سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 15

باب پندرهون

مير بجار جو قتل

نئين آفت. مير بجار خان، پنهنجي تدبر ۽ دورانديشيءَ سان، سنڌ جا بگڙيل حالات درست ڪري ڇڏيا هئا: ملڪي انتطام جو ٻيڙو مشڪلات جي خوفناڪ طوفان مان گذري چڪو هو، ۽ اميد پيدا ٿي چڪي هئي ته ميان محمد سرفراز خان جي معزوليءَ کان پوءِ ملڪ تي جيڪي آفتون نازل ٿيون هيون، انهن جي تلافي جلد کان جلد ٿي ويندي. ليڪن سنڌ جي بدنصيبي ۽ قست جي اونداهي ڏسو- اصلاح ۽ درستيءَ جو هيءُ اميد افزا سلسلو چشم فلڪ کي پسند نه آيو، ۽ اوچتو مير بجار خان جي قتل جو واقعو وچ ۾ حائل ٿي ويو، جنهن سنڌ کي امن ۽ اطمينان جي حالت مان ڪڍي وري تفرقي ۽ خونريزيءَ جي اوڙاهه ۾ ڪيرائي ڇڏيو.

تحقيقي طور اڄ تائين معلوم ٿي نه سگهيو ته مير بجار کي ڪهڙي سببان قتل ڪرايو ويو. هن باري ۾ مختلف رايا ظاهر ڪيا ويا آهن:

1. هن قتل جو ذميوار عبدالنبي هو، جو سمجهي رهيو هو ته مير کي وچ مان هٽائڻ کان سواءِ اَزا-نه حڪمرانيءَ جو موقعو پيدا ٿي نه سگهندو. هڪ روايت ۾ ٻڌايو ويو آهي ته عبدالنبيءَ مير بهرام جي ڌيءُ جو سڱ گهريو هو- انڪار ٿيو، ته هو مير بجار جو دشمن بنجي ويو.([1])

2. مير بجار کي عبدالنبيءَ جي والده قتل ڪرايو هو. هن جي اڳيان به مقصد هئا:

الف: مير مارجي ويندو، ته عبدالنبيءَ کي، آزاديءَ سان حڪومت ڪرڻ جو موقعو ملندو، ۽ مذڪوره خاتون جا هم قوم (جوڻيجا) سڀني معاملن ۾ دخل انداز رهندا؛ پر مير بجار جي هوندي اهي ٻئي مقصد پورا ٿي نٿي سگهيا.

ب: ڪن ماڻهن هن خاتون کي يقين ڏياريو هو ته سندس وڏي پٽ غلام نبي خان کي لانياريءَ جي لڙائيءَ ۾ قتل ڪرائڻ جو ذميوار مير بجار هو؛ انهيءَ ڪري هن پٽ جي خون جو بدلو وٺڻ گهريو ٿي.([2])

3. مير بجار جوڌپور جي راجا بجي سنگ کان ڌيءَ جو سڱ گهريو هو. انهيءَ تي بجي سنگ کي ايتري ڪاوڙ آئي جو مير جي جان جو دشمن بنجي ويو.([3])

4. مير بجار جوڌپور جي سرحد جي ويجهو هڪ قلعو ٺهرايو هو، بجي سنگ جو خيال هو ته جيڪڏهن انهيءَ ۾ ٽالپرن جو لشڪر مستقل طور رهائش اختيار ڪندو ته ان مان خود سندس ملڪ ۾ خلل پيدا ٿي ويندو، انهيءَ ڪري هن مير جي قتل ڪرائڻ جو بندوبست ڪيو.([4])

هيءُ پويون سبب ته بنهه وسهڻ جوڳو نه آهي. پهرين ٻن سببن مان ڪنهن به هڪ يا ٻنهي کي اعتبار لائق سمجهي سگهجي ٿو- جيتوڻڪي اهي به عقل ۽ فڪر، دانش ۽ تدبر جي لحاظ کان سراسر ’خويش دشمني‘ معلوم ٿين ٿا. ٽيون سبب به گهڻو معقول معلوم نٿو ٿئي.

قتل جي سازش. ”جواهر عباسيہ“ جي بيان مطابق عبدالنبيءَ جي والده شيخ محفوظ، ان جي پٽ شيخ قمرالدين، منشي ٻالڪرام ۽ اَڍي ۽ ٻڍي دربانن کي پڻ هن مشوري ۾ شريڪ ڪيو- اهڙيءَ ريت قتل جي سازش مضبوط ٿي ويئي. انهيءَ سان گڏ، هڪ طرف مير جي خلاف تيمور شاهه وٽ طرح طرح جون شڪايتون پهچايون ويون، ۽ ٻئي طرف جوڌپور جي مهاراجا کان مدد گهري ويئي ته هو ڪنهن به طرح هن سازش جي ڪامياب بنائڻ جو بندوبست ڪري.

بجي سنگ مير جي قتل جو بار پنهنجي سر تي کنيو. غالباً اهوئي پهريون موقعو آهي، جو هن کي لالچ طور عمرڪوٽ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ويو. مهاراجا پنهنجي ٻن راٺوڙن کي انهيءَ مقصد لاءِ تيار ڪيو. حسن سلوڪ جي مختلف واعدن سان گڏ، هن کي ضلعي ناگور ۾ ٽيهه هزار رپين جي جاگير ۽ انهيءَ کان سواءِ موتين جا هار، چوغ ۽ ڪمربند ۽ دُشالن جون خلعتون، خنجر ۽ مالهائون عطا ڪيون وييون.

مير نصير خان قلات جي واليءَ ذمو کنيو ته جيڪڏهن بلوچن ڪو فتنو برپا ڪيو، ته ان کي روڪڻ جو بندوسبت ڪيو ويندو.([5]) گويا سنڌ، جوڌپور ۽ قلات جون حڪمران شخصيتن کي هميشه لاءِ ختم ڪري ڇڏڻ خاطر متحد ٿي وييون هيون.

مير جو قتل. جڏهن هي سمورا انتظام مڪمل ٿي ويا، تڏهن مهاراجا ٻن راٺوڙن کي وڪيل بنائي، ميان عبدالنبيءَ ڏانهن موڪليو، انهن سان گڏ ڪي ٻيا ماڻهو به هئا. هو ڪيترائي دفعا ميان صاحب ۽ ميربجار سان الڳ الڳ مليا. هنن هڪ ڏينهن مير کي عرض ڪيو ته ’اسان جي مهاراجا جو خط هينئر آيو آهي، ان ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون لکيل آهن، جيڪي اڪيلائيءَ ۾ ئي اوهان کي ٻڌائي سگهن ٿيون. خط ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ميان عبدالنبيءَ ڪيترائي خط مهاراجا ڏانهن روانا ڪيا، جن ۾ اوهان جون (مير جون) سخت شڪايتون ڪيون وييون هيون. مهاراجا جو خط هنديءَ ۾ آهي، ۽ اوهان جي ماڻهن مان ڪوبه هندي نٿو ڄاڻي؛ اجازت ملي ته اوها کي اڪيلائيءَ ۾ اهو خط پڙهي ٻڌايو وڃي‘.

        مير سڀني موجود ماڻهن کي پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو، ۽ جوڌپورين کي پاڻ وٽ گهرائي ورتو- فقط هڪ ملازم، ’ايسر‘ نالي، وٽس رهيو، ۽ ٻه ماڻهو وڪيلن سان گڏجي آيا. هڪ وڪيل، مير کي ويجهو ٿي خط پڙهڻ لڳو. پڙهندي پڙهندي هن فريب وچان چيو ته ’هيءُ لفظ منهنجي سمجهه ۾ نٿو اچي‘؛ ۽ هڪدم ٻئي کي پاڻ وٽ سڏي ورتائين. اهڙيءَ ريت، هنن ٻنهي مير کي خط ٻڌڻ ۾ مشغول رکي، اوچتو مٿس تلوارن جا ڌڪ هڻڻ شروع ڪيا. جيتوڻيڪ مير بريءَ طرح زخمي ٿي چڪو هو، ليڪن ان هوندي به هن اڪيلي سر ٻنهي قاتلن کي اتي جو اتي پورو ڪري ڇڏيو.

”جواهر عباسيہ“ جي روايت. ”جواهر عباسيہ“ جو بيان آهي ته مير جي کٻيءَ اک سان نظر ڪانه پوندي هئي. ٻنهي راٺوڙن کيس ڳالهين ۾ مصروف کريو، ۽ اهڙيءَ حالت ۾ تيز خنجر مير جي پيٽ ۾ ٽنبي وڌائون. مير، ٻن گهرن زخمن جي باوجود، انهن ٻنهي مان هڪ کي پڪڙي، اهڙي زور سان ڀڪوڙيو جو ساهه ڪڍڻ کان اڳ نه ڇڏيائينس؛ ٻيو وري بلوچن جي هٿان ڪِنو ٿي مُئو.([6])

”فتحنامي“ جو بيان. مير عظيم الدين  ٺٽويءَ لکيو آهي ته:

گر فتند قرطاس بر روائ مير،
سپردند خنجر بہ پهلوي مير.

(خط جي ڪاغذ کي مير جي سامهون کنيو بيٺا رهيا، ۽ خنجر هن جي ڪُک ۾ ٽنبي ڏنائون.)

بپا خاست آن سورِ گل پيرهن،
تنش از گلِ زخم رنگين چمن.

(اهو گل جهري پهراڻ وارو مرد، پيرن تي بيٺو ريو، هن جو بدن زخمن جي گلڪاريءَ سان باغ جيان رنگين هو.)

بيڪ ضربِ شمشير اَن شير نر،
فرستاد هر چار سگ در سقر.

(تلوار جي هڪ ئي ڌڪ سان، هن شينهن مرد، چئني ڪتن کي جهنم ۾ پهچائي ڇڏيو.)

ز بس زخم خنجر گرفتش درون،
ز هر زخم جاري شده سيلِ خون.

(هن کي خنجر جا ڪيترائي زبردست گهاءَ رسي چڪا هئا، ۽ هر زخم امن خون جو ريلو جاري رهيو.)

دمِ نزع مي گفت شادان بہ ناز،
بحمد الله ڪز حق شدم سرفراز.

(دم ڏيڻ هن تمام خوشيءَ ۽ ناز سان چيو ٿي: ’خدا جو شڪر آهي جو هن مون کي سرفرازي بخشي.‘)

بہ باب و برادر دلم رشڪ داشت،
درين آرزو چشمِ من اشڪ داشت.

(پنهنجي پيءُ ۽ ڀاءُ جي حالت تي منهنجي دل کي رشڪ هو، ۽ آ انهيءَ آرزوءَ ۾ رئندو ٿي رهيس.)

بحمد الله ڪان آرزوي دلم،
ز شاهِ شهيدان شده حاصلم.

(خدا جو شڪر جو منهنجي دل جي هيءَ آرزو، شاهه شهيدان جي صدقي پوري ٿي ويئي.)

چنين گفت و جان عرض جان بخش ڪرد،
خدايش بجنت مڪان بخش ڪرد.([7])

ائين چئي، هن جان حق جي حوالي ڪئي. خدا هن کي جنّت ۾ جاءِ عطا ڪئي.)

 

”فريئر نامي“ جو پيش ڪيل نقشو. ”فريئر نامي ۾ لکيل آهي ته ٻئي وڪيل، جوڌپور جي مهاراجا طرفان مير سان محبت ۽ اخلاص جو اظهار ڪندا ٿي رهيا. چند ڏينهن کان پوءِ هنن چيو:

خطلآ از مهاراجہ نمود امروز پيش مايان آمده است
و در آن بسيار اخبار هاي بوالعجب است و نقليات
خطوط عبدالنبي ڪہ پيش راجہ فرستاده است در او
مندرج هستند، وبسيار شڪايتهالآ ايشان ميان صاحب
فرستاده است- چون خطِ مڪتوبات هندي است و
ڪسلآ اين جا اين حرف ار نمي فهمف و ني تواند
خواند، پس بهتر است ڪه درجائلآ ڪہ اغيار نہ
باشد بلڪہ جز مير صاحب ڪسلآ ديگر نہ باشد،
مبادا ڪه شهرت پذير شود- مطابق حڪم
سرڪارلآ يڪ جائلآ خالي ساختند- مگر هندولآ
ايسر نام ڪہ ملازم مر صاحب بود و در ميان مير صاحب
ووڪلائلآ راجہ آمد و رفت و داشت و رازدار بودو
بحڪم مير صاحب آن چهار مڪار رادر آن خلوت گاه
آورد- ازين ها دو اندرون ماندند و د بردروازه-
از آن يڪلآ خواندن خط شروع ڪرد- و بعد
از خواندن اندڪلآ، عرض ڪرد ڪه سواد خط
هندي در خواندن مشڪل است، چنانچہ بعضلآ
اوقات نوشتہ خود را خود خواندن نمي تواند،
اگر حڪم شود تا دو آدمي ڪہ بيرون استاده
 اند آنها را بطليم، تادر خواندن خط مشڪل
نماند و بہ من همراه شوند
 مير صاحب مطابق درخواستِ او اجازت فرمود
 آمدو حاضر شدند و يڪ بخواندنِ خط مشغول شد و وخيالِ مير صاحب
بہ طرفِ او بود ڪہ آن هر دو مڪار از يميم
 و يسار خنجر ڪشيده بہ هر دو پهلوي مير صاحب
زدند، و مير صاحب شمشيري ڪہ پهلو داشتہ بود ڪشيدہ يڪي را زد ڪہ پهلو داشتہ بود ڪشيده يڪي را زد ڪہ هما جا جانءِ داد، و ديگري را نيم مرده گزاشت- ملازمانِ مير صاحب ڪارِ او را تمام ساختنده، و دو ديگر ڪہ بودند آنها گريختہ راهِ ملڪِ خودشدند، ميگويند ڪہ راجہ جودهپور مطابق خواهش عبدالنبي خان مرتڪب اين امر گرديد، و در عوضِ ابن ڪار ميان عبدالنبي خان قلعہ عمرڪوٽ پيشڪش راجہ.

        اڄ مهاراجا جي طرفان هڪ خط اسان وٽ آيو آهي، ان ۾ عجيب ۽ غريب ڳالهوين لکيل آهن. عبدالنبيءَ جيڪي خط راجا کي موڪليا هئا، انهن جا نقل به موڪليا اٿس، جن ۾ اوهان جون تمام گھڻيون شڪايتون ڪيون ويون آهن. جيئن ته اهو خط هندي زبان ۾ لکيل آهي، ۽ هتي ان جي سمجھڻ وارو ڪير به ڪونهي، جو پڙهي سگھي، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته اهڙي ڪا جاءِ تجويز ڪريو، جتي ڪو به ڌاريو ماڻهو نه هجي بلڪ فقط اوهان کان سواءِ ٻيو ڪير به نه هجي – مبادا انهن خطن جو احوال واشگاف ٿي وڃي. مير صاحب جي حڪم مطابق، هڪ جڳهه خالي ڪرائي ويئي – فقط هڪ هندو، جنهن جو نالو امير هو ۽ مير صاحب جو ملازم هو، اتي رهي ويو. راجا جي وڪيلن ۽ مير صاحب جي وچ ۾ نياپا ۽ پيغام آڻيندو رهندو هو، ۽ رازدان هو. ايسر، مير صاحب جي چوڻ مطابق چئني کي مڪان ۾ وٺي آيو. انهن مان ٻه اندر آيا؛ ۽ باقي ٻه دروازي تي رهيا. اندر وارن مان، هڪڙي خط پڙهڻ شروع ڪيو. ٿوري خط پڙهڻ کان پوءِ، چوڻ لڳو ته هندي خط پڙهڻ نهايت مشڪل آهي – ڪڏهن ڪڏهن ته پنهنجو لکيل به پڙهي نٿو سگھجي – حڪم ملي ته ٻاهر بيٺل ٻن ماڻهن کي به سڏي وٺجي ته جيئن انهن جي هوندي خط پڙهڻ ۾ مشڪلات نه ٿئي.‘ مير صاحب اجازت ڏني. اهڙيءَ ريت اهي ماڻهو به اندر اچي ويا. هڪ خط پڙهڻ ۾ مشغول رهيو. مير جو سارو ڌيان هن ڏانهن هو؛ ايتري ۾ انهن ٻن مڪارن، مير جي ساڄيءَ ۽ کاٻيءَ ڪُک ۾ خنجر ٽنبي وڌا. مير، هڪدم مياڻ مان تلوار ڪڍي، انهن مان هڪ کي ختم ڪري ڇڏيو، ۽ ٻئي کي اڌ-مئو ڪري ڇڏيائين – پوءِ مير جي ملازمن انهيءَ کي به ختم ڪري ڇڏيو. باقي ٻه، سي اتان ڀڄي پنهنجي ملڪ پهچي ويا. چون ٿا ته جوڌپور جي راجا اهو ڪم ميان عبدالنبيءَ جي مرضيءَ سان ڪيو هو انهيءَ عيوض ۾ ميان عبدالنبيءَ راجا کي عمر ڪوٽ جي قلعي ڏيڻ جي آڇ ڪئي هئي.(1)

تبصرو هن بيان ۾ ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جن کي بيڌڙڪ صحيح سمجھڻ مشڪل آهي مثلا:

1. ٻه ماڻهو اندر آيا، ٻه ٻاهر دروازي تي رهيا؛ پوءِ اندر وارن مان هڪ شخص ٻاهر وارن کي ائين چئي گھرايو ’ته خط پڙهڻ ۾ دقت پيش ايندي ته اهي مدد ڪندا‘ قرينو هيءُ هو ته ٻه ماڻهو ئي اندر رهن ها؛ هڪڙو خط پڙهي ها، ۽ ٻئي کي بهاني سان ويجھو سڏي وٺي ها – مثلاً چوي ها ته هيءُ لفظ ته ڏس، پڙهڻ ۾ نٿو اچيم.‘

2. هي ماڻهو بهرحال خط اڳي ئي پڙهي چڪا هئا – پڙهڻ کان سواءِ خط جي مطلب کان آگاهه ٿي نٿي سگھيا. ان ڪري، ڪنهن لفظ تي اٽڪي بيهڻ ته سمجھ ۾ اچي سگھي ٿو، مگر قدم قدم تي اٽڪڻ سمجھ ۾ نٿو اچي سگهي.

3. هيءَ ڳالهه به وضاحت جي محتاج نه آهي ته وڪالت جي لاءِ هميشه قابل ۽ سمجھدار ماڻهو موڪليا ويندا هئا: اهڙن ماڻهن کي وڪيل بنائي موڪلڻ قرين قياس نه آهي، هڪ دفعي خط پڙهي ڇڏڻ کان پوءِ به اهو بنا رنڊڪ جي ٻئي کي ٻڌائي نه سگهن.

4. قرينو هيءُ آهي ته ٻئي ماڻهو مير بجار جي ٻنهي طرفن ويهي ويا هجن، ۽ اوچتو هنن خنجر وهائي ڏنا هجن: هيءَ ڳالهه درست معلوم نٿي ٿئي ته ٻه ماڻهو ساڄي ۽ کاٻي بيهي رهيا، هڪڙو خط پڙهندو رهيو، ۽ چوٿون ڄڻو بيٺو رهيو.

5. ٻن ماڻهن جو هڪ اهڙيءَ جاءِ تان ڀڄي پنهنجي ملڪ پهچي وڃڻ، جتي ميربجار جهڙو ماڻهو قتل ٿيو هجي، سراسر ناقابل يقين آهي.

6. بهرحال، ’پوسٽنز‘ جو بيان عين قرين قياس آهي. هو لکي ٿو ته ڪلهوڙن جو ڄڻ قدرت طرفان زوال ٿي چڪو هو، ميان عبدالنبي خواه مخواه ميربجار جي تباهيءَ پـٺيان اچي پيو، هن ڪيترائي طريقا آزمايا، ۽ ڪنهن ۾ به ڪامياب نه ٿيو:

آخرڪار پنهنجي دوست جوڌپور جي راجا جي مدد سان، هن پنهنجو مقصد پورو ڪيو. راجا جي طرفان ٻه قاتل، وڪيلن جي ويس ۾، ميربجار خان وٽ موڪليا ويا. هنن، سندس ويجھائيءَ ۽ خلاصائيءَ جي موقعي حاصل ڪرڻ لاءِ، ڳُجھي خط جو بهانو گھريو: مير جي سيني ۾ خنجر ٽنبي ڏنائون، ۽ هن فوراً رباني راه اختيار ڪئي.(1)

مير بجار جي شخصيت. مرزا قليچ بيگ لکيو آهي ته ’اهڙيءَ ريت سنڌ جو اهو امير مارجي ويو، جنهن جي عقل ۽ دانش، مردانگيءَ ۽ شجاعت، خداترسيءَ ۽ حق شناسيءَ جي درجي کي ٻيو ڪوبه پهچي نه سگھيو.‘(2)

بيشڪ، ٽالپرن ۾ ميربجار تمام وڏيءَ شخصيت جو مالڪ هو. هن جو موت سنڌ جي لاءِ نهايت دردناڪ حادثو ثابت ٿيو. انهيءَ سبب کان سنڌ واسين تي جيڪي آفتون آيون، انهن جي مفصل سرگذشت ايندڙ صفحن ۾ بيان ڪئي ويندي. ائين کڻي چئجي ته ميربجار هڪ مضبوط بند هو، جنهن سوين فتنن جي وهڪرن کي روڪي بيهاريو هو؛ ۽ جڏهن اهو بند ٽٽو، ته فتني جون موجن پٺيان موجون هر طرف  کان وهي اٿي هليون. ڪنهن شخص ميربجار جي شهادت جي تاريخ چئي، جا هيٺ درج آهي:

هاتف بگوشِ هوشم گفتا بفڪر بسيار،
حاجي شهيد خنجر“ تاريخ موت بجار.
        1194هه

منشي ٻالچند ٻه تاريخون چيون:

        1. بمحفلِ شهدا جلوه ڪرد مير بجار.

                        1194هه

        2. مير شد با جمد هر هندو شهيد.

                        1194هه

        سنڌي زبان ۾ هڪ عام چوڻي بنجي ويئي – ”ڪن جي ڳالهين مير بجار مارايو“. اها چوڻي انهيءَ ڪري ٺهي جو جيڪڏهن ميربجار اڪيلائيءَ ۾ ڳالهيون نه ٻڌي ها، ته قاتلن کي ڪامياب ٿيڻ جو موقعو نه ملي ها.

مخدوم ابراهيم جي راءِ. مخدوم محمد ابراهيم، ٽالپرن جي حڪومت جي دور ۾، جوڌپورين کي دوزخي ڪافر ٺهرايو. وقت جي هڪ ٻئي وڏي عالم، شيخ عثمان ٺاري، انهيءَ راءِ سان اختلاف ڪيو. انهيءَ ڳالهه تي ٻنهي ڌرين ۾ بحث ڇڙي پيو. مخدوم محمد ابراهيم پنهنجيءَ راءِ جي تائيد ۾ ٻين دليلن سان گڏ هيءُ به لکيو ته

        1. جڏهن جوڌپور جي راجا سنڌ جي وڏي امير الاامراء ميربجار کي دوکي سان پنهنجا ماڻهو موڪلي قتل ڪرايو، تڏهن ان جي دوزخي هجڻ ۾ اڃا ڪهڙو شبهو رهي ٿو.(1)

        2. مرحوم ميربجار ٽالپر، سنڌ جي سرحدن ۾ جوڌپورين جي خالي ۽ غيرآباد زمين جي ويجھو قلعو ٺهرايو، ته هنن دوکي سان هن کي قتل ڪرائي سنڌ ۾ هڪ اهڙو عظيم فتنو برپا ڪري ڇڏيو، جنهن جي باهه جا شعلا اڃا تائين اجھامي نه سگھيا آهن.(2)

مير عظيم الدين ٺٽوي شروع کان ئي ٽالپرن سان وابسته هو. ميربجار جي قتل جي واقعي تي هن هيٺيون مرثيو چيو:

فغان زخدعہء هندو و چرخِ ناهنجار

ڪہ يافتہ دين پروران ازو آزار

دغا ڪنند بہ امدادش اهل ڪفر و نفاق

بہ انبياي ڪرام وبہ اولياي ڪبار

گهلآ بہ حليہء شامي بہ تيغ بن ملجم

رساند ضربِ شهادت بہ حيدر ڪرار

گهلآ بہ بازيء ڪفارِ ڪوفہ بهر يزيد

سرِ حسين جدا ڪرد از تنِ افگار

گهلآ بہ زهر و گہ از تيغ و گاه از خنجر

چہ ظلم ها ڪہ نہ ڪرده بہ عزت اظهار

زخون آل نه شد سير آن سيه ڪاسه

بريخت رنگ دغا با جماعهء ديندار

همہ سلوڪ بہ احباب خاندان سرڪرد

ڪہ سر گرفتہ ازيشان بہ خدعہء اشرار

بہ صد ستم سر بہرام و صوبدار گرفت

بہ تيغ مڪر دغا پيشہ گان حليہ شعار

دگر نمود قيامت بہ اهل ِ دين برپا

شهادت سر ِ دين پروران مير بجار

سگان چند بہ مڪر و وڪالت خنريز

بہ شير بيشہء دين ڪرد دوستي اظهار

سياہ ڪاريء هندوي آسمانست اين

ڪہ رڪن دين بہ فگند آب خنجر ڪفار

شد اين قضيہ بروباه بازيء افلاڪ

وگر نہ شير ڪجا و ڪجا سگان خوار

امير سنده ڪہ تاب تقابلش ناورد

سپاه خصم شدلآ جمع گر هزار هزار

فداي نام نبي و محب آل ِ علي

فقير دوست غريب آشنا و نيڪو ڪار

نرفت او ڪہ ازو نام نيڪ بر جا ماند

بماند او ڪہ ازو عالم است شڪر گزار

شنيد اين سال شهادت دلم ز هاتف غيب

شهيد ابن شهيد ولي (امير بجار)

ڪدام دل نه شد داغ از جدائيءَ او

ڪدام چشم ڪه از فرقتش نہ شد خونبار

خصوص تعزيہ دارانش اهل بيت شدند

ڪہ ڪرده بر سر آن نقد اعتقاد نثار

منم ’عظيم‘ حسين و داغ دار حسين

دلم بہ داغ شهيدان هميشہ باشد يار

مڪان مير شهيد و بردار و پدرش

بہ خلد نزد حسين علي ده ائلآ دادار [8]

 

مير علي شاهه ”شائق“ جو بيان. مير علي شاهه ”شائق“ پنهنجي طويل قصيدي ۾ مير بجار متعلق لکيو آهي:

مير باتدبير، شاه سنده را نيڪو وزير،

پهلوان ِ شير گير و رستم ِ روز ِ و غا؛

(باتدبير مير، سنڌ جي حاڪم جو نهايت چڱو وزير، شينهن کي پڪڙڻ وارو پهلوان، ۽ جنگ جي ڏينهن جو رستم؛)

حاجيء مير بجار آن غازيء دشمن شڪار،

آسمان ِ اقتدار و آفاتب ِ اعتلا؛

(حاجي مير بجار، دشمنن کي شڪار ڪرڻ وارو غازي، اقتدار جو آسمان، ۽ بلنديءَ جو آفتاب؛)

مومن ِ پاڪيزه دين و دوستدار ِ مومنين،

صاحب ِ تيغ و نگين و پهلوان ِ پارسا؛

(پاڪيزه دين وارو مومن، مومنن جو دوست، تيغ جو مالڪ، پارسا پهلوان؛)

ضارب سيف و حسام و خارب ِ بيخ ِ خصام،

راڪب ِ خنگ مرام و شارب ِ شرب ِ ولا؛

(تلوار هلائڻ وارو، دشمنن جي پاڙن اکوڙڻ وارو، مقصد جي گهوڙي جو سوار، محبت جو شراب پيئڻ وارو؛)

از ’اطيعو الله‘ دارد خلعت روشن بہ بر،

تاج ِ ’اتقاڪم‘ بفرقش سايہء بال ِ هما.

(”اطيعو الله“ جي روشن خلعت، هن جي بغل ۾ آهي، ’اتقاڪم‘ جو تاج؛ سندس سر تي هُما جي پرن جو پاڇو بنيل آهي؛)

شاه همچون آسمان و اوست چون مدر ِ منير،

شاه همچون گلستان و اوست چون باد ِ صبا. [9]

(بادشاهه آسمان وانگر آهي، ۽ مير بجار روشن چنڊ؛ بادشاهه جيڪڏهن باغ آهي، ته مير بجار انهيءَ ۾ صبح جي هير آهي.)

عبرت جو آئينو. مطلب ته مير بجار جو قتل ڄڻ انهيءَ مرڪزي ٿنڀي جو ڊهڻ هو، جنهن جي سهاري تي سنڌ جي انتظامي ڪاروبار جي سڄي عمارت بيٺل هئي. هيءُ ملڪ ۽ قوم جي هڪ نهايت ئي قيمتي دولت جو زيان هو؛ ليڪن، هن ڇت کي ڪيرائڻ جي غرض واسطي، خود سنڌ جو ئي هڪ قيمتي ٽڪرو ڪاٽي، مهاراجا جوڌپور جي حوالي ڪيو ويو! عمرڪوٽ ان وقت کان وٺي ڳچ مدت تائين جوڌپور جي قبضي ۾ رهيو. ٽالپرن جي دور حڪومت ۾ مير غلام علي خان اهو بيهر واپس ورتو. تقدير جي سيلاب کي ڪير به روڪي نٿو سگهي، ليڪن سوچيو ته پهريائين محمد سرفراز خان، بنا ڪنهن سبب جي مير بهرام ۽ مير صوبدار کي قتل ڪرائي پنهنجي لاءِ مصيبت پيدا ڪئي، حڪومت وڃائي، ۽ باقي عمر قيد ۾ گذاري، آخر مظلوميءَ جي موت مري ويو: عبدالنبيءَ به اهڙي ئي ساڳي حرڪت ڪئي ۽ ان حرڪت، ۽ ان کان به وڌيڪ هڪ ٻيءَ حرڪت جو انجام آخر اهو ٿيو جو ڪلهوڙن جي حڪومت جو نالو نشان دنيا جي تختي تان ميسارجي ويو، ۽ خود عبدالنبيءَ جي به باقي عمر بيوطنيءَ ۾ خاڪ ڇاڻيندي ختم ٿي وئي!

 

باب سورهون

ميان صادق علي خان عباسي

 

مير عبدالله خان ٽالپر. مير بجار جي قتل وقت سندس لائق پٽ، مير عبدالله خان، موقعي تي موجود نه هو، ۽ فتح خان ٽالپر سندس ڪفن دفن جو بندوبست ڪيو، رڳو شهر واسي ئي مير بجار جي مرتبي تي غمگين نه هئا، پر سارو ملڪ هن شهيد جي موت تي ڳوڙها ڳاڙي رهيو هو. عبدالله خان جڏهن واپس آيو، ته سڀني ٽالپرن کيس پنهنجو سردار تسليم ڪيو. هو تدبر، شجاعت، خداترسي ۽ ملڪي ماڻهن سان همدرديءَ ۾ پنهنجي پيءُ ۽ ڏاڏي کان گهٽ نه هو؛ روشن خياليءَ ۾ غالباَ انهن کان به وڌيڪ هو.

عام افواهه ڦهلجي ويو هو ته دشمن مير بجار سان جيڪو سلوڪ ڪيو، اهو عبدالنبيءَ جي چوڻ ۽ ڀڙڪائڻ جوئي نتيجو هو. وڌيڪ معلوم ٿيو ته عبدالنبيءَ کوسن ۽ ليکين کي گهرائڻ جا خط موڪليا آهن، ته جيئن اهي کيس ٽالپرن جي خلاف هر ممڪن مدد ڏين.

مير عبدالله خان اهي افواهه ٻڌا ته کيس يقين نه آيو: هن چيو ته ’منهنجي والد ميان عبدالنبيءَ جو ڇا بگاڙيو هو جو هو دشمنيءَ تي آماده ٿي ويو؟‘ گويا، واقعاتي شاهدي عبدالنبيءَ جي خلاف هجڻ جي باوجود، مير عبدالله خان فيصلي ۾ جلد بازيءَ کان ڪم نه ورتو—حالانڪ هيءُ معاملو سندس والد جو هو، ۽ اهڙن المناڪ حادثن جي حالت ۾ گهڻيون طبيعتون اهڙيون ٿي وينديون آهن جو معمولي شڪ به انسان جي جذبات ۾ اشتعال پيدا ڪري وجهندا آهن.

”فريئر نامي“ جو بيان. ”فريئر نامي“ جو بيان آهي ته فتح خان موقعي تي موجود هو:

ڪفن دفن کان پوءِ، هو ٽي ڏينهن عزاداريءَ لاءِ ويٺو رهيو. شهر جا سمورا پير مرد ۽ جوان، دولتمند ۽ غريب، فاتحه خوانيءَ لاءِ ايندا رهيا. عبدالنبي به فاتحه خوانيءَ لاءِ مير فتح علي خان وٽ آيو. سردار ساڻس گڏ هئا. ٽن ڏينهن کان پوءِ مير فتح علي خان ديري، يعني شهدادپور، ڏانهن روانو ٿي ويو.

شهادت جي دکدائڪ واقعي جي خبر جڏهن مير عبدالله خان ٻڌي، ته هو پنهنجي والد جي زيارت لاءِ خداآباد روانو ٿيو. مير سهراب خيرپوري ۽ مير فتح خان عليہ رحمت (ٽالپرن جي حڪومت جو پايو وجهندڙ) ساڻس گڏ هئا. رستي ۾ مير عبدالله خان هيءَ ڳالهه ٻڌي ته ’اهو سمورو ڪم عبدالنبيءَ جي اشاري سان ٿيو آهي: هن کوسن ۽ ليکين جي قبيلن کي خط موڪلي گهرايو آهي، ۽ لشڪر گڏ ڪرڻ ۾ مشغول آهي، تنهنڪري ان معاملي ۾ خبردار رهڻ گهرجي.‘

مير عبدالله خان انهيءَ ڳالهه تي اعتبار نه ڪيو، بلڪ ورندي ڏني ته ’منهنجي والد پنهنجي آقا سان ڪهڙي بدي ڪئي هئي جو هو اسان سان دشمني ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو: هن ۾ اهڙي اميد نٿي رکي سگهجي جو پنهنجن جان نثارن جي حياتيءَ جو دشمن بنجي وڃي.‘ [10]

عبدالنبيءَ جي ڀاڄ. عبدالنبيءَ جي دل ۾ چور ويٺل هو. هن کي هڪ طرف هيءُ معلوم ٿيو ته ماڻهو کيس مير بجار جي قتل جو ڏوهاري ڄاڻي رهيا آهن، ۽ ٻئي طرف خبر مليس ته مير عبدالله خان، فتح علي خان، ۽ مير سهراب خان اچي رهيا آهن: بس، انهيءَ خبر ٻڌندي ئي سندس دل تي اهڙي هيبت طاري ٿي جو راتو رات، اهل عيال ساڻ ڪري، وٺي ڀڳو. ٻه سو ماڻهو ساڻس گڏ هئا. ٻئي سوء گهوڙن تي سوار هئا. تڙ تڪڙ ۾ جيترو به مال ملڪيت ميڙي سگهيو، اُٺن تي لڏي، درياهه ٽپي، قلات ڏانهن روانو ٿي ويو؛ ۽ پٽن کي ٻئي رستي کان جوڌپور موڪلي ڏنائين. [11]

”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته ميان پنهنجن پٽن، محمد عارف ۽ تاج محمد، ۽ ڀائٽي شاهه محمد (ولد غلام نبي) کي، چند خاص سوارن ۽ خدمتگارن سان جوڌپور ڏانهن انهيءَ اميد تي موڪلي ڏنو ته مهاراجا خرچ پکي جو بندوبست ڪندو. شاهه محمد جي ماءُ پنهنجو سمورو مال پاڻ سان کنيو، ۽ پنهنجن عزيزن مان وڏيري مهتي خان ۽ پير محمد کي ساڻ ڪري، سنڌ ڇڏي، پوڪرن طرف هلي ويئي. [12]

قابل غور ڳالهه. هتي هڪ ڳالهه غور لائق آهي-- ۽ اها هيءَ ته جيڪڏهن عبدالنبي مير بجار جو قاتل نه هو، ته پوءِ هن ڀڄڻ جو رستو ڇو اختيار ڪيو؟ حد درجي تعجب ۽ افسوس هن ڳالهه تي آهي ته پنهنجن پٽن ۽ ٻين عزيزن کي جوڌپور ڇو روانو ڪيائين؟ جوڌپور وارا ته مير بجار جا قاتل هئا! جيڪڏهن اهو قتل مهاراجا جوڌپور جي اشاري سان ٿيو هو، ته عبدالنبيءَ کي ته مهاراجا کان بدلو وٺڻ گهربو هو! مير بجار جي ٻين عزيزن بابت ته ڪجهھ چوڻ مشڪل آهي، پر مير عبدالله کي – جو مرحوم جي فرزند هجڻ جي حيثيت ۾ خون جو پهريون دعويدار هو – ڪم از ڪم ان وقت تائين ته عبدالنبيءَ لاءِ ڪو به شبهو نه هو. عبدالنبي اطمينان سان ويٺو رهي ها، ته پاڻ ۽ ميرعبدالله گڏجي جوڌپور وارن کان بدلو وٺي سگھيا ٿي. حالتن مان صاف ظاهر ٿئي ٿو ته عبدالنبي قصوروار هو، ۽ بدلي جي خوف هن کي ويهڻ نه ڏنو. سخت رنج انهيءَ ڳالهه تي آهي ته هو خود هڪ طرف ڀڄي ويو، ۽ پنهنجن پٽن کي وري انهيءَ حاڪم وٽ موڪلي ڏنائين، جنهن جي گردن تي مير بجار جو خون هو! جيڪڏهن عبدالنبي سڌيءَ طرح کڻي ميربجار جو قاتل نه هو، ته به هن حقيقت کان ڪير انڪار ڪري سگھي ٿو ته هن قاتلن جي وطن کي پناهه جي جاءِ بنائي، پنهنجي جرم تي ڄڻ تصديق جي مهر هڻي ڇڏي: پنهنجي لاءِ قتل ۾ شريڪ هجڻ جو شبهو يقين جي منزل تي پهچايو، ۽ هن ناحقي خون جي بدلي وٺڻ جو دروازو بند ڪري ڇڏيو.

مير عبدالله خان جو ڪوششون. مير عبدالله خان عبدالنبيءَ جي ڀڄڻ جي خبر ٻڌي حيران ٿي ويو. سندس سمجهھ ۾ ئي نه پئي آيو ته ميان ڪهڙي سبب ڪري ملڪ ڇڏي ڀڄي ويو. هن، هڪ نيڪ نيت ماڻهوءَ وانگر، حالتن کي سلجھائڻ جي ڪوشش شروع ڪئي: ٻن معتبر ماڻهن کي قرآن مجيد ڏيئي، ميان جي پٺيان روانو ڪيائين ته ’اسان جي ۽ اوهان جي وچ ۾ هيءُ قرآن پاڪ آهي، اسان کي اوهان تي ڪابه بدگماني ڪانهي، اوهان جا مشير فتني انگيز آهن، جن بنا سبب اوهان کي گمراهه ڪيو آهي: هو ظاهر ۾ اوهان جا دوست ڏيکارجي رهيا آهن، پر حقيقت ۾ اوهان جا دشمن آهن، جي اوهان کي دربدر ڀٽڪائيندا رهندا ۽ ڌارين جو محتاج بنائيندا: اوهين پنهنجي ملڪ موٽي اچو، ۽ اچي پنهنجي گادي وسايو.‘

        ميان واپس ٿيڻ چاهيو ٿي، پر سندس مشيرن واپس موٽڻ تي اختلاف ڪيو، ۽ مير عبدالله جا موڪليل ماڻهو ناڪام ٿي موٽي آيا.(1)

 

ميان صادق علي خان. مير عبدالله خان لاءِ هاڻي انهيءَ کان سواءِ ٻيو ڪو به گس نه رهيو هو ته عباسي خاندان مان ڪنهن ٻئي شخص کي حڪومت جي گاديءَ تي ويهاري. ميان نور محمد خان جي اولاد مان جيڪي ماڻهو هن منصب لاءِ چونڊجي سگھيا ٿي، تن کي عبدالنبيءَ پنهنجي مسندنشينيءَ کان اڳ ئي مارائي ڇڏيو هو، ميان محمد اسلام خان جي اولاد مان ميان عليءَ کي تمام نيڪ، صالح ۽ خداپرست مڃيو ويندو هو. مير عبدالله خان هن کي مسند نشينيءَ لاءِ چونڊيو، ۽ پاڻ ملڪي انتظامن جي درست ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويو.

        ”فريئر نامي“ ۾ لکيل آهي ته ميرعبدالله نئين حاڪم جي باري ۾ مشيرن کان صلاح پڇي، ته انهن ٻڌايس ته:

صادق نامي فقير ڪہ از قرابتيان سر فراز خان است، در فلان جائيگاه نشستہ است او را بہ سروري بايد برداشت- مير صاحب مردمان را مع ڪار خانہ حڪومت براي طلب او فرستاد- چون او برگهاٽ دريا رسيد، مير صاحب مير عبدالله خان باتمامي لشڪر استقبال ڪرده، بر فيل نشانيده باصد شان وشڪوه داخل شهر ڪردند.(1)

(صادق نالي فقير، سرفراز خان جي عزيزن مان، فلاڻيءَ جڳهه تي ويٺو آهي، ان کي حاڪم بنائڻ گھرجي. مير، حڪمرانيءَ جي سامان سان گڏ، کيس گھرائڻ لاءِ ماڻهو موڪلي ڏنا. صادق علي خان جڏهن درياءَ جي گھاٽ تي پهتو، تڏهن مير عبدالله خان سموري لشڪر سان سندس استقبال ڪيو، ۽ کيس هاٿيءَ تي سوار ڪري وڏي شان شوڪت سان شهر ۾ وٺي آيو.

        (عبدالمجيد جوکئي لکيو آهي ته ٽالپر ديري شاهپور ۾ (جو هالا ڪنڊيءَ جي ويجهو آهي) ترسي پيا؛ انهيءَ هنڌ ڪلهوڙن جي تاجپوشيءَ جي رسم ادا ٿيندي هئي. هنن عبدالنبيءَ جي پيڇي ڪرڻ جو انتظام ڪيو، ۽

صادق ڪلهوڙه ڪہ از اولاد يار محمد ڪلهوڙه بود، بر نموند خلافت نزد خود طلبانيدند، و امورات دادو ستدبدو تعين نمودند.(1)

انهيءَ وچ ۾ خبرون اچڻ لڳيون ته هڪ طرف جوڌپور جو مهاراجا بجي سنگ، وڏي فوج وٺي، سنڌ جي اوڀارين سرحد ڏانهن وڌندو اچي ٿو، ۽ ٻئي طرف ميان عبدالنبيءَ، بروهين جي فوج وٺي، چڙهائي ڪري ڏني آهي. اهي حالتون نهايت پريشاني پيدا ڪندڙ هيون، ليڪن مير عبدالله خان ڪنهن به طرح هراسان نه ٿيو. غور ۽ مشوري کان پوءِ فيصلو ٿيو ته پهريائين جوڌپور وارن سان لڙڻ گھرجي، پوءِ ٻئي طرف توجھ ڏنو ويندو.

جوڌپورين سان جنگ. مير عبدالله خان سنڌين جي فوج پاڻ سان وٺي جوڌپورين جي مقابلي لاءِ روانو ٿيو؛ ميان صادق علي خان به ساڻس گڏ واٽ تي ويران بيابان منزلون هيون، جتي نه هو گاهه نه پاڻي، مير عبدالله خان فوج جي لاءِ پاڻيءَ جو بندوبست اڳ ۾ ئي ڪري ڇڏيو هو. ريگستان مان لنگھيا ته هڪ ڀِٽ نظر آئي. جنهن تي تقريباً هڪ سؤ راٺوڙ سردار ويٺا هئا: هيٺان بيشمار فوج هئي، ۽ جوڌ پور جي حاڪم بجي سنگ جو پٽ ان جو سپهه سالار هو.

        مير، اتي پهچندي ئي، جنگ جي تياري ڪئي. وقت جي دستور مطابق، فوج کي چئن حصن ۾ ورهايائين: پاڻ ’قلب‘ ۾ ٿي بيٺو، ميان صادق علي خان به ساڻس گڏ هو؛ ’ميمنه‘ ۽ ’ميسره‘ تي مير فتح علي ۽ مير سهراب کي مقرر ڪيائين؛ ۽ مير فتح خان، مرزا فقير(2) ۽ ان جي ڀائيٽي باگي فقير کي سڀني کان اڳيان بيهاريائين. فوج گهڻو ڪري نظاماڻين، جمالين ۽ لغارين تي مشتمل هئي.


[1]) ) ”رؤساي پنجاب“، ج 4؛ ص 573. ڌيءُ جي سنڱ گهڙن جي هڪ روايت ميان سرفراز خان جي حالات ۾ به پيش ٿي چڪي آهي. مون کي ٻنهي سلسلن ۾ هيءَ روايت بي بنياد نظر اچي ٿي. مير بجار، ميان کي مسند تي ويهاريو هو؛ ميرئي افغانن سان لڙي، ميان جي لاءِ سنڌ جي حڪومت جو پروانو ۽ خطاب حاصل ڪيا هئا؛ مير جي ئي قابليت ۽ صلاحيت ملڪ تي امن ۽ اطمينان سان حڪمراني ڪرڻ جو ڪارڻ هئي: هن کي قتل ڪرائڻ، ڪنهن به نقطہء نظر سان، قرين عقل نه هو.

[2]) ) هي عجيب معاملو آهي. مير عبدالنبيءَ کي حڪومت ڏيارائي هئي؛ مير ئي افغانستان جي بادشاهه ۽ عزت يار خان جي خلاف خلوص سان ميان جي مدد ڪري چڪو هو: مائيءَ کي هڪ پٽ جو قتل ته ياد رهجي ويو، مگر ٻئي پٽ لاءِ ايڏين جان نثارن جو واقعو ڇونه ياد رهيو!

[3]) ) ’ٽاڊ‘ جو بيان آهي ته مير بجار راٺوڙن سان تڪبر سان پيش آيو هو، ۽ ڇوڪريءَ جي رشتي سان گڏ جوڌپور کان خراج ٿي گهريائين. هي سڀ ڳالهيون، ’ٽاد‘ جي اڪثر افسانوي ڌُڪن وانگر، بلڪل بي بنياد آهن.

[4]) ) ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 15

[5]) ) ”جواهر عباسيه“، ص 238-239.

[6]) ) ”جواهر عباسيه“، ص 239-40.

[7]) ) ”فتحنامو“، ص 124-125.

(1) ”فريئرنامو“، ص 41-42

(1) ”سنڌ بابت ذاتي مشاهدا“، ص 179

(2) مرزا قليچ بيگ جي ”تاريخ سنڌ“، جلد 2، ص 179

(1) رسالو ”دعوت الحق“، ڪراچي، بابت جنوري ۽ فبروري 1953ع، ص 33

(2) رسالو ”دعوت الحق“، ڪراچي، بابت جنوري ۽ فيبروري 1953ع، ص 33

[8]  ”ديوان عظيم“، ٺٽوي، قلمي نسخو، ملڪيت ’سنڌي ادبي بورڊ‘.

[9]  ”قصيده ’شائق‘“، قلمي نسخو، ص 25-26

[10]  ”فريئر نامو“، ص 43-44

[11]  ”فتحنامو“، ص 126-129. ”فريئر نامي“ ۾ ساٿين بابت لکيل آهي: ”چند تن جتدوئيان، جهنجن و خدمتگاران و دوڪس از مصاحبان“ (ص 44).

[12]  ”جواهر عباسيه“، ص 240

(1) ”فتحنامو“، ص 129

(1) ”فريئرنامو، ص 44-45. ميان صادق علي خان جو نسب حڪيم محمد صادق عباسيءَ هن ريت لکيو آهي: ميان صادق علي، بن ميان الهه بخش، بن ميان محمد شفيع، بن ميان محمد اسلام خان، بن ميان يار محمد خان؛ ليڪن منهنجيءَ تحقيق موجب ميان محمد اسلام خان، ميان يار محمد خان جو پٽ نه آهي- غالباً ڀائٽيو هو. ’فريئرنامي‘ ۾ ميان صادق علي خان جو نالو ميان ’محمد صادق‘ لکيل آهي. هيءُ معلوم ٿي نه سگهيو ته هن کي ميان سرفراز خان جو قرابتي ڇو ڄاڻايو ويو؟ جيڪو ميان سرفراز جو رشتيدار هو، ظاهر آهي ته اهو ميان عبدالنبيءَ جوبه رشتيدار هوندو. ذهن ۾ اچي ٿو ته ميان صادق علي نه رڳو ميان سرفراز جو هم نسب هو، پر ساڻس ڪو ٻيو رشتو به هوس.

(1) ”تاريخ ڪلهوڙا و استقرار حڪومت ٽالپران“، ص 50

(2) ”فتحنامي“ موجب، هن جو خطاب ”سلطان جنگ“ هو (ص 134). ’فريئرنامي‘ ۾ هن جي پٽ کي ’باگرخان‘لکيو ويو آهي. مذڪور ڪتاب ۾ هن جنگ جي ڪيفيت صفحي 49 ۽ 50  تي ملاخطه ڪريو.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org