سيڪشن: تاريخ

ڪتاب: سنڌ هڪ عام جائزو

باب:

صفحو: 2

(2)

اڀرندو رڻ پٽ

 

جيئن اڳيئي بيان ڪيو اٿئون، سمنڊ جي ڪپر کان لڳندڙ چوماسي جي هوا واري آڻي، ڏکڻ الهندي ٿر ۾ سٿيندي وڏا پورو- وڇوٽ دڙا ٺاهيندي رهي آهي. انهن دڙن کي ڀٽون سڏيو وڃي ٿو. انهن جي وچ ۾ ماٿريون آهن ۽ رخ عام طرح ڏکڻ اولهه کان اتر اوڀر ڏانهن يعني ساڳيو هوا وارو اٿن  (1).

رڻ ۾ جيئن اڳتي وڃبو، تيئن آڏيون ڀيٽون ڊگهيرين ڀٽن کي ڳنڍينديون نظر اينديون ۽ اها ڳالهه ڌيان لهڻي ته 150 ميلن کان پوءِ، يا ٻاڙمير کان اڳتي، سڀ واريءَ دڙا انهي قسم جا آهن، يعني اهي هوا جو رخ سان گوني ڪنڊ ٺاهين ٿا (2). رڻ جو اهو ڀاڱو راجپوتانا ۾ ڪافي اندر آهي ۽ ان جي مٿينءَ خاصيت جو ذڪر انهيءَ لاءِ پيو ڪريان، جو ان سان سنڌ جي سرحد وٽ ڀٽن جي جا ابتڙ ۽ مخصوص بيهڪ آهي، تنهن کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي. ٿر جي سموري واري هوائن جي آندل آهي، پر ان جي چُرپُر هوا جي گهاٽيءَ واڌيءَ سان ڦري گهري ٿي. واريءَ کي جيئن ئي ڪٿي جهل ٿيندي تيئن هوا اچي وٺ ڪنديس. ڀٽون ڪنهن نهري شيءَ جي اوٽ ۾ گڏ ٿيندڙ ڍڳ مان ٺهڻ شروع ٿينديون آهن، ۽ جهڪيءَ هوا جي داٻ هيٺ، هوا جي رخ واري پاسي کان هلڪيءَ گولائيءَ واريون ۽ هوا جي مخالف پاسي کان اُڀيءَ لاهيءَ واريون نظر اينديون آهن. کُلئي پٽ ۾ ٺهندڙ ٻچٽ ڀٽ تکيءَ هوا جي داٻ هيٺ نعل جهڙي شڪل وٺڻ لڳندي آهي،  جا هوا جي مخالف پاسي کان کليل هوندي آهي ۽ ان جي ٻن پڇڙين جي ڊيگهه تيئن تيئن وڌندي ويندي آهي، جيئن جيئن واري انهن جي ڏنل اوٽ ۾ گڏ ٿيندي ويندي آهي. پٽ جي هوا کي سامهين لاهي، هلڪن درڙن جي کڄي وڃڻ ڪري، ترا کڙچي ۽ اوڙجي ويندي، چوٽي لاڳيتي کاڄندي وينديس، سڄيءَ جي بيهڪ ڊگهيري ٿيندي ويندي، لاڙو ڌار ڌار قطارن ٺاهڻ ڏانهن هوندس، جي هوا سان پور- وڇوٽ هونديون. ان عمل جو مشاهدو چوماسي جي مند ۾ ڪراچيءَ جي ڀرپاسي ۾ وڏيءَ سوالائيءَ سان ڪري سگهجي ٿو.

ٿر جي ڏکڻ- اولهه ۾ ساڳي هوا، خاص ڪري رات جو، تمام تکي ۽ لڳاتار لڳندي آهي. ڀٽن جي شڪل تنهنڪري اُتي ڊگهيري ٿئي ٿي. هوا وڃي وچ وارين ماٿرين ۾، جن کي ”تلي“ يا ”ڏهر“ ** سڏيو وڃي ٿو، هم مرڪز ٿئي ٿي ۽ ان جي کڻڻ نيڻ واري سگهه جيئن پوءِ وڌندي وڃي ٿي (3). جڏهن چوماسي جو زور گهٽجي ٿو، تڏهن، يا سال جي ٻين وقتن تي لڳندڙ اتفاقي هوائن جي ڪري انهن ماٿرين ۾ جا واري ڪٺي ٿئي ٿي، سا ورلي ڪا آڏين قطارن جي شڪل ۾ ٿرائتي ٿئي ٿي، پر اها به چوماسي جي کاڌ واري عمل هيٺ عام شڪل وٺڻ تي مجبور ٿي وڃي ٿي. انهن تلين ۾ هوا جو ايترو ته زور ٿئي ٿو، جو رڻ جي انهيءَ ڀاڱي جي هيٺيان جا سخت رائي واري زمين ٿئي ٿي، سا تري کان نڪري نروار ٿي بيهي ٿي، جيتوڻيڪ اهي تليون گهڻي ڀاڱي واريءَ جي سنهڙيءَ چادو سان ڍڪيل هونديون آهن.                                  

ٻاڙمير کان اڳتي ڏکڻ-اولهه واريءَ هوا جو زور گهڻو  گهٽجي وڃي ٿو ۽ کليل ميدان ۾ واريءَ جون آڏيون ڀٽون ٺهنديون رهن ٿيون، جن جو ويڪرو جهڪيءَ لاهيءَ وارو منهن ڏکڻ- اولهه ڏانهن ۽ اُڀيءَ لاهيءَ وارو منهن اتر- اوڀر ڏانهن ٿئي ٿو. انهي قسم جون ڀٽون اتر ۾ پري بيڪانير تائين آهن.

مٿان هوا مان ڏسبو ته ٿر جي رڻ پٽ جا ٻئي اڌ - ڏکڻ- اولهه وارو ۽ اتر- اوڀر وارو- ائين نظر ايندا، ڄڻ ڪو ميرانجهڙو سمنڊ تکيءَ هير تي لهرون هڻي رهيو هجي. پر ڏکڻ- اولهه واري اڌ جون ”لهرون“ جيڪي درحقيقت هوا سان پوريءَ وڇوٽيءَ تي  هلن ٿيون، سي اتر-اوڀر واري اڌ جي لهرن کان وڌيڪ ڊگهيون ۽ هڪٻئي کي ويجهيون آهن. اُتر- اوڀر واري اڌ جون لهرون هوا جي رخ سان گوني ڪنڊ ٺاهين ٿيون.

جيتوڻيڪ هن رڻ پٽ جي شڪل شبيهه جو خاڪو هوائي جهاز تان، خاص ڪري سج لهڻ يا چڙهڻ وقت، وڌيڪ چڱيءَ طرح ڏسي سگهجي ٿو، پر ان ريت جيڪو تاثر قائم ٿيندو سو ڪن ڳالهين ۾ ڀلائيندڙ هوندو. ڏکڻ-اولهه يعني سنڌ واري رڻ ۾، ڀٽن جي، وچ وارن ڏهرن جي ڀيٽ ۾، جا وڏي اوچائي آهي، نه ته اها نظر ايندي، نه ٿي وري ان بلنديءَ تان، جا هوائي جهازن کي هوا جي پُورالن هيٺ مٿانهينءَ وارن وهڪرن سبب هن تر مٿان رکڻي پوي ٿي، واريءَ ۾ ٿيندڙ نباتات جي ڪثرت جو ڪو اندازو ٿي سگهندو.

جي ڪنهن اُتانهينءَ ڀيٽ جي اُوچي ۾ اوچي چوٽيءَ تان، جا لاڳاپيل ڏهر کان ڪي ڏيڍ سو فٽ مٿي هجي، بيهي ڏسبو، ته ساوڪ  صاف نظر ايندي. ميرانجهڙي اڇي واري نيڻ نهار تائين ٻوٽن سان ڇانيل آهي- ڄڻ چيتي جي کَل تي چٽا، جيئن پلائنيءَ * نيوبيا جي ريگستان ۽ ان جي خيابانن لاءِ ٽڪريءَ تان ڏسي چيو هو. اهي چٽا ڀٽن جي پٺيءَ تي به ايترائي گهاٽا آهن، جيترا انهن جي پاسن تي ۽ هيٺ تلين ۾. اهي ميرانجهڙا ساوا يا ميرانجهڙا ڪَڪَا چٽا آهن بي پن کپ، ڦوڳ، ٻوهه، لائي ۽ اَڪ انهن کان قد ۽ فائدي ۾ سرس پر گهڻائيءَ ۾ گهٽ ڪرڙ ۽ کٻڙ آهن. کٻڙ ”سلوڊورا“ (Salvadora) قسم جي وڻڪار آهي، جا ڪلر ۾ وڌيڪ ٿئي ٿي. تلين جي وڌيڪ سخت زمين ۾ وري ڪنڊي ۽ ٻير ٿئي. کوهن جي ڀرپاسي ۾ ڪنڊيون چڱو قد ڪري وينديون آهن، پر گهڻو تڻو بندريون ٿين. بهرحال، اهي اٺن ۽ ٻڪرين جي وڏي تعداد لاءِ چاري جو ڪم ڏين ٿيون. ٿر پنهنجن گاهن جي ڀلاڻ ۽ گونا گونيءَ ۾ بي مثل ته آهيئي. اهي گاهه لاڳيتو مهينن جا مهينا خير ڪي نظر ايندا. پر جيئن ئي مينهن وسندا، تيئن ئي اهي اسري هر هنڌ ڇانئجي ويندا، واريءَ تي ساوڪ جي سنهي چادر پٿارجي ويندي ۽ ٿر آمالڪ سونهن ڀريو ۽ آسودو ٿي پوندو. ٿر جا گاهه ريج وارن ميدانن جي گاهن کان قداور ۽ عمدا هوندا آهن، ان ڪري ئي چوپائي مال جا وڏا وڏا ڌڻ ڪاهي ٿر آندا ويندا آهن ته جيئن کائي متارا ٿين.

پر سڻائي کان سڻائيءَ مند ۾ به ماڻهن ۽ مال لاءِ پاڻي کوهن منجهان ڇڪي ڪڍڻو پوي ٿو. جي تلين ۾ ٻه ٻه ٽي ٽي سو فٽ اونها آهن.

 

پوکي راهي قدرتي طرح تلين ۾ ننڍين ننڍين ٻنين تائين محدود رهي ٿي. انهن پٽن کي ٻنا ڏنل هوندا آهن ته جيئن اتي برسات جو پاڻي محفوظ رهي. سڻائيءَ مد ۾ ڪجهه وسڪارا وسي ويندا ته ٻاجهر جي ججهي پوک ڪئي ويندي، پر ٿري بنيادي طرح ڌنار آهن ۽ ان ميدانن (پڪي) مان ڳنهن. پنهنجو مال يا مال جي پيدائش - گيهه، کلون ۽ چمڙو- ميدانن ۾ وڪڻڻ تي هميشه کان هريل هوندا آهن ۽ اڄ به هريل آهن.

مٿيون بيان سنڌ ۾ شامل ٿر واري رڻ جي وڏي ڀاڱي سان لاڳو ڄاتو وڃي. پر ڪي ڳالهيون اهڙيون آهن، جي رڳو ڍٽ ۽ کائر سان مخصوص آهن، جتي ڀٽن ۽ تلين جي بيهڪ ڏکڻ-اولهه ۽ اتر- اوڀر کان ذري گهٽ ڏکڻ ۽ اتر ٿي وڃي ۽ آڏيون ڀٽون وڌيڪ آڏيون ٿين لڳن ٿيون. 26 ڊگريون 30 منٽ ويڪرائي ڦاڪ جي لڳ ڀڳ ۽ ڊگهائي ڦاڪ جي 69 ۽ 70 ڊگرين جي وچ ۾، ڀٽ ۽ ڏهر-ڊگهي سوڙهي پوٺي ۽ ماٿر- جي بناوت جي جاءِ واريءَ جا بي شڪل دڙا وٺڻ لڳن ٿا، جي وڏيءَ اوچائيءَ کي پهچن ٿا ۽ ڪيترن سون ميلن تي پکڙيل ٿين ٿا (4). اونهيءَ نرم واريءَ جا اهي پوٺا، جن کي ”واري ڏگهه“ (Drarens) چيو وڃي ٿو، هوا جي هر جهوٽي تي پنهنجي سطجي شڪل ڦيرائيندا آهن ۽ پنهنجي ان بي جٽائيءَ جي ڪري، سبزي ساوڪ کان وانجهيل ۽ عملي طرح بي گذر ۽ اڻلانگهو هوندا آهن. انهن واري- ڏگهن جي اتر ۾، ڏکڻ وانگر، ٿر جي ڀت ۽ ڏهر واري عام بناوت هوا جي رخ سان پوريءَ وڇوٽيءَ تي وري شروع ٿي وڃي ٿي. جڏهين ائين آهي ته پوءِ انهن جُنگ ڍڳن جي هجڻ جو ڪارڻ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو؟ آءُ سمجهان ٿو ته ان سوال جو جواب سندن واريءَ جي نسبتي نرمي ڏيئي سگهي ٿي. هيءُ علائقو چوماسوي وارين هوائن جي الهنديءَ پهچ اندر آهي. عام رواجي مند ۾ جڏهن اهي هوائون هن علائقي ۾ پهچنديون هونديون، تڏهن سندن واريءَ کڻڻ واري سگهه ضرور ذري گهٽ پوري ٿي ويندي هوندي. واريءَ جا ڳرا ذرڙا اڳ ۾ ئي ڇڻي ويندا هوندا، رڳو هلڪا ذرڙا اڏامندا هيستائين پهچندا هوندا. جيڪڏهن هيءُ نظريو صحيح آهي ته پوءِ سمجهجي ٿو ته چوماسي جون هوائون اڳي هاڻي کان وڌيڪ سگهاريون هونديون، ڇاڪاڻ ته انهن رڻ کي اتر ۾ ميلن جا ميل ساڳيءَ ئي شڪل ۾ جوڙيو آهي، جيئن ڏکڻ ۾، سو واري ڏگهن کي ويجهڙ ۾ جڙيل، شايد اڳينءَ بناوت مٿان سٿيل سمجهڻ گهرجي. درحقيقت، ٻن واري ڏگهن جي وچ ۾ عام طرح ڀٽن ۽ ڏهرن جو جدا سوڙهو پٽو ويندو آهي.

اچرج  جهڙي ڳالهه وري اها آهي ته ٿر ۾ جيڪي به ٿوريون گهڻيون مٺي پاڻيءَ جو ڍنڍون، بلڪ تلاءُ آهن، سي انهيءَ نسوريءَ سُڃ جي هيبتانڪ ٽڪرن جي ڀرپاسي ۾ ئي هوندا آهن.  هتي لوٺاڻيون ۽ کاريون ڍنڍيون وري اڪيچار آهين. اهي ڍورن ۾ آهن، جن کي مڪاني طرح ”گوڇار“*سڏيو وڃي ٿو. چوڌاري واري ئي واري هوندي به، انهن ڍنڍن جو پاڻي واريءَ کان بچيل ۽ اصلوڪي لٽ واريءَ زمين تي بيٺل ٿئي ٿو. واري -ڏگهن جي اپار ويرون وير ويرانيءَ جي بنهه وچ ۾ وڌيڪ تانگهن ڍورن اندر ساوڪ ۽ ڪٿي ڪٿي تري ۾ ٿورو پاڻي يا الي چور- گپ به ٿئي ٿي. انهن هنڌن تي پاڻيءَ جي هجڻ جو سبب نرم واريءَ جي ان اپار ڦهلاءُ تي پوندڙ برسات جو سيمو آهي. ان واريءَ جا هيٺيان تهه، جيئن ته بي گذر زمين مٿان  ٿين ٿا، ان ڪري اهي ضرور سدائين  پُسي پورا

 

ٿيندا رهندا هوندا ۽ باقي پاڻي سمي اندر ويندو هوندو. جتي پاڻي سڌيءَ طرح لٽاشي زمين تي بيٺل ٿئي ٿو، جيئن واري -ڏگهن جي ڪَنن لڳ اڪثر ڍنڍن ۾، اُتي اهو گهڻو ڪري کارو يا ٻاڙو ٿئي ٿو، پر ٿوري مٿانهين مٿاڇري تي، جتي واريءَ جي تري تي بيٺل ٿئي ٿو، اُتي پاڻي وري مٺو ٿئي ٿو.

جڏهن کارين ڍنڍن جو پاڻي سُڪندو آهي، تڏهن انهن ۾ ٽرونا (Trona) نالي سوڍا جي سيسڪئيڪاربونٽ (Sesquicarbonate) (يعني کار) وڃي بچندي آهي، جيڪا سڻائي سال ۾ ايتري ته گهڻي ٿيندي آهي، جو ان جو روانگي واپار ٿي سگهي ٿو. انهن مان گهڻيون ڍنڍون پورچندو ۽ ساموئي نالي ٻن واري- ڏگهن جي وچ ۾ هڪ قسم جي ماٿر ۾ آهن، جتي، جيئن اڳ بيان ٿي چڪو آهي، پوٺي ۽ تليءَ واري بناوت نظر اچي ٿي، اهي ڍنڍون، درحقيقت، تلين ۾ آهن ۽ انهيءَ ڪري گهڻي ڀاڱي ڊگهيري شڪل سان ڏکڻ-اولهه کان اتر-اوڀر طرف آهن. هوڏانهن، واري -ڏگهن اندر، جي گوڇار آهن، سي بي شڪل ۽ بي ڊولا هوندا آهن.

ٿر جو جيڪو ٽيون ٽڪرو سنڌ سان لاڳاپيل آهي، سو واري -ڏگهن ۽ ڍنڍن واري پٽي جي اتر طرف ڦهليل آهي. هتي جون ڀٽون جيئن ته هلڪين هوائن جي اثر ۾ رهن ٿيون، تنهنڪري انهن جي شڪل ايتري چٽي نه آهي، جيتري اُنهن ڀٽن جي، جيڪي واري-ڏگهن واري تر جي ڏکڻ ۾ آهن. اُتر واريون ڀٽون جيئن اڳتي وڃبو تيئن بي ترتيب نظر اينديون وڌيڪ ويجهو ٿي چڪاسبو ته اڪثر اُنهن جو ٻٽو رخ ڏسڻ ۾ ايندو. واريءَ جا جيڪي ويڪرا وستار هڪٻئي کان، غيرآباد لٽاشي زمين رستي، ڌار ٿيل آهن، تن جو رخ عام طرح اوڀر ۽ اولهه آهي ۽ جيڪي وارياسي پٽي جي مٿان يا اُن جي اندر آهن، تن جو رخ ذري گهٽ اتر ۽ ڏکڻ آهي.

ان ٽڪري جي سڀ کان وڌيڪ ڌيان جوڳي خاصيت آهي آڳاٽين ندين جا پيٽ، جي ان سُڃ منجهان ور وڪڙ کائيندا لنگهن ٿا، اهي طبعي طرح سنڌ جي وچ واريءَ ماٿر سان لاڳاپو رکن ٿا. تنهنڪري انهن جي باريڪ چڪاس اڳتي هلي ڪبي. انهن تي وارياسي جي چڙهت تڏهن ئي ٿي آهي، جڏهن انهن منجهان دائمي يا مندائتا پاڻيءَ جا وهڪرا وهڻ بند ٿي ويا آهن. اڳي ضرور ائين ٿيندو هوندو ته واري هيڏانهن ڪٺي ٿيندي هوندي، هوڏنهن اهي وهڪرا اُها کڻي لوڙهي ويندا هوندا. ان ٽڪري جي سير ڪندي. اسان کي انهيءَ نظريي جي ثابتيءَ ۾ وڌيڪ حقيقتون ملن ٿيون. البت اهي ڏکڻ جون هوائون جيتريون سگهاريون اڳي هُيون، تيتريون هاڻ ناهن. ”ڊٻ ڏيٿريءَ“ جو ئي مثال وٺو. اهو آڳاٽو شهر واريءَ جي اپار اُڏاون ۾ هاڻي ته اصل غرق ٿي ويو آهي.

سنڌ سان لاڳاپيل وارياسي پٽ جي هن اڳوڻين ندين واري اترئين علائقي ۾ واري- ڏگهن جي هيٺان توڙي ڏکڻ جي ڊگهين اُڀين ڀٽن جي وچ وارين تلين ۾ جا زمين آهي، سا گهڻي ڀاڱي سخت رائو آهي. ٿي سگهي ٿو ته روهڙيءَ کان جا چُن-پٿر جي ٽڪرين جي هيٺاهين قطار (ان جو احوال اڳتي ايندو، جڏهن اسين سنڌ جي ٻئي ٽاڪرو علائقي جو بيان  کڻنداسون) ڏکڻ ڏي وڃي ٿي، سا ڪجهه پنڌ واريءَ جي هيٺان هلندي هجي، جنهن ۾ ان جي ڏاکڻي پڇڙي گم ٿي وڃي ٿي. ۽ اسين سوء کن ميل اوڀر جي ڀٽن منجهان ساڳيءَ بناوت وارو ٽڪر نروار ٿيندي ڏسون ٿا. سنڌو ماٿريءَ کان ٿلهي ليکي هن مفاصلي تائين رڻ پٽ جو عام مٿاڇرو هوريان هوريان مٿي ٿيندو وڃي ٿو، ۽ خود جيسلمير لڳ ۽ ٻاڙمير ۽ چوٽڻ وٽ وڏي پيماني تي ٽڪر اُڀرندا نظر اچن ٿا. اهي ويران ٽڪر ۽ اهي ٽڪريون، جي واريءَ جي سمنڊ مان اڀين ٻيٽارين جيان اڀرن ٿيون، سي سنڌ جي چن-پٿر جي ٽڪُرن کان بلڪل ٻئي مول مُنڍ يا اصل جون آهن. ساڳيو حال ڪارونجهر ٽڪريءَ جو آهي، جنهن تان بيهي ڏسبو ته ڪڇ جي رڻ تي نظر پوندي. ٻئي پاسي، خود ڪڇ جي رڻ جو ٽڪر وري گهڻي ڀاڱي چن- پٿر جو آهي.

الهندي رجپوتانا ۾، ٿر ۾ گهڻو اندر وڃي واريءَ جي ڇنڊڇاڻ ڪبي ته معلوم ٿيندو ته اها گهڻيءَ حد تائين مڪاني ٽڪرين جي ڀڃ ڊاهه جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ گهڻي قدر بلوري پهڻ جي ڀور ملي ٿي. ان سان گڏوگڏ هارن بلينڊ ۽ فيلسپار (hornblend & felspar) معدنيات جا ذرڙا به اُن ۾ ڪافي ملن ٿا. انهن ٽڪرين منجهان گهڻيون جنهن ڳاڙي ٻريل مادي (lava) ۽ سماق (granite) مان جڙيل آهن، تن ۾ اهي سڀ معدني شيون موجود ملن ٿيون. انهن ٽڪرين جي ڀڃ ڊاهه جو عمل جو سندن نروار ٿيڻ سان ئي جاري ٿي وڃي ٿو. گرمي پد ۾ تمام گهڻيءَ تبديليءَ جي نتيجي ۾ شروع ٿئي ٿو. ان تبديليءَ جي ڪري ٽڪرين جو ٻاهريون تهه باقاعدگيءَ سان سُسڻ ڦنڊڻ لڳي ٿو. اُنهي ڀڃ ڊاهه ۾ زور دار هوا جو به هٿ رهي ٿو. پر ارضياتي ماهر ”لاتوش“ هڪٻئي کان پري پري جي ايراضين مان گڏ ڪيل واريءَ جي نمونن ۾ چُن جي ڪاربونيٽ جا ذرڙا پڻ لڌا هئا. اُنهن مان گهڻا ذرڙا پنڊپهڻ ٿي ويل فورامنيفير (fossilized foraminifera) آهن، جن بابت لاتوش کي پڪ آهي ته ڪڇ جي ڪلئنو زائڪ جُڳ جي ٽرشري زماني * سان تعلق رکندڙ چن-پٿرن مان نڪتا آهن. انهن ذرڙن کي ضررو هوا اڏائي بيڪانير کان پنج سو ميل اتر طرف کڻي ويئي هوندي. لاتوش پاڻ اهو مشاهدو ڪيو (5).

ڌرتي علم جي ڄاڻن ڌرتيءَ جي ڄمار کي ڌار ڌار جڳن (Era)، هر جڳ کي ڌار ڌار زماني (period) ۽ پوئين جڳ جي هر زماني کي ڌار ڌار ايامن (Epech) ۾ ورهايو آهي. جڳ ڪُل ٽي- (1) ڪئنوزوئڪ (هاڻي کان وٺي اٽڪل 55 لک ورهيه اڳي تائين)، (2) ميسوزوئڪ (255 لک ورهيه اڳي تعلق کان وٺي 22 ڪروڙ 55 لک ورهيه اڳي تائين ۽ (3) پئليوزوئڪ (22 ڪروڙ 55 لک ورهيه اڳي کان وٺي 67 ڪروڙ 5 لک ورهيه اڳي تائين)، آهن. ڪئنوزوئڪ جڳ ۾ ٻه زمانا- (1) ڪئاٽرنري (20لکن ورهين جو) ۽ (2) ٽرشري (235 لکن ورهين جو)، آهن. ڪئاٽرنري زمانو ٻن ايامن-(1) تازو ۽ (2) پلائيسٽوسين، ۾ ورڇيل آهي. تازي يعني چالو ايام جو دور ڏهه هزار ورهيه کان ڪجهه اڳي جو شروع ٿيل چيو وڃي ٿو. انهيءَ حساب سان ٻئي ايامي دور جو مدو 19 لک 90 هزار ورهيه ٿئي ٿو. ٽرشري زماني جا پنج ايام-(1) پلايوسين (50 لکن ورهين جو)، (2) مايوسين (190 لکن ورهين جو) ۽ (3) اوليگوسين (120 لکن ورهين جو)، (4) ايوسين (120 لکن ورهين جو) ۽ (5) پيليوسين (115 لکن ورهين جو)، آهي. ميسوزوئڪ جڳ ٽن زمانن -(1) ڪريٽيشس (710 لکن ورهين)، (2) جوراسڪ (570 لکن ورهين) ۽(3)ٽرائڪ (320 لکن ورهين)، ۾ورڇيل آهي. پئليوزوئڪ جڳ ۾ ڇهه زمانا- (1) پرميئن (550 لکن ورهين جو)، (2) ڪاربنيفيرس (650 لکن ورهين جو) (3) بونيئن (500 لکن ورهين جو)، (4) سائلوريئن (400 لکن ورهين جو)، (5) آرڊوويشيئن (650 لکن ورهين جو) ۽ (6) ڪئمبريئن (700 لکن ورهين جو) آهن. جڳن جي حساب سان ڌرتيءَ جي ڪل ڄمار 57 ڪروڙ 5 لک کن ورهيه بيهي ٿي. پر انهيءَ کان اڳ جو وقت، جو ”پري- ڪئمبريئن وقت“ جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. سو پڻ ليکجي ته ڌرتيءَ جي عمر ½ 4 ارب ورهيه يا ان کان به سرس ٿي سگهي ٿي. ساهوران جي لحاظ کان هوند هلندڙ جڳ کي ”مٿين ساهوران جو دور“، ان کان اڳي وري کي ”وچولي ساهوارن جو دور“ ۽ ان کان اڳي واري کي ”اڳاٽن ساهوارن جو دور“ چئي سگهجي ٿو. هاڻوڪي انسان، يعني نيئن انسان کي ڌرتيءَ تي نروار ٿئي اٽڪل ڏهه هزار ورهيه ٿيا آهن. سنڌ ڏيهه جي پيدائش وچين جڳ جي پهرئين زماني جي چئي وڃي وڃي ٿي، ٻين لفظن ۾ سنڌ جي سرزمين کي ڄائي ڪي ½ 13 ڪروڙ ورهيه ٿي چڪا آهن.

(ڌرتيءَ جي ڄمار لاءِ ڏسو: ”ريڊرز ڊائجيسٽ“ جي وڏي انسائيڪلو پيڊيائي لغت، (1964)، جلد پهريون، ص 365. (مترجم))

سنڌو ماٿريءَ ۽ راجپوتانا جي ٽڪرن جي وچ ۾ جيڪو سنڌ جي حصي وارو ريگستان آهي، تنهن ۾ اهي واريءَ جا وڏا ويڪرا سَٿ آيا ڪٿان آهن؟ اها ڳالهه شايد ڌيان جوڳي آهي ته سنڌو ماٿريءَ سان مليل رڻ پٽ جي واريءَ جو رنگ باڙمير ۽ جيسلمير جي وچ ۾ جيڪي ڀٽون آهن، تن جي واريءَ کان هلڪو آهي. مون کي پتو ناهي ته سنڌ واري رڻ جي واريءَ جي سائنسي چنڊڇاڻ ڪئي ويئي آهي يا نه، پر لاتوش جي کوجنا کي سامهون رکندي، اهو انومان ڪري سگهجي ٿو ته اها گهڻي ڀاڱي هيٺينءَ سنڌ جي انهن چن-پٿر جي ٽڪرين جي ڀڃَ ڊاهه مان نڪتي آهي، جيڪي حيدرآباد جي ڏکڻ واري گنجي ٽڪر کي شامل ڪندي، ڪراچيءَ کان مانجهند تائين ڪڍيل ليڪ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع آهن ۽ جن مٿان ساڳي چوماسي جي هوا لنگهي ٿي. انهن تي پڻ گرمي پد جي گهاٽيءَ واڌيءَ ۽ هوائن جي ڇوهه جو تيترو اثر ٿئي ٿو. جيترو ڪڇ جي ٽڪرين تي پر هڪڙو ان جو ٻيو وڌيڪ پڌرو ذريعو به آهي، ۽ بلانفورڊ موجب، اهو ئي مکيه ذريعو آهي، يعني سمنڊ جي پٺتي ڇڏيل واري.  ياد رهي ته آڳاٽي زماني ۾ ويندي تاريخي دور ۾ هيٺينءَ سنڌ جي ماٿريءَ جي ڳچ ڀاڱي تي،  خاص  ڪري ان ڀاڱي تي جيڪو  هاڻ  ڊيلٽا جو علائقو  سڏجي ٿو،

سمنڊ هو، خود ڪڇ جو رڻ به شايد سمنڊ جي هيٺيان هو. پوءِ وقت گذرڻ سان سمنڊ پٺتي هٽندو ويو ۽ پنهنجي پويان واريءَ جا دڳَ ڇڏيندو ويو. تمام گهڻو وقت رکي رکي، هڪٻئي پٺيان جيڪي به نوان ڪپر نروار ٿيندا ويا، سي پنهنجي پنهنجي واري، ڏکڻ-اولهه جي چوماسي هوائن جي واهر سان، اتر- اوڀر جي مُلڪ ۾ ڪٺي ڪندا ويا ۽ جيئن ته ان ملڪ ۾ مينهن نالي ماتر پوندڙ هو ۽ ڪي به اهڙا وڏا وهڪرا ڪونه هئا، جي واري موٽائي سمنڊ ڏي لوڙهي وڃن، سو سمورو مُلڪ واريءَ جي ور چڙهندو ويو.

ڏکڻ-اولهه جي هوا زور سان لڳندڙ هجي ته ان واريءَ جي چُرچُر جو مشاهدو سمنڊ جي اڄوڪي ڪپر جي ڪيترن ئي هنڌن تائين سولائي سان ڪري سگهجي ٿو. سنڌوءَ جي هيٺين وهڪري سان لڳو لڳ، جتي رءُ جا وڏا وڏا دڙا نيروار آهن.اُتان پڻ اها چُرپُر چڱيءَ  طرح ڏسي سگهجي ٿي. پري کان ڏسبو ته گهاٽو دونهون نظر ايندو، جو زمين تي ور وڪڙ کائي رهيو هوندو، ڄڻ ڪنهن پوٺي جي باهه؛ ويجهو وڃي ڏسبو ته سڄو وايو منڊل اُڏامندڙ واريءَ سان ڪاراٽيل نظر ايندو. ان مان ڪجهه واري پري نه ويندي آهي؛ ويجهيءَ ڇَڪ ۾ ڪا رنڊڪ هوندي ته ان جي اوٽَ ۾ ڀيٽ ٺهڻ لڳندي، جا ورهين جا ورهيه ان ساڳئي هنڌ موجود رهندي يا بنا ڀَڄڻ ڀُرڻ جي هوريان هوريان اڳتي وڌندي ويندي. پر اسان جو واسطو ان واري سان آهي، جا رڳو ڊاٻا ڪري ٿي، جتان چوماسي جي هوا وري زور شور سان جاري ٿي، ان کي ڌڪيندي، سنڌوءَ مٿان، واهن وڻن ۽ پوکن مٿان اڏائيندي، سنڌوءَ مٿان، واهن، وٺن ۽ پوکن مٿان اُڏائيندي، ورهين پڄاڻا، شايد، ٿر پهچائي ٿي، جتي آخرڪار هوا ان کي پريشان ڪرڻ جي سگهه وڃائي ويهي ٿي ۽ اُها اُتي ٻيءَ ڀور ۽ خرابي ۾ ملي وڃي ٿي.

ان مندائتي سفر ڪندڙ واريءَ جو هڪ وڏو ذريعو ضرور سنڌوءَ جو اهو اڳوڻو پيٽ هوندو، جيڪو حيدرآباد جي اتر ۽ اوڀر ۾ آهي. ان پيٽ ۽ ٿر جي وچ ۾ اسان کي ڪيترن ئي هنڌن تي ڪئين اهڙا هيکلا دڙا نظر ايندا، جن لاءِ ائين چئي سگهجي ٿو ته پيٽ کان ٿر ڏي ويندي واٽ تي ترسي پيا آهن. آبياشيءَ جي واڌاري ۽ ان جي نتيجي طور سنڌوءَ جي ميدانن ۾ ساوڪ ۽ وڻراهه جي وڌڻ ڪري اهو عمل تمام ڍرو ٿي ويل ٿو ڀانئجي. جڏهن ڀٽون چڱيءَ اوچائيءَ کي پهچن ٿيون ۽ انهن تي ساوڪ ڄمڻ لڳي ٿي، تڏهن اهي هڪ هنڌ ٽڪاءُ ڪرڻ لڳنديون آهن. اهو سوچڻ وقت ته واريءَ جو اهو اپار وستار، جنهن کي ٿر سڏيو وڃي ٿو. اُتي ڪيئن اچي ڪٺو ٿيو هوندو، اسان کي اهڙا ويڪرا پَٽ خيال ۾ آڻتا پوندا، جي، سنهي موسمي سبزي کان سواءِ گهڻي ڀاڱي بلڪل اُگهاڙا هوندا. ٿر هزارين ورهيه ضرور ائين ئي رهيو هوندو. منجهس اهڙيون رنڊڪون ورلي هونديون، جي واريءَ کي اُڏائي اچڻ کان روڪي سگهن. ان تصور سان سنڌيءَ جو اهو پهاڪو اَجهل دل تي تري اچي ٿو ته ”ڦڙيءَ ڦڙيءَ تلاءُ“.

ان عظيم وارياسي جي رهواسين جي جيئڻ جو ڍنگ اوائل کان اڄ تائين خير ڪو مٽيو هوندو. هو گهڻو ڪري مالوند، ريڍار ۽ ٻڪرار ئي پئي رهيا آهن. سندن ڪرِت ۾ چم رڱن ۽ ان وٽڻ به شامل آهن.پوک تڏهن ڪئي وڃي ٿي، جڏهن مهل تي پورو مينهن وسي ٿو، ۽ اها به ڀٽن جي وچ ۾ هيٺاهين زمين جي ٽڪرن تائين محدود رهي ٿي. هَرَ عام طرح اٺن کان ڏياريا وڃن ٿا. رڻ جي پائر ۾ لوڻ جا وڏا ويڪرا سَنَ آهن، جي مينهن ۽ سيمي سان ڀرجندڙ ڍنڍن جي پاڻيءَ سُڪڻ ڪري ٺهڻ ٿا. اِنهن سَنَن جو لوڻ ۽ کار ايامن کان اُتان جي ماڻهن جون گهرجون پوريون ڪندا اچن ٿا، ۽ لڳي ٿو ته گذريل سَون ورهين کان اهي ٻيئي شيون وڏي پيماني تي اُتي پيدا پيون ٿين.

ٿر جا اهي مالوند ماڻهو ٿَرَ جي ڪکن ڪاٺين مان جڙيل چونئرن ۾ رهندا آهن، جن جي شڪل پراڻيءَ طرز جي گول گول ماناري جهڙي ٿئي ٿي. اڏاوت جي ان نموني ۾ ڪاٺ جي ڪا گهڻي لوڙ نٿي پوي، ۽ اسين بنا هٻڪ جي چئي سگهون ٿا ته اهو نمونو اوائلي زماني کان اُتي هلندو اچي ٿو.

جيئن ته ٿر جي اقتصاد جو مکيه دارومدار مال چارڻ تي آهي، سو ڪنهن سال برسات بنهه نه پوي با لاڳيتا ٻه ورهيه ٿوري ٿوري پوي، ته مُلڪ ۾ ڏُڪر منهن ڪڍندو. بُک وگهي چوپايو ۽ ريڍو مال گهڻو مرندو، ڇو ته ڌنار تيسين مال کي رڻ مان نه ڪڍندا، جيسين مينهن جي آس باقي هوندي. انت ۾ ، ڍورن ۾ ايترو سَتُ ئي نه رهندو، جو پاڻيار مُلڪ ڏانهن مسافريءَ جي تڪليف سهي سگهن؛ سو ڌنار کين ڇڏي وڃڻ تي مجبور ٿيو وڃن. البت اُٺن ۽ ٻاڪري مال کي گهٽ ڀوڳڻو پوي ٿو، ڇو جو منجهن ريگستاني ٻوٽن تي گذران ڪرڻ جي اهليت مڙيو ئي سرسُ هوندي آهي. پر پاڻيءَ ته مڙني جانورن کي کوهن منجهان هٿن سان ڪڍي پيارڻو پوي ٿو ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ ريگستان منجهان لڏو پٽين ٿا، تڏهن جي هو ان مال کي هڪلي وٺي هلڻ جهڙا نه هوندا، ته اهو پڻ موت جو بک ٿي ويندو. اهڙن وقتن تي ٿر جا مکيه گَسَ ڪڏهن ڪڏهن مارواڙ کان لڏي ايندڙ ماڻهن سان به ڳاهٽ نظر ايندا، ڇو ته اُتي پڻ مينهن نه پيا هوندا. کوهه جن منجهان گهڻا ٻه ٻه ٽي ٽي سو فٽ اونهان هوندا آهن، سي هڪڙي سال مينهن نه پوڻ ڪري ڪو سُڪي ناهن ويندا، پر انهن منجهان اهڙي اوکي سَمي پاڻي ڪڍڻ ڪاري دارد.

رواجي حالتن ۾ ٿر ۾ سنڌ واري ڀاڱي جو مارواڙ، گجرات ۽ ڪڇ سان اُٺن تي چڱو چوکو واپار هلي ٿو. روهڙيءَ ۽ کپري کان جيسلمير ويندڙ گَسَ هاڻ ايترا رڌل نٿا رهن، جيترا اڳي رهندا هئا. رڻ جي هڪڙي حصي منجهان ريل جي هلڻ سان واپار جي ڪيترن ئي پراڻن رستن جي اهميت گهٽجي ويئي آهي ۽ اچ وڃ جا نوان رستا وجود ۾ اچي ويا آهن.

ايتريءَ اچ وڃ هوندي به هيءَ حقيقت پنهنجيءَ جاءِ تي آهي ته ٿر جو وارياسو سنڌ ۽ اوڀر وارن ڏيهن جي وچ ۾ هڪ اثرائتي ديوار آهي. محمود غزنويءَ ۽ محمد بن تعلق جڏهن پنهنجي لشڪرن سان رڻ کي گجرات واري پاسي کان پار ڪيو هو، تڏهن کين به ان حقيقت جو احساس ٿيو هو. شهنشاهه همايون سخت گرمين ۾ ٿوري اٽالي سان جيسلمير کان اَن رڻ مان لگهندو عمر ڪوٽ آيو هو. جو کيس پڪ هئي ته دشمن سندس پٺ نه وٺندا. روايت آهي ته جڏهن هُن پنهنجو تخت وري ماڻيو، تڏهن هن راڻڪ ڏهر وٽ گهڙيل پٿر (Cutstone) جي ٽانڪي ٺهرائي، جا سندس انهن ڏينهن جو يادگار هئي، جڏهن هو وڏيءَ آئيءَ ۾ هو ۽ اُتان جي ماڻهن کيس پاڻي آڻي ڏنو هو. اهو ڏهر هاڻ سنڌ جي حد اندر بنهه سرحد وٽ آهي.

پر انهن ٻن چئن روماني قصن کي ڇڏي، سنڌ جي تاريخ ۾ ٿر جي ڪا خاص اهميت نه رهي آهي. سواءِ شهنشاهه اڪبر جي، جنهن اتفاق سان عمر ڪوٽ ۾ اک پٽي  هئي، اُن ڪي به ناميارا ماڻهو پيدا نه ڪيا آهن. ان ويران ۽ سڃي ملڪ جي ٻنهي پاسي جيڪي به وهيو واپريو آهي، تنهن کان اُتان جا مالوند ماڻهو لاتعلق رهيا آهن ۽ کين ان ڳالهه سان خير ڪو واسطو رهيو آهي ته سندن حاڪم راجپوتانا جا آهن يا سنڌو ماٿريءَ جا.

 

حوالا ۽ سمجهاڻيون

”هندستان جي ارضياتي سروي جون يادگيريون“ جلد 35: لاتوش، ”الهندي راجپوتانا جي ارضيات“، ص 13.

هه-ا-س-ي-، 35: لاتوش، ، ”الهندي راجپوتانا جي ارضيات“، ص 37.

آر ڊي اولڌام، ”هندستان جي ارضيات“، (1893)، ص 457.

هه-ا-س-ي-، جلد 37، ڀاڱو 2: ڪاٽر، ”سنڌ جا کارا سَن ۽ کار جي صنعت“

هه-ا-س-ي-، جلد 35: لاتوش، ، ”الهندي راجپوتانا جي ارضيات“، ص 1.

بلانفورڊ ( ”الهندي راجپوتانا جي ارضيات“، هه-ا-س-ي- جلد 17، 1880، ص 155) ڄاڻائي ٿو:

”گنجي ٽڪر تي چن-پٿر جي مٿانهين مٿاڇري تي، کاڄي کاڄي، نمايان جهريون پئجي ويون آهن، جن جو رخ عام طرح اوڀر-25 ڊگريون- اُتر ڏانهن آهي. اهي جهريون ظاهر آهي ته هوا جي اڏائي آندل واريءَ جي کاڌ ڪري ٺهيون آهن.“


* ڀٽن جي وچ ۾ سنئون ميدان هوندو آهي، تنهن کي چون ”ڏهر“. ننڍيءَ ڀٽ کي چون ”دڙو“. دڙن جي وچ ۾ زمين ٽڪر جي ڪجهه سخت هوندو آهي،  ته ان کي چون ”تلي“. ”تاريخ ريگستان“، ڇاپو پهريون، 1956ع ص 14، رائچند هريجن. (مترجم).

* آڳاٽي روم ۾ انهيءَ نالي جا ٻه ليکڪ ٿي گذريا آهن. هڪڙو وڏو، جنهن جو زمانو 79-23 عيسوي جي لڳ ڀڳ آهي، ۽ ٻيو ننڍو، جنهن جو زمانو 113- 61ع جي لڳ ڀڳ آهي وڏو پنهنجي قدرتي مظاهر تي جوڙيل رسالي لاءِ ننڍو پنهنجين خطن لاءِ مشهور آهي.  (مترجم)

* ”گوڇار“، درحقيقت ڀٽ جي ان پاسي کي چئبو آهي، جنهن پاسي سج اُڀرڻ سان تڙڪو نه پوي. جنهن پاسي تڙڪو پوي، تنهن کي ”تڙڪول“ چئبو آهي. ڏسو ”تاريخ ريگستان“، ڇاپو پهريون، 1956ع، ص 14، رائيچند هريچن. (مترجم)

 

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org