سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 22

ضميمو (د)

ڍلن جو سرشتو

جاگيرداري نظام معيشيت

مغلن، ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جو انتظامي يا حڪومتي سرشتو جاگيردارانه هو، انهي سرشتي هيٺ حاڪم پنهنجي تابعدارن کي زمينون بخشيندا هئا جي وري جنگ جي وقت ۾ حاڪم وفادار رهندا هئا، لشڪر مهيا ڪندا هئا. ڪلهوڙن جي طاقت ۾ اچڻ سان ڌارين جي اختياري، مقامي ڪاموريشاهيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کي سموري طاقت ماتحت فوجين کان ملندي هئي. ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن کي ان طرح ماڻهن جي هڪ نئين طبقي کي تسليم ڪرڻو پيو، جن کي ڪيترائي حق جهڙوڪ انعامن ۽ جاگيرن جي بخشش، ڪيترين ئي ڍلن کان معافي جا حق حاصل هئا ۽ حقيقتن ان طرح منتقل ٿيل زمين جي ايراضي خاص ڪري ٽالپرن جي ڏينهن ۾ ته نهايت گهڻي هئي.

آمدني ۽ ڍلون

جاگيرن ۽ انعامن کانسواءِ باقي سموري زمين، جنهن مان حڪومت کي ڍل ملندي هئي، سا حاڪم جي ملڪيت هئي. زمين جي ڍل، جنهن مان ملڪ جي آمدني جو گهڻي ۾ گهڻو حصو گڏ ٿيندو هو، هڪ پيچيده مسئلو هو. معلوم ائين ٿئي ٿو ته زمين جي ڍل جو سرشتو، پنهنجي خصوصيتن جي لحاظ کان مغلن، ڪلهوڙن توڙي سندن جاءِ نشين ٽالپرن جي دور ۾ عملي طرح بلڪل ساڳيو رهيو. پوسٽنس اسان کي ٻڌائي ٿو ته انهي سرشتي جو خاص پهلو اهو هو ته زمين جي ڍل مقاطعي جي اصول تي وصول ڪئي ويندي هئي، جنهن موجب زميندار کان حاڪم کان پٽي، مقاطعي يا معاهدي تي زمين ملندي هئي، جنهن موجب زمين جي پکيڙ ۽ مقاطعي جا شرط شروط ڄاڻايل هوندا هئا. (پٽي) ملڻ کانپوءِ، زميندار کي پنهنجي زمين جي ڪنهن به حصي کي ٻئي ڪنن کاتيدار (مقاطعي دار) کي ڏيڻ جي آزادي هئي پر حڪومت کي سموري ڍل ڀري ڏيڻ لاءِ هو ئي زميندار هو. جڏهن فصل لهندو هو تڏهن هڪ هنڌ سڄو فصل آڻي گڏ ڪندا هئا، جنهن کي ”خرمان“ چيو ويندو هو.

حڪومت طرفان هڪ ڪامورو ان جو مقدار ڪٿي، حڪومت جو حصو وصول ڪري ويندو هو. زمين جو گهڻو حصو ”بٽئي“ سرشتي تي زميندارن کي ڏنو ويندو هو. جنهن موجب سموري پيداوار جو هڪ مقرر ٿيل حصو حڪومت کي ملندو هو. آئين اڪبري مان اسان کي معلوم ٿئي ٿو ته زرعي ڍل پيداوار جو ٽيون حصو هوندي هئي. ۽ ٽالپرن، ۽ شايد ڪلهوڙن جي دور ۾ به شاهي حصو زمين جي مختلف قسمن جي لحاظ کان ٽين پتي ٻه ڀاڱي پنجين پتي يا پنجين پتي هوندو هو- پر جيئن سنڌ جو ڪمشنر لکي ٿو، زمين جي ڍل پيداوار جو حصو گهڻو ڪري ٽين پتي جي حساب سان وصول ڪيو ويندو هو. انهي کان سواءِ آبپاشي لاءِ هر هرلي تي به ڍل هوندي هئي ۽ ساڳئي وقت هارين مان هر هڪ تي في ڪس (في ماڻهو) محصول به هوندو هو. زمين جي ڍل وصول ڪرڻ جا ٻيا به طريقا هوندا هئا، جهڙوڪ ”محصولي“، جا هر جريب (اٽڪل اڌ ايڪڙ) تي نقد ناڻي جي صورت ۾ وصول ڪئي ويندي هئي. ڍل جا اگهه البت زمين جي پيدائشي قوتن جي بنياد تي مختلف هوندا هئا. مغلن جي ڏينهن ۾ ڍل وصول ڪرڻ جي خيال کان، سنڌ ٻن مختلف ”سرڪارين“ ۾ ورهايل هئي. ”مٿين سرڪار“ جنهن جو صدر مقام بکر هو ۽ هيٺين سرڪار، جنهن جو صدر مقام ٺٽو هو. اهي سرڪاريون وري ”پرڳڻن“ ۽ ”محلن“ ۾ تقسيم ٿيل هيون: ساڳي طرح ٽالپرن جي ڏينهن ۾ به سنڌ ڪيترن ئي ”پرڳڻن“ ۾ ورهايل هئي.

ٻيا محصول

مقاطعي جو طريقو رڳو زمين جي ڍل وصول ڪرڻ لاءِ محدود ڪين هو. در حقيقت ، گهڻي ۾ گهڻا محصول انهي ئي سرشتي موجب وصول ڪيا ويندا هئا ۽ محصولن جي مقاطعيدارن (يا اجاره دارن) جو تعداد- جيڪي گهڻو ڪري هندو هوندا هئا. ڪافي گهڻو هو. جيئن محصول جي انهن مقاطعيدارن (يا ٺيڪيدارن) جو مقصد فقط پنهنجي مقاطعي جي مُدي ۾ - جو گهڻو ڪري هڪ سال لاءِ هوندو هو. گهڻي ۾ گهڻو محصول گڏ ڪرڻ هو، ان ڪري اهو ڏکيو ۽ پريشان ڪن هوندو هو. برٽن جي لکڻ موجب، ٽالپرن جي ڏينهن ۾ هيٺيان محصول هوندا هئا:

(1)        ”پيش ڪش – مهاجن“ – هي محصول واڻين تي واپار ڪرڻ جي حق حاصل هجڻ ڪري مڙهيل هو. ساليانو پنجين کان ڏهن رپين تائين هوندو هو.

(2)        ”سرشماري“ هي محصول گهڻو ڪري دستڪارن جهڙوڪ رنگريزن، واڍن، لوهارن ۽ رازن تي ماڻهو جو حساب سان هوندو هو ۽ سال ۾ في ماڻهو 31 رپيا هوندو هو.

(3)                       ”دلالي“- واپار ۾ دلالي ڪرڻ جي اجازت هئڻ ڪري سڀني دلالن کان ماهوار وصول ڪئي ويندي هئي.

(4)        ”هوائي“ جيڪو سامان، ڪنهن جهاز ٻڏڻ يا تباهه ٿيڻ ۾ بچايو ويندو هو، سو حڪومت کي ڏنو ويندو هو.

(5)        ”فروعي“- اها آمدني هئي، جيڪا پوکڻ ۾ ۽ ڍل ڀرو زميندارن جي زمين ۾ چرندڙ رولو اٺن، ٻڪرين ۽ ٻئي چوپائي مال کي وڪڻي وصول ڪئي ويندي هئي.

(6)                       ”چرخي“- هرلن تي محصول هوندو هو.

(7)        ”اجاره ڪولابه“- اٿل وارين زمينن يا ڍنڍن تي محصول هوندو هو. هن محصول جو ٺيڪو يا مقاطعو سرڪاري ڪامورن کي ملندو هو ۽ اتي پيدا ٿيندڙ سر وڍي تڏا ٺاهڻ، جهنگلي پکي ڦاسائڻ ۽ کاڌي لائق ڦاڙن (جئن لرڙهه، بهه وغيره) مان پيدا ٿيل آمدني جون ٽيون حصو، حڪومت کي ڏيڻو پوندو هون.

(8)                       ”اجاره پٽه“ پتڻن تان لنگهندڙن ماڻهن کان وصول ڪيو ويندو هو.

(9)        ”سردرختي“- انبن، کجين ۽ ٻين وڻن جي پيدائش جو اڌ يا ٽيون حصو محصول طور وصول ڪيو ويندو هو.

(10)       ”تارازو“- بزارين ۾ وڪامندڙ ان، ميوي يا کاڌي جي شين تي محصول هوندو هو. سراسري نرخ پنجن سيرن تي هڪ پيسو هوندو هو.

(11)       ”شڪار ماهي“- مهاڻن تي محصول هوندو هو ۽ جيڪي مڇيون هو ڦاسائيندا هئا، انهن جي ٽين پتي يا اڌ کين محصول طور ڏيڻو پوندو هو.

(12)       ”سلامتي ڪشتي“- ٻيڙي جي صحيح سلامت ڪناري تي پهچڻ تي محصول هوندو هو. محصول جو ٺيڪيدار چار آنا اهو محصول وٺندو هو، ڇهه آنا لنگرانداز ٿيڻ تي وٺندو ۽ سلامتي سان پهتل هر گهوڙي تي اٺ آنا وصول ڪندو هو.

(13)       ”مويشي“- وڪري ٿيڻ وقت هر گهوري اٺ، ڳئون، گڏهه يا خچر تي هڪ آني جي حساب سان هي محصول هوندو هو.

(14)       ”ريزڪي“- ريزڪي واپار تي هي محصول هوندو هو. هر ڪنهن خريدار کي رپئي تي هڪ آنو حڪومت کي ڏيڻو پوندو هو، جيڪڏهن خريدي سو رپئي کان مٿي هوندي ته پنج سيڪڙو ڏيڻو پوندو هو، شاهوڪار کي البت چار سيڪڙو ڏيڻو پوندو هو.

(15)       ”پنچري“- يا چوڻ ته محصول، مهيني ۾ اٺن تي اٺ آنه، مينهن تي چار آنه، ڳئن تي ٻه آنه ۽ ٻڪرين ۽ رڍن تي هڪ هڪ آنو چاراڻيءَ جو محصول ورتو ويندو هو.

(16)                   ”گته يا اداره شراب“- شراب ٺاهڻ مان نفعي تي هي محصول هوندو هو.

(17)                   ”اميني“ تڪرارن جي ٺاهه ڪرائڻ تي محصول هوندو هو.

انهن کانسواءِ پوسٽنس ۽ هيوز، درآمدي مهصول، چنگيءَ، شهري محصولن، باغن جي پيداوار تي محصول، ۽ شراب ٺاهڻ جي ڪارخانن کولڻ جي ليسن جي فيءَ جو پڻ ذڪر ڪيو آهي. ظاهر ٿيو ته زير تبصري دور ۾، محصولن جو سرشتو ڪافي همه گير هو ۽ اهو به ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ جي حاڪمن جديد قسمن جي سمورن محصولن جهڙا محصول هڪ نه ٻيءَ صورت ۾ رائج ڪيا هئا، جيتوڻيڪ اهي بنيادي طرح کڻي ڪيترا به غير علمي ۽ خام صورت ۾ هئا.

ضميمو (هه)

درآمد ۽ برآمد

(1938ع)

ڪراچي

درآمد

بمبئيءَ کان

جنس           مڻ             في مڻ روپيا   روپيا

کنڊ            4000         ساڍا 12                50000

(بنگال، چين، منيلا ۽ بٽيويا)

مصري                 250           18             4500

مرچ            3250          15             48750

ناريل           200000                              3350

ڪيسر                 200           10             2000

سوپاريون       100           5               500

سينڌر          250           10             2500

(اڇو ۽ ڳاڙهو)

شيهو          250           20             2500

رُڪ (اُچو)      500           11             5500

رُڪ (سادو )   50             ساڍا 9         475

لوهه            1500          6              9000

ٽامو            1000          54             54000

پارو            450 پائونڊ    في پائونڊ 2   900

ڦوٽا، مصالحو وغيره   75 مڻ                 في مڻ 140   10500

ڪچو ريشم، رڱيل    200           600           120000

(پهريون قسم) (بنگال ۽ چين)

ڪچو ريشم رڱيل (قسم2) 800     160           128000

عمارتي ڪاٺ                 500 گز        في گز 20             10000

عاج                    450 مڻ في مڻ 160         64000

سنا                    500           6              3000

(“ميمائر“: از ڪارليس، بمبئي رڪارڊس 17، جلد ٻيو، ص ص 198-200)

ٿلهي کنڊ             500           7              35000

(ملباري ڪناري کان)

چيني ڪاغذ   50 پيتيون     في پيتي 50          2500

انگريزي سٽ   500 مڻ       في مڻ 40            20000

صندل جو ڪاٺ       50             30             1500

لوهي ٿانو ۽ ڪڻڇيون 250           12             3000

ڪسون                 150            25             3700

(ڳاڙهي رنگ جو قسم)

ڏونگهيون              5000          5               25000

ٽين                    500           35             17500

ايريو                    150            40             6000

(دوا جو هڪ قسم) گدامري   300   0-6-21                650

 

گزرات (گجرات؟) کان

ڪپهه     2500 مڻ، في مڻ 15         37500

 

جنس              مڻ             في مڻ رپيا    رپيا

ايراني نار کان

 کجور             20000 مڻ    ڏيڍ روپيو      30000

کجور سڪل      20000                ساڍا 3                 70000

موتي                                              7500

سڪل ليما       200           4              800

سڪل گلاب      250           10             1500

ٻانها              1500  في ٻانهو 80          120000

سوٽي ٽاٽ                                                1250

سڪل ميوو       75 مڻ         في مڻ 4              300

بادام              100           8              800

ڏاڙهونءَ جون کلون        1000          3      3000

بمبئي کان: ريشمي ۽ سوٽي ڪپڙو وغيره، جن ۾ ماداپوليم ۽ ڊگهو ڪپڙو مکيه هو، لونگيون، ڊگهو ڪپڙو، بنگال ۽ چين جا ريشمي رومال، رنگين سوٽي رومال، سونهاري گلدار ۽ ساديون جامدانيون، انگريزي، فرانسي ۽ چيني سادو گلدار ريشمي ڪپرو، چيني سٽين، سفيد ريشمي ڪپڙو ( ڪئمبرڪ)، ڪئمليٽ (ريشم ۽ اٺ جي ڏاس مان ٺهندڙ ڪپڙو)، بنگال جون ريشمي ساڙيهون، سوٽي بخمل، ململون، جا ڪونيٽ يا جگناٿي سادو، گلدار يا ڪتاب وانگر تهه ٿيل ڪرڙو، سورت جو ڪيمخواب: مختلف رنگن جون ڇيٽون، چادرن جو ڪپڙو، انگريزي ٿلهو ۽ سنهو مختلف رنگن جو سوٽي ڪپڙو، باريڪ ريشمي ڪپڙو، معمولي انگريزي شالون: 600000

 

جنس              مڻ             في مڻ روپيا   روپيا

اتر سنڌ مان

 تماڪ            200           8              1600 

ٿلهو سوٽي ڪپڙو                                3000

لس کان

کَڙُ        12000                0-10-1                19500

مٿينءَ درآمد جو جملي ملهه                  1099625

 

برآمد

گيهه              10000                17             170000

اُن                 3500         20             35000

گگر               5000          اڍائي           12500

پرويزو                                             6000

(ڳاڙهي رنگ جو هڪ قسم)

موڱي             3000         15             45000

ڪشمش          4000         8              32000

جيرو               1000          10             10000

نير                160           75             120000

تيلي ٻج          10000                70             70000

           خرار            في خرار

ڪڻڪ            1500          45             67500

           خرار            في خرار

لوڻيل مڇي، ڪاڊ مڇيءَ                         30000

جي چرٻي، ۽ شارڪ مڇيءَ

جون کنڀڙاٽيون، وغيره    

لونگيون                                   5000

مٿينءَ برآمد جو جملي ملهه              547000     

 

 آفي، نمدر تي لَٿل    500 اُٺ، هر هڪ بار ۾

                   8 مڻ، في مڻ 400   1600000

آفيم سوڌي مڙئي واپار جو ڪل ملهه  625، 46، 37 

ضميمو (و)

ايسٽ انڊين ڪمپنيءَ جي انهن جهازن مان ڪن جا نالا، جيڪي سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي دوران ۾ سنڌ سان واپار ڪندا هئا:

           جهاز           مقدار  ماڻهو   توپون

                   (ٽنن ۾)

35-1662ع       لنڊن           400   96     30

           ايڪسپيڊيشن         125    --      --     

           وليم           350   --      --     

           رئگل           400   90     24    

           ڊسڪوري      300   --      --     

هوپ ويل      240   --      --     

هارٽ         220   --      --     

ميري         150    --      --     

لئناريٽ        160   --      --     

           بليسنگ       220   --      --     

85-1760ع       روينج شپ     470   160   20    

           باسمي گرئب  363   120   20    

           ڊريڪ ڪيچ   220   76     14    

سڪسيس ڪيچ         145    42     12

ٽارٽر گرئب                200   42     12

ٽائيگر گالڪٽ           43     20     5

سؤالو گئلي               160   42     14

شڪارپور کان:

 ڪابل بَٽُ                       50000

قلات جو موڱي رنگ             30000

سڪل ميوو                       5000

آفيم (مقامي)                    5000

ملتان ۽ بهاولپور کان:

ريشم، گربيون ۽ گلبدن ڪپرو    30000

                                           85000

ڪل            420000

 

برآمد

انگ اکر موجود نه آهن.

_______________________________________________________

*الينگزينڊر برنس: نمبر 3، ”حيدرآباد ۽ لاڙ جو واپار“، مضمون نمبر 8

شڪارپور

 

درآمد

ڪراچيءَ کان:

انگريزي مال، ملهه                        30000

کنڊ                                       80000

مصالحا، پسار ڪو سامان ۽ ڌاتو                 100000

                            ڪل         210000    

برآمد

انگ اکر موجود نه آهن.

حيدرآباد

درآمد


[1] . ڪئپٽن اسٽئڪ جي لکڻ مطابق، سنڌ جي انگريزن جي هٿان فتح واري سال، 1843ع ۾ حيدرآباد ضلعي ۾ جاگيرن هيٺ ايراضي 40 لک بيگها، يا ويهه لک کن ايڪڙ هئي، جا 15000 ماڻهن ۾ ورڇيل هئي. ”هسٽري آف ائلينيشن“ ص 2، ۽ پوسٽنس، ص 231

[2] . سورلي، ص 144

[3] . پوسٽنس، ص 337

[4] . آئين اڪبري، جلد 2، ص 337، ۽ مورلئنڊ، ”دي ائگريرين، سسٽم آف دي مغلس“

[5] . پوسٽنس، ص 239. ۽ ڏسو باب پنجون

[6] . ’پري ميونٽي رڪارڊس‘، ص 7

[7] . هيوز ص 46

[8] . هيوز، ص 46

[9] . آئين، جلد 2، ص 336

[10] . هيوز، ص

[11] . برٽن، ”ريسز ائنڊ ٽرائيبس“، باب 2

[12] . پوسٽنس، ص ص 243-245، ۽ هيوز، ص ص 46-47

[13] . ورتل بالڪرشنا تان، ص ص 325، 340-342؛ ۽ سورلي، ضميمو ٻيو، ص ص 187

[14] . اليگزينڊر برنس: نمبر 4، ”شڪارپور ۽ اتر سنڌ جو واپار“، مضمون 5

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org