سيڪشن:تاريخ

ڪتاب:هالا جا رنگ هزار(هالا متعلق لکڻين جو مجموعو)

باب:

صفحو12

ٻاجھريءَ جو اَنُ ٻئي اَنَ کان گھڻو رکيو ويندو هو، ڇو ته ان جي گھرج ٻئي اناج کان گھڻي پوندي هئي. گھوڙن جي داڻي ۽ مال جي کاڌي لاءِ ٻاجھري ئي بهترين خوراڪ هوندي هئي. ٻاجھريءَ جا ڪُهر رڌي مال کي کارايا ويندا هئا ۽ سارو سال ان لاءِ ٻاجھريءَ جي گھرج پوندي هئي. تڏهن ڪڻڪ کائڻ جو ايترو رواج نه هو. وچولي ۾ جوئر ۽ اسان جي پٽ هالا ۾ ٻاجھري ئي مکيه اَنُ هو، جنهن جو عام استعمال ٿيندو هو، هاري ۽ همراهه ته شڪايت ڪندا هئا ته ڪڻڪ مان سندن شڪم نه ٿو پلجي. کير، مکڻ، لسي ۽ ڌؤنرو رڳو ٻاجھري جي مانيءَ سان مزو ڏيندو هو.

        سياري جي موسم ۾ هالن جي سڄي شهر ۾ صبح سويري ٻاجھريءَ جي رٻ رڌي ويندي هئي. چانهه کي ڪابه اهميت ڪانه هئي. چانهه رڳو تڏهن استعمال ڪبي هئي، جڏهن ڪنهن کي ٿڌ يا بخار ٿيندو هو، جنهن لاءِ چانهه چپٽي ٽهڪندڙ پاڻيءَ ۾ وجھي بيمار کي جُھنڊ ڪرائي اُٻ ڏني ويندي هئي. ٻيءَ صورت ۾ چانهه جو نالو به ڪونه ورتو ويندو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ ٻن طريقن سان ٺاهبي هئي. هڪ ڏاري جي رٻ ۽ ٻي ڪُٽي جج رٻ. ٻاجھريءَ کي جنڊ ۾ ڏري، ڏارو ٺاهيو ويندو هو ۽ اُکري مُهريءَ ۾ ڪُٽي ڪُٽو ڪيو ويندو هو. ڪُٽي جي رٻ البت ڏاري جي رٻ کان وڌيڪ لذيذ ٿيندي هئي، خاص ڪري جڏهن ان ۾ مکڻ وجھبو هو. ٻاجھريءَ جي رٻ صبح جو سوير سيءَ ۾ نيرن به هوندي هئي، ته چانهه جو به ڪم ڏيندي هئي. سياري ۾ کَني رڌڻ جوبه رواج هوندو هو.

        چانورن جيان، ٻاجھريءَ کي رڌي ان ۾ ڳائو گوشت وجھبو هو ته ٻاجھريءَ جو پُلاءُ ٿي پوندو هو، جنهن کي عرف عام ۾ کني چوندا هئا ۽ نهايت لذيذ ٿيندي هئي. گھرن ۾ عام جام نيرن ٻاجھريءَ جي مانيءَ ۽ لسي مکڻ سان ڪرڻ ۾ ايندي هئي. البت منجھند جي ماني ڪڻڪ جي پچائي ويندي هئي. تڏهن هالن ۾ ڪڻڪ جي ماني ٿورا ماڻهو کائيندا هئا. ٻهراڙين ۾ شايد ڪڻڪ گھٽ واپرائبي هئي. شهري خوشحال عورتون گھرن ۾ ڊڳڙ، اُڦراٽا ۽ چلا پچائينديون هيون. ڳاڙهي ۽ اڇي جوئر مان ڦُلا ڀوڳڙين کان ٺهرايا ويندا هئا. ۽ ڳڙ ۾ ڦلن جا مُٺيا ۽ ڳڙداڻيون به ٺهرابيون هيون. ڪڏهن ڪڏهن ذائقي وڍڻ خاطر جوئر جي ماني به پچائي ويندي هئي. جيڪا ڪنهن به حالت ۾ ٻاجھريءَ کان گھٽ نه هوندي هئي. چانورن جون ريون جي بچنديون هيون سي پيهائي منجھانئس به مانيون پچايون وينديون هيون. خاص طور چانورن جا چلا نهايت خوش ذائقي ٿيندا هئا. گڏو گڏ سانئون پنهنجو ٿيندو هو، جنهن مان ڪڏهن ڪڏهن ماني به پچائي ويندي هئي، نه ته اڪثر ڪري سانئين جي ڏاري ۾ مٺاڻ وجھي ٻاٽ ٺاهيو وينديو هو، جو کيرڻيءَ جي لذت بخشيندو هو. انبڙيءَ جو سانڌاڻو عام طرح غريب ماڻهو سنڌيندا هئا ۽ ڳنڌڻ بدران، ماني سانڌاڻي سان کائي ويلو پاري ويندا هئا. خوشحال گھرن ۾ ڪدو، ميهن، پتائي گجرن، بصر، ساون مرچن، ليمن، گوار، ڏونرن، موري، گوگڙن ۽ سرنهن جي ڳنرن جي سانڌاڻي جون وڏيون وڏيون چاڏيون، برنيون ۽ مرتبان ڏسڻ ۾ ايندا هئا. انبڙين مان تيل جو آچار، سرڪي جو آچار، ۽ چٽڻي ۽ مربو ٺاهبو هو....منهنجو چاچو ڪنهن ڪنهن سال باغ به مقاطعي تي کڻندو هو. پوءِ ته انب، سنڌي ڏاڙهون، ليما، زيتون، صوفي ٻيرن جا گھر ۾ انبار لڳي ويندا هئا.

        تڏهن مخدومن جا هالن شهر ۾ ٻه عمدا باغ هوندا هئا. هڪ اوريون يا پراڻو باغ ۽ ٻيو پريون يا نئون باغ. پراڻو باغ ته بلڪل تعلقي آفيس جي پريان هو، جنهن جي ڏکڻ الهندينءَ ڪُنڊ تي مخدوم صاحب جن جو هڪ ننڍو بنگلو ٺهيل به هوندو هو. هيئنر نه اتي بنگلو رهيو آهي ۽ نه باغ. باغ وڍائي اتي زمين آبادي ڪئي وڃي ٿي. ٻيون نئون باغ جو ٿورو پر ڀرو هوندو هو، سو نهايت هڪ اعليٰ درجي جو باغ هو، هن باغ ۾ چونڊ انبن جا وڻ پوکيل هوندا هئا، جن تي مختلف نالا رکيل هوندا هئا – مثلاً: ڄمون، سدا گلاب، مصري، پتاشو وغيره. ڄمون جنس جي انبن مان سواد به ڄمونءَ جو ايندو هو ۽ خوشبوءَ به ڄمونءَ واري هوندي هئي. سدا گلاب کائبو هو ته عرق گلاب جي سڳنڌ ايندي هئي. هڪ انب جو وڻ هوندو هو، جنهن جا انب پال نه وجھبا هئا. ان جون انبڙيون ڪچيون ئي کائبيون هيون، جن کي ڪَچَ مٺي جون انبڙيون چئبو هو. تنهن سُڪار واري زماني ۾ عام انبڙيون ٻن اڍائين آني سير جُڙنديون هيون، تڏهن به ڪچي مٺي هڪ هڪ انبڙيءَ جو مُلهه ٻه آنا هوندو هو. کائبي هئي ته ڄڻ ناريل وارو سواد هوندو هو. مخدوم صاحب جن هن وڻ جون انبڙيون گھڻي انداز ۾ پنهنجي لاءِ مخصوص رکندا هئا ۽ دوستن احبابن کي سوکڙيءَ طور ڏيندا هئا. هن باغ جي مقاطعي لاءِ تمام گھڻا شائق گراهڪ هوندا هئا ۽ بلڪل چڱي اگھ ۾ ويندو هو.

        سُگھڙ ۽ ٻهڳڻ مايون عمدا طعام ۽ مٺايون به ٺاهينديون هيون. ڪڻڪ مان لپئي ۽ مٺيون موڻيون ۽ ڏيتڙا، ڌاڻن جي مغز مان پنجيري ۽ چُري بنائينديون هيون، جنهن ۾ خوب مغزيات پيل هوندا هئا، جي موسم سرما سياري لاءِ معجون جو ڪم ڏينديون هيون. رمضان شريف جي ويجھڙائيءَ ۾ ڪڻڪ جو مَيدو پيهائيو ويندو هو، جنهن مان سَيون جُڙنديون هيون، جي مايون رات جو ڪمڪار کان وانديون ٿي گڏجي دلن جي پُٺيءَ تي چاڻا رکي هٿن سان ٺاهينديون هيون. تڏهن اڃان سَين  ٺاهڻ لاءِ هٿ جون مشينون رائج نه ٿيون. ڪي حلوائين کان ڪڻڪ جو نشاستو ڪڍايو ويندو هو. حلوائي گھڻو ڪري هندو هوندا هئا، جنهن مان حلوي جا ٿالهه سچي گيهه ۾ ٺهرائبا هئا. ڏونگھين، بوهي چڻن ۽ کاڃن جو وڙو به گھر ۾ ٺاهيو يندو هو. لاهوري گجرن کي کير ۾ رڌي سيرو بنايو ويندو هو. پنهنجي ڳئون ۽ مينهن جي پس مان پس جا ٿالهه ۽ ٻرهيون بنائبيون هيون.

        ٻنيءَ مان جڏهن کَرا کڄي ويندا هئا ته پوءِ ٻار تي تُهَن جا ڍير لڳا پيا هوندا هئا، جن تي بٺارن، داين ۽ اوڏن جا گڏهه بيٺل نظر ايندا هئا ۽ کُورن وارا ونئڻاٺيون وڍي ويندا هئا. ڪانا وڃي دَنين ۾ گڏ ٿيندا هئا. تنهن زماني ۾ بئراجن جو پاڻي ڪونه هو، جنهن جا وارا ٻَڌل هجن ۽ وارن ۽ ماڊيولن تان لٺيون لڳن، بلڪ خون به ٿين. سڀڪو پنهنجي پوک کي پنهنجي گھُرج موجب پياري پچائي راس ڪندو هو.

        1910ع ڌاري منهنجا چاچا، پيءُ، ماما، ڀائر سڀ گڏ هوندا هئا. ڪُني پاٽ هڪ هوندي هين. کاڌو رڌبو هو ته سڀني لاءِ هڪ جھڙو.

        ٻار جو ڄم مائٽن لاءِ خوشيون ۽ اميدون کڻي ايندو هو. غريب توڙي امير، اولاد خاص ڪري پُٽ پيدا ٿيڻ تي گھڻو ئي خوش ٿيندو هو. مائٽ گھڻيون خوشيون ڪندا هئا ۽ هڪٻئي کي مبارڪون ڏيندا هئا. خوشحال ماڻهو دستور موجب کنڊ جون ڳوڻيون خريد ڪندا هئا. آئي وئي زال زنب، ٻار ٻچي ۾ ٻُڪ کنڊ ورهائبي هئي. لنگھا، خشيٰ خقير آيا، دهل شرنيون وڄيون، فقير فقرو، غريب غربو پنهنجي قسمت وٺندو هو. ڍوئڻا ملندا رهيا. دايون مايون پنهنجا لاڳ وٺي دعائون ڪنديون هيون. ڇٺيون ٿينديون، منڻ ٿيا، جھُنڊيون لٿيون، عقيقا ٿيا، ڪي ڪي مائٽ پڙهيل اولاد کي هنج ۾ کڻي ڪنن ۾ ٽي ٽي ڀيرا ٻانگون ڏيئي نالو رکندا هئا.

        تڏهن 1906ع ڌاري نه ڪي ويم گھر هئا ۽ نڪي ڊاڪٽرياڻيون ۽ نرسون هيون. سنڌي دايون ويچاريون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي ڪم ۾ ڪافي مهارت رکنديون هيون ۽ ويايل عورت جي خاصي خدمت ڪنديون هيون. سوئانجي جو سارو وقت آڍَمَکَ ۽ ڦڪيون سُتيون ڪنديون هيون. سوئانجي واريءَ عورت کي هيٺ پاٿاري ٺاهي ڏينديون هيون، ۽ هاڻوڪي وقت جيان کَٽَ تي نه سمهاريو ويندو هو. ڄاول ٻار کي به ماءُ پنهنجي ڀر ۾ هڪ منجيءَ تي رلڪن ۽ تنجڻ ۾ پنهنجي پاسي ۾ سمهاريندي هئي، ۽ منهن رکڻي يا ڪوٺاري سيرانديءَ کان ڏيئي مٿان شبنم يا سنهي ململ جو ڪپڙو وجھي ڇڏبو هو، ته ٻار تي ڪا مک نه ويهي ۽ ٻار پُراطمينان ۽ سڪون سان آرام ڪري....ٻار کي روزانو صبح جو دائي آڍيندي مکيندي هئي. ٻار جي مٿي ويهارڻ لاءِ وڏا جتن ڪيا ويندا هئا، ڇو ته سنڌ ۾ ناريلي مٿو پسند نه ڪيو ويندو هو. گرائيپ واٽر ۽ فوڊ پيارڻ جو نالو نشان به ڪونه هوندو هو. ماءُ جي ٿڃ بيشڪ امرت رس آهي. اڍائي ٽن سالن تائين ماءُ ٻار کي ٿڃ پياريندي هئي. مکڻ جو دُڪو ٻار کي کارايو ويندو هو، ۽ ان ۾ مٺاڻ يا ڦڪي ملائي ويندي هئي، جيڪا جوهر جي ٽڪين، ڦوٽن ۽ مصريءَ کي ڪُٽي ڇاڻي ميدي جھڙي ڪري رکبي هئي.

        هالن نون کان ٻن ميلن مفاصلي تي ۽ هالن پراڻن جي بلڪل ويجھو ۾ ٻيلي جي ڀر تي ڀچا قبيلي جا ماڻهو رهندا هئا، جي مالوند هئا ۽ سندن گذر کير، مکڻ ۽ ڏُڌ وڪڻن تي هوندو هو. شام جو مرد ماڻهو کير جا ساڙها ڀري هالن جي مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ ايندا هئا ۽ ڏينهن جو سندن قبيلي جن مايون چاڏيون ڏڌ مکڻ جون کڻي شهر جي جدا جدا پاڙن ۾ ورڇجي وينديون هيون.

        مخدومن جا عام مختيار هوندا هئا، جن کي فيصلن ڪرڻ جو اختيار هوندو هو، اُهي ڇوٽا موٽا فيصلا ڪندا هئا.

        گھرن ۾ پينگھا به هوندا هئا، جن ۾ ماڻهو ويهي لُطف وٺندا هئا..... ڪي ماڻهو اهڙا ته پهلوان هوندا هئا، جيڪي اڍائي مڻي ڳوڻ کي ڀاڪر ۾ وجھي کڻي ڪلهي تي رکندا هئا. پر اُهي به چرس جي نشي جي عادت ۾ گھيرجي ويندا هئا.

        ماتا کي مائي ماتا چوندا هئا. 1910ع ڌاري هالن ۾ ماتا موذي مرض پوري زور سام مُنهن ڪڍيو. مائي ماتا ٻرندڙ باهه جيان سڄي شهر کي وڪوڙي ويئي. شهر ۾ اهڙو گھر ڪونه هو، جتي مائيءَ منهن نه ڪڍيو. ننڍن ٻارن تي هن بيماريءَ جو حملو ٿيو ۽ ڪيترائي معصوم هن مرض ۾ فوت ٿي ويا. بيماري ڪارڻ سيئرا نڪرندا هئا، جيڪي گھڻو ڪري ٽن ڏينهن اندر وسي وڃڻ تي حالت نازڪ ٿي پوندي هئي.....۽ ٻار بيهوش ٿي مري ويندا هئا. ماتا جو تڏهن ڪوبه علاج نه هو ۽ نه ئي علاج ڪيو ويندو هو. هندو عورتون گھرايون وينديون هيون، جي واس ڌُوپ ڪنديون هيون! ماتا کي راضي ڪرڻ جا هندوري ۾ ويهي ڀَڄڻ يا گيت ڳائينديون هيون، نيٺ ڪَڙيون ٻَجڻ لڳنديون هيون. بدن جي چمڙيءَ ۾ سيٽ ۽ باهه شروع ٿي ويندي هئي. ڪَچون ڪَڙيون پيا پٽي لاهيندا هئا. جنهن تان مائٽ سخت روڪيندا هئا. ۽ ٻارن جا هٿ ڪپڙي سان ٻڌي ڇڏيندا هئا. ٺيڪ ٿيڻ کان پوءِ مايون مبارڪون ڏيڻ اينديون هين. اڪثر مايون انهيءَ ڳالهه تي متفقي هونديون هيون ته ڪچي ڪَڙي جتان به لاٿي هجيم اتي سرمون دٻي ڇڏيو. نڪرندڙ سيئرن جي حملي ۾ ڀوري مان ڪڻڪ رنگو بنجي ويندا هئا. ڪجھ سال تائين منهن تي سيئرن جا نشان رهندا هئا. پوءِ نشان مٽجي ويندا هئا.

        مائٽ ٻارن لاءِ پيسيءَ (ڪنجهي) جا وٽا، ٿاليهيون ۽ ٻيو سامان وٺي ايندا هئا ۽ ڪجھ مينا تي چٽيل گلاس ۽ سرمي دانيون به وٺي ايندا هئا.

        رواج موجب ٻار پنجن سالن جو ٿيڻ کان پوءِ اول سڀڪو مائٽ ٻارن کي قرآن پاڪ جي ناظران تعليم ڏياريندو هو ۽ پوءِ ابتدائي اسڪول ۾ پڙهڻ لاءِ ويهاربو هو. گھرن ۾ آخوندياڻيون به هونديون هيون، جيڪي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. پڙهائي تمام پڪي پختي هوندي هئي. ٻار وڏي آواز سان پڙهندا ۽ ڪابه زير زَبر جي چڪ ڪندا هئا، ته پري کان ئي درست ڪندي هئي. ٻارن جي انگ ۾ اڪثريت نياڻين جي هوندي هئي. بسم الله جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.... شهرن توڙي ٻهراڙين ۾ مدرسا موجود هئا. هالن نوان شهر ۾ به ڪافي کٿاب هوندا هئا، جن ۾ مدرسن ۾ گھڻو ڪري ٻارن کي قرآن شريف جي تعليم ڏني ويندي هئي. هن ڪم لاءِ هر هڪ ڀرپور محلي ۾ آخوندياڻيون هونديون هيون، جيڪي پنهنجي گھرن ۾ ٻارن کي پڙهائينديون هيون. ڇوڪرين کي اسڪولي تعليم اڪثر نه ڏياري ويندي هئي ۽ کين اسڪولن ۾ موڪلڻ عيب سمجھيو ويندو هو. اهوئي سبب هو جو نياڻين جا مڪتب ڇوڪرن جي مڪتبن کان گھڻا هوندا هئا، جن ۾ ڪجھ ننڍڙا نينگر به پڙهايا ويندا هئا. البت وڏن ڇوڪرن لاءِ مسجدن ۾ پڙهائڻ جو انتظام هوندو0هو. شهر هالن نون ۾ عارباڻي پاڙي، ڪَڪن جي محلي، عالياڻي گھٽيءَ ۽ ٻين هنڌن تي نينگرين جا وڏا مڪتب هوندا هئا ۽ خليفي جي مسجد، ڪَڪن جي مسجد ۽ قاضي سليم الدين مرحوم جي مڪتب ۾ انهن جو چڱو بندوبست هوندو هو.

        قرآن ناظران پڙهڻ کان پوءِ نياڻين کي بابَ ، نُور نامو ۽ احدنامو پڙهايو ويندو هو ۽ ٿورو سنڌي لکڻ، پڙهڻ جي تعليم به ڏني ويندي هئي. ايتري تعليم کان پوءِ ڇوڪرين ڏهن يارهن سالن جي ڄمار کي پهچي وينديون هيون ۽ والدين کين گھر ۾ ويهاري ڇڏيندا هئا ۽ کين گھريلو ڪم ڪار جي تربيت ملندي هئي. ڇوڪرن کي والدين سنڌي اسڪول ۾ داخل ڪرائيندا هئا ۽ ڪي مائٽ اسڪولن ۾ موڪلڻ کان وڌيڪ کين عربي مدرسن ۾ تعليم ڏيارڻ جو شوق رکندا هئا، جتي قرآن پاڪ جي حفظ ڪرائڻ جو به مڪمل بندوبست هوندو هو. هالن نون ۾ اهڙو سال ڪونه هوندو هو، جنهن ۾ هڪ يا ٻن قرآن جي حافظي نه ٿيندي هئي.... جڏهن مدرسن ۾ هو يا ٻن قرآن جي حافظن جي حافظي ٿيندي هئي، ته مسجدن ۾ جيڪي مدرسا هوندا هئا، اُتي مجلسون ڪوٺايون وينديون هيون ۽ نئين حافظ کان رڪوع شريف پڙهايا ويندا هئا ۽ حافظ توڙي استاد کي دستار ٻَڌائي ويندي هئي ۽ شڪراني جي مٺائي ورهائي ويندي هئي.

        اُهي شاگرد جيڪي عربي پڙهندا هئا، سي فارسي آمد نامه، دوآيه، ڪريما کان شروع ڪندا هئا، ۽ سڪندر نامه پوري ڪرڻ کان پوءِ عربيءَ جو درس وٺڻ شروع ڪندا هئا. هن طريقي کي درس نظامي چئبو هو. هن طريقي ۾ چوڏنهن پندرهن سال لڳي ويندا هئا. هينئر عربي طريقي تعليم ۾ به ڪافي تبديلي آيل آهي. هالن شهر ۾ چوٿين پنجين سال هڪ اڌ طالب ضرور مولويت جي دستار فضيلت ٻَڌندو هو. اهڙيءَ طرح

عام مسلمانن جو الله ۽ رسول ۽ ان جي دين متين ڏي گھڻو ڌيان هوندو هو. ’قال الله وقال الرسول‘ جو دور  دورو ڪنن کي سيبائيندو هو عربي مدرسه به هالن ۾ چڱا هوندا هئا. مولوي قاضي معين الدين، خليفو مولوي حاجي محمد، مولوي حافظ محمد اڪرم انصاري ۽ قاضي شهر مولوي شفيع محمد مجاور، درس تدريس جو سلسلو قائم رکيو پئي آيا. پر هينئر ٻارن کي سلام مسنوع ”السلام عليڪم“ عيوض والدين ”باءِ باءِ ٽا ٽا“ سيکارڻ ۾ فخر ڪن ٿا ۽ امان بابا جي بدلي ”ڊيڊي ۽ ممي“ چوندي خوشي محسوس ڪن ٿا. چراغٖ سفالين (ٺڪر جي ڏئين) ۽ بوريانشيني (تڏن تي ويهي) ڪنڌ ڌوڻي پڙهڻ تي ٺٺوليون ڪن ٿا.

        رواج موجب کُٿاب جي ٻارن کي ڳڙ جي تهري رڌي کارائي ويندي هئي. ذهين ٻارن کي پڙهڻ ۾ ٻه سال لڳي ويندا هئا نه ته اڪثر نياڻيون ته ٽي يا ساڍا ٽي سالن ۾ قرآن ختم ڪري وٺنديون هيون. قرآن پاڪ ناظران پڙهائڻ جو دستور اهو هوندو هو جو اول اول ٻارن کي قرآن پاڪ جي آخري سيپاري جي پوئين ايمي ياد پڙهائي ويندي هئي. پهرئين پاري جي سوره فاتح پڙهي پوءِ ’قُل اَعوذ برب الناس‘ کان ٿي هلبو هو ۽ ’لم يڪن الذين‘ تائين ياد پڙهايو ويندو هو. پوءِ ٽيهون سيپارو کڻايو ويندو هو ۽ باقاعده سيپاري جي پڙهائي شروع ڪئي ويندي هئي. هن سيپاري جي اختتام تي پنج سيپاري کڻائي ويندي هئي، جنهن ۾ سورنهن کان ٽيهه سيپارا پورا ڪيا ويندا هئا. پوءِ قرآن پاڪ وٺائيو ويندو هو، جيڪو ”الم“ کان شروع ڪري پنجويهه پارا تائين هليو ويندو هو. پهرئين ايمي ياد ڪرڻ تي استاد کي مٺائي ڏني ويندي هئي. سيپاري پوري ڪرڻ تي رَئو ڏبو هو. اڌ قرآن تي سڄو جوڙو ۽ سڄي قرآن پڄائڻ تي هڪ عمدو جوڙو، مٺائي ڪجھ روڪڙ ڏني ويندي هئي. قرآن ختم ڪرڻ کان پوءِ گھٽ ۾ گھٽ ٻه دور ۽ وڌ ۾ وڌ ٽي دور قرآن پاڪ جا مڪتب ۾ پورا ڪرڻ لازمي هو، جنهن کان پوءِ آخوند يا آخوندياڻيءَ کي مٺائي ڏئي دعا وٺي موڪلائبو هو.

        پيٽ جي سور لاءِ جَوَهرَ جون ٽڪيون کارائبيون هيون ... جيڪي ٻار پڙهائيءَ کان گوٿناٿ ڪندا هئا، تن کي ٽنگوٽالي ڪري مڪتب ۾ نيو ويندو هو. ڪنن ۾ زه وجھي ٽنگڻ، بند ڏيڻ، ماڪوڙا چنبڙائڻ جهڙيون ڀوائتيون سزائون تجويز ڪيون وينديون هيون.

        ڪٿي ڪٿي اهو به وهم هوندو هو، ته مساڻن يا قبرستان ويجھو موجود ڪنڊيءَ جو وڻ ڳرو آهي، تنهن ڪري ڪوبه ان ۾ نه ويندو هو.... ماڻهو ڪنڊيءَ جون سڪل سڱريون، جيڪي ڇڻي وينديون هيون، تن کي ڊپ کان ڪونه کائيندا هئا.

        مائٽ ٻارن پڙهائڻ کان نٽائڻ يا اجايو گھر کان ٻاهر رهڻ تي ٻارن کي ماريندا هئا ..... عام طور تي رات جو چانور ڀت کير کائبو هو. ۽ ڀت توڙي ماني کائڻ کان اڳ هٿ ڌوئڻ سنت سمجھيو ويندو هو..... ڪي فقير ڦٽل جاين ۾ اوتارا ٺاهي رهندا هئا.... ڪنهن ڦٽل ڪوٺيءَ بابت عام تصور هوندو هو، ته اتي جنن ۽ روحن جو واسو آهي. ٻارن کي ڊيڄارڻ لاءِ کين چيو ويندو هو ته کين سزا طور اتي پوريو ويندو هو.... فقير لٺ کڻي پنڻ لاءِ نڪري پوندا هئا.

        جيڪي ٻار پڙهڻ کان گسائيندا هئا يا پڙهائي ۾ جڏا هوندا هئا، ته سندن والدين خاص ڪري مائرون ڪنهن پير، سيد يا سندن گھر واريءَ کان رڪيبيون ٿاليون لکائي پيارينديون هيون، تعويز ٻڌنديون  هئون. کٿاب ۾ قرآن شريف جا ختما ڪڍائبا هئا. پاڻي پڙهائي پيارينديون هيون.

        مڪتبن ۾ ٻارن کي مارڪٽ پڻ ڪئي ويندي هئي..... استاد جي مار، ٻار جي سنوار تي عمل ڪيو ويندو هو.... مائرون ٻارن لاءِ پيرن، سيدن جي گھر وارين کان ڪاريون ڊاکون به پڙهائي رکنديون هيون، جيڪي ٻارن کي روزانو صبح سانجھي کارائبي هئي.

        صبح جو اسڪول شروع ٿيڻ تي گھنڊ لڳندو هو، ته سمورا شاگرد قطارون ڪري بيهندا هئا. ويهڻ لاءِ بينچون هونديون هيون. پڙهائي اڌ ڏينهن هلندي هئي. رانديون رونديون ٿينديون هيون. راڳ روپ ٿيندا هئا. نصابي ڪتاب باتصوير هوندا هئا. سليٽن تي ٻارن کي ابتدائي لکڻ سيکاريو ويندو هو. ڪلاس ۾ تصويرون ٽنگنيل هونديون هيون. جھلي ٽنگيل هئي. ڪنڊر گارٽن جون شيون هيون. لڏڻ لاءِ پينگھ هونديون هيون ..... اسڪولن جي نالي کان مائرون ٻارن کي ڊيڄارينديون هيون ۽ ٻار اسڪول جي نالي کان ٽاهه کائيندا هئا (هينئر به) ۽ اسڪول کي هڪ ڀيانڪ ۽ ڊيڄاريندڙ جاءِ تصور ڪيو ويندو هو.

        ڪنوار کي ڏِکي چِٽي، اٽو مکي (اُٻٽڻ) ، تڀلوڪڙيون ڪڍي، عطر مَکي سهڻو ڪيو ويندو هو. ڳهه ڳٺا نوان ڪپڙا پارائي ڳاڙهي ڪنوار ٺاهيو ويندو هو. ساٺ سنوڻ ڪيا ويندا هئا، ڳيچ ڳايا ويندا هئا.

        اسڪول واقعي دلچسپ ۽ وندر جي جاءِ هئي، پر اُن کي ماسترن جھنم بنايو هو. رُولن ۽ نيٽن جي سٽ ڪٽ ڪري، معصوم ٻارن جي نازڪ پُٺن تي نشان ۽ هٿن تي سوڄ، مُنهن تي چماٽن جي ڌڪن جا نير، ڪنن ۾ هٿ وجھي اُٿ ويهه ڪرائڻ، هڪ ٽنگ تي بيهارڻ، بُبين ۾ چُهنڊڙيون پائڻ، ڪن مروٽڻ، ڪلاڪن جا ڪلاڪ بينچ تي اُٿاري بيهارڻ، مُڪون ۽ لتون هڻڻ، ڪُڪڙ بنائڻ، ميز جي خانن ۾ هٿ وجھائي زور سان خانا بند ڪرڻ، وار پٽڻ، بند ڏيڻ، ڪوٺيءَ ۾ پورڻ ۽ ان کان پوءِ مقعد تي ماڪوڙا چُهٽائڻ ۽ ڳاڙها مرچ وجھڻ ۽ اُبتو ڪري ٽنگڻ جا سکڻا دڙڪا، ٻارن جي ساه سڪائڻ لاءِ ڪافي کان وڌيڪ عقوبتون هيون، جن سان ڪيترن ٻارن کي دوچار ٿيڻو پوندو هو..... سرندي هلندي پُڄندي وارن ۽ هوشيار شاگردن کي مارڪٽ نه ڪئي ويندي هئي. سرندي وارا خاص ڪري ماسترن کي چوندا هئا ته اُهي سندن ٻارن کي سزا ڏيڻ کان پرهيز ڪن.... هٿن جي آڱرين ۾ پينسل يا پين ڦاسائي آڱرين تي زور ڏبو هو. ڪنن جي پاپڙين کي مهٽي ٻارن کي سزا ڏبي ه.ي،

سرنديءَ وارا ماڻهو نوڪريون ماستري وٺرائي ڏيندا هئا ۽ اُهي سندن ايستائين ماستر به سندن خوشامد ڪندا هئا. تنهن دور ۾ تپيداريءَ ۾ چونڊائڻ وڏي ڳالهه سمجھيو ويندو هو..... اسڪولن ۾ ٻارن کي پڙهائڻ ۾ ماهر ليکجندڙ ماستر کي ساڳئي ڪلاسن ۾ پڙهائڻو پوندو هو ۽ اوستائين جو اُهي وڃي ريٽائرڊ ٿيندا هئا.

        بنيادي يا پهرئين ڪلاس جي شروعات پَٽيءَ سان ڪئي ويندي هئي. ابتداء ۾ شاگرد کي سنڌيءَ صورتخطيءَ مان ٻه ٽي اکر - ا، ب، ٻ، ڀ - لکي ڏنا ويندا هئا. پَٽيون ميسارڻ لاءِ اسڪول جي اڱڻ ۾ هڪ وڏي ٺڪر جي ڪونڊي پاڻيءَ سان ڀريل زمين ۾ کُتل موجود هوندي هئي. ميٽ جو ذرو ذرو سڀئي ٻار گھَران کڻي ايندا هئا. ميٽ سُڪڻ ۾ دير ٿيندي هئي ته پٽيءَ کي هٿ ۾ کڻي اس تي لوڏا ڏيندا هئا ته جلدي سُڪي ويندي هئي.... ماسترن وٽ پٿر جي مس ڪپڙي هوندي هئي، جنهن ۾ ڏامر جھڙي چلڪڻي ڪاري مس پيل هوندي هئي. ٻارن هٿان مس هارجي پوڻ جي ڊپ کان مس ۾ کونڌا (سُٽ جا مُنجھيل ڌاڳا) وجھي ڇڏبا هئا ۽ ماستر پنهنجي ڪلڪ ان مان ٻوڙي جلي خط ۾ عاليشان ڪارا حرف لکي ڏيندا هئا، ۽ هر هڪ کان  حرف چوائيندا، سبق ڏيندا ويندا هئا.

        ماستر شاگردن کي انب، بلا، ٻڪري ۽ ڀولڙي جون شڪليون چارٽ تان ڏيکاريندو هو. حرفن بر زبان ياد ڪرڻ کان پوءِ ڪلاس ۾ جيڪي واريءَ سان ڀريل ڪونڊيون رکيل هونديون هيون ۽ ڪتل ۽ گدامڙيءَ جي ککين جا تَسَ ڀريا رکيا هوندا هئا، تن جي مدد سان پڙهيل حرف لکڻ سيکاربا هئا. ماستر واريءَ تي آڱر سان لکائيندا هئا ۽ ککين کي هڪ ٻئي جي ڀرسان رکي حرف جوڙائبا هئا. انهيءَ استعمال کان پوءِ بورڊ تي چاڪ سان لکائڻ جو استعمال به ٿيندو هو. ڪجھ ڏينهن کان پوءِ انڊا ڀرائڻ جي منزل تي پهچائبو هو. آليءَ پٽيءَ تي انڊا ڪڍي ڏبا هئا ۽ جي گھران ڀري اچبا هئا. جنهن لاءِ شاگردن مان هر هڪ کي گھر ۾ مس ڪُپڙي رکڻي پوندي هئي ۽ ڪلڪ استاد صاحب سڀ ڪنهن کي پاڻ گھڙي ڏيندو هو. الف بي پوري ڪري، باب يا ڪڪ شروع ڪئي ويندي هئي ۽ گڏو گڏ ڳڻڻ ۽ انگ به سيکاريا ويندا هئا. فيروزي موتين جون مالهائون ۽ ارٿيميٽڪاڻ ان ڪم لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. اٽڪل چار پنج مهينا ان ۾ لڳي ويندا هئا ۽ پوءِ ٻاراڻو ڪتاب جيڪو ٽڪي يا ٽن پئسن ۾ ملندو هو، سو وٺايو ويندو هو ۽ ان جي پوري ڪرڻ ۾ دير ڪانه لڳندي هئي. ڪَڪَ سکڻ کان پوءِ هجي ڪرڻ ۾ ڏکيائي ڪانه ٿيندي هئي. نُون غنه جي سکيا به هن طريقي سان ڏني ويندي هئي، جيڪا بيمثال ليکبي هئي.

        کنگھ گھڻي هجڻ تي پيرسن ڪراڙا ماڻهو مڇيءَ جو تيل (ڪاڊ لِـور آئل) استعمال ڪندا هئا ۽ دوا جي شيشي سدائين گڏ هوندي هين.... ڪي استاد سياري ۾ ڪاري کٿي ڪُلهن ۾ پائي ايندا هئا ۽ اونهاري ۾ ململ جو پهراڻ ڍڪيندا هئا، جنهنجي ڳچيءَ جي پاسي کان ٻيڙي لاهي ڇڏيندا هئا. ڪن ماڻهن کي اونهاري ۾ اڪثر مٿي تي اسپنگر جي چپڙي چڙهيل هوندي هيس ۽ گاهي گاهي مکڻ جي چپڙي به رکندا هئا، جيڪا وٽڙندي هئي ته ڳچيءَ تائين ريڳاڙا پيا ڳڙندا هئس.

        اسڪولن ۾ استاد جا چاڪ، پنو، پين، پينسل، رجسٽر، ڪلڪ ۽ مس ڪپڙي ۽ بورڊ اُگھڻ جو ڪپڙو (ڊسٽر)، صبح جو خاني مان ڪڍي ميز تي رکڻ ۽ موڪل مهل وري سنڀالي خاني ۾ رکڻ، بورڊ اُگھڻ، تصويرن ۽ ٻين ڪلاس جي شين جي سنڀال ڪرڻ هوشيار شاگردن جي فرض ۾ داخل هوندا هئا. جيتوڻيڪ ٻاراڻي ڪلاس ۾ ڪوبه مانيٽر نه هوندو هو.

        ٻاراڻي ڪلاس جي مُدي پوري ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊپٽي ايجوڪيشن انسپيڪٽر ساليانو امتحان وٺڻ ايندا هئا. پهرين نمبر پاس ٿيڻ وارن شاگرد ۾ ڪتاب ۽ سليٽ پين سميت انعام ملندا هئا..... ٻار جي پاس ٿيڻ تي والدين استادن جا ٿورا مڃيندي کين سوکڙيون ڏيندا هئا. ٻه پُڙي اجرڪ ڍڪائيندا هئا..... سَرندي وارا ماڻهو استادن کان ڪلاس مَٽرائيندا هئا ۽ وڻندڙ ماستر کي پنهنجي ٻارن لاءِ مقرر ڪرائيندا هئا. هيڊ ماستر چوڻ تي هوندا هئا.... غرريب والدين جو پٽ جيڪڏهن ورنيڪولر فائنل پاس ڪندو هو ته وڏي ڳالهه سمجھي ويندي هئي.... نون استادن کي ڪارڪردگيءَ جي بنياد تي - ٻار پاس ٿيڻ تي - پڪو ڪيو ويندو هو... سَرندي وارا ٻار اڪثر پهريون نمبر ايندا هئا.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org