سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: تاريخ سنڌ ڪلهوڙا دور حصو ڇهون-(جلد-2)

باب:

صفحو: 9

مخفي نه رهي ته هن کي اختيار آهي ته ڪابه اناج جي جنس خواهه ڪابه ٻي ولائتي جنس، جنهن به اگهه تي وڻيس، وڪرو ڪري. گيهه ۽ تيل وغيره جي دٻن توڙي پيتين ۽ ٻين جنسن جي ٿانون تي انهن جي وزن مطابق محصول ورتو وڃي، ۽ ٻيهر انهن جي تور ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. هاٿيءَ جي ڏندن تي، وڪري جي قيمت موجب، شاهه محمد مراد جي مقرر ڪيل شرح مطابق محصول ورتو وڃي. جيڪڏهن گونر موصوف پنهنجي ڪارخاني لاءِ ڪا جاءِ اورنگا بندر يا ٺٽي بندر ۾ جوڙائڻ چاهي يا خريد ڪري، ته اهڙيءَ صورت ۾ سڀني ملڪي ماڻهن کي صاحب موصوف جي مدد ڪرڻ گهرجي، ته جيئن جاءِ جي اڏاوت ڪفايت سان ٿئي. صاحب موصوف کي سندس تجارتي ڪاروبار ۾- جنهن م اسان جي سرڪار جي ڀلائي آهي. هر طرح سان دلجمعي ڪرڻ گهرجي. مگر ٻئي ڪنهن ٽوپلي پهريندڙ قوم(انگريز) کي انهيءَ نموني جي اجازت نه آهي. جيئن ته اسان کي انگريز سرڪار کي خوش ڪرڻ ضروري آهي، انهيءَ ڪري حڪم ٿو ڏجي ته هيءُ پروانو، بنا ڪنهن ٻئي حڪم جي انتظار جي، چڱيءَ طرح عمل ۾ اچي.

ٽي پروانا سنڌ جي حاڪم طرفان، جيڪي سال 1761ع ۾ جاري ٿيا.

(1) ترجمو پهرئين پرواني جو، جيڪو سنڌ جي حاڪم غلام شاهه طرفان، تاريخ 22 اپريل 1761ع تي جاري ٿيو.

...

جملي فقيرن، عملدارن ۽ ٻين موجوده توڙي آئينده محصول اڳاڙيندڙ عهديدارن، شهر ٺٽو، شاهبندر، اورنگا بندر، ڪراچي يا ڌاراجا، ۽ ٻين جانورن وغيره جي محصول کاتي جي عملي وارن يعني نخاس، ۽ اناج ۽ چرسا وغيره ۽ گاٽ، چواير، سرڪار چاچڪان، ڪڪرالو، سرڪار نصرپور، هالا ڪنڊي، سرڪار سيوستان، خدا آباد، روهڙي، ۽ ٻيا جملي علائقا جيڪي اسان جي حڪومت ۾ آهن، تن سڀني کي معلوم هجي ته مسٽر ارسڪن صاحب، انگريز سرڪار جي ريزيڊنٽ، اسان جي ملڪ سنڌ ۾ پنهنجي تجارتي ڪاروبار وڌائڻ جي درخواست ڪئي: اسان جي سرڪار ۽ آنربل ڪمپنيءَ جي پاڻ ۾ انتهائي دوستيءَ سبب اسان سندس درخواست کي منظور ڪيو، ۽ حڪم ٿا ڏيون ته سواءِ انگريزن جي ٻيءَ ڪنهن به ولائتي قوم کي، واپار جون جنسون سنڌ ملڪ، يا ٺٽي ۽ بچور ۾، خواهه اسان جي حڪومت اندر ڪنهن به بندرگاهه تي، کڻي اچڻ يا کڻي وڃڻ جي اجازت نه رهندي.

واضع رهي ته ڪوبه سوداگريءَ جو سامان، مٿينءَ ڪمپنيءَ جو يا ان جي ڪنهن به رعيتي ماڻهوءَ جو، جيڪو اسان جي ڪنهن به ملڪي بندرگاهه تان روانو ٿئي، ته اهو اڳئين حڪمنامي موجب محصول جوڳو نه رهندو، ۽ انهن کان ڪنهن به طرح جو مطالبو نه ڪيو ويندو. جيڪڏهن هو ڪوبه سامان ڪنهن بندرگاهه تان، اڳي مقرر ڪيل شرح مطابق محصول ڏيڻ کان پوءِ، ٺٽي ۾ کڻي اچن، ته اهڙيءَ صورت ۾ کين سرٽيفڪيٽ ڏيڻ گهرجي، ۽ ڪنهن به طرح جو مطالبو نه ڪرڻ گهرجي، ته جيئن هو پنهنجو تجارتي ڪاروبار اطمينان ۽ آرام سان ڪن. جيڪي به جنسون هو ڪنهن بندر کان ڪيڏانهن کڻي وڃن، ته اتي، اسان جي اڳئين پرواني موجب، ڏيڍ روپئي سيڪڙي جي حساب سان محصول ورتو وڃي. اهڙيءَ صورت ۾، اڳ ٺهرايل شرح کان سواءِ، وڌيڪ محصول جو مطالبو نه ڪيو وڃي. واضع هجي ته سواءِ ريزيڊنٽ موصوف جي، ٻئي ڪنهن به سوداگر کي سنڌ يا اسان جي حڪومت جي ڪنهن به حد اندر، شوري جي خريد ڪرڻ يا وڪڻڻ جي اختيار نه آهي؛ جيڪڏهن ڪو سوداگر ائين ڪندو. يعني شورو خريد ڪري روانو ڪندو. ته ان لاءِ کيس اهڙي سزا ڏني ويندي، جيئن آئيندي لاءِ اهڙيءَ حرڪت کان باز اچي. ريزيڊنٽ ڪمپني موصوف، اسان جي حڪومت ۾ ڪنهن به هنڌان شورو خريد ڪري، يا ڪنهن سوداگر کان وٺي، ته انهيءَ حالت ۾محصول اوڳاڙيندڙ اڳئين شرح موجب محصول اوڳاڙين. جيئن ڪمپني موصوف پنهنجو تجارتي ڪاروبار دلجاءِ ساڻ ڪري. سندس دُنگين ۽ ٻيڙين وغيره کي، اجازت حاصل ڪرڻ بعد، ڪابه روڪ ٽوڪ نه ٿئي، ۽ نه سندس واپاري جهازن کي، جي شاههڳڙهه کان ٿيندا وڃن، جهازن جي نگهباني ڪرڻ وارا عملدار روڪين: مطلب ته ڪنهن به طرح کيس تڪليف ڏيڻ ۾ نه اچي. خدانخواسته جيڪڏهن سندس ڪو جهاز يا ٻيڙي، پوي، ٻيٽاري تي اچي ڦاسي پئي يا ڪنهن نموني اسان جي حد ۾ ڀڄي ته اهڙيءَ صورت ۾ سرڪار جي ملازمن تي لازم آهي ته کيس چڱيءَ ريت مدد ڏين، ۽ جيڪو به ڀڳل جهاز جو سامان وغيره رهجي وڃي، سو فوراً ريزيڊنٽ موصوف جي حوالي ڪيو وڃي: صاحب موصوف، جهاز بچائڻ لاءِ ڪيل محنت ۽ مشقت جو معقول انعام ڏيندو. جيڪڏهن ريزيڊنٽ موصوف شاهبندر ۾ ڪنهن پڪيءَ جاءِ ٺهرائڻ جو ارادو ڪري، يا باغ پوکائڻ جو خيال ڪري، ته صاحب موصوف کي اختيار آهي ته جنهن به هنڌ کي هو پسند ڪري، اتي ٺهرائي؛ ۽ سرڪار جي ماڻهن تي لازم آهي ته هو صاحب موصوف جي مدد ڪن، ته جيئن جڳهه جي تعمير ۾ جلدائي ٿئي. واضع هجي ته اڳيون سَندون ڪنهن به طرح باطل نه آهن، ۽ انهن جي ڪارروائي بنا عذر ٿيندي رهي. جيئن ته اسان جي منشاء آهي ته انگريز سرڪار کي راضي رکجي، ان ڪري هن پرواني جي تعميل نهايت احتياط سان ٿيندي رهي، ۽ ٻئي نئين پرواني جو انتظار نه رهي. 16 رمضان 1174هه، يعني 22 اپريل 1761ع

(2)

پروانو ٻيو –غلام شاهه سنڌ جي حاڪم طرفان، لکيل تاريخ 23 اپريل 1761ع.

شاهبندر ۽ ڪڪرالي جي سڀني محصول اڳاڙيندڙ عملدارن خواهه ٺيڪيدارن کي واضع هجي ته مسٽر ارسڪن صاحب، انگريز سرڪار جي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ، اڄ هن ڳالهه بنسبت درخواست ڪئي آهي ته ’موري‘ محصول، جو اڳي هر جهاز تي پنجويهه سيڪڙو امام کي ڏنو ويندو هو، سو سندن جهازن تان معاف ڪيو وڃي. اسين، اها درخواست منظور ڪري، موري محصول معاف ڪري، اوهان کي لکون ٿا ته هنن کي موري محصول جي طلب نه ڪريو. جيڪڏهين اڳي پنجويهن جي شرح کان وڌيڪ في جهاز تي ڏنو ويهه هجي، ته انهيءَ صورت ۾ جيتريقدر زياده ورتو ويو هجي، سو واپس موٽائي ڏنو وڃي. ان لاءِ وڌيڪ تاڪيد ڄاڻو.

تاريخ 17 رمضان 1147هه، مطابق 23 اپريل 1761ع

(3)

پروانو ٽيون. غلام شاهه سنڌ جي حاڪم طرفان، تاريخ 22 اپريل 1761ع

...

جملي فقيرن، عملدارن ۽ ٻين عهديدارن کي، جيڪي محصول اوڳاڙيندڙ توڙي سامونڊي محصول جي ٺيڪي وارا، سمنڊ کان راويءَ تائين ۽ اسان جي حڪومت جي حدن اندر ، جيڪي مقرر ٿيل آهن يا آئيندي ٿيندا. واضع هجي ته آنريبل ريزيڊنٽ صاحب ڪمپني سرڪار، ملڪ سنڌ، ارسڪن صاحب، پنهنجون ٻيڙيون ۽ اٺ، سوداگريءَ جي سامان سان لڏيل، اسان جي حڪومت ۾ روانا ڪري ٿو، انهيءَ ڪري اوهان کي لکجي ٿو ته هن پرواني ڏسڻ سان محصول معمولي موري، مصري ۽ گزرباني يا سوزڪو، انهن کان نه وٺو، ۽ نه ڪنهن به قسم جو ڪم کانئن وٺي، ۽ نڪي اسان جو ڪو زيردست کين ايذاءُ رسائي، ۽ نه وري سندس ٻيڙين ۽ اٺن وغيره کي ڪا روڪ ڪرڻ ۾ اچي، ته جيئن هو پنهنجو ڪاروبار بلڪل آرام سان ڪن، جنهن مان اسان جي محصول جي آمدنيءَ جو واڌارو ٿئي. ان لاءِ وڌيڪ تاڪيد ڄاڻو، ۽ انهيءَ ۾ ڪنهن به قسم جو اعتراض نه ٿيڻ کپي.

تاريخ 16 رمضان 1174هه

مطابق 22 اپريل 1761ع

باب ڇهون

متفرق واقعا

ميان عطر خان جون سرگرميون. عطر خان اوٻاوڙي جي لڙائيءَ ۾ شڪست کائي بهاولپور هليو ويو هو، پر هو اتي آرام سان نه ويٺو. هن جا ٻه ڀائر، خداداد خان ۽ احمد يار خان، هڪٻئي پٺيان هندستان وڃي چڪا هئا، ٻه ننڍا ڀائر، غلام نبي خان ۽ عبدالنبي خان به اهل عيال سميت سنڌ مان بهاولپور هليا ويا هئا[1].

عطر خان اڳ ۾ ئي ملتان پهچي چڪو هو، جتان برخوردار خان گوجر کيس ديري اسماعيل خان وٺي ويو ديري جي آسپاس وارن بلوچن برخوردار خان کي قتل ڪري ڇڏيو. عطر خان گهٻرائجي وٺي ڀڳو ۽ بهاولپور ۾ اختيار خان وٽ وڃي پهتو، جو اڳ ۾ ئي بهادر خان سان گڏجي، اوٻاوڙي ۾ ميان غلام شاهه جي خلاف لڙي چڪو هو ۽ امير محمد مبارڪ خان بهاولپوري کيس ميان صاحب کان معافي وٺرائي ڏني هئي. هينئر وري عطر خان کي سنڌ جي گاديءَ تي ويهارڻ لاءِ تياريون شروع ٿي وييون.

افغانستان جي بادشاهه، علي محمد خان ملتان جي ناظم جي جاءِ تي مير هزار خان کي ناظم مقرر ڪيو هو۔ عطر خان هن جي نالي سنڌ فتح ڪرڻ جو پروانو ورتو. خدا ڄاڻي افغاني درٻار ڪهڙي اصول تي هيءُ سڀڪجهه ڪري رهي هئي؟ سنڌ کي خانه جنگيءَ جي ميدان بنائڻ سان، هن کان سواءِ ٻيو ڪهڙو نتيجو نڪري سگهيو ٿي ته عام ماڻهو تباهه ٿين ۽ ملڪ جي مالي وسيلن کي نقصان رسي. افغاني درٻار جي هيءَ حالت هئي جو جيڪو به شخص زياده خراج جو واعدو ڪندو هو، ان جي نالي حڪومت جو پروانو جاري ڪيو ويندو. هو.

ميان غلام شاهه جو حملو. غلام شاهه جڏهين ڏٺو ته فتنو نئين سر کڙو ٿي رهيو آهي، ۽ بهاولپور وري سنڌ جي خلاف بغاوت جو مرڪز بنجي رهي آهي، تڏهن هڪدم مقابلي جي تياري ڪيائين. علي محمد خان ملتان جو ناظم، سرڪاري پيسا هيٺ-مٿي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ معزول ٿي چڪو هو ۽ پوءِ بهاولپور ۾ وڃي رهائش اختيار ڪئي هئائين. ميان صاحب سمورين حالتن کان افغاني درٻار کي واقف ڪيو ۽ عرض ڪيائين ته منهنجو ڀاءُ عطر خان، بهاولپور ۾ اختيار خان وٽ رهيس سنڌ تي حملي ڪرڻ جون تياريون ڪري رهيو آهي. سرڪاري پيسن ۾ تغلق ڪرڻ وارو به اتي ئي آهي. انهن فتنن کي ناس ڪرڻ گهرجي

افغانستان جي بادشاهه ملتان، لاهور ۽ ديرن جي ناظمن جي نالي حڪم جاري ڪيو ته ميان غلام شاهه جي مدد ڪريون. خود ميان صاحب به هڪ جرار لشڪر وٺي، اُٻاوڙي کان لنگهي خان ٻيلي پهچي ريو.

اُچ جي مخدوم جي صلح لاءِ ڪوشش. عطر خان، اختيار خان ۽ سندن ساٿين ۾ مقابلي ڪرڻ جي طاقت ڪٿي هئي، سو انهيءَ ڪري ڀڄي ديراوڙ ڏانهن هليا ويا. امير محمد مبارڪ خان ان وقت اوڀر مبارڪپور ۾ هو. ميان غلام شاهه کي ان سان ڪابه رنجش ڪانه هئي، فقط فتني جي خاتمي جو ئي مطلب هو. آخر مخدوم حامد ”گنج بخش“ پنجين جي ذريعي ڌرين جي وچ ۾ صلح جي ڳالهه ٻولهه ٿي. ميان غلام شاهه صاف صاف چئي ڏنو ته مان ڪنهن سان به لڙڻ نٿو گهران. اختيار خان اڳ به منهنجي ڀاءُ کي ڀڙڪائي خواهه مخواهه فساد پيدا ڪيو هو، ۽ آخر جنگ ۾ کيس ۽ سندس ساٿين کي شڪست آئي، ۽ مون وري به کيس معاف ڪيو. هينئر وري هو شورش تي آماده آهي. مان هنن جي ڏوهه کي نظرانداز ڪريان ٿو، ۽ پنهنجي ڀاءُ کي سيني سان لڳائڻ لاءِ تيار آهيان. فيصلو ٿي وڃي ته احسان ڄاڻندس، نه ٿيو ته هتان ڪنهن به صورت ۾ نه ٽرندس، پوءِ ڀل ته ڪهڙي به خطرناڪ لڙائي ڇو نه لڳي‘. مطلب ته صلح جي صورت پيدا ٿي، هن دفعي امير محمد مبارڪ خان، عطر خان کي ميان صاحب جي حوالي ڪرڻ مهمانداريءَ جي اصول جي برخلاف ڄاتو. مخدوم صاحب انهيءَ معمولي ڳالهه تي جهڳڙي کي وڌڻ نه ڏنو. احمد خان ۽ سمهبي خان فيروزاڻيءَ کي ميان غلام شاهه جي خذمت ۾ هيءُ پيغام ڏيئي روانو ڪيائين ته اوهين پوئتي موٽي وڃو ۽ دلجاءِ ڪريو ته وري ٻيهر ڪوبه فتنو پيدا نه ٿيندو. اهڙيءَ ريت، هيءَ جنگ جي باهه ڀڙڪندي ڀڙڪندي اجهامي ويئي[2].

ميان عطر خان جي اطاعت. 1178هه(1764-65)۾ عطرخان جو سڀني کان وڏو ساٿي مقصود فقير فوت ٿي ويو. اهو ئي عطر خان کي بار بار ڀڙڪائيندو هو. جڏهن سنڌ جي حڪومت هٿ ڪرڻ جي ڪابه اميد باقي نه رهي، تڏهن عطر خان پشيمان ٿي ڀاءٌ جي خدمت ۾ پهچي ويو. ميان غلام شاهه هن جي عزت ۽ احترام ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. اهڙيءَ طرح، مدت کان پوءِ ٻنهي ڀائرن ۾ مخالفت جو سلسلو هميشه لاءِ ختم ٿي ويو.

امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر. ميان غلام شاهه جي دور حڪومت ۾ امر بالمعروف ۽ نهي عن المنڪر جو به هڪ مثال ملي ٿو. ان زماني ۾ مخدوم محمد هاشمي ٺٽوي سنڌ جو هڪ تمام وڏو عالم هو. مخدوم صاحب، ميان صاحب کي ان وقت جي مسلمانن ۾ شريعت خلاف رائج رسمن ڏانهن توجهه ڏياريو. مخدوم جي تجويز تي، تاريخ 2 شعبان 1172 هه (31 مارچ 1759ع) جو ميان صاحب جي طرفان حڪومت جي ڪارپردازن ڏانهن هڪ فرمان جاري ٿيو، جنهن ۾ هيٺين ڳالهين لاءِ تاڪيد ڪيو ويو:

محرم جي ڏينهن ۾ ماتم ڪرڻ ۽ تابوتن ڪڍڻ کي روڪيو وڃي؛

سڀني نشيدار شين جي استعمال تي بندش وڌي وڃي؛

ڪڃرين، کدڙن ۽ جوارين تي بندش وڌي وڃي؛

مسلمان عورتون قبرستان نه وڃن؛

جاندار شين جون تصويرون نه ڪڍيون وڃن؛

ڏاڙهي مُٺ برابر رکائڻ کپي، ۽ ڪنهن کي به ڪوڙائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي؛

موت جي وقت زالن ۾ مردن کي پِٽڻ ۽ پارن ڪڍڻ کان روڪيو وڃي.

مسلمانن کي نماز، روزي ۽ ٻين سڀني مالي توڙي جاني عبادتن ڏانهن توجهه ڏياريو وڃي؛

هندن کي حڪم ڏنو ويو ته دڪانن، بازارين ۽ گهٽين ۾ گوڏا اگهاڙا نه ڪن؛ هوليءَ تي ڳائڻ وڄائڻ ۽ دهل وغيره جهڙن سازن ڪم آڻڻ کان باز اچن. مورتين جي اڳيان يا درياهه ۽ سمنڊ کي کليءَ طرح سجدو نه ڪن[3].

ديرن جو قبضو. سال 1181هه (1767ع)۾، احمد شاهه ابداليءَ ميان غلام شاهه جي اعلى انتظام کان خوش ٿي، ديري غازي خان ۽ ديري اسماعيل خان جا علائقا به سندس حوالي ڪيا. ميان صاحب انهن علائقن جي انتظام کي درست ڪرڻ لاءِ، پنهنجي سر انهن علائقن ۾ ويو. سرڪشن ۽ باغين کي سيکت ڏيڻ کان پوءِ، هر هنڌ وصولي ۽ نظرداريءَ لاءِ پنهنجا ماڻهو مقرر ڪيائين، ۽ اتان جي مختلف رئيسن کان يرغمال وٺي واپس موٽيو. ”تحفته الڪرام“ جي بيان مطابق ميان صاحب ربيع الثانيءَ جي شروعات (سيپٽمبر 1767ع) ۾ ديرن طرف ويو هو، ۽ 17 رجب (9 ڊسمبر 1767ع) تي واپس موٽيو[4].

”جواهر عباسيه“ جو بيان آهي ته ميان جڏهن ديرن جي انتظام درست ڪرڻ لاءِ آيو، تڏهن امير محمد مبارڪ خان بهاولپور جي واليءَ سان به ملاقات ڪرڻ جو شوق ظاهر ڪيائين. علي پور ۾ ٻنهي جي ملاقات ٿي، ۽ هڪٻئي کي نهايت نفيس ۽ بيشمار تحفا ڏنا[5].

انتظام ۾ ڦير ڦار. ميان صاحب ديرن جي بگڙيل انتظام درست ڪرڻ تي پورو پورو توجهه ڏنو هو؛ ليڪن سندس واپس موٽڻ تي ملڪ ۾ فساد جي باهه ٻري ويئي، ۽ ميان صاحب جي ماڻهن کي گهٽ وڌ هڪ سال تائين مقامي باغين ۽ فسادين سان لڙڻ ۾ گذريو. انهن فسادين مان هڪ شخص، جنهن جو نالو نصرت هو، سڀني کان سرڪشي ڪرڻ ۾ اڳرو هو. انهن حالتن جو پيش اچڻ ڪو معمولي واقعو نه هو. حڪومتن جي ردبدل، هرهنڌ فسادي ماڻهن کي بيپرواهه بڻائي ڇڏيو هو، ۽ انهن کي سيکت ڏيئي سنيئنءَ راهه تي آڻڻ لاءِ وقت جي ضرورت هئي؛ مگر مخالفن کي احمد شاهه جي ذهن ۾ هن ڳالهه ويهارڻ جو موقعو ملي ويو ته ميان صاحب ديرن جو انتظام چڱيءَ ريت هلائي نٿو سگهي، انهيءَ ڪري 1768ع ۾ ديرن جو انتظام سردار جهان خان سپهه سالار جي حوالي ڪيو ويو. مقامي فسادين کي هنگامن برپا ڪرڻ جو زياده حوصلو هن سبب ڪري ٿيو ٿي جو آسپاس سک ڌاڙيلن جا ڇاپا جاري هئا. سردار جهان خان انهن سکن ڌاڙيلن کي تمام سختيءَ سان دٻائي ڇڏيو. 1183هه مطابق 1769ع ۾، ديرو غازي خان ٻيهر ميان غلام شاهه جي هٿ هيٺ آيو، ۽ ان سان گڏوگڏ ديري جو اهو علائقو به ميان صاحب کي ڏنو ويو، جو اڳ ملتان جي صوبي جي هٿ هيٺ هو[6]. مختلف روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ديري جي ٻيهر هٿ ڪرڻ ۾ ديوان گدومل جي اعلى تدبيرن جو خاص دخل هو.

ٺٽي جو انتظام. محمد قائم ڪوڪلتاش کان پوءِ، محرم 1184هه (مئي 1770ع) ۾، ميان صاحب حبيب فقير نائچ کي ٺٽي جو انتظام حوالي ڪيو؛ ان کان پوءِ محمد حسين انهيءَ عهدي تي مقرر ٿيو، ۽ ان بعد مراد فقير نظاماڻي 1188هه (1774ع) تائين شهر ۽ علائقي جي انتظامي ڪاروبار جو نگران رهيو.

هڪ عجيب واقعو. غالباً فرخ سير جي دور حڪومت ۾ بکر علائقي جي جتوئي پرڳڻي ۾ ڳڙن وانگر مصري جون تڙون آسمان مان وسيون هيون. ميان غلام شاهه جي دور ۾ چٽي ڍنڍ جي ويجهو، زمين جي هڪ ايڪڙ ۾ گوشت جا ٽڪرا آسمان مان ڪريا هئا. انهن مان ڪجهه ٽڪرا ميان صاحب وٽ آندا ويا. هن اهي ٽڪرا ڪتن کي وجهرايا، مگر ڪنهن به انهن کي نه کاڌو. رنگ ۽ بوءِ ۾ سوئر جو گوشت معلوم ٿي ٿيا.

سنڌو درياءَ جي وهڪري ۾ ڦيرو. ميان صاحب جي دور جو هڪ نهايت اهم واقعو هيءُ آهي، جو سنڌو ندي پنهنجو اڳوڻو وهڪرو بدلائي نئون وهڪرو شروع ڪيو. اڄڪلهه درياءُ حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچان وهي ٿو، مگر سال 58-1759ع کان اڳ، هن هنڌ تي فقط درياهه جي هڪ شاخ وهندي هئي، جنهن ۾ پاڻي ايترو گهٽ هوندو هو، جو ماڻهو سواءِ ڪنهن خوف خطري جي لنگهي ويندا هئا. اصل درياءُ موجوده حيدرآباد جي اوڀر ۾ وهندو هو. درياءَ جي هن ڦير ڦار سنڌ جي جاگرافيائي صورت تي تمام وڏو اثر وڌو. هن متعلق وڌيڪ تفصيل ميجر جنرل هيگ جي ڪتاب مان ملندو[7].

ميان صاحب جو هڪ ظلم. ڪن روايتن مان معلوم ٿئي ٿو ته ميان صاحب پنهنجي هڪ خاص صلاحڪار راجا ليکي جي زور ڀرڻ ۽ ڀڙڪائڻ تي، ميان محمد مرادياب خان جي ٻن صاحبزادن عباس علي ۽ حسين عليءَ کي ٻيڙيءَ ۾ ويهاري ٻوڙائي ڇڏيو. هن واقعي کان پوءِ ايتري پشيماني ٿيس جو ساري عمر دل تي اهوئي ارمان رهندو آيس.

معلوم نه آهي انهن معصوم صاحبزادن جي ٻوڙائي مارڻ جي ڇو ضرورت پيش آئي. گمان آهي ته ميان صاحب کي ٻڌايو ويو هجي ته ماڻهو صاحبزادن کي گاديءَ تي ويهارڻ جا خواهان آهن. پوسٽنز جي بيان مطابق ٻنهي صاحبزادن متعلق معلوم ٿيو هو ته هو، اهڙين سرگرمين ۾ لڳل آهن، جي ميان صاحب جي بلڪل برخلاف هيون. بهرحال انهيءَ کان سواءِ، ميان صاحب کان ڪڏهن به ڪا اهڙي غير مناسب حرڪت عمل ۾ نه آئي، هن واقعي تي ڪنهن شخص چند شعر به چيا هئا، جي هيٺ درج آهن:

دنيا چو بحر شوري موجش هميشہ جوشان

بس نامور ڪہ در وي گشتند روي پوشان

دو گوهرِ گرامي درِّ يتيم هر يڪ

از جلوهء جمالش دلها شدي خروشان

چون قطره هاي نيسان ڪردنده جا بہ دريا

هم چون صدف سبڪ بار رفتند لبِ خموشان

........

هر درز حسن چهره گلهاي باغ عباس

زير آب سيل رحمت ناگہ شدند اوشان

در قلزمِ ارادت ڪشتيء عقل غرقست

ماندند در تحير اينجا بلند هوشان

از قدرتِ الاهي الهام شد خرد را

يڪ جاي هر دو رفتہ تاريخِ سالِ اوشان[8].

حيدرآباد جو بنياد وجهڻ. ميان غلام شاهه کي تعميرات جو نهايت گهڻو شوق هوندو هو. هن پنهنجي حڪومت جي دور ۾ ڪيترن ئي هنڌن کي دارالحڪومت بنائڻ جو ارادو ڪيو، مگر ٿوري وقت کان پوءِ، هر هنڌان ڪڪ ٿي ڇڏيندو رهيو. آخر ۾ هن جو توجهه سنڌونديءَ جي ڪناري، انهيءَ هنڌ مضبوط بيٺو، جو مسلمانن کي اڳ جي زماني ۾ نيرون يا نيرون ڪوٽ جي نالي سان ڪوٺبو هو. محمد بن قاسم جي پيشقدميءَ وقت، اتان جي ماڻهن مصلحت ڄاڻجي دروازا کولي ڇڏيا هئا. هيءُ هنڌ آبهوا جي لحاظ کان نهايت بهتر هو؛ انهيءَ سبب، جو هن جي اولهه طرف سنڌو درياءُ وهندو هو ۽ اوڀر طرف مذڪوره درياءَ جي هڪ شاخ وهندي هئي، جا اڄڪلهه ڦليليءَ جي نالي سان مشهور آهي. ٻيو هن هنڌ کي سنڌ جي حڪومت ۾ مرڪزي حيثيت حاصل هئي؛ ۽ ٽيون درياءَ هجڻ سبب اتر ڏکڻ جي آمد رفت ۽ واپار ۾ وڏيون سهوليتون هيون.


[1] ”جواهر عباسيه“، ص 183

[2] هي سمورا تفصيل ”جواهر عباسيه“ تان ورتل آهن. ص 186-190

[3] هيءَ فرمان ”الوحيد“ جي خاص نمبر، 15 جون 1936ع ۾ شايع ٿيو هو. مخدوم هاشم جا حالات علمائن جي بيان ۾ پيش ٿيندا.

[4] ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 116

[5] ”جواهر عباسيه“ ، ص199

[6] ”تحفته الڪرام“، ج 3، ص 116

[7] ”دي انڊس ڊيلٽا ڪنٽري“، ص 118-120

[8] هي شعر ٽوپڻ مل جي تاريخ تان ورتل آهن. هن جو هڪ شعر سمجهه ۾ نه آيو؛ ان جي جاءِ تي مجبورن نقطا ڏيڻا پيا. تاريخي مادي جي باري ۾ به ڪوشش جي باوجود پتو پئجي نه سگهيو، ٻيءَ هڪ روايت مان معلوم ٿئي ٿو ته هيءُ 1174هه (60-1761ع) جو واقعو آهي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org