سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: لاڙ جو مطالعو

باب؛ --

صفحو ؛ 1

لاڙ جو مطالعو

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

 

ناشر طرفان

انسان جڏهن کان ڌرتيءَ تي قدم رکيو تڏهن کان اڄ تائين تاريخ جي ڪيترن ئي بابن جا ڪئين ورق وري چڪا آهن.

تاريخ، اسين قومن جي ادبي، ثقافتي، سياسي، اقتصادي ۽ سماجي زندگءَ جي مطالعي کي چئون ٿا.

دور ماضيءَ ۾ ڪيتريون ئي قومون ٿي گذريون، جن جي پنهنجي پنهنجي تاريخ هئي، جنهن مان گهڻين ئي قومن سبق حاصل ڪري پنهنجي مستقبل لاءِ رستو هموار ڪيو ۽ جن ان طرف ڌيان نه ڏنو، سي صفحه هستيءَ تان هميشھ هميشھ لاءِ مٽجي ويون.

قومن ۽ ملڪ ۾ اسان جي سنڌ جي تاريخ به دنيا ۾ قديم ليکي وڃي ٿي، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قومون آيون ۽ ويون، حاڪم به رهيون ته محڪوم به. انهن ڇا ڪيو؟ زندگي ڪهڙي نموني بسر ڪيائون؟ ڪهڙا ڪارناما سرانجام ڏنائون؟ اسان لاءِ ڇا ڇڏي ويا؟

اسين ايندڙ نسلن لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون؟ اهو سڀ ڄاڻڻ تاريخ جو مطالعو آهي.

هيءَ ڪتاب ”لاڙ جو مطالعو“ به سنڌ جي تاريخ جو هڪ ورق آهي، جنهن جو تعلق سنڌ جي هيٺئين حصي خصوصاً بدين سان آهي. هن ۾ برک محققن، دانشورن، عالمن ۽ اديبن جا مقالا ۽ مضمون آهن، جيڪي لاڙ ثقافتي ميلي سال 1991ع جي موقعي تي پڙهندڙن جي دلچسپي ۽ معلومات ۾ واڌاري لاءِ خاص طور تي لکيا ويا آهن.

سنڌي ادبي بورڊ جي چيئرمين محترمي عاليجناب مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ جن هن ڪتاب جي اهميت کي مدنظر رکندي ان کي بورڊ مان ڇپائي پڌرو ڪرڻ لاءِ خاص هدايتون ڏنيون آهن. اميد ته هن ادبي ڪاوش مان پورو پورو فائدو حاصل ڪيو ويندو.

آءُ پنهنجي رفيقن جو ٿورائتو آهيان، جن هن ڪتاب کي وقت اندر ڇپي ڏيڻ ۾ مدد ڪئي.

 

 

   عبدالغفار صديقي

      سيڪريٽري

       ڄامشورو                         سنڌي ادبي بورڊ

12  – مئي 1991ع                        ڄامشورو

 

 

 

 

مهاڳ

لاڙ ثقافتي ميلو 1991ع جي سلسلي جي ادبي سيمينارجا هي چند مقالا شايع ڪيا پيا وڃن، باقي مقالا انشاءُ الله ميلي کان پوءِ ٻئي جلد ۾ شايع ڪبا.

هونئن ته سنڌ سڄي هيرن جي کاڻ آهي، پر لاڙ به هڪ ثقافتي ايڪائي آهي، لاڙ جي ثقافت، ادب، هُنَر ۽ فَنَ هن خطي کي نشانبر بنائين ٿا، اُميد ته سيمينار جي روايت اڳتي به قائم رهندي.

آءُ هن محبتن جي ميڙ جي سلسلي ۾ ضلعي جي انتظاميه خاص طور جناب محمد اشرف سيال، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين جو ٿورائتو آهيان،

جنهن نه رڳو ادبي سيمينار جو ڪم منهنجي حوالي ڪيو. بلڪه هر مرحلي تي سهڪار به ڪيو.

اُميد ته پڙهندڙ هنن مقالن  سان پورو پورو فائدو حاصل ڪندا.

   والسلام

12-1-1991ع - ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو

پروفيسر ۽ چيئرمين

سنڌي ڊپارٽمينٽ

سنڌ يونيورسٽي

ڄام شورو

 

 

 

لاڙ جو مطالعو

 

لاڙ- تهذيب ۽ ثقافت جي آئيني ۾

ابوبڪر شيخ

تهذيب ۽ ثقافت تي لکڻ، مختلف تور تڪُون قائم ڪرڻ، موضوع جي ڦهلاءَ جي لڪير ڪڍڻ ۽ خاص ڪري اهڙي موضوع تي لکڻ، جنهن تي ڳچ جيترا نظريا هجن ۽ انهن جي ڇنڊڇاڻ ڪري تازي تحقيق جي روشنيءَ ۾ ڪو رايو قائم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي.

”سنڌ“ جي ماضيءَ جي عظيم ”تهذيب“ ۽ ”ثقافت“ جنهن جي ساراهه جا ڍُڪ ان وقت به پيا ڀريندا هئا ۽ اڄ به انهيءَ عظمت کان ڪو انڪاري ڪونهي- هن زمين جي سيني ۾ خبر ناهي ڪيترا راز لڪل آهن، اهي قومون جن جو هڪ فرد به زمين جي سيني تي ناهي، اُهي زبانون جن کي ڳالهائڻ وارو هاڻي زندهه نه آهي، اهي عقيدا، جن کي مڃڻ وارو به ڪو ڪونهي، رونق سان ڀريل شَهَر، عظيم محل؛ جن جو نالو نشان به ڪو ڪونهي- پر ماضي ڪڏهن به مرندو  ناهي، اهو مٽيءَ ۾ ڳرندي ڳرندي پنهنجو فڪر ۽ فن، علم ۽ هنر جا خزانا حال جي حوالي ڪري ويندو آهي. حال جيڪو مستقبل جو پهريون قدم آهي، تهذيبون مٽجي ٿيون وڃن، مگر سندن کل ۽ چِٽ نئين تهذيب جي روپ ۾ چمڪندا رهندا آهن([1])

انسان ۽ حيوان ۾ ڪهڙو فرق آهي؟ انسان ۾ شعور آهي، حيوان ۾ شعور نه آهي، انسان وٽ ان ڳالهه جو جواب موجود آهي ته سندس مقصد ڇا آهي. حيوان زندگي گذاري ٿو مگر هو ڪڏهن انهيءَ متعلق سوچڻ جي ضرورت محسوس نٿو ڪري. ”خيال“ انسان جي عظيم تخليق آهي ۽ اڄ جو تهذيب يافته انسان، انهيءَ خيال جي تخليق آهي، جانور اڳيان صرف چند حقيقتن جي اهميت آهي، برسات ۾ هو پاڻيءَ کان بچڻ لاءِ پناهه وٺي ٿو، بک ۾ پيٽ ڀري ٿو، مگر انسان حقيقت سان گڏوگڏ سچائي کي به تسليم ڪري ٿو. هڪ وحشي قبيلي متعلق سوچيو، جيڪو اوائلي حيواني زندگي گذاري رهيو آهي. هن اڳيان کائڻ پيئڻ، گرمي سردي کان محفوظ رهڻ کان سواءِ زندگيءَ جو ٻيو ڪو به مقصد ڪونهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن  سندس زندگيءَ ۾ ناچ ۽ موسيقي شامل ڪري ڇڏجي ته ان جو خاص اثر اهو ٿيندو جو، اهو عمل انهنجي زندگيءَ جي نوعيت ۾ ڦيرو آڻيندو، انهن جي زندگيءَ ۾ نين خوشين جو اضافو ڪري تنهن ۾ نئون عزم  نئين معنيٰ ۽ نيون دلچسپيون پيدا ڪندو، پوءِ انهيءَ جي ڪُک مان ٻڌي، اتحاد ۽ وطن جي مٽيءَ جي حُب جهڙيون شيون خود بخود جنم وٺنديون (1) خيال ئي هڪ اهڙي قوت آهي، جنهن جي ذريعي ذهن ۾ هڪ اهڙو ماحول پيدا ٿئي ٿو، جو سڄي زندگي انهيءَ جي  تابع هجي ٿي. زبان عادتون، فڪر، عقيدا، معاشري جي هلچل، رسم و رواج، معاشري جا ادارا، مادي ۽ روحاني عقيدا، اهي سڀ انهيءَ جي ڪُک مان جنم وٺن ٿا (2)

پهرين، اڳيان وڌڻ کان اڳ اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته اسين ”تهذيب“ ۽ ”ثقافت“ کي ڪهڙن خانن ۾ رکي انهن جي سڃاڻپ ڪري سگهون. ”تهذيب“ لفظ جي عربي ۾ لغوي معنيٰ آهي: (سينگارڻ سنوارڻ“ اهو لفظ شائستگي جي معنيٰ ۾ به استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ خوش اخلاقي، عادتون، ڳالهائڻ ۽ڪردار شامل آهي. مطلب ته  لفظ ”تهذيب“ جو  واسطو اسان جي ٻاهرين ۽ ڏيکاءُ ڏيندڙ شين سان آهي. ٻيو لفظ آهي ”ثقافت“ انهيءَ جي معنيٰ ڪجهه هن ريت جڙي ٿي: علم، فن، ادب تي مهارت، ڪنهن شيءِ کي ڏسي سکي وٺڻ، انهيءَ جو تعلق ذهن سان آهي. مطلب ته ”تهذيب“ جو واسطو ”خارجي شين“ ۽ ”ثقافت“ جو واسو اندروني ذهني ڳالهين سان آهي (1).

تازين تحقيقن موجب جيڪڏهن اسين انهن ٻنهي شين جو جائزو وٺنداسون ته نقشو ڪجهه هن ريت جڙندو- سڀ کان پهرين ”ڪيمن“ (Klemn) ۽ ”ٽائلر“ (Tylor) جيڪي معنائون متعين ڪيون آهن، انهن موجب: ”ڪا قوم (يا اجتماع) جي سڄي عام زندگي جنهن ۾ رسم و رواج، فنون لطيفه، حالتون، امن ۽ جنگ، مذهب علم ۽ فن سڀ شامل آهن.“ ”فلپ“ (Philp) جي نقطه نظر کان: ”ثقافت ڪنهن ميڙ جي داخلي ۽ خارجي روين جو نالو آهي، جن ۾ گهڻيون عادتون موروثي نه بلڪه انهيءَ ميڙ پنهنجي خاص ماحول ۾، خاص عقيدن، فڪرن ۽ ٻين اثرن تحت پيدا ڪندو آهي ۽ انهن ۾ تسلسل هوندو آهي، انهيءَ مان اهو چٽيءَ طرح واضح آهي ته ثقافت هڪ اجتماعي عمل آهي، يعني اهڙو عمل جيڪو انهيءَ ميڙ ۾ سڀ هڪ جهڙو ڪندا هجن.“ جيئن ته ثقافت  ٻيو نمبر ماحول (Second Environment)  جو نالو آهي، انهيءَ لاءِ ظاهر آهي ته مختلف حالتن ۽ حادثن جي ڪري ماحول ۾ تبديلي هڪ قدرتي امر آهي، انهيءَ لاءِ ثقافت جي چُرپُر ۽ تبديلي به لازمي آهي. سائنسي طور حالتن ۽ حادثن کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو آهي: 1- ڪنهن نئين مذهب جو ظاهر ٿيڻ، 2- ڪنهن نئين طاقتور جو حملو ۽ ان جي  فتح جي صورت ۾ معاشري ۾ نون آيلن گروهن جي مداخلت، 3 – ڪنهن بااثر ۽ غالب قوم جي تهذيبي اثرن جي يلغار(1). ”ڪارٽر وي گڊ“ (Corter, V. Good) موجب: ”ثقافت ڪنهن گروهه، جماعت ۽ قوم جي سماجي، اخلاقي، ذهني ۽ صنعتي خوبين جو مجموعو آهي، جنهن جي ذريعي ڪنهن گروهه جماعت يا ڪنهن قوم جي ڪنهن ٻئي گروهه يا جماعت  کان ڌار حيثيت ليکي وڃي ٿي ۽ انهيءَ وسيلي ڪنهن گروهه، جماعت يا قوم جي نظرين، عملن، سرشتي، اصولن ۽ دستور جي خبر پوي ٿي....“ هئرولڊرگ (Haroldrug) جي نظريه تحت: ”ثقافت ماڻهن جي مڪمل زندگيءَ جو عڪس آهي، هن ۾ ماڻهن جي ريتن رسمن، رهڻي ڪهڻي، رسم رواج، سوچ ويچار، اعتقادن، وهمن ۽ خواهشن جو بيان اچي وڃي ٿو....“ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ثقافت کي چئن حصن ۾ ورهائيندي تحرير ڪري ٿو ته: ”ثقافت جا چار حصا آهن: 1- جاگرافيائي حالتون، 2- تاريخ، 3- انسان جي مختلف نسلن جي ارتقائي تاريخ ۽ ٻولي ۽ 4- ماڻهن جو مذهب. ثقافت جي انهن جُزن کان متاثر  ٿي ماڻهن پنهنجي زندگيء  گذارڻ لاءِ جيڪي وسيلا اختيار ڪيا آهن، کاڌو خوراڪ، لباس، رهڻي ڪهڻي، ريتون رسمون ۽ رواج، روحاني ۽ مذهبي لاڙا، ڀروسا، وهم ۽ وسوسا انهن ۾ خاص اهميت رکن ٿا، ۽ اهي سڀ ثقافت جي دائري ۾ اچي وڃن ٿا.“

انهيءَ کان پوءِ اسين جڏهن ”ثقافت“ جي ڳولها ڪريون ٿا ته انهيءَ جي معنيٰ اها ٿي ته اسين زندگيءَ ۾ نئين معنيٰ جي تلاش ڪريون ٿا. انساني معاشري جي سڀني ذهني ۽ مادي ترقين جو دارومدار زندگيءَ جي نين معنائن جي تلاش تي آهي(1) زندهه ۽ چُرپُر رکندڙ ڪلچر جي سڃاڻپ اها آهي ته هو، هڪ طرف فرد ۾ ٻئي طرف معاشري ۾ تخليق جي باهه روشن رکي، جيستائين ثقافت جي باهه ۾ خيال جو ٻارڻ مهيا ڪبو رهبو، تيستائين ثقافت زندهه ۽ متحرڪ طاقت سان معاشري ۾ تخليق جي روشني زندهه رکيو ايندي. (2)

معاشري ۾ جڏهن به، جتي به اخلاقي يا ذهني تبديلي نروار ٿئي ٿي ته اُن جو تعلق، پنهنجي تاريخ سان ڏاڍو شديد رهيو آهي ۽ ماضيءَ جو تاريخي ورثو اُها عظيم قوت آهي، جيڪا احساس ۽ شعور کي نون امڪان سان روشناس ڪرائي ٿي.(3)

ڊاڪٽر ايم- ويلر (M, Wheeler) لکيو هو: ”هي ملڪ  ڪيترن هزارن سالن کان ثقافت جو مرڪز رهيو آهي ۽ آرين جي اچڻ کان اڳ هن ملڪ ۾ هڪ اعليٰ تهذيب پلجي رهي هئي....“

”لاڙ“ هر دؤر ۾ سنڌ جو اٽوٽ انگ پئي رهي آهي، لاڙ سنڌ جو اُهو حصو آهي، جيڪا تاريخ ۾ ”اوليائن ۽ دڙن جي سرزمين“ سڏي ويئي آهي، لاڙ  جتي، بدين، ڀنڀور، ٺٽو، اگهاماڻو، ليلان جو ليهور، نوري ڄام تماچي جو آستان، موکي ۽  متارن جون قبرون، چؤڪنڊي، وانر، نيرون ڪوٽ، روپا ماڙي، علي بندر، شاهه بندر، ڪيٽي بندر، اورنگا بندر، سنجو بندر ۽ ديبل جهڙا عظيم بندر اچي ڃن ٿا، هتان پٿر جي دؤر جا هٿيار  پڻ مليا آهن ۽ ڪجهه اهڙيون شيون به مليون آهن، جن تي ”موهن جي دڙي“ واري رسم الخط ۾ ڪجهه تحرير ٿيل آهي، انهيءَ مان اها خبر پوي ٿي ته ”لاڙ“ ”سنڌ“ جي تهذيب ۽  تاريخ جو اهم حصو رهيو آهي.

ڪپڙي جي صنعت، دنيا ۾ سڀ کان پهرين سنڌ ۾ جنم ورتو ۽ سنڌ جا هنرمند انهيءَ سلسلي ۾ ايترو اڳتي وڌيا، جو سندن عظمت ۽ ذهانت جا ڍڪ سڀني قدردانن ڀريا، ايڇ – ٽي - سورلي موجب ”لاڙ جو حصو پنهنجي شاهوڪار بندرن جي ڪري واپار جو مرڪز پئي رهيو آهي، انهن بندرن تان هر قسم جون شيون، سوٽي ڪپڙو، ريشمي لونگيون، سوسيون ۽ چمڙي جو سامان ڏيساور(ايشيا) آفريڪا ۽ پورچوگال ڏانهن روانو ٿيندو هو“. خاص ڪري لاڙ وارو حصو ڪپڙي اُڻڻ ۾ اڳڀرو رهيو آهي، پر ٺٽي جو اُڻيل ڪپڙو ته بهترين ليکيو ويندو هو(1) هڪ ٻيوانگريز ليکڪ لکي ٿو” ڪپڙي سازي جي هنر ۾ ٺٽو مرڪزي شهر هو، هتي جو ريشمي ڪپڙو، پٽ جون لونگيون ۽ انهن جي ڪنارن تي زريءَ جو ڪم ته ڏسڻ وٽان هوندو هو“ (2) الگزينڊر هئملٽن جڏهن سنڌ آيو هو ته هو”اڪائونٽ آف ايسٽ انڊيز“ ۾ تحرير ڪري ٿو ته” منهنجي اچڻ کان ٽي سال اڳ ٺٽي ۾ هڪ اهڙي سخت پليگ هئي، جنهن ‎ٺٽي جي شهر ۽ ان جي پسگردائي تي ايڏو اثر ڪيو جو رڳو ٺٽي ۾ سوٽي ۽ ريشمي ڪپڙي جا اسي هزار ڪاريگر مري ويا...“

هٿ جي هٿرن ۾ ٻيو محنت طلب ڪم ”فراسيون ٺاهڻ آهي“ لاڙ ۾ ٺهيل فراسيون تمام سهڻيون ۽ مضبوط ٿين ٿيون،ڊول ۽ ڊزائن جي ڪري ايراني غاليچن کي شهه ڏيو بيٺيون آهن، ايراني غاليچن ۾ نه ايڏي چٽسالي آهي ۽ نه مضبوطي، هو ليڙا ۽ ضعيف آهن، انهيءَ مقابلي ۾ هتي جون فراسيون ايتريون ته مضبوط آهن جو ٻن سئو سالن جي گذري وڃڻ کانپوءِ به اڃا تائين موجود آهن، استعمال ۾ رهندي به نه انهن جو رنگ گهڻو گهٽيو آهي ۽ نه ئي وري چٽسالي(1) فراسين کي هتي مهيري قوم جوڙي ٿي، مهيري فراسين کانپوءِ ٻيون به انيڪ شيون جوڙين ٿا، جن ۾ توبرا، خرزينون، گهوڙن جا تنگ، ٿيلها، گونچاڻ ۽ لڪيزون، انهن سڀني شين تي اهڙا ته گل چٽ ٺاهيا ويندا آهن جن کي ڏسي عقل دنگ رهجيو وڃي. (2) هتي ڇر جو ڪم به تمام اعليٰ قسم جو ٿيندو آهي، جن ۾ رومال، چادرون، سوڙون، ريٽا، دوشالا، پڙا، بوڇڻ، ملير، ٻانڌڻا، گگها وغيره تمام نفيس ۽ اعليٰ نموني جا ڇريا ويندا آهن.  (3) هٿ جي هنرن ۾ لاڙ جي عورت  پٺيان نه آهي، سئي ۽ ڌاڳي جو نفيس ڪم جيترو لاڙ جي عورت ڪري ٿي، اهڙو دنيا ۾ ڪٿي به ڪو نه ٿو ٿئي، لاڙي عورت ڏاڍي جفاڪش آهي، گهرو ڪم ڪار کانپوءِ جيڪو واندڪائي وارو ٽائيم آهي، اهو بيڪار وڃائڻ بدران سيبي ۽ ڀرت جو ڪم ڪنديون آهن، سندن عظيم تخليقي هٿن مان جڏهن چولا، پهراڻ، بُجڪا، ڳوٿرا، رليون، کٽڻهار، هرمچي، حاڪم، کارڪ، سوف، ڪوٽ، ڪُنڍل، ڪيمان، گهرام، مٺا خان، دهري، گل، نڪيسر، هنجڪرا، موريا، طوطا، مڇي ۽ ٻيا ڀرت جا انيڪ نمونا نڪرندا آهن ته ذهن هتي جي عورت جي ذهانت ۽ عظمت کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ رهي نه سگهبو.

اسان وٽ انهيءَ کانسواءِ زيورن ٺاهڻ جو ڪم، جيڪو هزارين سالن کان هلندڙ آهي، اهو اڄ ڏينهن تائين ٿيندو رهي ٿو،” اُر جي مقبرن جي کوٽائي ڪندي موهن جي دڙي جي زماني جون سنڌي شيون مليون آهن، مثلا بادشاهه گلم ڊگ (2750 ق-م)  جي قبر ۾ سون جي هڪ پن ملي آهي، جنهن جي هڪ ڇيڙي تي باندر جي شڪل ٺهيل آهي (1) ”لاڙ جي قديم زيورن ۾ پٽا، واليون، ٻندا، هسي، هانسلي، ڪڙا، ڪڙيون، پيرڙا، ڇٽ، نٿ، هار، ڳاني، ٻانهيون،چوڙيون، ماندريا، والا، دهري، بئنسر، جهالر، جهومڪ، نسبيون، ڦلڙيون، بوليون، ڪيليا، ڪتريا، چندن هار، ڳانا، گوڪون، پوکانڙيون، مڌيئڙا، والا جڙاءِ وارا، ڇير، جهير، ساٽا، نورا، ٽڪو، سڳيون، ٻيڙا، منڊيون، کيرون، ورڻا، پيرڻا، موهن ۽ پوپٽ خاص  آهن (2) ” اهو نازڪ ۽ نفيس ڪم اڄ به پنهنجي اوج تي آهي. ڪاشيءَ جي هنر ۾ ٺٽو ۽ سعيدپور برک هوندا هئا، ٺٽي جي ڪاشيءَ جي سرن جي بناوت هوبهو ملتان جي سرن جهڙي آهي، هن جي بناوت اهڙي ته پختي آهي جو اڄ به انهن سرن جون ڪناريون صحيح سلامت آهن (3) پوسٽان(Postans ) انهي متعلق لکي ٿو ته” ٺٽي جي مقبرن جي سجاوٽ جو نمونو، گنبذن تي ٿلهين، لسين ۽ سفيد رنگ جي سرن، عاليشان رنگن سان رڱيل چيني جي سرن کي جيڪي بلڪل چين ۾ ٺهيل فرشي سرن جهڙيون ٿي لڳيون، سڌائيءَ ۾ بيهاريو ويو آهي، انهن مٿان وري گلن ۽ ٻين شڪلين جا وري اهڙا نقش چٽيا ويا آهن، جو انهن فنڪارن جي ذوق ۽ هنرمندي جو داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهجي...“ ڊاڪٽر ڪئنيڊي جي لفظن ۾ ”مون پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي چيز ڪانه ڏٺي آهي جا هتي جي سرن ٺاهڻ جي هنر ۽ ان جي عمدگيءَ جي برابري ڪري سگهجي...“ اڄ به مڪلي انهيءَ فن جي عظمت جا گيت ڳائي رهي آهي.

ٻيا به هٿ جا انيڪ هنر، جن ۾ لوهار، واڍا، ڪنڀار، مصور، سنگتراش، اهوڙا، پڃانرا، ٻانڌارا، گواريا، چوڙيگر ۽ ٻيا جيڪي اڃا تائين پنهنجي ثقافت کي هٿ جي چرپر ۽ ذهني صلاحيتن سان زنده رکيو اچن.

”ثقافت زندگي جي اندر جوهر ۽ لطافت جي عنصرن ۾ اضافو ڪري  تخليق جي صلاحيت پيدا ڪري ٿي، اهڙي حالت ۾ جيڪا تخليق  ٿئي ٿي، انهن ۾ سڄو معاشرو شريڪ هوندو آهي (1) اهڙي ماحول ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي، سانوڻ فقير، عبداللطيف ”ڪيسر“ جمن چارڻ ۽ اهڙا ٻيا عظيم انسان پنهنجو شعر چون ٿا. اهڙي ئي ماحول ۾ نڙ، يڪتاري، سرندي، دهل، پاون، ڪاني، دنبوري، مرلي، شرناءِ، بوڙينڊي ۽ مگر مان جا سُر فضا ۾ پکڙن ٿا، جنهن جي مڌر لهرن تي لاڙ جا ماڻهو غرور ۽ فخر مان پنهنجو ڪنڌ رڌم ۾ لوڏين ٿا، اهڙي ئي ماحول ۾ دودي، شاهه عنايت ۽ دولهه دريا خان جهڙيون شخصيتون، سرجن ٿيون.

انهيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو شاهوڪار ۽ عظيم ”ڪلچر“ ٿي سگهي ٿو، جتي لوڪ ادب جو اڻ کُٽ سمنڊ موجود هجي، جتي جا لوڪ گيت اتي جي سرزمين مان ڦٽي نڪتا هجن ۽ انهن ۾ اضافي ۽ واڌاري جو عمل هزارين سالن کان اڄ تائين ٿيندو هجي.

مٿين لاڙ جي مختصر ثقافتي خاڪي کانپوءِ جيڪڏهن ائين کڻي چئجي ته سنڌ وانگر لاڙ جي ثقافت پنهنجي سيني ۾ وقت جون عظمتون ۽ زنده ثقافت جو جگر رکي ٿي ته غلط نه ٿيندو.


[1]  ماضي ڪي مزار – سبط حسين، صفحو 11-12.

(1)  پاڪستاني ڪلچر، جميل جالبي، ص 28.

(2)  ايضاً ص 26.

(1)  پاڪستاني ڪلچر، جميل جالبي، ص 28.

(1)  ”ڪلچر ڪا مسئله“ ڊاڪٽر سيد عبدالله ص 16.

(1)  ”پاڪستاني ڪلچر“ جميل جالبي ص 29.

(2)  ايضاً ص 33.

(3)  ” پاڪستاني ڪلچر“ جميل جالبي ص 77.

(1)  ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ غلام علي الانا مقدمو ص ح

(2)  MANDCCI STORIA DO MOGOR (ii) P 427.

(1)  مضمون ”فراسيون“ محمد ابراهيم مهيري ڪتاب ”بدين ضلعي جو مطالعو“ ص 473- 474.

(2)  مضمون ”فراسيون“ محمد ابراهيم مهيري، ص 475.

(3)  ”بدين ضلعي جي ثقافتي تاريخ“ ، محمد سومار شيخ ص 181.

(1)  ”ماضي ڪي مزار“ سبط حسين . ص 31.

(2)  ”بدين ضلعي جا زيور” چاند زرگر.

(3)  ”لاڙ جي ادبي ۽ ثقافتي تاريخ“ غلام علي الانا، ص 128.

(1)  پاڪستاني ڪلچر، جميل جالبي ص 31

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org