سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 14

 

ضميمو ٻيون

وچولي زماني جي عرب  (1) جاگرافيدانن جي

سنڌ تي لکڻين جي اهميت

 

عرب ۽ سندن مسلمان جائنشين اٺين صدي عيسويءَ جي اوائل کان وٺي سنڌ ۽ بلوچستان، جا حاڪم ۽ ڀرپاسي وارن ملڪن سان لاڳيتي لهه وچڙ ۾ رهيا آهن. اها ڳالهه ڌيان ۾ رکندي، اهو ڏسي عجب ٿو ٿئي ته هنن پنهنجن صديون پوءِ جوڙيل ڪتابن ۾ ان علائقي جي جاگرافيءَ جا جيڪي احوال ڏنا آهن، سي ڪيترا  نه اڻ – چٽا ۽ نادرست آهن. حقيقت هيءَ آهي ته مسلمان مصنفن پنهنجيءَ جاگرافيءَ کي سائنسي بنيادن تي بيهارڻ جي ڪا جاکوڙ ڪانه ڪئي هئي ۽ ٽن چئن صدين جي مدي اندر هنن ۾ عملي تحقيق جا ڪي به اهڃاڻ نٿا ملن، حالانڪ ان عرصي دوران ڄاڻ جي عام پونجي ضرور وڌي هوندي، ۽ کين پنهنجون اوائلي چُڪون سڌارڻ کپنديون هيون.

عرب جاگرافيدانن جي ڪوتاهي سندن نقشي نويسيءَ مان پڌري آهي: الاصطخريءَ ۽ ابن- حوقل جي ڪتابن ۾ سنڌ جا جيڪي نقشا ڏنل آهن، تن ۾ نه ته ڪو پيمانو آهي ۽ نه ئي منجهن ڪپر- ليڪ يا ٻين طبعي انگن جي. ٻيو نه ته ڪنهن لڳ ڀڳ نسبتي بيهڪ ۽ طرفن ڏيکارڻ جي ئي ڪا ڪوشش ڪيل آهي. خود منصوري کي گهيريندڙ ڇاڙ ڪُڍنگي ڏيکاريل آهي ۽ هڪڙو نقشو خود شهر کي ان ڇاڙ جي کاٻيءَ ڪنڌيءَ تي رکي ٿو ته ٻيو وري ساڄيءَ ڪنڌيءَ تي!

سفرناما سڀني اوائلي لکندڙن جيان هنن جو به مکيه مواد هئا؛ پر لڳي ٿو ته عرب هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ جي ٻيو نه ته قريبي طرف معلوم ڪرڻ يا مفاصلي جي ڪنهن سهنجي سڃاپندڙ ڪاڇي تي هلڻ جي اهميت کان به اڻڄاڻ هئا.

انهيءَ ڏس ۾ پروفيسر هودوالا جو اهو چوڻ بلڪل بجا آهي ته ”انهن گهڻ- پچاريل سفرنامن جي پهرينءَ اشاعت تي جيڪي اميدون ڪيون ويون هيون ته اهي سنڌ ۽ بلوچستان جي جاگرافيءَ تي آجيان لائق روشني وجهندا، سي اميدون پوريون ڪونه ٿيون آهن. انهن مسئلن کي سمجهائڻ ته ٺهيو، مرڳو منجهائي ڇڏيو آهي“ (2).

اهو جاگرافيدانن جو ڏوهه نه  هو ته هنن مفاصلي جو جيڪو ڪاڇو، فرسخ، ڪم آندو ٿي، تنهن جو ليکو هڪڙي تر ۾ هڪڙو ته ٻئي تر ۾ ٻيو هو ۽ اسان کي گهٽ ۾ گهٽ ٿورائتو ٿيڻ کپي ته ابن-خردازبه، المسعودي ۽ البيرونيءَ جو جيڪي ٽئي اسان کي ٻڌائين ٿا ته منجهانئن هر هڪ جو پنهنجو ڪاڇو ڪهڙو هو. پر جڏهن اسين اهي ڪاڇا حقيقتن سان ٺهڪاريون ٿا، تڏهن نتيجو گهڻو ڪري گنڀير تضادن جي صورت ۾ نڪري ٿو. مثال طور، المسعوي ملتان ۽ منصوري جي وچ ۾ ”مفاصلو“ ”75 فرسخ هر هڪ اٺن ميلن جو“ ڄاڻائي ٿو. اهو اٽڪل روءِ ڇهه سو انگريزي ميل ٿئي ٿو (3). البيروني ٻنهي شهرن جي وچ ۾ مفاصلو پنجاهه فرسخ ٻڌائي ٿو، ۽ سندس ڪاڇو هڪڙي فرسخ ۾ 16000 ڪيوبٽ (ٻٽو هٿ) يا ساڍا چار انگريزي ميلن کان ٿورو وڌيڪ هو. ان ليکي سان اهو مفاصلو رڳو 225 ميل ٿئي ٿو. اصل مفاصلو اٽڪل 36 انگريزي ميل آهي. الاصطخري چوي ٿو ته ٻيئي هنڌ هڪٻئي کان 12 ڏهاڙن جي مسافريءَ تي آهن، جا وري گهٽ –ڪٿ لڳي ٿي.

انهن لکندڙن جيڪو ٻيو ڪاڇو گهڻو ڪم آندو، سو سڀاويڪ طرح ”ڏينهن جي مسافري، آهي. پر ظاهر آهي ته اهو ڪاڇو مسافريءَ جي ڍنگ، منزل گاهن جي سهنج،، لتاڙيل ملڪ جي ڊول ۽ ٻين اهڙين ڳالهين انوسار پيو ڦرندو گهرندو. جيتوڻيڪ الادريسي، جو ڪجهه پوءِ جو لکندڙ آهي، اسان کي ٻڌائي ٿو ته هو هڪ ڏينهن جي رواجيءَ مسافريءَ کي ٽيهن ميلن جي برابر ۽ ڊگهيءَ مسافريءَ کي چاليهن ميلن جي برابر سمجهي ٿو، تڏهن به اهي ڪاڇا هڪ ساريڪا نٿا ٿي سگهن؛ ۽ جي ڪنهن اهڙي سفرنامي سان لاڳو ڪجن ٿا، جنهن ۾ ٻه سڃاپي سگهندڙ هنڌ هجن، ته عام طرح اهي غلط معلوم ٿين ٿا (4).

جڏهن ڄاتل سڃاتل هنڌن جي مفاصلن ۾ ئي اهڙا تفاوت آهن، تڌهن اها آس رکڻ اجائي ٿيندي ته ”سفرناما“ اڻڄاتل جاين جي نالن سڃاڻڻ ۾ ڪا واهر ڪندا. خود انهن مان گهڻن جي نالن بابت ڌڪا هڻڻا پون ٿا. ڇو ته ڪيترن قلمي نسخن ۽ نقشن ۾ نالن تي اعرابون ناهن ڏنل؛ ان ڪري هڪ نالي جون ڇهه ڇهه ست ست پڙهڻيون به ٿيو وڃن. اسان کي اهو به شڪ ٿئي ٿو ته ڪاتبن اڪثر اصلوڪا اکر هوبهو نقل نه ڪيا آهن. عربي ۽ فارسي اکر انهيءَ ڏسي ۾ شايد ٻين کان وڌيڪ منجهائيندڙ به آهن.

اتر- اولهه هندستان جو هڪڙو طبعي نشان اهڙو آهي، جو هر اهڙي جاگرافيدان کان، جنهن کي مڪاني طرح معلومات هٿ ڪرڻ جا موقعا هجن، اها اميد رکي سگهجي ٿي ته هو ان نشان جو احوال خبرداريءَ سان قلمبند ڪندو. اهو نشان آهي پنجاب جي پنجن درياهن جو پاڻ ۾ ۽ سنڌوءَ سان ڳانڍاپو. حيرت آهي ته ٽالميءَ انهن کي صحيح طرح بيان ڪيو آهي: هن ان ملڪ بابت ايرسٽوبولس ۽ ميگاسٿينيز جي احوالن مان به چڱو فائدو ورتو هو ۽ سندن احوالن کي پرکڻ ۽ اضافن ڪرڻ لاءِ تازي ۾ تازي معلومات به پڪ ئي پڪ هٿ ڪئي هئائين. ان جي مقابلي ۾ ڏسو ته عرب جاگرافيدان سنڌوءَ جي ڏاني ندين بنسبت ڇا ٿا لکن! آءُ هنن جي بيانن جا سندن لکڻ جي ترتيب موجب حوالا ڏيان ٿو. المسعودي رائد (راوي)، هاتل (؟ بياس) ڪابل ۽ ڪشمير (جلهم) جو ذڪر ته ڪري ٿو؛ پر چناب ۽ ستلج جو نٿو ڪري. الاصطخري رڳو هڪڙي درياهه جو حوالو ڏئي ٿو ۽ ان جو نالو ”سنڌ رود“ ٻڌائي ٿو. ابن- حوقل کي رڳو ٻن جي خبر آهي. جن کي هو ”سند رود“ يا ”سنداروز“ ۽ ”جندرود“ يا ”جنداروز“ سڏي ٿو. اهي نالا، جيئن هوديوالا ڏيکاري ٿو، شايد ستلج ۽ گڏيل چناب جا آهن، جا هاڻ تريماب سڏجي ٿي (5).

هيءَ ڳالهه ذهن نشين رکڻي آهي ته اهي ٽيئي لکندڙ سنڌو ماٿريءَ مان ٿي ويا هئا. البيروني پنج ئي درياهه صحيح نالن سان ڄاڻائي ٿو، جي هن سنسڪرت ماخذن مان کنيا هئا ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي جدول ۾ انهيءَ حاشئي سان ته راوي ملتان جي اوڀر ۾ ۽ بياس ملتان جي اولهه ۾ وهي ٿي، ٻنهي کي هڪٻئي جي جاءِ تي ڄاڻائي ٿو، پر پنهنجي بيان ۾ هو ائين چئي، پنهنجي ڀل ڪجهه سڌاري ٿو ته بياس ملتان جي اوڀر ۾ وهي ٿي (6). ريورٽي ان ڀل تي بيواجبي زور ڏئي ٿو ۽ ائين ڪرڻ سان هو ظاهر آهي ته البيرونيءَ جي راويءَ جي حيثيت ۾ ڪارپت مرڳوئي وڃائڻ ٿو چاهي: ڇاڪاڻ ته هن جي ان چٽي بيان کي ته ستلج پنجند رستي سنڌوءَ سان اچي ملي ٿي، رد نه ڪبو، ته مهراڻ- هاڪڙي واري وارو وڏو نظريو ڊهي اچي پٽ پوندو (7). پر سچ پچ ان معاملي بابت ٻين لکندڙن جي ڀيٽ ۾ البيرونيءَ جي بيانن کي وڌيڪ وزن ڏيڻ کپي- نه رڳو ان ڪري ته هو ڪجهه وقت ملتان ۾ رهيو هو، پر ان ڪري به ته هن جي سڄي ڪتاب ۾ کوجنا جا ڪجهه اهڃاڻ ملن ٿا ۽ موضوع کي مجموعي طرح ڪجهه سائنسي ۽ تنقيدي انداز ۾ کنيو اتائين.

باوجود ان جي ته الادريسيءَ کان اڳ جي لکندڙن جيڪي ڪجهه لکيو هو، سوالادريسيءَ جي دسترس ۾ هو، هو پاڻ کي مٿين عملي خاصيتن کان وانجهيل ثابت ڪري ٿو. هنجي اورچائي جس جوڳي هوندي به، منجهس انتخاب جي ڏات نه هجڻ ڪري، اها پاڻيءَ ۾ ملي وڃي ٿي (8). هو البيرونيءَ کي نظر انداز ٿو ڪري وڃي. ۽  رڳو ايترو ڄاڻائي مطمئن ٿي وڃي ٿو ته سنڌوءَ جون ٻه ڏاني نديون آهن- ان لاءِ بظاهر هو ابن- حوقل تي ڀاڙي ٿو، پر هو اهي نالا ڏئي ئي ڪونه ٿو، جي ابن- حوقل ڄاڻايا آهن (9). پوءِ جي صدين جا مسلمان مصنف به انهيءَ معاملي ۾ عجيب اڻڄاڻائيءَ يا لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪن ٿا.

اڳين لکندڙن جي بيانن کي بنا پرک پروڙ جي نقل ڪرڻ جي عادت ايتري ته عام آهي، جو بيانن جي ظاهري تصديق اڪثر بيڪار ٿئي ٿي. مثال طور، ياقوت تيرهين صديءَ عيسويءَ جي پهرئين اڌ ۾، جا عظيم جاگرافيائي لغت جوڙي هئي، تنهن ۾ سنڌ جي منصوري بنسبت هو ڪيئي دلچسپ تفصيل ٻڌائي ٿو (10): پر ان هنڌ بابت المسعويءَ ۽ ڏهين صدي عيسويءَ جي ٻين لکندڙن جيڪي ڪجهه ڄاڻايو آهي، سو ڀيٽجي ٿو ته پتو پوي ته ياقوت جون حقيقتون جيئن جو تيئن هنن تان ورتل آهن. تنهن زماني جي تذڪرن ۾ اسين جيڪي منصوري بابت پڙهون ٿا، سو ظاهر ڪري ٿو ته ان شهر تيرهين صديءَ جي شروعات ڌاري پنهنجي اهميت وڃائي ڇڏي هئي: اها به پڪ آهي ته ان زماني ۾ ان جو ڪو اهڙو بادشاهه ڪونه هو، جو قريشي نسل مان هجي ۽ جنهنجا وڏا اتي ڳپل مدو حڪومت ڪندا رهيا هجن ها. اهو ائين آهي ڄڻ بيڊيڪر جي يورپ بابت چوپڙي 1961ع سن لاءِ ڄاڻائي ته فرانس ۾ بورين گهراڻي جو هڪ بادشاهه راڄ ڪري ٿو!

مون هن جلد جي متن ۾ ان شهر جو ذڪر به ضروري نه جاتو آهي، جنهن کي عرب جاگرافيدانن منهتارا  (Manjatara) يا منهاباري (Manhabari) ڪوٺيو آهي، ڇو ته سنڌ جي تاريخ ۾ ان جي ڪا اهميت نظر نٿي اچي. پر اهي لکندڙ ان هڪڙي (جي اهو ساڳيو هڪڙو هو ) شهر بابت جيڪي لکن ٿا، سو سندن لکڻين جي اڳيئي ڄاڻايل عيبن مان گهڻن جي مثال جو ڪم ڏئي ٿو.

پهرين ڳالهه ته ان جي نالي جي ئي خاطري ڪانهي: مٿي ڄاڻايل نالن کانسواءِ ٽيون نالو منجاباري (Manjabari) به اٿس. ”اشڪال البلاد“ واري نقشي ۾ ان جي بيهڪ بلڪل چٽي ڏيکاريل آهي ۽ ان بابت جيڪي ڪجهه الاصطخري ۽ هڪڙي هنڌ ابن- حوقل ڄاڻائي ٿو، تنهن سان ٺهڪي اچي ٿي- يعني، مهراڻ جي اولهه طرف ذري گهٽ منصوري جي سامهون (11). پر ابن حوقل ٻئي هنڌ ڄاڻائي ٿو ته اهو مڪران جي شهر قنزير (Qannazbur) واري رستي تي ديبل کان ٻه منزلون پري آهي (12) ان سان اهو کڄي وڃي ذري گهٽ اتي نڪري ٿو، جتي ساڳئي نقشي ۾ ڪمبالي (Kambali) ڏيکاريل آهي ۽ درياهه کان به ڪيئي منزلون پري ٿي وڃي ٿو الادريسي ان شهر کي شروسن Sharusan) : سيوهڻ) کان ٽن ڏينهن تي، فرابز Firabuz): قنزيز) کان ڇهن ڏينهن تي ۽ ديبل کان فرابز ويندي ٻن ڏينهن تي ڏيکاري ٿو (13).

هيگ ۽ هولڊچ انهيءَ نتيجي تي پهتا آهن ته ساڳئي نالي سان ٻه شهر هئا. سو چئي سگهجي ٿو ته الاصطخريءَ جو اشارو هڪڙي ڏانهن هو ته ابن- حوقل جو ٻنهي (بنا فرق ڏيکارڻ جي) ڏانهن. الادريسيءَ وري ٻنهي کي پاڻ ۾ منجهائي ڇڏيو آهي: سندس ”سيوهڻ کان ٽن ڏينهن تي“ واري ڳالهه ان کي الاصطخريءَ واري منجاباريءَ سان ڳنڍي ٿي، ۽ سندس باقي ڳالهيون ابن- حوقل واري ٻئي منجاريءَ سان لڳن ٿيون. يعني اهو جيڪو ديبل کان مڪران ويندڙ رستي تي هو.

پروفيسر هوديوالا جو رايو آهي ته شهر هڪڙو ئي هو، ۽ ان بابت ابن – حوقل جو ٻيو ڏس يعني قنزيز واري رستي تي ديبل کان ٻن ڏينهن جي پنڌ تي درست آهي. منصوري ۽ نيرون کان ڏنل ڏس هو ڪاتبن جي چُڪ ڄاڻائي ٿو ۽ چوي ٿو ته لکندڙ ٻنهي جاين تي قنزير لکيو هوندو.

هوديوالا صلاح ٿو ڏئي ته منهاباري متان ڀنڀور هجي، جو انهن لکندڙن ان جو ٻئي ڪنهن هنڌ ذڪر ئي ناهي ڪيو ۽ رچرڊبرٽن موجب، اهو منهارا پڻ سڏبو هو (14).

هيءَ صلاح هڪڙن ڏسن لاءِ ته معقول آهي، پر ٻيا ڏس منهنجي خيال ۾ ان سان نه لڳندا، پوءِ کڻي انهن کي هوديوالا جي چوڻ تي زوريءَ ڦيرايو به وڇو نه وڃي.

هاڻوڪن ٽيڪاڪارن منهاباريءَ جا جيڪي الڳ الڳ هنڌ ڏسيا آهن، تن کي هڪٻئي جي پاسي ۾ رکي ڏسڻ دلچسپيءَ کان خالي نه ٿيندو:-

 

مئڪمرڊو:     روپاهه پرڳڻي ۾ - (شهداپور تعلقي جو ڏکڻ- هيگ

 پنهنجي ٻن  منهابارين جون جي بيهڪون ڄاڻايون آهن،

 تن مان هڪڙيءَ سان هيءُ ڏس لڳي ٿو).

ڪننگهام:    ٺٽو

ريورٽي:                شايد بدين لڳ؛ (هو مانجهند کي ويچار هيٺ آڻي،

 رد ڪري ڇڏي ٿو).

هوديوالا:       ڀنڀور

هيگ:         ڪراچيءَ کان گهڻو پري نه؛ (هيءُ سندس ٻن شهرن مان ٻئي جو   ڏس آهي).  

اهڙيءَ ريت هنن جي قطب نما جو ڪانٽو لڳ ڀڳ ٻه هزار چورس ميل ايراضيءَ اندر ڦري ٿو (15). اسين ڪننگهام ۽ ريورٽيءَ کي هن معاملي ۾ پنهنجن خاص نظرين جي موهه ۾ منڊجي وڃڻ تي نندي سگهون ٿا، پر اهڙيون ڀُلون اصلوڪن راوين جي لاپرواهيءَ جي ڪري ئي ممڪن ٿي سگهيون هيون.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

”عرب“ مان منهنجي مراد اهي مسلمان مصنف آهن، جن عربيءَ ۾ لکيو هو.

”هند- مسلم تاريخ جو اڀياس“، ص 30.

هوديوالا ڀانئي ٿو ته مسعوديءَ جو سنڌي فرسخ ”ٻٽي يوجنه“ جي برابر هو. (ڏسو ڪنگهام جي ڪتاب، ”هندستان جي آڳاٽي جاگرافيءَ جو ضميمو ”ب“، ص ص 7-571). هو سنڌي فرسخ جي ماپ جي اڌ جيترو رواجي فرسخ به ڪم آڻي ٿو ۽ هي هت اهو لاڳو ڪيو ويندو ته مفاصلو لڳ ڀڳ پورو وڃي بيهندو. (هوديوالا، ص 28).

هوديوالا، ص ص 32- 30.

”مروج الذهب“، انگريزي ترجمو: اي. اسپرينگر، ص ص 2- 381؛ ايلئٽ، پهريون، ص ص 23- 22، 30، 40؛  هوديوالا، ص ص 40- 39.

”تاريخ الهند“، ايڊيٽر: اي . سچاءُ، جلد پهريون، ص ص 260. 258.

”مهراڻ“، ص ص 20- 219.

هوديوالا، ص ص 60- 59.

ايليئٽ، پهريون، ص 83؛ هوديوالا، ص ص 5- 64.

فرينچ ترجمو: ”بريئر دي مينارد“، پئرس، 1861ع، ص  ص7- 586.

ايليئٽ، پهريون، ص 37.

ايضاً، ص40.

ايليئٽ، پهريون، ص ص 80- 79. فرابز يا قنزير شايد پنجگور هو. هوديوالا، ص 63.

هوديوالا، ص ص8- 36.

مئڪمرڊو، ”سنڌ ملڪ جو احوال“ وغيره ر. ا. س. ر جلد پهريون، ص 233، هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو مُلڪ“، ص 68؛ ڪننگهام، ”هندستان جي آڳاٽي جاگرافيَ، ص 289؛ ريورٽي، ”مهراڻ“، ص ص9-227 ۽ نوٽ؛ هوديوالا، مٿيون حوالو؛ هيگ، ”سنڌوءَ جي ڊيلٽا وارو ملڪ“، ص ص 8- 67.

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org