سيڪشن؛ تاريخ

ڪتاب: ڪڇ جو رڻ

حصو پهريون

صفحو ؛ 5

 

(8)

سما گهراڻو (سن 1351ع - 1520ع)

سما حاڪم سنڌ جي قديم قبيلي مان هڪ آهي. هيءُ قبيلو سومرن سان عزازت جي ڪري ويجهڙائي ۾  هجي ته شڪ ناهي. عرب جڏهن سنڌ ۾ آيا، تڏهن هن قبيلي جي حڪومت ساوندي (ساوڙي) ۾ هئي. سما قبيلي علائقو برهمڻ آباد جو هڪ مقبول علائقو هو.(1) سما عربن کان پوءِ ۽ اڳ سنڌ ۾ پنهنجي سنڌيت جي گڻ سان معمور هئا.

سومرن جي ڏينهن ۾ سما سنڌ مان لڏي وڃي ڪڇ ۾ ويٺا. سندن لڏڻ لاءِ به هڪ دلچسپ ڳالهه ڪئي ويندي آهي. سومرا شراب سان گڏ پاڏي جو گوشت به استعمال ڪندا هئا، سو هڪ سومري هڪ سمي جو پاڏو ڪهي کائي ڇڏيو جنهن تان سمي کي سندس زال مهڻو ڏنو ته، ”اڄ سومرا پاڏو ڪاهي ويا، سڀاڻي زالون به وٺي ويندا.“ اِهو مهڻو کيس ڏکيو لڳو، انهيءَ سمي ڪجهه سردار گڏ ڪيا، پوءِ سومرن جا ڪجهه ماڻهو ماري لاڙ وارا ۽ ٻيا ڪجهه سما ڪڇ هليا ويا. سومرن وڏا حيلا ڪيا ته سما، سنڌ مان نه وڃن، پر هنن نه مڃيو.

ڪڇ جي راجا هنن جي وڏي مرحبا ڪئي ۽ هنن کي هڪ جاگير ڏيئي خوش گذارڻ لاءِ چيو، پر سمن ڪڇ جي راجا کي ڪـُـهي، سندس سڄو ملڪ پنهنجي هٿ ۾ ڪيو. ائين سما ڪڇ جا والي ٿيا.(2)

سمن ۽ سومرن جون ذاتي رنجشون رهنديون پئي آيون. هو پاڻ ۾ اٽڪندا رهندا هئا. ڪو زوراور سومرو هوندو هو ته ڪڇ جي سمن جي ڪن مهٽ پيو ڪندو هو، نه ته اهي ارڏايون سمن کي نيبهه ٿيو وينديون هيون.

سنڌ ۽ ڪڇ ۾ گهڻا سما قبيلا رهندا هئا. اهي هڪ ٻئي جا عزيز هئا. آخر سومرن جي طاقت گهٽجڻ جي ڪري خفيف جي ڏينهن ۾ 752هه/1351ع ۾ سمن، سومرن کان ڏکڻ اولهه وارو سنڌ جو پاسو ڦـُـري ورتو. هونئن به سمن جو انهيءَ پاسي گهڻو زور هو. سامونڊي ڪناري واري زمين هنن جي هٿ ۾ هئي(1) ۽ هي سنڌ جا سما باقاعدي سومرن جي پاران حڪومت ڪندا پئي آيا. خفيف سومري جي وقت کان پوءِ انهيءَ پاسي وارا سما خودمختار حاڪم ٿيا.

جناب ايم.ايڇ. پنهور صاحب پنهنجي مقالي ”سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا“ ۾ لکي ٿو:

”سمن ڄامن سن 734-751هه/1333ع - 1351ع تائين، سومرن جي نائبن طور سنڌ جي ڪجهه حصن تي حڪمراني ڪئي هئي. سن 1351ع ۾ انهن پنهنجي بادشاهت قائم ڪئي. انهن ويهن سالن کي ڇڏي (سن 769-792هه/1368ع - 1389ع) جي تغلقن جي نائبن طور گذريا. سمن ڄامن سن 1524ع تائين آزاديءَ سان حڪومت ڪئي. هن سموري عرصي ۾ ڪڇ تي جاڙيجن سمن جي بادشاهي رهي، جي لاکي سمي جو اولاد ۽ هندو توڙي اصل سنڌ جا رهاڪو هئا. سنڌ جي سمن ۽ ڪڇ جي سمن جا تاريخي لاڳاپا ڏسجن ٿا. محمد تغلق جي ڪاهه وقت سن 1351ع ۾، سنڌ جي مسلمانن سمن، ڪڇ ڏي لڏپلاڻ جي تياري ڪئي. پر بادشاهه جي اچانڪ موت تي هيءُ ارادو ترڪ ڪيو ويو. هي حملو هڪ باغي غلام طغي جو پيڇو ڪندي ڪيو ويو، جنهن کي سومرن ٺٽي ۾ پناهه ڏني هئي. ان جو مقصد سمن کي سيکت ڏيڻ به هو، جن سن 734هه/1333ع ۾ سيوهڻ جو شهر دهليءَ جي نائبن کان کسيو هو.(1) جاڙيجن سمن سن 1315ع ۾ دهليءَ کان آزادي ورتي هئي. انهن باغي غلام طغيءَ کي ڪڇ مان لکپت، جاتي ۽ سجاول ذريعي ٺٽي پهچڻ ۾ مدد ڪئي. سمن جاڙيجن، بادشاهه محمد تغلق جو رستو روڪيو هو. بادشاهه ڊگهو رستو اختيار ڪيو ۽ ٺٽي پهچڻ لاءِ ننگرپارڪر، ويراواهه، ڏيپلو، مٺي، ڏنڀرلو، ڊگهڙي ۽ نصرپور اچي درياءَ سنڌ پار ڪيائين جتي سونڍا شهر وٽ مئو هو.(2)

هن جي موت کان پوءِ سمن همت ڪري سومرن کي اقتدار تان هٽايو. سن 1365ع ۾ فيروز تغلق درياهه ذريعي سنڌ تي ڪاهه ڪئي ۽ پنج هزار ٻيڙا استعمال ڪيا. ان جو مقصد همير سومري کي بحال ڪرائڻ هو. سنڌ جي لشڪر ڪڇ جي سمن سامونڊي فوج جي مدد سان هن ٻيڙي کي ناس ڪيو. فيروز شاهه تغلق شڪست کائي ڪڇ کان گجرات لاءِ نڪتو. هن جا ميداني جٿا ڪڇ جي رڻ ۾ رُلي برباد ٿي ويا. بادشاهه جو ڇهن مهينن تائين ڪوبه ڏس پتو نه ٿي پيو. ان جو وڏو سبب رڻ جو ڪشادو ملڪ، ڪڇ جا ويران جبل ۽ ڪڇين جو گوريلا جنگي طريقو هو. ٻئي حملي وقت فيروز شاهه تغلق ڪڇ کان هٽي سنڌ پهچڻ لاءِ اهو رستو ورتو، جو ان کان اڳ محمد شاهه تغلق اختيار ڪيو هو.

سن 612هه/1215ع ۾ رائڌڻ جي موت تي، ڪڇ جو ملڪ هن جي ٽن پٽن ۾ تقسيم ٿي ويو(3). دادر کي ڪنٿ ڪوٽ وگڊ وارو علائقو مليو. گجن کي اولهه ڪڇ هٿ آيو. اوٺي کي لکوير جو خطو هٿ آيو. سن 1410ع ۾ دادر جي اولاد کان وگڊ نڪري ويو ۽ ان تي گجرات جي حاڪمن قبضو ڪيو. باقي ٻه خاندان پنهنجن حصن تي حاوي رهيا. هنن ٻنهي سن 877هه/1472ع ۾ سلطان محمود بيگڙي (ٻهگڻي)(1) آڏو هٿيار ڦٽا ڪيا، جنهن کين پنهنجن علائقن ۾ نائب طور قبول ڪيو. سن 912هه/1506ع ۾ گجن جي اولاد مان لاکو، اوٺي جي اولاد هميرجيءَ جي علائقي مان لنگهندي قتل ٿي ويو. هن قتل جو جوابدار سمجهندي، سندس پٽ راول، دوکي سان هميرجيءَ کي قتل ڪرائي ڇڏيو. هميرجيءَ جا پٽ گجرات ڀڄي ويا، جتي ڪجهه بهادري ڏيکارڻ تي، کين محمود شاهه بيگڙي جي فوجي تربيت گاهه ۾ سکيا ڏئي واپس ڪڇ ڏي موڪليو ويو. هن دؤر ۾ سنڌ جو ملڪ ڪڇ جي اندروني مسئلن ۾ اُلجهي پيو. هميرجيءَ جي پٽ کنگهار جي مخالفت ۾، ڄام فيروز سنڌ جي بادشاهه، راول جي مدد ڪئي. کنگهار بدلي ۾ ڄام صلاح الدين جي مدد ڪئي جو ان وقت گجرات ۾ هو ۽ ٺٽي تي قبضي ڪرڻ جو خواهشمند هو، هو ان ۾ ڪامياب ويو ۽ اٺ مهينا ٺٽي ۾ حڪومت ڪيائين، جنهن کي پوءِ دريا خان بيدخل ڪيو هو. کنگهار رحمڪي بازار ۾ ويراواهه تي قبضو ڪري، سنڌ کان راول جي ڪنهن به امڪاني مدد کي ڪٽڻ جي ڪوشش ڪئي. هن ٺٽي تي ٻيو ڀيرو قبضي لاءِ پاڻ ڄام صلاح الدين جي مدد ڪئي. انهيءَ صورت حال جو سڄو فائدو شاهه بيگ ارغون کي ٿيو، جنهن ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو. ڄام فيروز ڪڇ ڏي ڀڄي ويو. خوف ۾ اچي کنگهار ٺٽي جي نئين طاقت خلاف ڄام فيروز کي فوجي مدد ڏني. پر کيس شڪست آئي ۽ هو ڪڇ کان گجرات هليو ويو. کنگهار کان بدلي وٺڻ لاءِ سن 933هه/1527ع ۾ شاهه حسن ڪڇ تي ڪاهه ڪئي. ڪڇين سرحدي علائقا خالي ڪندي کوهن ۾ زهر وڌو ۽ ڪي گوريلا جنگي طريقا اختيار ڪيا. هي حملو بي مقصد ثابت ٿيو. سن 942هه/1536ع ۾ شاهه حسن کي همايون بادشاهه جو حڪم پهتو ته، گجرات جي حملي ۾ سندس مدد لاءِ پهچي. ڪڇين جي تلخ تجربي سبب شاهه حسن، گجرات وڃڻ لاءِ، ڪڇ کان ٽارو ڪندي سن 715هه/ 1315ع ۾ اختيار ڪيل محمد تغلق وارو رستو ورتو.

ان کان اڳ شاهه بيگ سڄي سنڌ ۾ خاص ڪري جيڪب آباد، شڪارپور، لاڙڪاڻي، دادو، ٺٽي ۽ حيدرآباد ضلعن کي تاراج ڪيو هو. گڏوگڏ هن سکر کان تلهار تائين، سنڌو درياهه جي ٻنهي ڪنارن سان، ڏهن کان پندرهن ميلن جي پکيڙ ۾  سنڌي آبادين کي ڦريو، ساڙيو ۽ برباد ڪرايو هو.

ان بعد شاهه حسن، روهڙي ۽ ملتان جي وچ ۾ خاص ڪري ماٿيلو، اٻاوڙو، سيورائي، ڀٽه واهڻ، ديراوڙ ۽ اُچ کي تاراج ڪرايو هو. جي سڀ ان وقت سنڌ جي سرحدن ۾ شامل هئا. سن 948هه-950هه/1541ع -1543ع واري اڍائي سالن تائين جي عرصي ۾ همايون جلاوطن ٿي ٻه لک فوج سان سنڌ ۾ رلندو رهيو. شاهه حسن سن 947هه/ 1540ع ۾ همايون جي شڪست جو ٻڌي، دورانديشيءَ طور روهڙيءَ ۾ اُچ علائقي جي وچ ۾ پوکون برباد ڪرائي ڇڏيون. پر جڏهن همايون سنڌ ۾ داخل ٿيو ته باقي رهيل آباديون (فصل) ناس ڪرائي وڌائين. اڍائي ٽن سالن تائين ڪابه پوک ٿيڻ نه ڏني وئي، جنهن سبب سنڌ ۾ ڏڪر، بيمارين ۽ خراب حالتن منهن ڪڍيو.

همايون جي ٻه لک فوج کيس مارائي وڌو، کاڌي جي ڳولا ۾ لشڪرين ڦرلٽ جو ڌنڌو اختيار ڪيو. نتيجي طور سنڌ جا ڳوٺ برباد ٿيا. هي ابتر صورتحال وڌيڪ پنجويهه سال جاري رهي. ان ڪري سنڌي وچولو طبقو ڪڇ ڏي لڏپلاڻ شروع ڪئي. جتان پوءِ هي ماڻهو ڪاٺياواڙ، گجرات، برهانپور ۽ عربستان ڏي ويندا هئا. هي شايد آخري موقعو هو جو ڪڇ جي ملڪ وڏي پيماني تي سنڌي عوام سان تعاون ڪيو. لڏپلاڻ جو هي سلسلو سن 949هه/1542ع ۾ شروع ٿي. سن 1009هه/1600ع ۾ ختم ٿيو. هن دؤر ۾ وڏو عرصو يعني ته 1586ع تائين راءِ کنگهار جي حڪومت رهي. سن 947هه/1540ع ۾ هن راول کي ڊوڙايو جنهن ”نوان ننگر“ ۾ پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. هن لڏپلاڻ جي شاهدي ڪڇ ۽ سنڌ ۾ مشترڪه قبيلن جي موجودگيءَ مان ملي ٿي. اهي هندو به آهن ته مسلمان به آهن. شيرنگ جي حوالي سان(1) اهڙن قبيلن جي فهرست هت ڏجي ٿي:

ابڙا، آگرا (آڳڙيا)، ڀنڊاري، ٻاروچا، ڀٽ، ڀٽي، ڀٽا، چاوڙا، دل، ڳاها، ساند، اَڍيجا، آريسر، ڪوٽڙيا، گجر، چـَـنڊ، هالا، هالي پوٽا، نارڻ پوٽا، جاڙيجا، جت، کتري، ڪاٺڙا، ڪاٺڻيا، لاکا، لوهاڻا، چارڻ، مينڌرا، مڱريا، ميمڻ، مياڻا، موٽيا، پلهه، پهوڙ، راڄڙ، سولنڪي (سولنگي)، سما، سميجا ۽ سنگهار وغيره.(2)

فيروزالدين ڄام اُنڙ سمو:

هو سومرن جي طرفان ٺٽي تي راڄ ڪندو  هو.(3) دهليءَ طرفان مقرر ٿيل سيوهڻ جي حاڪم مـَـلڪ رتن کي هن ڪـٺـو، اُن کان پوءِ هن مـُـلڪ جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. سومرن جي حاڪم جو به هن سان واسطو نه رهيو. عمر ٻئي امر ڪوٽ ۾ وڃي تخت وسايو. اهڙي طرح اولهه سنڌ تي هي ۽ اوڀر سنڌ تي سومرا حاڪم گڏوگڏ رهندا پئي آيا.

علاؤ الدين ڄام جوڻو:

سن 753هه/1352ع ۾ ڄام اُنڙ کان پوءِ گاديءَ نشين ٿيو.(4) هن 26 سال راڄ ڪيو. بکر تائين حڪومت تي قبضو ڪيو(5) ڄام جوڻا خان جي ڌيءَ بيبي مغلي گجرات جي حاڪم سان پرڻي.(1) اُن جي بطن مان محمود بيگڙو (محمود ٻهگڻو) ڄائو هو. اهڙيءَ طرح سمن سومرن جي گجرات جي پاسي واري ڀيڻي به بند ڪئي. سمن جي سومرن کي ختم ڪرڻ لاءِ اها سهڻي سياست هئي. هن ٻه ڀيرا اقتدار ماڻيو هو.

رڪن الدين شاهه ڄام تماچي:

ڄام جوڻي کان پوءِ ڄام تماچي ولد ڄام اُنڙ سنڌ جو حاڪم ٿيو. هن تي فيروز شاهه تغلق هندستان جو حاڪم چڙهي آيو. جنهن جو ساڻس
سن 768هه/1366ع ۾ صلح ٿيو.(2) هي عادل حاڪم هو، ڄام تماچي ملتان ۽ اُچ وارن بزرگن جو وڏو احترام رکندو هو.(3) انهيءَ ٺاهه ڪرائڻ ۾ اُچ جي بزرگن جو وڏو ڪردار هو، جي سمن جا مرشد هئا.

صلاح الدين شاهه ڄام ٻانڀڻيو:

تماچيءَ کان پوءِ ڄام ٻانڀيڻي (بابيني) 15 ورهيه راڄ ڪيو.

ڄام خير الدين ڄام توغاچي:

هن جي ڏينهن ۾ فيرزوشاهه تغلق سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ هن کي قيد ڪري وٺي ويو. پر واٽ تان ڀڄي اچي تخت تي ويٺو. پاڻ عادل حاڪم هو.(4)

ڄام ٻانڀڻيو بن خير الدين:

هن ساموئي شهر نئين سر اڏايو. هي شهر اڳي ڀنڀي بن انڙ ٻڌايو هو.(5)

رڪن الدين شاهه ڄام تماچي بن خير الدين:

نوريءَ جو نوازيندڙ هي تماچي هو. پاڻ ڄام ٻانڀيڻي کان پوءِ تخت تي ويٺو هو. هو آرام پسند عيش عشرت جو ڪوڏيو هو. هن ڪل 13 سال راڄ ڪيو.(1) هن ٻه ڀيرا اقتدار ماڻيو.

ڄام صلاح الدين بن تماچي:

هو سنڌ جو خود مختار حاڪم ٿي رهيو. تنهن ڪري باغين پٺيان ڪاهي پيو، جي ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويا هئا، انهن کي اُتي به ڪونه بخش ڪيائين، انهن کي ڳولي ڳولي ماريائين. ڪڇ سان هن جون جيڪي به لڙايون ٿيون، تنهن ۾ سوڀ کيس ملي. هن ڪل 11 سال حڪومت ڪئي.(2)

ڄام نظام الدين بن صلاح الدين:

هن تخت تي ويهڻ شرط پنهنجا چاچا آزاد ڪيا، جيڪي اڳي جيل ۾ هئا، انهن هن کي غافل ڏسي تخت تان لاهي ڇڏيو. هي گجرات ڏانهن ويندي، واٽ تي گذاري ويو.(3)

ڄام علي شير:

ڄام نظام الدين کي تخت تي لاهڻ کان پوءِ سنڌ جي عوام باغين جي بدران علي شير درويش کي گاديءَ تي ويهاريو. ڄام ڪرن ۽ ٻيا فسادي رڻ ۾ رلندا رهيا. هن ست سال حڪومت ڪئي.(4)

ڄام ڪرن:

هن کي گاديءَ تي ويٺي هڪ ڏينهن ٿيو هو ته سندس اقتدار جي مخالفن کيس طهارت خاني ۾ ڪهي ڇڏيو.(5)

ڄام فتح بن سڪندر بن تماچي:

هن پاڪيزهه حڪمران 15 ورهيه راڄ ڪري پنهنجي موت کان اڳ گادي پنهنجي ڀاءُ ڄام تغلق کي ڏيئي ويو.(1)

ڄام تغلق شاهه جوڻو ٻيو:

هي شڪار جو شوقين هو. هن جو راڄ سندس ڀائر سنڀاليندا هئا. هن تغلق آباد شهر اڏايو، جو هينئر ڪلان ڪوٽ جي نالي سان سڏجي ٿو.(2)

سڪندر شاهه ثاني ڄام محمد عارف انڙ:

هن جي ڏينهن ۾ مبارڪ نالي هڪ باغيءَ حڪومت تي قبضو ڪرڻ ٿي گهريو، پر رعيت ان کي نه گهريو. هن ڏيڍ سال راڄ ڪيو، پوءِ وفات ڪري ويو.(3)

ڄام مبارڪ خان:

هن ڪـُـل ٽي ڏينهن اقتدار ماڻيو، کيس سنڌ جي عوام اقتدار تان لاٿو هو.

صدرالدين شاهه عرف راءِ ڏنو:

ڄام تغلق جي ڏينهن ۾ هي ڪڇ ۾ رهندو هو.. سنڌ جا ماڻهو هن کي گهرندا ۽ ڀائيندا هئا. هن کي عوام جي مرضيءَ سان تخت تي ويهاريو. هن جي ڏينهن ۾ گجر، واگهيلا ۽ ڪڇي ٿر جي ڀٽن ۾ ڏاڍي ڦرلـُـٽ ڪندا هئا ۽ انهن پئسن مان هٿيار وٺندا هئا. هنن کي سلطان فتح محمد سزائون ڏنيون ۽ ٿر ۽ ڪڇ جو حصو پنهنجي هٿ ۾ رکيو.(4) هن جي ڏينهن ۾ سمنڊ کان ماٿيلي تائين واري سنڌ هن جي هٿ ۾ هئي.(5) الزام آهي ته هن کي ڄام سنجر زهر ڏيئي مارايو.

ڄام سنجر:

هن سنڌ تي اٺ سال حڪومت ڪئي. هو ڏاڍو حسين ۽ بااخلاق هو. هن سرڪاري ملازمن جا پگهار وڌايا.

ڄام  نظام الدين (نندو) پٽ ڄام ٻانڀڻيو:

هو سن 866هه/1461ع ۾ اقتدار ۾ آيو. هو وڏو علم دوست هو، هن جو گهڻو وقت ڪتبخانن ۾ گذرندو هو. پاڻ عبادت ڪندڙ به هو. هن ٺٽي کي نئين سر تعمير ڪرايو. اڳوڻي ٺٽي جي حالت شايد ڪوجهي ٿي ويئي هئي. سن 914هه/1508ع ۾ هي ديندار بادشاهه وفات ڪري ويو.

فيروز شاهه ولد نظام الدين:

ڄام نندي کان پوءِ ڄام فيروز گاديءَ تي ويٺو. دولهه درياءَ خان ڄام فيروز کان ڪاوڙيو ته، دشمن کي وجهه مليو. سندس سوٽ ڄام صلاح الدين ڪڇ مان سنڌ تي ڪاهي آيو ۽ ڄام فيروز کان ملڪ ڦري ورتائين. پر درياءَ خان وري ڄام صلاح الدين کان مـُـلڪ ڇڏايو، وري به گادي ڄام فيروز کي ملي. صلاح الدين ڄام سنجر جو پوٽو هو. ڄام فيروز تخت تي ويٺو، پر منجهس حال نه هو، تنهن ڪري قنڌار جي اقتدار کان محروم ڪيل شاهه بيگ ارغون، جنهن پنهنجي فوج سان گڏ شال ۽ سيوي ۾ ٻن سالن تائين گوگڙن تي گذارو ڪرڻ کان پوءِ سٺو وجهه ڏسي 11- محرم 926هه/1519ع ۾ ڄام فيروز کان سنڌ ڦري ورتي، ان ريت سنڌ جي حڪومت سمن کان هلي ويئي ۽ ارغون ۽ ترخان سنڌ جا والي ٿيا.(1)


 

سنڌ جا سما حاڪم(1)

1. فيروزالدين ڄام انڙ پٽ ڄام ٻانڀيڻو-I

737هه - 753هه

2. (الف) علاؤالدين ڄام جوڻو-I پٽ ڄام ٻانڀيڻو-I

753هه - 768هه

    (ب) صدرالدين ڄام ٻانڀيڻو-II پٽ فيروز ڄام انڙ

 

3. ڄام رڪن الدين شاهه ڄام تماچي پٽ فيروزالدين ڄام انڙ

768هه - 772هه

4. علاؤالدين ڄام جوڻو-I پٽ ڄام ٻانڀيڻو-I

791هه

5. رڪن الدين شاهه ڄام تماچي پٽ ڄام انڙ

795هه

6. صلاح الدين شاهه پڻ ڄام تماچي

795هه - 806هه

7. ڄام نظام الدين-I پٽ ڄام صلاح الدين

809هه

8. ڄام علي شير پٽ ڄام تماچي

809هه-815هه

9. ڄام ڪرن پٽ ڄام خيرالدين ڄام توغاچي پٽ ڄام علاؤ الدين جوڻو-I

816هه

10. صدرالدين ڄام سڪندر شاهه-I پٽ خيرالدين توغاچي  پٽ علاؤالدين ڄام جوڻو

 

816هه

11. ڄام فتح خان پٽ صدرالدين ڄام سڪندر شاهه-I اٽڪل

 

               

اٽڪل 816هه - 831هه

12. ڄام تغلق شاهه، ڄام جوڻو-II پٽ صدرالدين ڄام سڪندر شاهه

831هه - 857هه

13. ڄام مبارڪ خان         

اٽڪل 857هه

14. سڪندر شاهه- II ڀٽ ڄام فتح خان

اٽڪل 875هه

15. ڄام صدرالدين ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو

25 ربيع الاول 858هه-866هه

16. سلطان ڄام  نظام الدين- II ڄام نندو

866هه- 914هه

17. ڄام فيروز-II پٽ ڄام نظام الدين عرف ڄام نندو

914هه- 928هه

18. ڄام صلاح الدين شاهه          

917هه- 919هه

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

-------


 

سنڌ جا سما حاڪم(1)

        بادشاهه جو نالو                        آغاز        پڄاڻي

1.      فيروز الدين شاهه ڄام انڙ-I               1351ع  1352ع       

2.      (الف) صدرالدين شاهه ڄام ٻانڀيڻو-II   1352ع  1368ع      

        (ب) علاؤالدين ڄام جوڻو-I

3.      (الف) رڪن الدين شاهه ڄام تماچي     1368ع  1370ع       

        (ب) خيرالدين ڄام توغاچي          

4.      علاؤالدين ڄام جوڻو- ٻيو ڀيرو    1370ع  1388ع

5.      رڪن الدين شاهه ڄام تماچي، ٻيو ڀيرو 1388ع  1388ع

6.      سلطان صلاح الدين شاهه ڄام انڙ-II     1392ع  1404ع

7.      ڄام نظام الدين-I                          1404ع  1406ع

8.      ڄام علي شير                      1406ع  1412ع

9.      ڄام ڪرن                         ڏيڍ ڏينهن

10.    صدرالدين ڄام سڪندر-I                 1413ع  1413ع  

11.     ڄام فتح خان                      1413ع  1428ع        

12.    ڄام تغلق شاهه جوڻو-II                   1428ع  1453ع       

13.    ڄام مبارڪ خان                          ٽي ڏينهن

14.    سڪندر شاهه ثاني ڄام محمد عارف انڙ   1453ع  1454ع            

15.    صدرالدين شاهه ڄام سنجر عرف راءِ ڏنو 1454ع  1461ع      

16.    سلطان نظام الدين ثاني عرف ڄام نندو 1461ع  1508ع   

17.    ناصرالدين ابوالفتح سلطان فيروز-II        1508ع  1512ع        

18.    سلطان صلاح الدين شاهه                 1508ع  1512ع                   

19.    سلطان فيروزثاني- ٻيو ڀيرو                1512ع  1520ع

 

--------

 


 

(9)

ارغون گهراڻو (سن 1520ع- 1552ع)

سمن جي حڪومت تي ارغونن ڌاڙو هنيو. جيتوڻيڪ هنن جو ذاتي طور موجوده ”ڪڇ جو رڻ“ سان ڪوبه واسطو ڪونه هو، پر جيئن ته، ”سما“ جيڪي سنڌ جا حاڪم هئا، انهن جو انهيءَ پاسي خاص اثر رسوخ هو ۽ هنن پنهنجيءَ حڪومت وٺڻ لاءِ ڪڇ ۽ گجرات جو سهارو پئي ورتو، تنهن ڪري هنن جو ذڪر ڪرڻ به ضروري ٿي پيو آهي.

سن 917هه/1512ع ۾ شاهه بيگ ارغون قنڌار کان شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ تي ڪاهه ڪئي، جتان جي حڪمران سلطان برولي برلاس ٽي هزار بلوچ ۽ ٻيو لشڪر ساڻ ڪري سندس مقابلو ڪيو، پر شڪست کائي ويو. ٻن سالن تائين شاهه بيگ ارغون جو لشڪر سيويءَ ۾ لنگهڻ ڪـَـٽيندو ۽ گوگڙو کائي گذاريو ڪندو رهيو. انهيءَ سال ڄام فيروز جي سوٽ ڄام صلاح الدين گجراتين جي فوجي مدد سان ٺٽي تي قبضو ڪري ورتو.

هوڏانهن سن 919هه/1513ع تي بابر بادشاهه قنڌار تي حملو ڪيو، سن 919هه/1513ع ۾ دريا خان ڄام صلاح الدين کان اقتدار وٺي ڄام فيروز جي حوالي ڪيو، پر پاڻ سخت بيمار ۽ ضعيف ٿي پيو. بيمار جي عيادت جي بهاني سان شاهه بيگ ارغون کيس سوکڙيون موڪلي وقتي طرح سان جنگ کي ٽاري قنڌار جو اقتدار بچائي ورتو. سن 920هه/1514ع ۾ شاهه بيگ ارغون جي بـُـکي فوج- باغبان ۾ ڳاهن جي ڳوٺ تي حملو ڪري، مال، متاع، اناج ۽ نارن ۾ وهندڙ اُٺ ڪاهي ۽ ڦرلٽ ڪري هلي وئي.

سن 921هه/16-1915ع ۾ شاهه بيگ ارغون ٺٽي تي پهريون حملو ڪيو، پر سنڌي فوج جي زبردست مقابلي بعد ماڻهو مارائي واپس موٽي ويو.

سن 922هه/1516ع ۾ بابر بادشاهه ٻيهر قنڌار جو رخ ڪيو. شاهه بيگ ارغون هڪ سال جي مهلت گهري ۽ سن 923هه/1517ع ۾ وعدي مطابق شاهه بيگ ارغون قنڌار جو اقتدار هميشه لاءِ بابر بادشاهه جي حوالي ڪري ڇڏيو. سنڌ جي ڪمزور حڪومت بابت کيس گهڻي ڄاڻ هئي. سمي حڪمران ڄام فيروز جي دؤر ۾ جيڪي ارغون ٺٽي ۾ آباد ٿيا هئا، اهي  شاهه بيگ ارغون کي ٺٽي جي سياست جي پـَـل پـَـل جي خبر پـُـڄائيندا ٿي رهيا.

”سن 923هه- 925هه/1517ع-1519ع تائين وارو سمورو عرصو شاهه بيگ ارغون، شال، ڪوئٽا ۽ سبيءَ ۾ پنهنجو اقتدار مضبوط ڪرڻ ۾ گذاريو ۽ 11- محرم الحرام 926هه/12- جنوري 1520ع تي هن ننگر ٺٽي تي هڪ وڏي حملي ڪرڻ لاءِ ڪاهه ڪئي. ڌارين جي يلغار خلاف دولهه دريا خان باغبان پرڳڻي مان پنهنجن پـُـٽن ۽ سنڌ جي راڄن جي فوج سان گڏ وطن بچائڻ لاءِ مقابلو ڪيو ۽ پٽن سوڌو شهيد ٿي اَمر ٿي ويو. جڏهن ته ڄام فيروز- شاهه بيگ ارغون آڏو پيش پيو، جنهن جي صلي ۾ کيس ٺٽي جي عارضي حڪمراني ڏني وئي. البت سيوهڻ جي حڪمراني شاهه بيگ ارغون پاڻ وٽ رکي ڇڏي. هن موقعي جي حوالي سان روايت آهي ته، ٺٽي جي هڪ سنڌي عالم قاضي قاضن، شاهه بيگ ارغون کي مشورو ڏنو ته: ”سنڌ ۾ ڪرڙ ڪانڊيرا جام آهن، انڪري کهيڙو هميشه ساڻ هئڻ گهرجي.“  اها ڳالهه سمجهندي هـُـن- وٽس آيل سنڌ جي راڄن جي چڱن مڙسن کي، اُتي جو اُتي قتل ڪرائي ڇڏيو.

شاهه بيگ ارغون پوءِ سبيءَ کان وٺي سيوهڻ تائين اهم علائقن تي قابضي ٿي پنهنجي حڪومت مضبوط ڪري رهيو هو. چئن سالن جي حڪومت ڪرڻ کان بعد 22 شعبان 928هه/19- جون 1522ع تي مري ويو. انهيءَ سال شاهه حسن ارغون ٺٽي تي ڪوڙو بهانو ڪري قبضو ڪري ورتو(1).“

ميرزا شاهه بيگ ارغون:

ميرزا شاهه بيگ ارغون قنڌار جي حڪومت تان بيدخل ٿيڻ کان پوءِ ٻن سالن تائين شال ۽ سيوي تي ٺٽي جي حڪومت سخت ڪمزور ٿي ويئي آهي(2) اُن ڪري ميرزا شاهه  بيگ ارغون 11 محرم 926هه/12- جنوري 1520ع ۾ ٺٽي تي قبضو ڪيو. ڄام فيروز کي هن پنهنجو پٽ ڪري سڏيو ۽ لڪيءَ کان ويندي سمنڊ تائين وارو مـُـلڪ هن جي قبضي ۾ رهڻ ڏنو.

ڄام صلاح الدين:

ڄام فيروز کان ڄام صلاح الدين هارائي ويو هو، اُهو گجرات ۾ مقبول هو، ڇو ته هن جو پٽ هيبت خان گجرات جي حڪمران مظفر شاهه جو ناٺي هو ۽ خود ڄام صلاح الدين جي سوٽ جي شادي مظفر شاهه جي نياڻيءَ سان ٿيل هئي، تنهن ڪري گجرات جو اِهو بادشاهه هن سان پورو وفادار ٿيو بيٺو  هو، هوڏانهن راءِ کنگهار ڪڇ جو راجا به ڄام صلاح الدين سان هم صلاح هو، تنهن ڪري ٿر جا سوڍا به ڄام صلاح الدين سان صلاح ۾ ٿيا. اهڙي طرح سوڍا، جاڙيجا، سما ۽ ٻين همدردن جو ڏهه هزار لشڪر وٺي هو اقتدار حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهي آيو. هن سان امر امراڻي، راءِ کنگهار جو ڀاءُ، رڻمل سوڍو ۽ سارنگ خان سهتو مکيه چونڊ ويڙهاڪ سردار ساٿ ۾ هئا، خود سندس پٽ هيبت خان پڻ لشڪر جي رهبري ڪري رهيو هو.

اِها خبر جڏهن ڄام فيروز کي پيئي، جيئن ته هـُـو شاهه بيگ لشڪر جا جو نائب هو، تنهن اِها دانهن شاهه بيگ کي ڏني، جنهن شاهه حسن کي لشڪر جنگ لاءِ گڏ ڪرڻ جو چيو. شاهه حسن ٺٽي ۾ آيو. اُن سان به عيسيٰ مقيم بيگلار، ڪيبڪ ارغون ۽ احمد خان سردار هئا، ۽ پٺيان لشڪر جا  ٽولا ٽولا شاهه بيگ موڪليندو رهيو.

ڄام صلاح الدين کي شاهه حسن ارغون جي خبر پهتي ته، ريڻ درياءَ اُڪري، جوڻ جي ڀرسان هالار ڳوٺ ۾ جنگ جو ميدان سينگاريائين. جنگ ۾ ڄام صلاح الدين ڪسي ويو پر شاهه حسن ارغون اٽڪل ڪري، انهيءَ لشڪر جي پٺيان حملو ڪيو، جنهن ڪري لشڪر جا حوصلا خطا ٿي ويا. هن جنگ ۾
امر امراڻي ڪڇ جي راجا جو ڀاءُ، ڄام صلاح سمو ۽ ٻيا سردار ۽ اڳواڻ مارجي ويا، بچيل لشڪر پنهنجي مـُـلڪ ڀڄي ويو. ڄام صلاح الدين کي حميد جت ۽ فتح محمد کي مير خوش محمد قتل ڪيو.

شاهه حسن ارغون  اُن جنگ جي ميدان تي ٽي ڏينهن رهي واپس ويو. ڄام فيروز پنهنجي گاديءَ جي جاءِ ٺٽي ۾ وڃي رهيو. هيءَ لڙائي اُها لڙائي هئي، جنهن ۾ ڄام صلاح الدين جي طرف جو ڪوبه وڏو سردار سلامت نه رهيو هو، سڀ جنگ ۾ مارجي ويا هئا.(1)

گجرات تي ڪاهه:

ڄام فيروز، شاهه بيگ ارغون کي خط لکيو. انهيءَ ۾ هن کي گجرات تي ڪاهڻ جي صلاح ڏني هئائين ۽ شاهه بيگ کيس جواب ۾ لکيو هو ته، ”گجرات جي فتح کان پوءِ سڄي سنڌ توکي ڏبي.“ (2) آخر شاهه بيگ ارغون بکر کان ٿيندو، ٺٽي جي علائقي مان لنگهندو، اگهم ڪوٽ ۾ انهيءَ ڪري وڃي ٽي ڏينهن آرام ڪيو، جو ڄام فيروز کي لکيو هئائين ته، ”رٿا موجب هاڻ جلد اچ ته، گجرات تي ڪاهي هلون.“ اڃا ڄام فيروز اچي، اُن کان اڳ اجل جو قاصد وٽس پهتو ۽ 22 شعبان 928هه/19- جون 1522ع ۾ وڃي مالڪ ڀيڙو ٿيو.(1)

ميرزا شاهه حسن ارغون:

ڪتاب ”بيگلارنامو“ جو مصنف لکي ٿو ته، ڄام صلاح الدين جي لڙائيءَ وقت، مهتر سنبل رٿ ڏني هئي ته ٻين سمن سان گڏ ڄام فيروز جو به سر ڪٽجڻ گهرجي. ٻين اميرن جي به اها مرضي هئي. پر شاهه حسن ائين نه ڪيو.(2)  شاهه حسن ارغون کي ڄام فيروز سان اُنوقت کان وير هو، پر پڻس جي ڪري ماٺ ۾ هو. چون ٿا ته شاهه بيگ ارغون جي وفات تي ڄام فيروز خوشيءَ جا دهل وڄايا هئا، اِها ڳالهه ميرزا شاهه حسن ارغون کي نه وڻي، پوءِ هو ٺٽي تي ڪاهي ويو. ڄام فيروز ڀڄي ويو، باقي سندس وزيرن ماڻڪ ۽ شيخ ابراهيم، شاهه حسن ارغون  جو مقابلو ڪيو هو.(3) ڄام فيروز ڪڇ ۽ گجرات مان جاڙيجن، سوڍن ۽ ٻئي لشڪر جي وڏي انبوهه سان سنڌ ۾ گهڙيو. هن سان سنڌ جا سپاهي به اچي گڏ ٿيا، ڪل پنجاهه هزار سپاهي هئا.

شاهه حسن کي خبر پيئي ته، اُهو به وڏو لشڪر وٺي چاچڪن ۽ رحمڪي بازار جي وچ ۾ کڙلو (ڪاري ڪاٻاري) وٽ وڃي هن لشڪر کي سامهون ٿيو. پهرئين ڏينهن ۾ ويهه هزار جوڌا جوان ڪسجي ويا، سنڌين سندرا ٻڌي جنگ ڪئي، پر ڄام فيروز مقابلو ڇڏي ويو ته ٻيو لشڪر به ڇڙوڇڙ ٿي ويو. شاهه حسن ارغون پورا ٽي ڏينهن اُن جنگ جو سامان جهڙوڪ: گهوڙا، اُٺ، پئسا، زيور ۽ هٿيار کڻائيندو رهيو، پوءِ سوڀارو ٿي ٺٽي پهتو.(4)

ٿوري وقت کان پوءِ راءِ کنگهار، شاهه حسن ارغون  کي چورائي موڪليو ته، منهنجي ڀاءُ امر امراڻي جي خون جي ياد ٿي اچيم، اُن وير وٺڻ لاءِ سنڌ تي ڪاهه ڪندس يا ڪجهه ٽڪرو زمين جو ڏينم ته ماٺ ۾ گذاريان. اهو ٻڌي شاهه حسن چيو ته، ”تون ڳڻتي نه ڪر، اسين پاڻهي تو وٽ اينداسون.“ پوءِ شاهه حسن ارغون ڪجهه ٿورا ماڻهو پٺيان ڇڏي، ڪڇ تي ڪاهي ويو. جيئن شاهه حسن ارغون لشڪر کي چار حصا ڪيو هو، اُن ڪري راءِ کنگهار نغارا وڄرائي، اچي خود شاهه حسن کي سامهون ٿيو، پر اِهو ڏسي راءِ کنگهار کي تڪليف ٿي ته، رڻ ۾ رانجهو ڪسجڻ لڳا ۽ لڪل لشڪر پڌرو ٿي پيو. اُن وقت ڪڇ کي ڦـُـري لـُـٽي، پوءِ
شاهه حسن ارغون سنڌ پهتو. هيءَ لڙائي سري لڳ لڳي هئي. واپس ورڻ وقت شاهه حسن ارغون طولاپرس [سونو ماڻهو
] ڏٺو پر اُهو حاصل ڪري نه سگهيو.(1)

انهيءَ کان پوءِ شاهه حسن ارغون جي حڪومت جيسلمير کان ارمن ٻيلي تائين، راڌڻ پور کان مورڀيءَ تائين قائم ٿي وئي.(2)

سن 942هه/36-1535ع ۾ همايون چتوڙ تي ڪاهيو. شاهه حسن کي حڪم مليو ته، تون پٽڻ ۾ پڄ. ميرزا شاهه حسن ارغون راڌڻ پور کان ٿي پٽڻ پهتو. هو پٽڻ جي حاڪم خضر خان کي گهيري ۾ آڻي، اُن کان 30 هزار فيروز شاهي سڪا وٺي، موٽي واپس آيو.(3)

ميرزا شاهه حسن  جي ڏينهن ۾ اڪبر بادشاهه جو پيءُ همايون سنڌ ۾ آيو. ميرزا شاهه حسن 34 ورهيه حڪومت ڪري سن 893هه/1488ع ۾ وفات ڪري ويو(4)

ڄام فيروز پاران سنڌ حاصل ڪرڻ لاءِ جاکوڙ:

سن 931هه/1525ع ۾ ڄام فيروز سنڌ جي حڪومت ٻيهر حاصل ڪرڻ لاءِ ڪڇين ۽ گجراتين جو 50 هزار لشڪر ساڻ وٺي آيو، پر شڪست کائي واپس موٽي ويو. سن 935هه/1528ع ۾ هن ٽيهر سنڌ تي ڪاهه ڪئي، پر هن ڀيري به شڪست سندس مقدر بڻي. هاڻ هو هڪ وڏي فيصلائتي جنگ جي تياري لاءِ ڪڇ ۽ گجرات ۾ پنهنجي عزيزن سان صلاحون ۽ تياريون ڪري رهيو هو ته اوچتو سن 942هه/ 36- 1535ع ۾ گجرات جي حاڪم سلطان بهادر ۽ مغل بادشاهه همايون جي وچ ۾ جنگ لڳي، جنهن ۾ ڄام فيروز گرفتار ٿيو ۽ پوءِ همايون جي فوج کيس سڃاڻي قتل ڪري ڇڏيو(1) .


 

(10)

ترخان  گهراڻو (سن 1552ع - 1621ع)

ميرزا عيسيٰ ترخان ڏکڻ سنڌ جو والي ٿيو. اهڙي طرح ڏکڻ سنڌ جا مالڪ ترخان ٿيا.

ميرزا عيسيٰ ترخان اول:

شاهه حسن کان پوءِ ميرزا عيسيٰ گاديءَ نشين ٿيو. هن جو راڄ سن 962هه/1554ع ۾ شروع ٿيو. هن جي ڏينهن ۾ ميرزا صالح ۽ باقي ٻنهي ڀائرن جو جهڳڙو لڳو.

ميرزا صالح ۽ ميرزا باقي:

ميرزا صالح وڏو هو ۽ ميرزا باقي ننڍو هو. آخر ميرزا صالح جو پاسو ميرزا عيسيٰ به ورتو. انهيءَ ڪري، ميرزا باقي پنهنجي ساٿين سان ڪڇ ڏانهن ڀڄي ويو. ڪڇ ۾ هن ڏاڍيون تڪليفون ڏٺيون، آخر هڪ ڇيلو ڪهي کائڻ تي راءِ کنگهار وٽ وڃڻو پين. هنن حال بيان ڪيو ته، راجا هنن تي شاهاڻي نظر ڪئي. صاحب سمي ميرزا باقي بيگ کي پنهنجي ڌيءُ ڏني ۽ صاحب سمون راجا جي آڌار تي وڏو لشڪر وٺي بدين پهتو. راجپوت سٺو وڙهيا، پر ڪامياب نه ٿيا، سو واپس ڪڇ هليا ويا. ميرزا باقي بيگ، مظفر بيگ بکر ۾ محمود وٽ ويو، ايتري ۾ ميرزا صالح کي هڪ جت ماري وڌو، سو ميرزا باقي بيگ، کي ميرزا عيسيٰ واپس گهرائي ورتو.(1) ونگي جي سوڍن جو به ميرزا باقيءَ سان پڪو ساٿ هو ۽ ڏکئي وقت ۾ انهن سندس خوب مدد ڪئي هئي.(2)

ميرزا باقي بيگ:

ميرزا باقي بيگ کي ٽي پٽ هئا، ميرزا پائنده محمد، ميرزا شاه رخ ۽ ميرزا مظفر بيگ. اِهي سڀ ڪڇ مـُـلڪ ۾ گذاريندا هئا.(1) جان بابا ميرزا باقي بيگ تي راتاهو ڏنو، پوءِ ڪڪرالي ۾ ڀڄي ويو، اُتي ڄام ڏيسر کان مدد ورتائين، پر نه مليس، ميرزا باقي بيگ اُتان کين گهرائي ڪـُـهي ڇڏيو.(2) ميرزا باقيءَ جي ڏينهن ۾ رتو سوڍو ۽ خان زمان ڪڪرالي جا والي ٿي ويا، پر ڪڪرالو قبضي ۾ نه رهين.(3) ميرزا باقي حالتون جاچي مظفر بيگ کي بدين ۽ علي ڪوڪه کي چاچڪان ڏنو. ميرزا باقي بيگ 992هه/1584ع ۾ وفات ڪئي ته، ميرزا مظفر بيگ جيڪو تخت جو والي هو، سو ويو پر اميرن هن کي ٺٽي ۾ اچڻ نه ڏنو، سو ٻاهر ويٺو هو. جڏهن ميرزا جاني بيگ ماڻهو مارڻ شروع ڪيا، تڏهن هي بدين ڏانهن ڀڄي آيو ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ لڳو.(4)

ميرزا جاني بيگ:

ميرزا جاني بيگ سن 992هه/1584ع ۾ تخت تي ويٺو. ميرزا مظفر بيگ بدين آيو، ونگي جي سوڍن ۽ ڪڇ جي راءِ ڀرمل سندس مدد ڪئي. پوءِ ميرزا مظفر بيگ ۽ ميرزا جاني بيگ جي بدين ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ مظفر بيگ هارائي ڪڇ ڏانهن هليو ويو. هن جي بدين جي مغلن انهيءَ ڪري مدد نه ڪئي، جو هنن سمجهيو ٿي ته ميرزا مظفر بيگ کٽي ويو ته، هو پنهنجي ڪڇي مائٽن کي همٿائيندو. آخر ميرزا جاني بيگ سندس سڄو لشڪر وارو سامان ۽ سندس ٻار ٻچا ڪڇ ڏانهن موڪلي ڏنا. ميرزا جاني بيگ 1009هه/1600ع ۾ وفات ڪئي، هن جي ڏينهن ۾ امير عبدالرحيم خان خانان سنڌ تي ڪاهي آيو.(1)

ميرزا غازي بيگ:

ميرزا جاني بيگ اڪبر بادشاهه جي خدمت ۾ وڃي پيش ٿيو ته پٺيان اڪبر جي حڪم سان ميرزا غازي بيگ سنڌ جو حاڪم ٿيو. هي فقيراڻي زندگي گهاريندو هو. پاڻ عزيزن پاران زهر وگهي سن 1021هه/1612ع ۾ گذاري ويو. هي ارغون گهراڻي جو آخري حاڪم هو. هن کان پوءِ سنڌ تي مغلن جي طرفان دهليءَ کان گورنر ايندا رهيا.

-------


 

(11)

ٺٽي جا مغل نواب (سن 1621ع - 1736ع)

ميرزا جاني بيگ کان پوءِ ٺٽو، مغل شاهيءَ ۾ شامل ٿي ويو. آخري ترخان حڪمران، شهنشاهه اڪبر آڏو سن 1001هه مطابق 1593ع تي پيش ٿيو. ميرزا جاني بيگ ۽ سندس پٽ ميرزا غازي پوءِ به ٺٽي جا گورنر رهندا آيا ۽ نائبن معرفت پنهنجو اختيار ۽ اقتدار هلائيندا رهيا. ميرزا غازي بيگ جي وفات 1021هه مطابق 1612ع ۾ ٿي. سندس وفات کان پوءِ دهليءَ دربار طرفان ٻيا  گورنر 1 مقرر ٿيندا رهيا، جن جو تعداد اٺٽيهه آهي. جن مان نمبر 15 نمبر 27 ۽ نمبر 28 ٻه ٻه ڀيرا گورنر مقرر ٿيا. سندن وچور هيٺينءَ ريت آهي:

1. خسرو چرڪس(1)

1009هه/1600هه

 

2. ميرزا رستم پٽ سلطان حسين ميرزا

 1021 هه/ 1612ع

 

3.  ميرزا مصطفيٰ خان

1025هه/1616ع

 

4. ميرزا بايزيد بخاري

1028 هه/1619ع

 

5. نواب شريف الملڪ عرف شريف خان (ان وقت باغي شهزادو خـُـرم پهتو هو)

1035هه/ 1626ع

 

6. ميرزا عيسيٰ خان پٽ ميرزا جان بابا

1037 هه- 1627ع/ 1038 هه - 1628ع

 

7. نواب امير خان، مير ابوالبقا

1038 هه/ 1628ع

 

8. نواب مظفر خان  جهانگيري عرف مير عبدالرزاق معموري

 

 

9. سيد ابراهيم خان پٽ سيد بايزيد بخاري (نمبر 4)

 

 

10. نواب مغل خان

1057 هه/ 1647ع

 

11. نواب ظفر خان (اصلي امير سپهر شڪوه پٽ دارا شڪوه هـُـئو،

1063 هه/ 1653ع

 

12. نواب قباد خان

1069 هه/ 1659ع

 

13. نواب لشڪر خان

1071هه/ 1660ع

 

14. نواب غضنفر خان

1075 هه/ 1664ع

 

15. نواب سيد عزت خان عرف عزت پير

1078 هه - 1667ع / 1080 هه- 1669ع

۽ وري 1084 هه / 1673ع - 1090 هه / 1679ع

 

16. نواب ابو نصرت خان

1080هه/1669ع - 1082هه / 1671ع

۽ وري 1101هه / 1690ع - 1103هه / 1691ع

 

17. نواب سعادت خان

1082 هه/ 1671ع - 1084 هه/ 1673ع

 

18. نواب خانزاد خان

1090 هه/ 1679ع

 

19. نواب سردار خان

1095 هه/ 1684ع

 

20. نواب مريد خان

1099 هه/ 1688ع

 

21. نواب زبردست خان (ساڳي سال سندس وفات ٿي)

1101 هه/ 1689ع

 

22. نواب حفظ الله خان

1103 هه/ 1691ع

 

23. نواب سعيد خان عرف خانزاد خان

1113 هه/ 1701ع

 

24. مير امين الدين خان حسين

1114 هه/ 1702ع

 

25. نواب يوسف خان ترمذي

1115 هه/ 1703ع

 

26. نواب احمد يار خان

1116 هه/ 1704ع

 

27. نواب سعيد خان عرف خان

1119هه/ 1707ع - 1121 هه / 1709ع

۽ وري 1125 هه/ 1713ع - 1125 هه/ 1713ع

28. نواب مـُـهيم خان

1121هه/1709ع - 1123هه/ 1711ع

۽ وري 1123هه/ 1711ع - 1124هه/1712ع

 

29. نواب شڪور خان      (هن ساڳي سال وفات ڪئي)

1123 هه/ 1711ع

 

30. نواب خواجه محمد خليل خان

1124 هه/ 1712ع - 1124 هه/ 1712ع

 

31. مير لطف علي خان (شجاعت خان)

1125 هه/ 1713ع

 

32. نواب اعظم خان بن صالح

1128 هه/ 1716ع

 

33. نواب مهابت خان پٽ منيم خان

1132 هه/ 1719ع

 

34. سلطان محمود خان پٽ مهابت خان

1135 هه/ 1722ع

 

35. نواب سيف الله خان

1137 هه/ 1724ع

 

36. نواب دلير خان

1143 هه/ 1730ع

 

37. نواب همت دلير خان پٽ نواب دلير خان

1145 هه/ 1732ع

 

38. نواب صادق علي خان پٽ نواب سيف الله خان

1149 هه / 1736ع - 1150 هه/ 1737ع

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حقيقت اها آهي، ته اُتر سنڌ ۾ ميان يار محمد ڪلهوڙو سن 1112هه/ 1700ع ۾ مڪمل اقتدار حاصل ڪري چڪو هو. ان ريت مغلن جي نالي ماتر حڪمراني رڳو ڏکڻ سنڌ يعني ٺٽي تي قائم رهي.

آخري مغل گورنر پنهنجي ضابطي واري علائقي مان ڍل اوڳاڙيءَ جو انتظام سنڀالي ڪونه سگهيو ۽ پنهنجا اختيار خدايار خان عرف ميان نور محمد  ڪلهوڙي جي حوالي ڪري ڇڏيا.(1)

مغل گورنرن جو اثر جو اثر ڏکڻ واريءَ سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۽ اوڀر- ڏکڻ واري سنڌ تي ٿورو گهڻو ضرور پيو هوندو. پر جيئن ته اهي سڀ مٿيان دهليءَ پاران مقرر ٿيل گورنر هئا، تنهن ڪري هنن جي ڪا ذاتي چـُـر پر ڪونه هئي ۽ موجوده ڪڇ جي رڻ ۾ جيڪي پنهنجي منهن سردار راڄ ڪري رهيا هئا، انهن جو هنن نالو ڪونه ورتو.

هن دؤر سان ڪي گهڻيون ڳالهيون اهڙيون وابسته ڪونهن، جنهن جو ڪڇ جي رڻ سان واسطو هجي، البت ڪجهه آهن، سي پيش ڪجن ٿيون:

ميرزا رستم  بن سلطان حسين ميرزا، بن بهرام ميرزا شاهه اسماعيل صفوي پهرين راوڙ جو حاڪم هو، پوءِ اُتي جي فسادن جي ڪري اڪبر جي درٻار ۾ رهيو ۽ مغلن جي ڏينهن ۾ سنڌ جو پهريون گورنر ٿي آيو.(1)

شاهه جهان جڏهن سنڌ ۾ آيو هو، اُن وقت شريف خان، شاهه جهان سان سٺو ڪونه هليو. ڪڪرالي جو ڄام پڻ باغين جهڙي هلت هليو هو. البت
حمل جت ۽ ڌاراجا جي راڻي سندس سهڻي خدمت بجا آندي هئي. هن پنهنجي گورنر کي حڪم ڪيو ته، ڪڪرالي جي ڄام امير شريف خان کي شاهي سزا ڏني وڃي ۽ حمل  جت کي مون ڏانهن موڪليو وڃي، ته اُن کي انعامن سان نوازيان. سو ائين ئي ٿيو.
(2)

اورنگزيب جي ڏينهن ۾ مير عالم نوحاڻي جي بغاوت جي ڪري ٺٽي تائين فساد پکڙيو. انهيءَ بغاوت ۾ ڪڪرالي ۾ رهندڙ نهمڙين به گهڻو حصو ورتو. انهيءَ بغاوت کي ختم ڪرڻ لاءِ اورنگزيب ملڪ حسن ابداليءَ کي موڪليو نهمڙين ۽ ٻين جي بغاوت کي مٽائڻ کان پوءِ ابداليءَ لاهوري [لاهري] بندر ۾ مرڪز ڪري ويٺو.

ايتري ۾ ڪڇ جي راجا ڪڪرالي جي ڄام سهتي، هالي کي اکيون ڏيکاريون ته، هيڏانهن ابداليءَ جو به خوف هوس، سو سڌو اورنگزيب وٽ وڃي معافي ورتائين. انهيءَ ڪري نهمڙين جو ڪڪرالي ۾ رهڻ ڏکيو ٿيو ٿي ۽ هنن جو کين ۽ هوتن سان جيڪو پراڻو وير هو، سو ميٽجي ويو.(1)

اورنگزيب پنهنجي تخت تي ويهڻ (1069هه/1659ع) کان اڳ واري جنگ ۾ هارايو هو، سو دارا شڪوهه پنهنجي ڀاءُ کان جان بچائڻ لاءِ مـُـلڪ ۾ لڪندو وتيو. آخر هو رلندي رلندي ڪڇ جي رڻ مان به اچي لنگهيو ۽ نصرپور کان ٿي پوءِ اُتر ويو. آخر ۾ اورنگزيب هٿ ڪري کيس مارائي ڇڏيس.

اورنگزيب جي ڏينهن ۾ ئي ڪڪرالي ۾ ڪلمتين بغاوت کي ڏاڍو مچايو، هنن. اورنگ آباد ۽ ڪڪرالي ۾ ماڻهن جو سـُـک ڦٽائي چڏيو هو.(2)


 

(1)  چچ نامو: مصحح: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ص.22، 55، 313، 320، 331، 324 ۽ فتوح البلدان: از: بلاذري.

(2) تحفة الڪرام (فارسي) ص.117-118.

(1) تاريخ هند جلد:1، ص.191.

(1) سمن سيوهڻ شهر جي مغل نائب ملڪ رتن کي قتل ڪري، سيوهڻ تي پنهنجو راڄ قائم ڪيو. (نظرثاني ڪندڙ)

(2) محمد شاهه تغلق سنڌ جي پلي جو گهڻو ٻوڙ کائڻ جي ڪري مري ويو. (نظرثاني ڪندڙ)

(3) هڪ ٻئي بيان موجب چئن پٽن ۾ ورهايو ويو. ”مطالعو سنڌ جو“، جلد-II، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. سال 2004ع

(1) سنڌ جي سما خاندان جي شهزادي جي هن لاکيڻي پٽ جو پيار جو نالو ٻهڳڻ/ٻهگڻو هو. جيڪو گجراتيءَ ۾ بيگڙو ٿي پيو. (نظرثاني ڪندڙ)

(1) Rev. M.A. Sherring "Hindu Tribes and Casters" Vol:ii: Calcutta, 1879.

(2) مطالعو سنڌ جو جلد: II ، مرتب: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سال 2004ع

(3) رحلت ابن بطوطه، جلد:1 ص.105-108.

(4)  تاريخ فيروز شاهي: سراج عفيف، ڪلڪتو، ص.199.

(5)  تاريخ معصومي، ص.101، سال 1953ع.

(1)  مراه محمدي: شيخ غلام محمد، بمبئي 1324هه.

(2)  جنت السنڌ،  از: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص.348، سال 1958ع.

(3) رعنا، سيد عبدالحئي، اعظم ڳڙهه ص.14-15، سن1353هه

(4) تاريخ معصومي، مير علي شير قانع، بحواله جنت السنڌ، ص.350، سال 1958ع.

(5) تحفة الڪرام، از: مير علي شير قانع (فارسي)، ص.182-183ع، سال 1957ع.

(1) تاريخ معصومي، از: مير معصوم بکري، ص. 104، سال 1953ع.

(2) تاريخ معصومي، از: مير معصوم بکري، ص.128، سال 1953ع.

(3) تاريخ معصومي، ص.104-105.

(4) تحفة الڪرام (فارسي) ص.130.

(5) الوحيد آزاد نمبر، ص.89.

(1) جنت السنڌ، از: رحيمداد خان مولائي شيدائي، ص.352-353، سال 1958ع.

(2) ساڳيو.

(3) ساڳيو ص.109.

(4)  تاريخ فرشته، جلد:2، ص.300.

(5) ساڳيو ص.110.

(1) سنڌ جي تاريخ، جلد:3، مسٽر عبدالغني

(1) سيد حسام الدين راشدي جو ترتيب ڏنل سما حاڪمن جو دؤر

(1) سمن جي سلطنت، از: ڊاڪٽر غلام محمد لاکو، سنڌي ادبي بورڊ، ڇاپو ٽيون، سال 2005ع.

(1) ترخان نامو، از: مير محمد بن جلال ٺٽوي، مترجم: ميرزا عباس علي بيگ، ڇاپو ٻيو،
سال 2005ع، سنڌي ادبي بورڊ.

(2)  تاريخ سنڌ: از: محمد صديق مسافر ص.25.

(1) (الف) تاريخ معصومي، ص.157-160، (ب) تحفة الڪرام (فارسي) ص.143-144. بيگلار نامو، ص.8-11

(2) تاريخ سنڌ، از: محمد صديق مسافر، ص.36

(1) الوحيد، سنڌ آزاد نمبر ص.91.

(2)  جنت السنڌ، ص.385.

(3) بيگلارنامو، از: ادراڪي، ص. 9.

(4) (الف) بيگلار نامه (فارسي) از: ادراڪي، ص.10-11، (ب) تاريخ سنڌ جلد: 4، از: محمد صديق مسافر ص.52، (ج) تحفة الڪرام، از: مير علي شير قانع، ص.147-148، (د) تاريخ معصومي ص.183.

(1) تحفة الڪرام (فارسي) ص.153.

(2) بيگلار نامه (فارسي) از: ادراڪي بيگلاري، ص.12.

(3) (الف) بيگلار نامو 155 - 157 (ب) تاريخ معصومي، ص.204.

(4) تاريخ سنڌ، جلد: 4، از: محمد صديق مسافر، ص.123.

(1) ترخان نامو، از: ميرزا عباس علي بيگ، (ٻيو ڇاپو)، سال 2005ع سنڌي ادبي بورڊ.

(1) (الف) الوحيد آزاد نمبر ص.92، (ب) جنت السنڌ، ص.406، (ج) تاريخ سنڌ، جلد:4، محمد صديق مسافر ص.169، (د) تحفة الڪرام (فارسي) ص.169-170.

(2) تاريخ معصومي، ص.250.

(1)  بيگلار نامه (فارسي) ادراڪي بيگلاري، مترجم: محمد صديق ميمڻ، ص 14، سال 1947ع،

(2) (الف) تحفة الڪرام (فارسي) ص.176، (ب) تاريخ سنڌ، از: محمد صديق مسافر، جلد:4 ص.180.

(3) بيگلار نامه (فارسي)، ص. 115-123.

(4) هسٽري آف سنڌ، جلد:2 پارٽ 1، از: ميرزا قليچ بيگ.

(1) تاريخ سنڌ، جلد: 4، از: محمد صديق مسافر، ص.19.

(1) خسرو چرڪس: سن1009هه/1600ع ۾ ميرزا جاني بيگ جي چالاڻي کان پوءِ اڪبر اعظم جي حڪم تحت ميرزا غازي بيگ ٺٽي جو حاڪم ٿيو. غازي بيگ ننڍو هو، ان ڪري خسرو چرڪس ۽ اڪبر پاران مقرر ٿيل سرڪاري اهلڪار ۽ ٻيا پراڻا امير حڪومت جو ڪاروبار هلائيندا هئا. اصل ۾ خسرو چرڪس ميرزا غازي بيگ جو سنڀاريندڙ ۽ صلاح ڪار هو. ميرزا غازي بيگ جي حڪومتي دؤر ۾ هن جو حڪومت ۾ عمل دخل تمام گهڻو رهيو، مرحوم پير حسام الدين راشديءَ سوڌو سمورا تاريخدان ان ڳالهه تي متفق آهن ته: ”ميرزا غازي بيگ جو دؤر اصل ۾ ميرزا خسرو چرڪس جو دؤر آهي.“  غازي بيگ هوريان هوريان حڪومتي وهنوار هلائڻ ۾ ڀڙ ٿيو ته هن رٿيو ته، حڪومت تي گهڻو اثر انداز ٿيندڙ خاندانن ۽ اميرن مان جان ڇڏائجي. هن سڀ کان پهرين مير ابوالقاسم بيگلار تي نصرپور ڏانهن هلان ڪئي ۽ ساڻس صلح ڪرڻ کان پوءِ کيس دوکي سان انڌو ڪري ڇڏيائين. ان کان پوءِ هن ٻيو معرڪو خسرو چرڪس سان ڪرڻ چاهيو. ان وچ ۾ اڪبري دربار مان بابا طالب اصفهاني غازي بيگ کي دهليءَ کان وٺڻ لاءِ اچي پهتو. بادشاه خسرو چرڪس کي به ساڻ وٺي اچڻ جي تاڪيد ڪئي، پر هو گسائي ويو. 1012هه/4-1603ع ۾ ميرزا غازي بيگ اڪبر جي دربار ۾ پهتو. 13- جمادي الثاني 1014هه مطابق 25 آڪٽوبر 1605ع تي اڪبر اعظم گذاري ويو. جهانگير تخت نشين ٿيو. ٺٽو ساڳيءَ ريت ترخانن حوالي ٿيو. قنڌار جون شورشون ختم ڪرڻ لاءِ  بادشاهه جهانگير پاران ميرزا غازي بيگ کي مقرر ڪيو ويو، جيڪو 1021هه/1612ع ۾ اتي وفات ڪري ويو.

خسرو چرڪس جا دهليءَ ۽ قنڌار مان ڪيترائي معزوليءَ جا حڪم ناما نڪتا، پر هو حالتن جو فائدو وٺي ڌڪ گسائيندو رهيو. ميرزا غازي بيگ جي نوجوانيءَ ۾ وفات کان پوءِ هن ميرزا باقيءَ جي پڙ پوٽي تي هٿ رکيو ۽  عبدالعلي ترخان کي حاڪم بنائي سنڌ تي پنهنجي قبضي رکڻ جي ڪوشش ڪيائين. پر جهانگير، ميرزا رستم کي هڪ وڏو لشڪر ڏئي، ٺٽي موڪليو، جن خسرو چرڪس ۽ عبدالعلي خان کي گرفتار ڪري دهلي روانو ڪيو. خسرو چرڪس سن 1022هه/1613ع ۾ قيد ٿيو ۽ سن 1028هه/1618ع ۾ اجمير ۾ گذاري ويو ۽ خواجه معين الدين چشتي رحه جي مقبري جي آڳند ۾ دفن ٿيل آهي. مجموعي طور تي هي هڪ سٺو امير هئڻ سان گڏ شاعر به هو، ٺٽي ۾ دبگير مسجد هـُـن جوڙائي هئي. هن سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۾ پنهنجا ڏوهٽا ۽ پوٽا اهلڪار مقرر ڪيا، جن سنڌ کي ٻاري ڇڏيو ۽ هن خلاف شڪايتون گهڻيون ٿي ويون. جن هن جو سر کنيو.

(1) ”ترخان نامو“، از: سيد مير محمد بن جلال ٺٽوي مترجم: ميرزا عباس علي بيگ، سنڌي ادبي بورڊ سال 2005ع. (2) ”مڪلي نامه“ ص ص 195 - 231 (3) سيد حسام الدين راشدي: ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون،“ ص ص 411 - 4112

(1) ٺٽي جا قديم اسلامي يادگار، سنڌيڪار: عطا محمد ڀنڀرو، ص 189-190 سال 2004ع، سنڌي ادبي بورڊ.

(1) تحفة الڪرام (فارسي) ص.232، سال 1971ع.

(2) ساڳيو ص.236.

(1) هسٽري آف اورنگزيب از جي. سرڪار، واليوم 1، باب VII ص.118

(2) جنت السنڌ، ص.446.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org