سيڪشن؛  تاريخ

ڪتاب: سنڌ جي اقتصادي تاريخ

باب: --

صفحو: 5

اٽڪل ٽي صديون پوءِ، 1333ع ۾ ئي هڪ مقامي راجپوت قبيلي (سمن)- سومرن جو تختو اونڌو ڪري پنهنجي حڪومت قائم ڪئي.پر سمن جي حڪومت کي اڃا ڪي سال مس ٿيا ته 1351ع ۾ هندستان جي مت موڙهل بادشاهه محمد شاهه تغلق سنڌ تي حملو ڪيو، پر سنڌ کي پنهنجي شهنشاهت سان ملائڻ ۾ ڪامياب ڪو نه ٿيو، ۽ چون ٿا ته اتي ئي سنڌو درياءَ جي ڪناري تي ٺٽي جي ويجهو وفاقت ڪيائين. ڪجهه سالن کان پوءِ (1360ع ۾) سندس جاءِ نشين بادشاهه، فيروزشاهه، سنڌ صوبي کي فتح ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو ۽ سنڌ دهلي شهنشاهت جو حصو بنجي وئي، پر جلدئي سما ٻيهر زور وٺي ويا. ۽ وري سڄي صوبي جي حڪومت هٿ ڪري ورتائون. سمن ڏاڍي سياڻپ سان ۽ سهڻي نموني حڪومت هلائي- ۽ مجموعي طرح ڏسجي ٿو ته هنن جي حڪومت نهايت ڪرائتي حڪومت هئي. هنن کيتيءَ، ڪارخانن ۽ واپار جي همت افزائي ڪري صوبي کي ڪافي ترقي ڏياري، ڪيترائي نوان شهر ٻڌايائون، ۽ هنن جي راڄ ۾ ملڪ ايترو ته سکيو ۽ آسودو هو، جو انهيءَ دور کي سنڌ جي مقامي راڄ جي تاريخ ۾ ”سونهري دور“ سڏيو ويندو آهي.

1521ع ۾ قنڌار جي هڪ پٺاڻ قبيلي (ارغونن) سمن کي جيتي، پنهنجي حڪومت قائم ڪئي. هنن جو راڄ به گهڻو وقت جالي نه سگهيو، ۽ کانئن، 1554ع ۾، سندن برادريءَ جي ئي هڪ قبيلي (ترخانن) حڪومت هٿ ڪئي.انهيءَ کان هڪ سال پوءِ، پورچوگيزن هڪ فوجي دستي ”پيڊرو بئريٽو رولم“ جي اڳواڻيءَ هيٺ ٺٽي تي حملو ڪيو، ۽ ٻن لکن پائونڊن کان به وڌيڪ ملهه جي مال ملڪيتن کي باهيون ڏيئي تباهه ڪري ڇڏيائون. پورچوگيز پاڻ سان ايترو ته مال غنيمت کڻي ويا، جو ايشيا ۾ شايد ئي ڪنهن قوم کي ايترو مال غنيمت هٿ آيو هجي.

 

مغلن کان ٽالپرن تائين (1592-1843ع)

مغل: 1592ع ۾، اڪبر اعظم سنڌ کي دهلي شهنشاهت سن ملائي ڇڏيو- سنڌ، ملتان صوبي جو هڪ ضلع بنجي ويئي. سنڌ کي ٻن ”سرڪارين“ ۾ ورهايو ويو، مٿينءَ سرڪار جي گاديءَ جو هنڌ ”بکر“ هو ۽ هيٺينءَ جو ”ٺٽو“. ٻنهي تي جدا جدا خودمختيار گورنر مقرر ٿيل هوندا هئا، جن کي هندستان مان ئي مقرر ڪري اماڻيو ويندو هو. مغلن جي انهيءَ اوج واري زماني ۾ سندن سموريءَ شهنشاهت وانگر، سنڌ ۾ به امن امان قائم هو. هڪ سؤ سالن جي عرصي تائين سنڌ هر قسم جي سياسي بدامنيءَ کان محفوظ رهي. انهيءَ عرصي ۾ سنڌ جي ڪارخانن ڏاڍي ترقي ڪئي، ۽ سندس واپار سڄي دنيا جي ملڪن سان هلندو هو. ٺٽو ته بين الاقوامي واپار جو مرڪز بنجي ويو، ۽ ان جا واپاري ۽ تاجر صوبي جون بهترين چيزون پاڻ سان ڏيساور کڻي ويندا هئا. ائين ٿو ڀانئجي ته خود مغلن به انهيءَ واپار ۾ دلچسپي ورتي، ۽ هنن جي ئي حڪومت جي دور اندر مکيه يورپي واپارين- پورچوگيزن، انگريزن ۽ ڊچن- صوبي ۾ پنهنجون ڪوٺيون قائم ڪيون.

سنڌ 1739ع تائين مغلن جي قبضي ۾ رهي- ۽ جڏهن نادرشاه دهليءَ تي ڪاهي مغل شهنشاهت کي قريب قريب تباه ڪري ڇڏيو، تڏهن محمد شاه مغل بادشاه سان ٿيل عهدنامي موجب سنڌونديءَ ۾ اچي ويا. انهيءَ طرح سنڌ به ايراني شهنشاهت جو حصو بنجي ويئي.

اورنگزيب جي وفات کان وٺي نادرشاهه جي ڪاهه تائين، ٽيهن سالن جي عرصي ۾، مغل شهنشاهت جيئن پوءِ تيئن پٽ پوندي ويئي. اهو ڏسي نيٺ سنڌ جي هڪ مقامي طاقتور قبيلي ڪلهوڙن پنهنجي خودمختياريءَ جو اعلان ڪيو. انهيءَ طرح هندستان مان مقرر ٿي ايندڙ گورنرن بدران مقامي حاڪم سنڌ تي حڪومت ڪرڻ لڳا، پر انهن حاڪمن جي طاقت ۽ خودمختاريءَ جو دارومدار هندستان جي بادشاهه تي هوندو هو. جي ڪو بادشاهه مضبوط ۽ طاقتور هوندو هو ته سنڌ جا حاڪم مجبوراً هن جا مطيع ٿي گذاريندا هئا، ۽ جي ڪو ڪمزور بادشاهه ڏسندا هئا ته هڪدم خودمختياريءَ جو اعلان ڪندا هئا. سنڌي حاڪم اهڙيءَ طرح پنهنجي گهر جا گويا اڌوگابرو مالڪ هئا، هڪ طرف، کين وقت بوقت پنهنجي مٿين حاڪمن کي ڍلن طور ڳريون رقمون ادا ڪرڻيون پونديون هيون: ٻئي طرف جڏهن به ڏسندا هئا ته دشمن جي خطري کان ڪجهه محفوظ آهن ته ڍلن ڏيڻ کان هڪ پڙ ڪڍي بيهي رهندا هئا.

دائود پوٽا: جنهن عرصي اندر اڪبر پنهنجي شهنشاهت کي ٺاهيو ۽ مضبوط ڪيو- ۽ نادرشاهه وري انهيءَ شهنشاهت کي پرزا پرزا ڪري ڇڏيو ، ان عرصي اندر دائودپوٽن جو هڪ مقامي قبيلو اتر سنڌ ۾ زور وٺندو رهيو. هنن جو ڌنڌو ته اُڻڻ ۽ رلڻ هو، پر جنهن عقلمنديءَ سان هنن تلوار کي استعمال ڪيو، تنهن جو داد ڏيڻ کان رهي نٿو سگهجي. 1617ع ۾ شڪارپور شهر جو بنياد وڌائون، جو اوڻهين صديءَ ۾ بکر کان به گوءِ کڻي ويو ۽ اتر هندستان ۽ وچ ايشيا جي ملڪن سان واپار جو مکيه مرڪز بنجي ويو.

ڪلهوڙا: سترهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ دائود پوٽن سان گڏوگڏ اتر سنڌ ۾ ڪلهوڙن به زور ورتو. هنن جو ڌنڌو فقيري هو- ۽ ٿوري ئي وقت ۾ چڱا پوئلڳ گڏ ڪري ورتائون، ۽ پوءِ مغلن سان دوبدو چوٽون کائيندا رهيا. 1658ع ۾ شاهي فوجي سان مقابلي ۾ فتح حاصل ٿين ۽ سندس حڪومت جو باقاعدي بنياد ٻڌجي ويو. آخر 1701ع ۾ يار محمد ڪلهوڙي کي مغل شهنشاه کان سَنَدَ ۽ مختيار نامو عطا ٿيو. هن جي حڪومت ارڙهن سال هلي، جن مان پهريان نوَ سال ته رڳو جنگين ۽ لڙاين ۾ گذاريائين، پر انهن جنگين پاڻ هن جي طاقت ۽ حڪومت ۾ اضافو آندو. باقي پويان نوَ سال پنهنجي حڪومت کي پختو ۽ مضبوط بنائڻ ۾ صرف ڪيائين. انهيءَ دور ۾، سنڌ ۾ ڪافي امن امان ۽ آسودگي ڦهلجي ويئي. 1719ع ڌاري ميان يار محمد وفات ڪئي ۽ ساڳئي سال پٽس نور محمد کي مغل شهنشاهه، محمد شاهه، سندس جاءِ نشين تسليم ڪيو ۽ سندس ساڳيا لقب ۽ سندون به عطا ڪيائينس. نور محمد ڪيترائي ڀيرا دائود پوٽن جي زور ڀڃڻ لاءِ مٿن حملا ڪيا. هنن کي آڻ مڃائڻ ۾ ڪاميابي ٿيس. ٻه دفعا هن قلات جي بروهين تي حملا ڪيا، ۽ ٻنهي ۾ خاطر خواه ڪاميابي نصيب ٿيس. 1736ع ۾ بکر جو قلعو ۽ پسگردائيءَ وارا ٽڪر به سندس حوالي ڪيا ويا، ۽ ان کان پوءِ ٻئي سال، کيس ٺٽي جو حاڪم مقرر ڪيو ويو.انهيءَ طرح سڄي سنڌ سندس قبضي ۾ اچي وئي ۽ هو حقيقي طرح سنڌ جو خودمختيار حاڪم بنجي ويو.

جڏهن محمد شاهه عهدنامي ماتحت سنڌ نادرشاهه جي حوالي ڪئي، تڏهن اها ڳالهه نور محمد کي ڪانه وڻي ۽ انهيءَ فيصلي خلاف بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيائين. نادر شاهه کي ڪابل ۾ جو انهيءَ بغاوت جون خبرون پهتيون، سو هڪدم وڏي ڪٽڪ سان سنڌ تي چڙهي آيو. نور محمد ڪروڙها رپين جو خزانو ساڻ ڪري رڻ ئي رڻ ۾ عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪو. نادرشاهه به پويان لڳس ۽ هن جي فوجن نيٺ هن ڪلهوڙي سردار کي جيئرو گرفتار ڪيو. هن کي نه رڳو پنهنجي خزاني تان هٿ ڌوئڻا پيا، پر سندس راڄ جو اتر اولهه وارو ٽڪر قلات جي حاڪم کي ڏنو ويو ۽ شڪارپور جو شهر دائودپوٽن کي واپس مليو. ايترو ملڪ وڃائڻ کان پوءِ اٽڪل 20 لکن رپين جي سالياني ڍل به ڀرڻي پيس.

نادر شاهه 1747ع ۾ قتل ٿي ويو ۽ سندس سموري حڪومت احمد شاهه جي قبضي ۾ آئي. ڪجهه سالن لاءِ ته احمد شاهه پنهنجي ملڪي معاملن ۾ ايترو رڌل هو، جو سنڌ تي ڌيان جي واندڪائي ڪا نه مليس. نور محمد انهيءَ موقعي جو فائدو وٺي ڍل ڏيڻ بند ڪري ڇڏي. نتيجو اهو ٿيو جو ڍل جي بقايا وصول ڪرڻ لاءِ احمد شاهه پاڻ سنڌ تي ڪاهي آيو. نور محمد ڀڄي وڃي جيسلمير ۾ لڪو ۽ اتي ئي 1755ع ۾ وفات ڪيائين.

مجموعي طرح سان ڏسبو ته پهرين ٻن ڪلهوڙن، يار محمد ۽ سندس پٽ نور محمد، حڪومت ڏاڍيءَ سياڻپ ۽ دورانديشيءَ سان هلائي. ٻئي زبردست جنگي جوڌا هئا، پر ان سان گڏ امن قائم ڪرڻ جي به منجهن بيحد صلاحيت هئي. ميان نور محمد سنڌ ۾ واهن جي ذريعي پوک ڪرڻ جي سرشتي کي زبردست ترقي ڏياري. جهڙي هيس جنگ جي ميدان ۾ بهادري، زرعي ڪمن ۾ به اوتري ئي قابليت جو مالڪ هو. هن جي حڪومت جي دور ۾ سنڌ جي زرعي پيداوار چوٽيءَ تي پهچي وئي.

نور محمد ڪلهوڙي کان پوءِ سندس وڏي پٽ مراد ياب تخت سنڀاليو، پر ٽن سالن جي مختصر حڪومت کان پوءِ ڀاڻس غلام شاه جي خلاف وري سندس ٻين ٻن ڀائرن، عطر خان ۽ احمد يار، بغاوت ڪئي. ڪيترو عرصو ته هنن جو اهو تنازعو پئي هليو، پر نيٺ غلام شاهه مٿن غالب پيو، ۽ کيس 1761ع ۾ سنڌ جو حاڪم تسليم ڪيو ويو.

انهيءَ ۾ شڪ ڪونهي ته غلام شاهه بد دست حاڪم هو، پر هن جي حڪومت جي دور ۾ ملڪ لڙاين ۽ جنگين ۾ گهيرجي ويو. هن جون سوڀون به ملڪ کي ڏاڍيون مهانگيون پيون. هو ڪڇ تي ڪاهي ويو، ۽ اتي جي حاڪم کان ”بستا“ ۽ ”لکپت“ جا بندر ڇڏايائين. هن جي حڪومت جي اوائلي دور ۾ برٽش ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ ۾ پنهنجي ٻي ”ڪوٺي“ قائم ڪئي، پر سترهن ورهين کان پوءِ يعني 1775ع ۾ ملڪ جي بدامنيءَ جي حالتن ۽ ميان سرفراز خان، غلام شاه جي پٽ ۽ جاءِ نشين سان اڻبڻت ٿي پوڻ ڪري ڪوٺي بند ڪرڻي پين.  

سرراز خان اُٻهرو، ظالم ۽ خونخوار حاڪم هو. هو اڳرائي ڪري ڪڇ تي ڪاهي ويو. اتان ڪاميابي حاصل ڪري، وري انهن ڏانهن ڌيان ڏنائين، جن مان پنهنجي مفاد لاءِ خطرو ٿي محسوس ڪيائين. ڪيترن بلوچ سردارن کي بيدرديءَ سان قتل ڪرائي ڇڏيائين، پر انهيءَ ظلم جي قيمت پنهنجي حڪومت جي صورت ۾ ادا ڪرڻي پيس. ان کان پوءِ ڪيتريون ئي تبديليون آيون، ۽ نيٺ 1777ع ۾ سندس چاچي غلام نبيءَ کي حڪومت جون واڳون سپرد ڪيون ويون، پر هڪ بلوچ سردار مير بجار خان هن جي خلاف بغاوت ڪئي، ۽ گهمسان جي لڙائيءَ ۾ غلام نبي مارجي ويو. سندس ڀاءُ ميان عبدالنبي، مير بجار خان سان صلحنامو ڪيو، ۽ سنڌ جي تخت تي ويٺو. 781ع ۾ افغانن جو هڪ وڏو لشڪر قنڌار کان ڪاهي آيو . مير بجار خان انهيءَ لشڪر کي شڪارپور ويجهو زبردست شڪست ڏني. ميان عبدالنبي، مير بجار خان جي طاقت جو سمورو لقاءُ ويٺي ڏٺو، سو اچي کيس وهمن ورايو ۽ نيٺ هن کي منصوبو سٽي مارائي ڇڏيائين. مير بجار جي مرڻ کان پوءِ سندس پٽ عبدالله خان ڪلهوڙن جو تخت پنهنجي قبضي ۾ آندو- آخري ڪلهوڙو حاڪم مقابلي جي همت نه ساري ڀڄي قلات کان نڪتو. اتان هو بروهين جو هڪ وڏو لشڪر سنڀرائي پاڻ سان وٺي آيو، پر وري به شڪست کاڌائين. اقتدار ۽ طاقت جي انهيءَ جنگ سڄي ملڪ کي بدامني ۽ مونجهاري ۾ وجهي ڇڏيو هو، نتيجو اهو ٿيو جو افغان بادشاه تيمور شاهه کي دخل ڏيڻو پيو. تيمور شاهه، مدد علي خان جي اڳواڻيءَ هيٺ وڏو ڪٽڪ سنڌ تي چڙهي ڪرڻ لاءِ موڪليو ته ڪلهوڙي حاڪم کي پنهنجي حڪومت واپس وٺي ڏئي. مدد علي خان سنڌ ۾ طوفان بنجي آيو ۽ جيڪي ٿي آڏو آيس، تنهن کي ڪکن وانگر ٻهاريندو ويو. شهرن کي لٽي، ڳوٺن کي جلائي تباه ڪري ڇڏيائين- بيشمار ماڻهن کي موت جي اوڙاهه ۾ اڇلي چوڌاري ڏهڪاءُ مچائي ڇڏيائين. هن جي تباهين ملڪ ۾ ڏڦير ۽ ڏڪار وجهي ڇڏيو، جن ملڪ جي غريب عوام کي تنهان ئي وڌيڪ تڪليفن ۽ مصيبتن ۾ ڦاسائي ڇڏيو. انهن ڳالهين کان پوءِ به ڪلهوڙن جي طاقت ۾ ڪا پائداري پيدا ڪا نه ٿي. وقت گذرڻ تي ٽالپرن وري زور وٺڻ شروع ڪيو، ۽ نيٺ 1783ع ۾ ڪلهوڙا حڪومت جو خاتمو آيو.

ميان غلام شاهه ۽ سندس جانشين حاڪمن، جن کي هن ڪتاب ۾ آئنده ”آخري ڪلهوڙا حاڪم“ جي نالي سان بيان ڪيو ويندو، ملڪ کي تباه ڪن جنگين ۾ اڙائي ڇڏيو هو. انهن جنگين ۾ کوسن، دائودپوٽن، بروهين، ڪڇين ۽ ٽالپرن سان چوٽون کاڌائون. (3) غلام شاهه جي طاقت ۾ اچڻ کان اٽڪل 30 سلن لاءِ بدامني، گهرو لڙاين ۽ ٻاهرين حملن جي ڪري سنڌ جي حالت ڏاڍي رحم جوڳي ٿي ويئي هئي، ۽ انهيءَ حالت ۾ ملڪ ‏ٽالپرن جي قبضي ۾ آيو.

ٽالپر: 1783ع ۾ تالپر قوم جي سردار مير فتح علي خان، افغان بادشاه زمان شاهه کان ”فرمان“ حاصل ڪيو ۽ سنڌ جو رئيس يا حاڪم بنجي ويو، ۽ حيدرآباد کي پنهنجي گاديءَ جو هنڌ بنايائين. هنن جي گهراڻي ۾ ڦوٽ پوڻ ڪري صوبو ٽن خودمختار حڪومتن ۾ ورهائجي ويو. سڀني ۾ مکيه خاندان حيدرآبادي (يا شهداداڻي) ٽالپرن جو هو، جنهن جي حڪومت وچولي تي هئي. ٻيو خاندان (سهراباڻي) مير فتح علي خان جي ڀائٽي مير سهراب جو اولاد هو. اهو خاندان خيرپور تي حڪومت ڪرڻ لڳو. ٽئين خاندان جي حڪومت جي گاديءَ جو هنڌ ميرپور هو (هي خاندان ماڻڪاڻي سڏبو هو-۽ مير سهراب جي پٽ مير ٺاري خان جو اولاد هو). حڪومت جي انهيءَ ورهاست ٽالپرن جي تاريخ کي ڏاڍو منجهائي وڌو آهي- جڏهن حيدرآباد واري ٽالپر خاندان جي سردار مير فتح علي خان ملڪ جي حڪومت ۾ پنهنجن ٽن ڀائرن- غلام علي، ڪرم علي، مراد علي- کي به ڀائيوار ڪيو، تڏهن ته معاملا هيڪاري بگڙي ويا. اهي چار ڀائر تاريخ جي نظر ۾ ”چار يار“ ٿا سڏجن. مير فتح عليءَ کي اچي خيال ٿيو ته ڪراچي ۽ عمر ڪوٽ واپس هٿ ڪجن. نيٺ 1792ع ۾ قلات جي حاڪم کان ڪراچي واپس ورتائين، ۽ جوڌپور جي راجا کان 1813ع ۾ عمرڪوٽ ڇڏايائين.

1801ع ۾ مير فتح علي پنهنجي پٺيان هڪڙو پٽ صوبدار نالي ڇڏي، مري ويو، ۽ پنهنجي حڪومت بااقي ٽن ڀائرن جي سپرد ڪري ويو. ڏهن سالن کان پوءِ، مير غلام علي پويان هڪڙو پٽ مير محمد ڇڏي وفات ڪري ويو. ان هوندي به باقي بچيل ٻه ڀائر ڪرم علي ۽ مراد علي، سنڌ تي حڪومت ڪندا رهيا. 1828ع ۾ ڪرم علي بي اولاد مري ويو، ۽ مراد عليءَ ٻه پـٽ، نور محمد ۽ نصير خان، ڇڏي وفات ڪئي. 1845ع تائين، انهن ٻن ميرن پنهنجي سوٽن، صوبدار ۽ مير محمد، سان گڏجي حيدرآباد تي حڪومت ڪئي. 1841ع ۾ مير نورمحمد حيدرآباد جو حاڪم به گذاري ويو ۽ حڪومت سندس ٻن پٽن ۽ سندن چاچي نصير خان جي هٿ آئي.

انهيءَ طرح سنڌ جا ٽالپر حاڪم وڻ وڻ جي ڪاٺي ٿي ويا ۽ ملڪ جو اتحاد پڻ انهيءَ سبب ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو. هنن جي حڪڪومت جي دوران ۾، انهيءَ ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته امن امان هو، پر اهڙو امن، جنهن ۾ ملڪ لاءِ ڪا آسودگي ڪا نه هئي، حڪومت ته هئي، پر بنا ڪنهن قانون قاعدي جي. ٽالپر بي پرواهه ۽ عياش حاڪم هئا. هنن جو سمورو شوق شيل شڪار تي هوندو هو. پاٽنجر اسان کي انهن امير بابت ٻڌائي ٿو: ”جنهن ملڪ تي هنن جي حڪومت آهي، ان جي انتظام تي هو ڪو توجهه ڪو نه ٿا ڏين. نه ڏوهاريءَ کي سزا ٿي ملي، نڪي ڪنهن مظلوم کي انصاف ٿو ملي. هن وقت ائين کڻي چئجي ته هن ملڪ ۾ ڪا حڪومت آهي ئي ڪا نه، ڇو ته هنن بلوچ سردارن کي رڳو پنهنجي ئي کاسارن جي لڳل آهي. عام رعيت جو الله واهي آهي.“ هنن حڪومت ايتري ته بي پرواهيءَ ۽ جابرانه طريقي سان ڪئي ۽ غريبن ويچارن ايتريون ته سختيون، اهنج ۽ ايذاءُ ٿي سٺا، جو ملڪ سچ پچ ته انتهائي بيوسيءَ ۽ ڏتڙيل حالت کي وڃي پهتو.

اوڻيهين صديءَ جي اوائل ۾، سنڌ، دنيا جي سياسي سيلاب گهيرجي ويئي- ۽ انگريزن لاءِ سنڌ ۾ پير ڄمائڻ هڪ سياسي ضرورت بنجي پئي ايران ۾ نيپولين بوناپارٽ جي منصوبي بازين، انگريزن ۾ ٿرٿلو وجهي ڇڏيو هو. 1809ع ۾ انگريزن سنڌ جي حاڪمن سان، جو دوستيءَ جو عهدنامو ڪيو، سو محض انهيءَ لاءِ ته فرينچ سنڌ ۾ قدم نه ڄمائي سگهن. 1820ع ۾ سرحدي تنازعن کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ٻيو عهدنامو ٿيو. 1826ع ۾ ”پنجاب جي شير مرد“ راڻي رنجيت سنگهه سنڌ تي ڪاهه ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. 1828ع ۾ انگريزن جو لشڪر پهرين افغان لڙائيءَ ۾ حصي وٺڻ لاءِ عهدنامي جي شرطن جي خلاف ورزي ڪندي، سنڌو درياءَ منجهان پنهنجا جنگي ٻيڙا هاڪاري وڃي مٿي چڙهيو. انهيءَ تان سنڌ جي ٽالپر حاڪمن ۽ انگريزن جي وچ ۾ سخت تنازعا ٿي پيا، ۽ نيٺ 1843ع ۾ هنن سنڌ کي پنهنجي برٽش شهنشاهت سان ملائي ڇڏيو. اها حقيقت آهي ته انهيءَ لاءِ هنن کي ڪو به اخلاقي جواز ڪو نه هو. سر چارلس نيپئر پاڻ قبول ٿو ڪري ته ”اسان کي سنڌ تي قبضي ڄمائڻ جو ڪو حق ڪونهي، پر ان هوندي به اسين قبضو ته ضرور ڪنداسين- ۽ سچ پچ ته اسان جو اهو قدم تمام فائديمند- ۽ ڪارائتي ڪميڻپ ۽ بدمعاشي ٿيندي!“ انهيءَ طرح سموري سنڌ (خيرپور کان سواءِ، جنهن جي حاڪم، پوري پوري وقت تي پنهنجي وفاداريءَ جو يقين انگريزن کي ڏياريو)، 1843ع ۾ انگريزن جي هٿن ۾ اچي ويئي.

باب چوٿون

انگريزي راڄ کان اڳ آبپاشي

سنڌ جو صوبو ڏکڻ اولهه ۽ اتر اوڀر جي چوماسن جي اثر کان گهڻو پري آهي. صوبي ۾ مينهن تمام ڇڊو ۽ بي وقتو پوندو آهي، انهيءَ ڪري باراني پوک هيٺ ايندڙ ايراضي سنڌ ۾ بلڪل اڻ لکي آهي ۽ سندس رهواسين پنهنجا فضل اپائڻ لاءِ قديم زماني کان وٺي هميشه پنهنجي فياض ”سنڌو دريا“ تي پئي ڀاڙيو آهي. حقيقت ۾، جو سنڌ کي ”سنڌوءَ جي ڪنوار“ سڏيو ويو آهي، سو به انهيءَ ڪري- ۽ جيڪڏهن هي ”حيات بخش دريا“ نه هجي ها ته سنڌ به، وچ ايشيا جي ويران صحرائن وانگر، هڪ خشڪ ۽ وارياسو بيابان هجي ها.

سنڌو دريا جون خصوصيتون: سنڌو دريا جي، مسيسپي نديءَ وانگر، اها هڪ نمايان خصوصيت آهي ته سنڌ منهجهان وهندي واقت، واديءَ جي ترائيءَ مان نه پر چوٽيءَ تان وهي ٿو. سندس ٻنهي ڪنڌين وٽان زمين، جيئن پوءِ تيئن، آهسته آهسته گهڻو هيٺاهينءَ تي لهندي وئي آهي. سنڌ جي اها نمايان خصوصيت آهي ته سندس زمين گهڻو ڪري دريا جي ڪنڌين وٽ تمام اوچي آهي ۽ جيئن هيٺ لهي ٿي، تيئن تيئن وڌيڪ هيٺاهين ٿي وڃي ٿي- ايتري حد تائين جو جيڪڏهن دريا اٿلي ته سموپريءَ جي سموري سنڌ پاڻيءَ هيٺ اچي وڃي. انهيءَ جو سبب ڳولڻ ڪو ڏکيو ڪونهي.

آب ڪلاني يا ٻوڏن جي مند ۾، جون کان وٺي سيپٽمبر تائين، دريا پهاڙي آبشارن مان تمام گهڻو رءُ ۽ لٽ کڻي ٿو نڪري، پر سندس وهڪرو، جو هيٺ ماٿريءَ ۾ تمام گهٽ رفتار جو آهي، ايترو سارو رءُ ۽ لٽ کڻي اڳتي نه ٿو وڃي سگهي. قدرتاً نتيجو اهو ٿيو آهي ته دريا جو پيٽ ۽ ڪنڌيون ڏينهون ڏينهن اوچيون ٿينديون ٿيون وڃن- پيٽ ته ڪنڌين کان به وڌيڪ چڙهندو ٿو رهي. ائين ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته ٻوڏن وارن سالن ۾، دريا جو پاڻي، جيڪڏهن هٿرادو رنڊڪن ۽ بندن ذريعي نه روڪيو وڃي، ته پاڻي ڪنڌيون ٽپي، ملڪ ۾ پنجاه سٺ ميلن اندر پهچي سگهي ٿو. جيئن جيئن ٻوڏون آيون ته هر ٻوڏ کان پوءِ، دريا جا ڪنارا اوچا ٿيندا ويا، ڇو ته رءُ جو گهڻو ڀاڱو ڪنڌين تي تهه ٿيندو ڄمندو ويو- ۽ ڪنڌين جي ويجهو ملڪ جي سطح مٿاهين ٿيندي وئي. ٻوڏ جي مند جي پڇاڙيءَ ۾، پاڻي تمام آهستي وهندو آهي. جنهن ڪري رءُ تنهان ئي پوئتي رهنجندو ويندو ۽ ويجهڙائيءَ وارن جهنگن ۽ آبادين جي وچ ۾ وڌيڪ تهه ٿيندو ڄمندو ويندو آهي. انهيءَ طرح صدين کان دريا جي انهيءَ وهڪ سبب ٻنهي پاسن جي زمين وڌيڪ زرخيز ۽ ڀلي ٿيندي پئي رهي آهي.

زمين جي عام سطح:جيئن ته دريا اتر کان ڏکڻ وهي ٿو، ان ڪري ملڪ جي عام سطح به دريا جي وهڪري پويان لڳي، ان جي ڪنارن کي هيٺاهين وٺندي آهستہ آهستہ گهڻي هيٺ ٿي وڃي ٿي. انهيءَ صورت جي ڪري سنڌ ۾ واه کوٽڻ، انجنيري هر لاءِ به هڪ ڏکيو مسئلو آهي- ۽ دريا مان گهڻي کان گهڻو پاڻي کڻڻ ۽ گهڻي ۾ گهڻي ايراضيءَ کي پاڻي پهچائڻ لاءِ درياءَ مان واهه ڪڍڻ لاءِ ان کي هڪ اُڀي ۽ ڏنگي رخ تي ٽڪڻو پوندو. پاڻي پنهنجي ليول (سنوت) پاڻهي ڪندو آهي، ۽ جيئن ته درياءَ چوٽيءَ تان ٿو وهي، ۽ زمين ان کان ڪجهه پرڀري آهي- انڪري درياءَ جو پاني، جيڪو هونئن درياءَ جي منڍي وٽ ساڳي سنوت تي هوندو آهي، سو پرڀرو بيٺل زمين کان مڙئي مٿڀرو هوندو آهي- ۽ انهيءَ ڪري درياءَ جو پاڻي- جيڪو ڪنڌين وٽ ايترو اوچو نه آهي جو زمينن ڏانهن وهي سگهي. جيڪڏهن ڪنهن واهه جي ذريعي ڇڪجي ٿو، ته ايترو اوچو ٿيو پوي، جو اهو، اندرئين حصي جي زمينن ڏانهن وهي اچي ٿو: ٿورن لفظن ۾ سنڌ جي واهن جي سرشتي جو اهوئي اصول آهي.


[1]   هيگ، ص 72، ايليٽ مطابق، سما 1351ع ۾ طاقت ۾ آيا، ڏسو هيوز، ص 38. ريورٽي وري چوي ٿو ته سما اول سومرن جي خلاف 1333ع ۾ اٿيا- پر 1337ع کان اڳ ڪامياب ٿي نه سگهيا. (”مهراڻ آف سنڌ“، ص 328).

[2]   ريورٽي، ص 328، سمٿ، -ص 246.

[3]   سمٿ، ص 247

[4]   هيگ، ص 83.

[5]   ايٽڪن، ص 103.

[6]   هيگ، ص 98.

[7]   ڏسو باب ستون

[8]   سمٿ، ص 459.

[9]   سورلي، ص 9.

[10]   سورلي، ص 9.

 

[11]   هيوز، ص 31.

[12]   قليچ بيگ، جلد 2، ص ص 143-244.

[13]   هيگ، ص 114.

[14]   هيگ، ص 114.

[15]   هيگ، ص 7-112.

[16]   قليچ بيگ، جلد 2، ص 152.

[17]   هيگ، ص 118.

[18]   هيوز، ص 33.

[19]   هيوز، ص 33.

[20] . ايلفنسٽن، ”ڪابول“ ، ص 561. هيگ ، ص 123

[21] . ايٽڪن، ص ص 115-117.

[22]   هيوز، ص 34.

[23]   پاٽنجر ”آئوٽ ورڊ فائيل نمبر 13“ (27-1828) ص ص 282-283.

[24]   ايضا، ص ص 288-292.

[25]   ايٽڪن، ص 119.

[26]   هيوز، ص 35.

[27]   ايٽڪن جو ڏنل حوالو، جلد 8، ص 127.

[28]   مسٽو، ”فيوچر آف سنڌ“، ص 3.

[29]   ڪرنل نائيف، ورتل هيوز جي گزيٽئر ص 16 تان.

[30]   ڪرنل فائيف، ورتل هيوز جي گزيٽئر، ص 16 تان.

[31]   اهي بند سنڌ جي آبپاشي نظام جي هڪ نمايان خصوصيت آهن ۽ ائين ٿو معلوم ٿئي ته اهي قديم ترين وقتن کان وجود ۾ آهن پراڻن بندن جي کنڊرن مان معلوم ٿئي ٿو ته اڳين وقتن ۾ انهن تي ڪافي توجه ڏنو ويندو هو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org