موئن جو دڙو (لاڙڪاڻو)، چانهوءَ جو دڙو (نوابشاهه/سڪرنڊ)، لوٿل (ڪڇ ۽ گجرات جي سرحد وارو شهر) ڪالي بئنگن (هريانا) شامل هئا، هنن ۽ ٻين قديم ماڳن جي کوٽاين مان مليل نوادرات (Findings) ۾ حيرت انگيز تسلسل، ساڳيائپ ۽ هڪجهڙائپ هڪ عظيم سنڌو سڀيتا جو ثبوت آهن، ته هڪ زبردست منظم مرڪزي حڪومت اِهو سڄو ڪاروهنوار هلائيندي هئي، جنهن وٽ ننڍي ۾ ننڍي شيءِ جوڙڻ جا اصول قائم هئا. سڄي سنڌو سلطنت ۾ ماپ ۽ تور جو هڪ ساريڪو انتظام موجود هو، اها ڳالهه هڙاپا، موئن جو دڙو، جڏير جو دڙو، چانهوءَ جو دڙو ۽ لوٿل مان لڌل ”وٽن“ مان ثابت ٿئي ٿي. اهڙين شين مان اِهو صاف سمجهه ۾ پيو اچي ته انهيءَ مرڪزي سياسي قيادت سان گڏ مذهبي مهنداري پڻ هئي. ڇو ته ان دؤر ۾ سوين ماڳن ۾ اهڙي حيرت انگيز ساڳيائپ (Homogenity) جو سبب رڳو سياسي تنظيم ڪاري نٿو ٿي سگهي. روحاني مرڪزيت جو به ان ۾ لازمي ڪردار هوندو. اُن دؤر ۾ ماتا ديوي جي پوڄا ثابت ٿيل آهي. اِها ماتا ديوي ڀارت جي ماتا ديوي کان مختلف ۽ رڳو خوشحالي جي ديوي هئي. موئن جي دڙي مان لڌل سمبارا - اصل ۾ برسات جي ديوي آهي.

عالمن جي راءِ آهي ته: انهيءَ زماني ۾ شين جي تقسيم بدران سنڌو سڀيتا جي سمورن ماڳن کي ڪاريگر فراهم ڪيا ويندا هئا. موئن جو دڙو ۽ لوٿل وارا ماڳ زبردست فني ڪاريگري جي ڏات ۽ ڏانُ کي ظاهر ڪرڻ سان گڏ هڪ عالمگير معاشي چرپر جي ڪهاڻي پڻ بيان ڪن ٿا.

ايس.آر.راءِ جو چوڻ آهي ته ان دؤر ۾ نه رڳو موئن جي دڙي واري ماڳ جو واپاري ناتو ميسوپوٽيميا سان سمنڊ وسيلي قائم هو، پر لوٿل شهر جو پڻ ميسوپوٽيميا سان واپار هلندو هو. لوٿل وارو ماڳ آڳاٽن سنڌي پـَـڻـَـي لوڪن لاءِ درآمدي ۽ برآمدي ڦاٽڪ (gate way) وارو  ڪردار ادا ڪندو هو. لوٿل مان لڌل گودي (Dockyard) جيڪا 710 فوٽ ڊگهي ۽ 120 فوٽ ويڪري هئي، انهيءَ گوديءَ ۾ جهاز رڳو وير چڙهڻ مهل داخل ٿي سگهندا هئا. پاڻيءَ جي سطح کي وير واري حالت ۾ هڪ ڪرو رکڻ لاءِ هن سان گڏ هڪ ڇنڊڻ به جـُـڙيل هئي، جنهن کي لـُـوهي دروازو لڳل هو.

سنڌو سڀيتا جي پـَـڻيَ لوڪن اهو لوٿل وارو ماڳ [جيڪو ان دؤر جو نج صنعتي شهر هو] ان ڪري قائم ڪيو جو ڪڇ ۽ گجرات ۾ موجود ڏوٿي (gatherors) ۽ آهيڙي (Hunters) قبيلن کي علائقائي معاشي سرگرمين ۾ ڀلاوڻو (Middle man) ڪري استعمال ڪن. اهي شڪاري /آهيڙي قبيلا لوٿل شهر جو ٺهيل سامان، مڻيا، چوڙا ۽ ٻيو گهرو واهپي جو سامان ڏکڻ هندستان ڏانهن مٽاسٽا واري واپار طور کڻي ويندا هئا. ان ريت سڄي سماج ۾ هڪ وسيع ۽ پختي نموني واري معاشي چرپر نظر اچي ٿي.

سنڌ جي قديم ثقافتي تاريخ، سڄي سنڌوماٿريءَ سوڌو ڪڇ ۽ گجرات جي قديم ماڳن مڪانن ۾ لڪل آهي. هينري ڪزنس جي چوڻ مطابق: ”ايران جي قديم ماڳن جي کوٽاين ۾ به اهو سنڌو سڀيتا جو ثقافتي تسلسل ملي سگهي ٿو.“ جهڙوڪ: سـُـوس، جمده النصر، شهر سوخته، ڪـِـش وغيره.

سنڌ جي قديم آثارن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو:

1. تاريخ کان اڳ وارو دؤر: هي دؤر قديم پاهڻي دؤر کان وٺي نئين پاهڻي دؤر (New Lithic) سان تعلق رکي ٿو. سکر، روهڙي، ٺٽي (ٺري) انڙپور ۽ گهاري لڳ، نئين پاهڻي دؤر سان تعلق رکندڙ لاڌن مان اها ڳالهه ثابت آهي، جڏهن ته گجرات پاسي ڪالوڀر ۽ گهيلو نئن جي ڪنڌيءَ سان انهيءَ نئين پاهڻي دؤر سان تعلق رکندڙ شيون لڌيون آهن، جن جو سـِـڌو تعلق سنڌو سڀيتا سان آهي.

2. هند ۽ ٻڌ دؤر جا يادگار: ٽنڊومحمد خان، ميرپورخاص، مير رڪڻ، موهن جو دڙو وارو ٻڌ اسٽوپا، ننگر پارڪر جا جين مندر ۽ گرنار جا حسين جين مندر اهڙا ثبوت آهن.

3. اسلامي دؤر جا يادگار: اهڙا ماڳ ۽ يادگار، ڀنڀور، ٺٽو، بدين،
ننگر پارڪر، ڪڇ ويندي گجرات تائين عام جام لڀن ٿا.

ڪڇ، گجرات ۽ سنڌ مان مليل نئين پاهڻي دؤر (Newlithic) جي شين کان وٺي اسلامي دؤر جي يادگارن جو اڏاوتي فن، ڪاريگري، هنرمندي ۽ ڪلا جي اوج ۾ جيڪا ساڳيائپ آهي، سا هڪ وڏي وسيع سنڌي سماج جي ڏات، ڏانءُ ۽ ڪاريگري جي ساکي ۽ باڪو آهي. ريتي اسٽيشن کان 5 ميل ڏکڻ ۾ ونجهروٽ [وڃڻوٺ] جي ويراني ۾ موجود دڙن مان مليل پٿر جي چٽسالي جو ڪم احمدآباد جي ڀادرا مسجد  واري پٿر تي اُڪر جهڙو ئي آهي. ويڙهي جهپ جي مندر ۽ محمود شاهه بيگڙي جي جوڙايل ڀوڏيسر جي مسجد ۾ هڪ ئي اڏاوتي هـُـنري مڪتب فڪر جي ڪاريگري واري ڪلا نظر اچي ٿي. ٺٽي جي قديم يادگارن ۾، ۽ گجرات جي قديم اڏاوتي فن ۾ هڪجهڙائپ ڪنهن مضبوط ثقافتي، سماجي تعلق ۽ تسلسل کي ظاهر ڪري ٿي.

سنڌو سڀيتا جي آڳاٽن لوڪن جي شهري زندگي جو هڪ اهم رُخ جنهن ۾ سنڌو لوڪ ساڳئي زماني جي دنيا جي مڙني تهذيبن کان گهڻو ترقي يافته هئا، سا ڳالهه شهري رٿابندي آهي. اها رٿابندي موئن جي دڙي جي مستطيل شڪل، پڪسري اڏاوت، وڏن رستن، ننڍين گهٽين، ڍڪيل نالين، آڙ ماڙ کوهن مان ظاهر آهي. هنن جو وڏو ڪارنامو جيڪو انساني ڪاريگري جو مثال آهي. سو ڪني پاڻي جو نيڪاسي وارو انتظام آهي. ساڳي ڪاريگري لوٿل واري ماڳ ۾ به نظر اچي ٿي.

ڪڇ ۽ گجرات ڏانهن آڳاٽن سنڌين جي لڏپلاڻ مان ثابت آهي، ته اِهي ماڳ قديم زماني کان وٺي سنڌين جي معاشي گذر سفر جي وسيلي سان گڏ سندن هڪ مضبوط اقتصادي پناهه گاهه به رهيا آهن.

ڪڇ جي رڻ جي مٿاهين پٽ ۾، سوراشٽر جي اُتر ۽ ڪڇ وارا چـُـن جا رُوهه ڄڻ ٻيٽ وانگي ڏسبا آهن. هن جابلو جـُـوءِ ۾ تاريخ کان اڳ واري دؤر کان وٺي موجوده دؤر تائين انساني وسنديون جڙيون آهن.آڳاٽي سنڌو لوڪن ٻنهي دؤرن ۾ [ترقي يافته شهري ثقافت ۽ اُن جي پوئين مرحلي ۾] انهن جبلن جي تري واري زمين ۾ خشڪ ۽ بوسبي پوک شروع ڪئي، هنن ڪاري ڪپهه پوکي ڪارو ۽ ڀورو ڪپڙو پيدا ڪيو جيڪو سنڌ ورقي واپارين پاران ڏيساورن [پرڏيهه] ڏانهن موڪليو ويندو هو.

موئن جو دڙو، جڏير جو دڙو، چانهوءَ جو دڙو ۽ ٻيا شهري ماڳ جڏهن  وبائن ۽ هلائن جي ڪري خالي ٿيا ته انهن سنڌو لوڪن ٿر جو پاسو وٺي ڪڇ، گجرات ۽ راجسٿان وارا ماڳ وڃي وسايا، هو پوکي راهي جا نوان طريقا ۽ ٻج پڻ پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. اهي سنڌي لوڪ انهن علائقن کان پٿر واري دؤر، ڏوٿي، آهيڙي ۽ ڌڻ ونڌو دؤر کان ئي واقف هئا ۽ انهن علائقن ۾ هنن جون آڳاٽيون وسنديون قائم هيون، جتي هنن جا مائٽ رهندا هئا، ان ڪري اهي لڏپلاڻ ڪري ايندڙ شهري سنڌوسڀيتا جا لوڪ آسانيءَ سان انهن منجهه سمائجي ويا.

سنڌو سڀيتا پنهنجي مرڪز مان نڪري وسيع سنڌي سماج جوڙڻ واري دؤر ۾ 1000 سالن تائين هڪ زندهه ۽ ڪرشماتي سماج جي حيثيت ۾ هڪ عالمگير تهذيب ٿي رهي آهي، جنهن جا واپاري ناتا، ڏکڻ عراق، اُر، اروڪ، اگد، فيلڪا، بحرين کان ويندي انڊونيشيا ۽ يونان تائين ثابت آهن. موئن جو دڙو ۽ ٻيا سنڌو سڀيتا جا مرڪزي شهر ڦٽي وڃڻ جي ڪري هن سڀيتا پنهنجي ڪرشماتي ڳـُـڻ وسيلي، زندگيءَ جو هڪ ٻيو مرحلو شروع ڪيو، جنهن کي شهري ثقافت کان پوءِ وارو دؤر(Post Urban Phase) چئي سگهجي ٿو. ڪڇ ۽ گجرات کي سنڌي لوڪن انهيءَ ترقي يافته شهري ثقافت (Mature Urban Culture) ۽ ان جي پوئين مرحلي ۾ ڀرپور نموني آباد ڪيو ۽ پنهنجو آبادڪاري جو اهم ماڳ بڻايو. ڪڇ ”گجرات، سنڌو سڀيتا جي واڌ ويجهه وارا علائقا رهيا آهن، جتي سنڌو تهذيب جي روايتن کي اڳڀرائي ۽ ترقي ملي آهي.

سنڌوسڀيتا جي ٻنهي دؤرن: ترقي يافته شهري ثقافت واري دؤر (Mature urban Cultural Period) ۽ ان جي پوئين مرحلي (Post urban phase)  ۾، سنڌو سڀيتا ۾ هڪ گهڻ نسلي سماج جي ايڪي واريون خوبيون نظر اچن ٿيون. اهڙيون ثابتيون، هڙاپا، موئن جو دڙو ۽ لوٿل وارن ماڳن مان مليل ماڻهن جي هڏين مان ثابت آهن. موئن جي دڙي جي سمبارا جا مهانڊا پروٽو آسٽريلائيڊ (Proto-Australoid) آهن. وڌيڪ مليل هڏين جا مهانڊا ڀونوچي لوڪن جي گروهن (Mediterraneen group)  جهڙا آهن. ڪجهه ٿورا هڏا، منگولين ۽ آلپائين ۽ آرمينائيڊ لوڪن جا به مليا آهن. هن ريت چئي سگهجي ٿو، ته معاشي هلچل، هنن ماڻهن ۾ تمام گهڻي سهپ پيدا ڪئي، جو هو هڪ گهڻ نسلي سماج جي شڪل ۾ زندهه رهي سگهيا ٿي ۽ پنهنجي جياپي لاءِ  چرپر جاري رکي سگهيا ٿي.

اها سڄي معاشي جاکوڙ سنڌو سؤوير جي قديم آبپاشي سرشتي سان ڳنڍيل نظر اچي ٿي. قديم سنڌو سڀيتا خاص طرح سان انهن ٻن دريائن هاڪڙو، سنڌو ۽ انهن جي ڇاڙن جي ڪنڌيءَ تي معاشي سرگرمين ۾ موجود رَهي آهي ۽ جتي به جڏهن به آبپاشي سرشتي ۾ رخنو يا خلل پيدا ٿيو/ خشڪ سالي، زلزلن جي ڪري يا ڪنهن ٻئي سبب ڪا ڇاڙ يا ٻه دريائي ختم ٿي يا سنڌو پنهنجي پورالي طبعيت جي ڪري، رُخ مٽايو/ وهڪرو تبديل ڪيو يا جيئن هاڪڙو سڪي ويو، تيئن انهيءَ آبپاشي نظام جي خاتمي سان گڏ اتي جون آباد وسنديون ٿورو وقت جالي پوءِ ختم ٿي ويون.

ڪڇ جو رڻ بڻجڻ ۽ اُتي جي شهرن جو تباهه ٿيڻ، انهيءَ قدرتي لقاءَ (Natural Phenomenon) جو مظهر آهي. اڄ جيڪو علائقو ڪڇ جو رڻ ٿو سڏجي، هن ۾ آڳاٽا وسيل ۽ آباد شهر برباد ۽ ويرانو بڻجي ويا آهن. اهي انهيءَ آڳاٽي قدرتي آبپاشي نظام جي خاتمي جي ڪري آبادين مان ڦري ويرانين ۾ شامل ٿي ويا آهن.

ڪڇ ۽ گجرات جي قديم آثارن واري تاريخ ٻڌائي ٿي ته سڄو سوراشٽر  [ڪڇ، گجرات، جونا ڳڙهه وغيره] ۽ راجسٿان قديم سنڌو سلطنت جو ڏاکڻيو علائقو رهيو آهي. انهيءَ سلطنت جو مرڪزي علائقو /شهر موئن جودڙو رهيو آهي. سنڌو سلطنت جا اهي ڏاکڻيا علائقا سڄي سنڌ جي عام ماڻهن ۽ حاڪمن جي پناهه گاهه طور ڪم ايندا رهيا آهن. سنڌ ۾ جڏهن به سنڌي غير محفوظ ٿيا ته هنن ڪڇ ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي، اهو سلسلو تاريخ جي هر ڏکئي دؤر ۾ نظر اچي ٿو.

گجرات جي فاروقين، ڪڇ جي سمن، سومرن، جاڙيجن، سوڍن جون سنڌين سان مٽيون مائٽيون رهيون آهن. سنڌي، ڪڇ کي پنهنجو وطن ۽ ڪڇي سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهندا رهيا آهن. سنڌي حڪمرانن جي ضرورت پوڻ تي ڪڇ پنهنجا پٽ ڏنا آهن. سنڌ کي سامهون ايندڙ هر للڪار (Challenge) کي منهن ڏيڻ ۾ ڪڇي جوڌا سنڌين سان ٻانهن ٻيلي ٿي بيٺا آهن.

سنڌ جا سومرا حاڪم ڪڇي نسل جا راجپوت هئا، جن ڪڇ ۽ لاڙ جي پٽن مان راجواڙا ٺاهي، سمن، جتن ۽ ٻين سماٽ ذاتين جي مدد سان ڪڇ کان وٺي ملتان تائين سنڌو سلطنت کي بحال ڪري، پنهنجو اصلي ڪرشماتي ڪردار ادا ڪيو. اهي سومرا ۽ سما انهن آڳاٽن سانگي لوڪن مان هئا، جيڪي پوءِ ٿانيڪا ٿي وسنديون جوڙي ويٺا ۽ پنهنجو راڄ قائم ڪيائون ته سماٽ / سمراٽ/ راجپوت ڪوٺجڻ ۾ آيا.

ايڇ. ٽي. لئمبرڪ مطابق ته: ”سنڌو سلطنت پنهنجي طاقت [وسعت ۽ واپار] جي چوٽي واري نقطي تي 2150 ق.م. ڌاري پهتل هئي ۽ سال 1750 ق.م کان انهيءَ نقطي تان هيٺ لهڻ شروع ٿي وئي، پر هن جي مڪمل زوال ۾ اچڻ ۾ 500 سال لڳي ويا هوندا.“

سنڌو سلطنت جي انهيءَ زوال جو سبب مرڪزي شهري ماڳن: هڙاپا، موئن جو دڙو، چانهوءَ جو دڙو ۽ ڪوٽڏيجيءَ جو خالي ٿيڻ هو جنهن کان پوءِ هنن مرڪزي علائقن جي ماڻهن جي وڏي انگ ڏاکڻين صوبي ڪڇ ۽ گجرات يعني سوراشٽر ڏانهن لڏپلاڻ ڪئي. [سوراشٽر، گجرات ۽ ڪاٺياواڙ جو ٻيو نالو آهي.] ا ن کان پوءِ دوراڪا ۽ رنگ پور وارا علائقا سنڌو سڀيتا جا اهم ماڳ بڻيا آهن. ڏکڻ راجسٿان جي روهن ۽ ڪوهن ۾ مالوا (Malwa) ۽ دکن (Deccan) ۾ موجود قديم آثارن جو به سنڌو سڀيتا سان گهرو لاڳاپو آهي. بلڪه سنڌو سڀيتا جي انهن لوڪن اتان به اڳتي وڌي ڪري اُلهندي گهاٽن وسيلي لنگهي وڃي ڪرناٽڪ ۽ چنديري وارو جابلو حصو آباد ڪيو، جيڪو سامونڊي ڪنارو رکندڙ ڏکڻ ڀارت جو صفا اولاهون ۽ اوڀاريون علائقو آهي. ان ريت اهي آڳاٽا سنڌي لوڪ شهري ثقافت جي پوئين مرحلي واري دؤر ۾ انهن علائقن ۾ داخل ٿيا. گريگوري ايل. پوسيل جي چوڻ مطابق ته: ”اها ترقي يافته شهري ثقافت مرڪزي ماڳ ختم ٿيڻ کان پوءِ به زندهه رهي ۽ ڪيتريون ئي صديون جاليائين.“

ڪڇ جي 9 تعلقن ڀـُـڄ، انجار، لمبدي، نکت راڻا، مانڊوي، کدر، بـَـچائو، کاوڙيا، رپڙ ۽ لکپت وارن علائقن ۾ سنڌو سڀيتا سان لاڳاپو رکندڙ ماڳ: ڍول ورا، ڏمياڻي، گنٿائي، جهنگر، ڪنٿ ڪوٽ، ڪـَـتـَـي سـَـر، ڪيراسي، خاڪڙا ديرا، کاري ڪکاندا، ڪوٽڙي، ڪوٽڙا جوئي ڪرڻ، لـُـوڻا، لـُـوڻا مانڊوي، مورائو، تاراپا، ناوي نال، نيڻو نڍر، پاٻومٿ، سـَـما گـُـهگـُـها، واڙا، ٽوڙيو، سيلاري، سرڪوٽڙا ۽ ڪوٽڙا ڀادلي وغيره آهن، جتان هڙاپا ۽ موئن جو دڙو واريون ساڳيون شيون ۽ نوادرات (Findings) لڌا ويا آهن. جڏهن ته اڃا تائين انيڪ ماڳن جون کوٽايون نه ٿيون آهن. جڏهن ته جونا ڳڙهه، گرنار، سومناٿ، گجرات جي ٽنهي ڀاڱن ۽ راجسٿان ۾ ٻه سؤ (200) کان مٿي سنڌو سڀيتا جا ماڳ (Indus Sites) انڊين آرڪيالاجي شعبي پرڏيهي آثار قديمه جي ماهرن جي تعاون سان ڳولي لڌا آهن.

ڪن عالمن جو چوڻ آهي ته عيسوي سن تيرنهن صديءَ ۾ لاڙ، ڪڇ ۽ گجرات زلزلن جي ڪري رڳو بدين وٽان سمنڊ 50 ميل پرتي ڌڪجي ويو. انهيءَ صديءَ ۾ هاڪڙي درياءَ وهڻ بند ڪيو، سنڌو درياءَ اولهه ڏانهن سـِـرڪي ويو. انهن قدرتي تبديلين جي ڪري ڪڇ جي نار واري زمين مٿي ٿي وئي، جنهن خشڪ ٿي ڪري ڪڇ جي رڻ کي جنم ڏنو. جڏهن ته لطيف سائين جي زماني سن 1690ع - 1752ع تائين ٿورڙو پاڻي هاڪڙي ۾ شايد ايندو رهيو آهي، جو ڪن جڳهن تي لطيف سائين ماڻهو آباد به ڏٺا هئا. جو چيو اٿس:

سـُـڪي ڍورو ڍيون ٿيو، ڪنڌي ڏنو ڪائو،
پاڻي پٽيهل ۾، اڄ اڳيون نه آيو،
ماڻهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀيڻين.

 

اِهو به ممڪن آهي ته هاڪڙي جي انهيءَ شاخ پٽيهل ۾ ساوڻيءَ ۾ ٿورو ڪي گهڻو پاڻي اُن دؤر تائين ايندو رهيو هجي. مختصر اهو ته قدرتي زميني تبديلين ۽ هاڪڙي جي سڪي وڃڻ ڪري سنڌ کي ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات سان ڳنڍيندڙ انيڪ رستا هوريان هوريان ختم ٿيڻ لڳا. انهيءَ قدرتي لقاءَ (Natural Phenomenon) سان ڪڇ، ڪاٺياواڙ ۽ گجرات سان سنڌ جا لاڳاپا متاثر ٿيڻ لڳا. تڏهن به مينهوڳي جي مـُـند [جيڪا انهن علائقن ۾ مهينو کن اڳ شروع ٿي ويندي آهي] لاڙ، ٿر ۽ ناري جا ماڻهو ڌڻ ڪاهي ڪڇ جو رُخ ڪندا هئا، نه رڳو مالوند ماڻهو، پر لاڙ، ٿر ۽ ناري جا مال جا هاڪارا واپاري، جوڳون جوٽڻ وارا ڍڳا ڪاهي، سورنهن ڪوهن وارو گجڻن/ڌٻڻن واروڪڇ جو رڻ رات پيٽ ۾ جهاڳي ڪڇ پهچندا هئا، جتان وري گجرات پهچندا هئا، جتان ڪڇي گهوڙا ۽ گجرات جا چانديءَ جا زيور، ڪڏهن ڪڏهن گجراتي ونيون پرڻجي واپس ورندا هئا. گجراتي ڳيچن/لاڏن ۾ سنڌي بنرن/ گهوٽن جو ذڪر ۽ ٿري ڳيچن ۾ وڻجارن جي اوسيئڙي وارو ذڪر اِهو ثقافتي پس منظر رکي ٿو. سن 1947ع  وارين نين حد بندين جي ڪري اِهو به ممڪن ڪونه رهيو. هاڻ باقي ٻنهي پاسي رڳو هڪ ثقافتي ۽ ٻوليءَ وارو تعلق ئي وڃي بچيو آهي. اِهو لاڳاپو سنڌ جي ساهتي اتهاس جي تاريخ ۾ زندهه آهي ۽ زندهه رهندو. شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه سورٺ کي ساراهيو آهي، سورٺ اصل ۾ سوراشٽر جو مختصر نالو آهي، يعني ”سهڻو ديس“- قديم سنڌو سڀيتا جي بانين جي حسين خوابن وارو ديس. لطيف سوراشٽر جي سمورن اهم ماڳن، پور بندر، جوناڳڙهه، گـِـرنار ۽ ڪڇ ۽ اتي جي اهم لوڪ ڪردارن سورٺ - راءِ ڏياچ، ابڙو، بڊاماڻي پنرو، لاکو، انڙ انڙاڻي، جادم جکرو، لاکو ڦلاڻي، جاڙيجن ۽ ڍولا ماروءَ کي ڳاتو آهي.

سن 1505ع ۾ گجرات جي حاڪم محمود شاهه بيگڙي سلطنت عثمانيه جي خليفي سليمان عاليشان ۽ ڄام نظام الدين سمي هڪ گڏيل سامونڊي فوج وسيلي [جنهن ۾ ڪڇي سپاهي وڏي انگ ۾ هئا]  عربي سمنڊ کي پورچوگيزين جي اثر کان صاف رکڻ لاءِ بمبئي ويجهو ”چال“ وٽ پرتگال حڪومت جي هندستاني عيوضي ”فرئنسسڪو آلميڊا (Francisco Almeida) جي آڙماڙ سان جنگ ڪئي، ان ۾ مسلمان رياستن جي گڏيل سامونڊي فوج سوڀ حاصل ڪئي، ٿورو وقت کان پوءِ ”فرئنسسڪو آلميڊا“ وڏي تياري کان پوءِ جهونا ڳڙهه جي سامونڊي ڪناري واري علائقي ڊيو (Diu) وٽ مسلمانن جي سامونڊي آڙماڙ تي حملو ڪري سخت نقصان پهچايو. سن 1508ع ۾ پرتگال حڪومت ”الفانسو آلبو ڪرڪ“(Alphanso Albuquerque) کي هندستاني واپار لاءِ عيوضي مقرر ڪيو، جنهن هندستاني واپار تي قبضو رکڻ لاءِ ”گوا“ (goa) سوڌو ڪيترن ئي سامونڊي ڪناري واري اهم علائقن تي قبضو ڪري ورتو، سن 1513ع تائين ”هـُـرمز کاڙي“ (Ourmus Strait) تي پورچوگيزين جو مڪمل قبضو ٿي چڪو هو، ان ريت سنڌ سوڌو ننڍي کنڊ جي واپار جو رُخ وچ اوڀر کان ڦيرائي يورپ (پورچوگال) ڏانهن ڪيو ويو.

هندستان جي بادشاهه اڪبر اعظم جي دؤر[962هه/1556ع-1014هه/1605ع] ۾ سندس پڦي، ڪتاب ”همايون نامه“ (فارسي) جي ليکڪا گلبدن بيگم حج جو سانباهه ڪيو، ساڻس گڏ ٻين بيگمات مان، گل اَزر بيگم، اڪبر جي گهر واري سليمه سلطان بيگم[مشهور سپهه سالار بيرم خان جي بيواهه، جنهن سان پوءِ اڪبر وهانءَ ڪيو هو] خواجه يحيٰ جي اڳواڻيءَ  ۾ سورت بندر کان 17- آڪٽوبر 1576ع تي روانو ٿيو، اپريل 1580ع ۾ واپس ورندي رستي تي شاهي ٻيڙي کي پورچوگيزين راهداري جي رقم جي بهاني سان روڪيو، تڏهن اڪبر اعظم جهڙي طاقتور حڪمران جي بيگمات جو ڪڇ جي راءِ جي مدد سان واپس ورڻ ممڪن ٿيو. ان ريت هڪ سال تائين عدن جي بندرگاهه تي انتظار ڪرڻ کان پوءِ مارچ 1582ع ۾ گلبدن بيگم جو شاهي خاندان جي عورتن ساڻ فتح پور سيڪري ۾ واپسي ٿي.

سورهين ۽ سترهين صديءَ ۾ جڏهن هندي وڏي سمنڊ تي پورچوگيزن جو قبضو هو، تڏهن هندستان جي جهانگير بادشاهه پنهنجي حڪومتي دؤر سن 1014هه/1605ع - 1037هه/1627ع] ۾ حج تي وڃڻ وارن مسلمانن جي حفاظت جو ڪم ڪڇ جي راءِ تي رکيو هو، جنهن ڪڇي جهاز رانن وسيلي حاجين کي حج تي نيڻ ۽ آڻڻ وارو ڪم سنڀاليو. ڪڇ جا ماڻهو پنهنجي دؤر جا وڏا جهاز ران هئا، هزارين ورهين کان سندن سمنڊ جي واپار سان ناتو رهيو هو. صدين کان سندن واپاري تعلقات وچ اوڀر ۽ يورپ جي قومن سان پڪاپختا ۽ دوستيءَ وارا رهيا آهن. ويجهڙ واري زماني سن 1762ع ۾ جيڪو پهريون سامونڊي جهاز ننڍي کنڊ مان انگلينڊ پهتو سو ڪڇ جي ڪڇين ڪنهن ٻاهرئين مدد کان سواءِ جوڙيو هو.

جهاري جبل واري پهرين جنگ 9- ربيع الثاني 1176هه/28- آڪٽوبر 1762ع تي لڳي، ٻي جنگ 2- رجب 1176هه/ 17- جنوري 1763ع ۾ لڳي، پهرين جنگ کان پوءِ ڪڇ جو راءِ ڏيسل وعدي مطابق ميان غلام شاهه کي سڱ ڏيڻ کان نابري وارڻ تي اِها ٻي جنگ لڳي هئي. راءِ ڏيسل ڪڇ جو هٺيلو حاڪم هو. ڪڇين جي باغياڻي روين جي ڪري ميان غلام شاهه پراڻ درياءَ تي موري واري جڳهه تي هڪ وڏو بند ڏياريو، جنهن سان ڪوري نار ڏانهن مٺي پاڻيءَ جي پهچ بند ٿي وئي، ۽ ڪڇ ۾ ساريال فصل وارو ”ٻنيءَ“ وارو علائقو ويران ٿي ويو. انهيءَ علائقي مان ڀڄ سرڪار کي ساليانو اٺ لک ڪوڙين جي آمدني ٿيندي هئي. ان کان پوءِ سن 1819ع ۾ آيل زلزلي جي ڪري ڪڇ جو سـُـندريءَ وارو زميني ڀاڱو هيٺ ٿي ويو ۽ ان ۾ سمنڊ جو پاڻي ڪاهي آيو. ان ڪري اهو علائقو کاري پاڻي جي ڍنڍ بڻجي ويو. ان ريت ڪوري نار کان وٺي ننگر پارڪر تائين وارو علائقو ڪلراٺو رڻ بڻجي ويو ۽ سرحدي ڳوٺ رحمڪي بازار ڀڙڀانگ ٿي ويو.

9 صدي عيسويءَ ۾ سنڌ جي جاڙيجن سمن ڪڇ کي والاريو ۽ سندن حڪومت سن 1947ع تائين ڪڇ تي قائم رهي آهي.

محترم محمد سومار شيخ جو هيءُ ڪتاب ”ڪڇ جو رڻ“ سنڌو سڀيتا جي اوج جي هڪ مختصر ڪهاڻي آهي، جنهن جي سوڌ سنوار ۾ منهنجي مانائتن استادن: محترم عطا محمد ڀنڀرو ۽ محترم ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جون صلاحون ۽ هدايتون شامل رهيون آهن.

اَڄُ آڳڙيا آئيا، سائو ڪي سـُـڄاڻ،
لاهيندا مورياڻ، رُڪ ڪريندا پڌرو.

(ڀٽائي رحه)

 

 

اڱارو 14- شوال المعظم 1427هه

بمطابق 7- نومبر 2006ع                        عبدالحفيظ قريشي

 

-------

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org